پوئين پھر جو آواز
”اسين سڀ ان آڪسيجن تي تڳو ٿا. ائين ٿو ڀاسي ڄڻ رات ماڪ جا ڳوڙھا ڳاريندي روئندي پئي وڃي، ٿڌا ساھ ۽ سڏڪا ڀريندي ٿي وڃي.“ ھو چوڏس نھار ڦھلائي ٿو. وايو منڊل ۾ دور دور، نيڻ نھار تائين دور بلبن جون روشنيون، لائيٽز، ٽريفڪ پل جون روشنيون چوڏس شھر ۽ واھڻ جون. باقي چوڌر رات جي ڪاري رئي آھي، جنھن ۾ روشنين کان سواءِ ڪا شيءِ ڪانھ ٿي نظر اچي. سرڳڌام ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ تارا بھ سانوڻ جي گھنگھور گھٽائن ۾ ڍڪجندا ٿا وڃن. آڪاس انڌو آھي. رات جي انڌوڪار کان بھ وڌيڪ اونھو ۽ ھلندي، الائي ڪٿان ڪوئي آواز گونجي ٿو:
”ٻڌين ڇو نھ ٿو؟“
”چئھ.....“ دکي ٻڏل آواز.
”ھل نھ، اڄ انھن انڌن پولارن ۾ گم ٿي وڃون. سچ ھاڻ سٺو نٿو ٿئي. توکي ڏسڻ کان پوءِ ڌرتيءَ تي رھڻ لاءِ دل نٿي چوي.“
”ڇو؟ مون کي تھ اڏرن لاءِ کنڀڙاٽيون کنڀ ڪينھي. اسين ڌرتيءَ ۾ رڳو پورجي سگھون ٿا. پولارن م اڏري نٿا سگھون. مان – مان توکي دوکي ۾ رکڻ نھ ٿو چاھيان.“
”منھنجا نيڻ ڪڏھن دوکو نھ کائيندا آھن. ھاڻ تھ ٿڪي چور ٿي پيا آھيون. باءِ گاڊ، تون جتي چوندين، جھڙن پولارن ۾ چوندين، آئون پنھنجي ڪامڻ سان توکي اوڏانھن اڏائي وينديس.“
”ساري. چيم نھ، مون کي ڪنھن جو انتظار آھي. ڀٽن ۾ پورجي وڃڻ تائين جو انتظار.“ ھو اونھون وڏو ساھ ڀري ھلندو ٿو وڃي.
کيرٿر کان تيز ايندڙ، اٺي جي ھوائن جا جھوٽا، وڻ وڻ ڌوڻيندا ٿا وڃن ۽ ڏور سپر ھاءِ وي تان سٺ ستر ميلن جي رفتار سان روشنيون ڊوڙنديون ٿيون وڃن، مشيني آواز ڀريل، ڳاڙھيون، سائيون ۽ سورج ونسي روشنيون.
”ٻڌ.“
”ھون.....“
”تون پنھنجو پاڻ کي سمجھين ڇا ٿو؟“
”ڪجھھ بھ نھ.“
”نھ تنھنجي اندر ۾ ڪجھھ آھي.“
”مان بلائينڊ انڊر گرائونڊ وائيلڊ لائيف فيملي جو مانھو آھيان. مان ڪيڙن ماڪوڙن جيان پنھنجو اندر ڳوليندو آھيان.“
”نھ نھ – تون ڪوڙو آھين. تنھنجي سڄي ولوڙ مون لاءِ آھي. ڪن کولي ٻڌي ڇڏ. تون مون کي ڪڏھن بھ ماڻي نھ سگھندين. جي ائين ٿيو بھ تھ ان ڏينھن مان زھر کائي ڇڏيندس. سمجھئين، آئون وڏي زن طلاق عورت آھيان.“
”تون اجايو پان کي گاريون پئي ڏين. مان – مون کي خبر آھي تون شاندار عورت آھين.“
”تڏھن منھنجو پيڇو ڪندو آھين!“
”پيڇو!.... مون تھ ڪڏھن سڄيءَ ڄمار ۾ ڪا چاھنا ئي نھ ڪئي آھي. ان معاملي ۾ آئون پڪو بڏسٽ نھ، ٻڌ آھيان......“
”ڪوڙ... اھو ڪوڙ آھي. تنھنجي نيڻن ۾ تھ موھ ئي موھ آھي!“
”موھ؟ ڇا اھو ڏوھ آھي؟ پوري پرٿوي پولار پاتار موھ ئي موھ آھن – پوءِ؟“
”پوءِ تون ھٿ ڌوئي منھنجي پٺيان ڇو لڳو آھين؟ ماڻھو آنڱريون ٿا کڻن. مون کي سڄي انسان ذات کان نفرت آھي، ڌڪار آھي.“
”ڌڪار تھ مون کي بھ آھي، پر پيار ڀريل.“
”وري پيار! تون نيچ آھين.“
”ناھيان ڇا..... پر ھڪڙي ڳالھھ ٻڌي ڇڏ. ڪوئي ڪنھن جو پيڇو ڪونھ ٿو ڪري. اھو سڀ تنھنجو وھم آھي. اسين سڀ پنھنجي پنھنجي وات وٺيو پيا وڃون.“ ھو ھلندي، ھڪ وڏي پھڻ سان آٿڙي، پاڻ سنڀالي ٿو. من چويس ٿو اتي ئي، ان پڙ تي ڊھي پوي. سدا لاءِ اھو پھڻ سيرانديءَ ڪري سمھي پوي. ھو دور پوئتي ڇڏي آيل گھروندي جي روشنين ڏانھن مڙي نھاري ٿو ۽ وري چوڌر وارو منڊل ۾ اولھھ کان بادل کڄن پيا ۽ اوڀر ۾ ڪاري رئيءَ مٿان ڌوڙ ڌئيءَ جو ڌنڌلو دودرو سرجڻ لڳو آھي. پرھ پکيڙڻ لاءِ وايو منڊل ۾ ڪڪڙن جي ٻانگ جي آوازن جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ پيو اچي. ايڪڙ ٻيڪڙ جاڳرتا جا آواز ۽ ھو ھلندو ٿو وڃي، ماڪ ڀريل ھوائن ۾ ولوٽجندو.
”ڀلا ھي جيون آھي ڇا؟....“ ھو ڄڻ پنھنجو پاڻ سان سوال ٿو ڪري.
”....... الائي ڇا آھي!“ ۽ ھوا سرنھن جي وڻن جي اکٽ قطارن ۾ ڦاسي ڄڻ ڦٿڪاٽ ڪري لام لام کي ٻکئين پئجي وئي آھي.
”سون..... آھ...“ ھو اونھون ساھ ڀري، سرنھن جي ھڪ وڻ کي ٽيڪو ڏئي بيھي ٿو وڃي، ڄن کوئجي ٿو وڃي، آدجگاد جي يادن ۾.
”اي.......“
”آئون چوان ٿي آھي ڇا؟“
”سچ جي تون نھ ھجين ھا تھ ڪجھھ بھ نھ ھجي ھا. الا – ڪڏھن تنھنجي گھٽيءَ ۾ مئو پيو ھوندس.“
”وڃي جھنم جي تري ۾ پئھ.“
”ھيءَ دنيا جھنم کان گھٽ آھي ڇا!“
”نيٺ ڀلا آھي ڇا؟ ڇا وڃايو ٿئي؟“
”الائي ڇا ڇا وڃايو اٿم. الا – ائين ٿو ڀاسي ڄڻ چوراسي لک جيوڻين جي ڦيري مان نڪري آيو آھيان.“
”اونھن..... مون کي تھ لڳي ٿو تار مڪان مان نڪري ويو آھين.“
”جيئن سمجھھ.....“
”نھ، ايڏي اٻھرائي ٺيڪ ڪانھي. جيوڻين جي جنجار مان نڪري ويو آھين تھ پوءِ مون غريب جو پيڇو ڇو؟“
”تون رڳو ٿورڙو مرڪي پئھ، ھليو ويندس.“
”ڪيڏانھن ويندين – ھان – ڪيڏانھن؟“
”مرين ڇو ٿي؟ پنھنجي گھر ھليو ويندس. مان دنيا تياڳڻ جي سخت خلاف آھيان. ٿورڙو مرڪي پئھ نھ، باءِ گاڊ آءِ ايم ناٽ ڪريزي فار اي سنگل ڪس.“
”تون پاڳل آھين.“ ھوءَ مرڪڻ کان سواءِ ھلي ٿي وڃي.
(اونھون ساھ)
ٽڪ...... ٽڪ...... ٽڪ...... ٽڪ...... ھو چپ چاپ ڌوڙ ڌئي جي پيٽ ۾ ھلندو ٿو رھي. مٿي نڀ ۾ مان سون ھوائن جا گھيرٽ آھن. ھن جو مٿو پيو ڦري، ھن کي خبر ڪانھ ٿي پوي.
ڪڪڙو ..... ڪو.... ڪڪڙو – ڪو.......
ڪي ڪت ڪيڙوڪت .... ڪي ڪي ڪي ڪت......
ٽي ..... ٽي .... ٽي ..... ٽ ....... ي ...... ۽ پرندن جي آوازن سان گڏ دور پولارن ۾ ھيکل ٽيٽيھر ٻاڪاريندو ٿو وڃي.
”ريننگ ريننگ ڊيز ائنڊ مڊ نائيٽ ڪلو،
ريننگ ڊيز.... ڪلو.... مڊ نائيٽ ڪلو....“ ھو محسوس ڪري ٿو تھ ڪو ھيکل ھپي دور ڪٿان جھونگاريندو پيو وڃي.
واٽ از ھپي ازم؟ ھن جي ذھن ۾ ھڪ اجايو سوال اڀري ٿو اچي.
”ديئر از اي بِگ ائنڊ ھيوج ورلڊ آف ھپي ازم، ايوري ويئر.....“ ھن جي ذھن ۾ سجايو جواب اچي ٿو وڃي. ھو اڃا اڳتي ھلڻ ٿو لڳي. رات جي ڪارنھن ايڏي ڇڊي ٿي وئي آھي جو پري پري کان ڪاريون مينھون ڏسڻ ۾ پيون اچن ۽ محسوس ڪري ٿو ڌوڙ ڌئيءَ جي نوائيءَ ۾ پاڏن، گابن ۽ ڇيلڙن جا ٻيڪراٽ ۽ رنڀون آھن. ھو وري ڪا ڳالھھ ياد ايندي اوڀر ۽ ڏکڻ جي وچ ۾ دور دور نھاري ٿو. ريلوي برج ڏانھن:
”ما جا دد، پل ڪٿي آھي؟ پل پانجي آھي نھ؟ ھان ڀڙوا، پل پانجي آھي نھ، ھلو پل تي ھلون.“ ٻاتائيندڙ پتڪڙو آواز ۽ ھو ڌوڙ ڌئيءَ جي ڦلھياريءَ کان ميٽاھينءَ ٿيندڙ رئيءَ ۾ وڏي وڏي پل ڳولھڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. ھرڪا شيءَ چٽي آھي پر پل ڪانھي. پل مٿان شايد ڪوھيرو ڪريل آھي. بس رڳو پاڻي ڏسڻ ۾ ٿو اچي، آنھريءَ جيان شفاف ۽ تجرا تجرا ٽڪ ٻڌل پاڻي. پاڻي جو وھندو ٿو وڃي. گوناگون پاڻي جو سمونڊ ۾ لھي ويندو آھي.
”ھان!.... ڪڏھن ڪڏھن رات جي وھڪ ۽ درياھ جي وھڪ جو آواز ساڳيو نھ لڳندو آھي!.... ڀلا ھي درياھ ڪٿان ٿو اچي، ڇو ٿو اچي؟ درياھ سڪي پٽ ڇو نھ ٿا ٿي وڃن......“
(ڪو آواز نھ، نھ اندران نھ ٻاھران) چيڀاٽيندڙ ماٺار ۽ ان ماٺار سان ھو ھلندو ٿو وڃي، مٿانھين ڏانھن. مٿاھيون جي ھن کي وڻنديون آھن.
”ڇو ڀلا!..... ماڻھن ھوندي ھي ايڏيون اونچيون عمارتون ايڏيون جڙتو، ھٿرادو ۽ ڪکيءَ ھاڻيون ڇو لکنديون آھن ۽ ھينئر، بند شيشن اندران بلبن جي روشنيءَ ۾ ڪيڏو نھ وڻن پيون. ايڏيون پياريون! سچ دل تھ چوي ٿي سڀ بلب ٻاري، دفتر بند ڪري، رات جو ماٺ مٺي سان مٿن نيوٽران بم اڇلائي ڇڏجي.“ ھن جي واتان ٽھڪ نھريو وڃي ۽ ھو پٿراھون جابلو پاسو ڇڏي، مٿي ويندڙ ڏامر جي سڙڪ وٺي ٿو. وايو منڊل ۾ پکين جي اڏام سان گڏ ماڻھن جي جاڳرتا جي کنگھار جا آواز آھن.
”ھونھن.... سڀ بيمار – اٺين وڳين کان اڳ اٿندا ڪين“ ۽ ھينگ تي ھو ھيڏانھن ھوڏانھن مڙي نھاري ٿو. ڏھن پندرھن ڏھاڙن جو گڏھ جو کودڙو ھتان ھتان ھونگڙيون ھڻيو پيو ماءُ کي چڳڙي ۽ ڊوڙيو پيو پير جھلڻ جي ڪوشش ڪري. ڏڪندا پيرڙا، ھو گڏھ جو ٻچو ڏسي ڏاڍو خوش ٿي وڃي ٿو. پاڻ مرادي ڳالھائي ٿو وجھي:
” ھان ڀلا – گڏھيون ويامڻ جي مند آھي ڇا؟..... ھونئن بھ اڄڪلھھ رڳو کودڙا ڄمندا آھن.“ ھو وري ٽھڪ ڏئي ٿو. ھو وري سوچي ٿو: ”جيڪر مان اھو کودڙو ھجان ھا تھ ڪڏھن بھ وڏو نھ ٿيان ھا.“ ھن جو موڊ آف ٿي وڃي ٿو. تڪڙو تڪڙو چاڙھي چڙھڻ لڳي ٿو ۽ الائي ڇا ڇا سوچيندو ٿو وڃي ۽ وچ چاڙھي تي اچي کن لاءِ ھو منجھي سامھون ڀري اونچي ٽڪري ڏانھن نھاريندو ٿو رھي، جنھن جي چوٽيءَ تي ڄڻ ننڍڙو گھروندو ٺھيل آھي. ھو وري ھلڻ لڳي ٿو.
۽ جڏھن ھو چاڙھي مٿان اچي، وڻن جي جھنڊ مان اوڀر پاسي نھاري ٿو تھ ھن کي ڌوڙ ڌئيءَ جي ميٽاھين رنگ ۾ پرھ جا رنگ سرجندا ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ ڪنھن جادوگر ڄن ريلوائي واري پل پنھنجي ساڳي جڳھھ تي رکي ڇڏي آھي، جنھن مان ڪاري انجڻ دونھان ڪڍندي گاڏا گھريندي پئي وڃي ۽ پري پري تائين، ڳاڙھ ڳٽي پرھ جا رنگ، مٿي مٿي آڪاس جي ڪارنھن کي ڳاڙھو کھنبو ڪندا ٿا وڃن۽ ڏسندي ئي ڏسندي سج جي چوٿ ڪني، ڏکڻ کي انڊلٺ لڳايو ڇڏي. اڌ گول وڏي وڏي انڊلٺ ريکا ۽ پوءِ جيئن جيئن ٽامي جيھو سج مٿي چڙھندو ٿو وڃي، پرھ ۽ انڊلٺ جا رنگ ڦٽندا ٿا وڃن، تاڃي پيٺا اڍڙندا ٿا وڃن. ڄڻ نانھن ٿيندا ٿا وڃن ۽ چٽا ٿيندا ٿا وڃن. سج، آڪاس، پل ۽ پلاٽينم کان چمڪيلو ٽڪ ٻڌيو وھندڙ درياھ ۽ سارو وايو منڊل. ھو اونھو ساھ ڀري، وري ھيٺ لھي ٿو لڳي، لاھيءَ تان.
”اڙي – مان تھ ھتي رات جي پوئين پھر جا آواز ٻڌڻ آيو ھئس!“ ڪا ڳالھھ ياد ايندي ھو بڙ بڙائي ٿو. ھو ڪاوڙ مان ھيٺاھين ڏانھن تڪڙي موٽ ٿو کائي.
”ھان – رات جي پوئين پھر جا آواز!..... ھونھن..... اھڙي رات ئي ڇا جنھن جي پوئين پھر ۾ جنڊ جي گھيرٽن ۽ ڍڳي گاڏين جي چنگ چڙن ۽ اوٺارن جي واين جا آواز ئي نھ ھجن. اھڙي سڃيءَ ڀينگيءَ رات جا آواز نھ ٻڌا ئي چڱا آھن.“ ڏاڍو سانتڪو ٿي بوٽن جا آواز ڇڏيندو، اڳتي وڌندو ٿو وڃي.