ڪجلا تجلا ماڻھو
ھو سوچي ٿو: ”ڪڏھن ڪڏھن پنھنجيون ڳالھيون، پنھنجو جيون بھ پرايو لڳندو آھي. جيون ۾ جو ڪجھھ آھي، ڄڻ سڀ پرايو آھي. پنھنجو ڪوئي ڪونھي. ڀلا آئون پنھنجو ڪڏھن رھيو آھيان! الا.... مون تھ پاڻ کي ڪڏھن اڻ لکي اھميت بھ ڪانھ ڏني. مان زال جو آھيان، ڌيئرن ۽ پٽ جو آھيان، پوڙي ماءُ ۽ پيءُ جو آھيان، ڳوٺ وارن، سنگتين ساٿين، واين ماين ۽ شھر وارين جو آھيان. الا..... ھي جيون ڪيڏو نھ عذاب آھي، ڪيڏو نھ ڪلاپ، ماڻھو پنھنجو پاڻ سان ڪوڙو؟..... پنھنجو پاڻ کان وڻواند!.....“
ڪار پٺيان ٽي ٻيون ڪارون بھ آھن. ھڪڙيون گائيڊز ۽ سامان سان سٿيل تھ ٻيون ٻھ جيپون، گپ راڦي ۽ ڀٽن ۽ اڏن ڏونگرن ۾ ڀٽڪڻ لاءِ.
بيوڪ ٽنڊي مھمد خان جي واھيات روڊ تان، ھندوري جيان جھلندي ٿي وڃي. ھو ان اسڪالر کي سنڌ جي فلاس ٺاھڻ جو ھنر ڏيکارڻ لاءِ، ڪڙيو گھنور وٺيو پيو وڃي. مھيري جتن جي جھرن جھنگلن ۾ اکٽ ڇنن ڏانھن، پري پري کارين کٻڙن ۾ ڇڊا پاڊا ڇنا، منھھ، ڀونگا، جتي ٺھندا آھن دنيا جا اچا رگس، جي راتو ڏينھن جي محنت سان مھيني ۾ ھڪ سؤ رپئي جي مزوري ڪاڻ ٺاھيا ويندا آھن، جيڪي پوءِ ھوائي جھازن جي ڀاڙن سان امريڪا، جاپان، انگلينڊ ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ وڪيا ويندا آھن، لکين ڊالرن جي حساب سان.
امريڪن عورت جا وار قدرتي سونا آھن، ھوءَ بنھھ گريڪ ھيلن ديويءَ جيان حسين، ٽال ۽ گولڊن ليڊي آھي. سونا وار ڇڙھو ڇڙ ٿي پکڙندا، ھن کي ڊسٽرب پيا ڪن. ھو وري سوچن جي ٻوڏار ۾ آھي. يادن جا ڏنگ ۽ ڏنڀ. ساروڻن مٿان ساروڻا. ذھن جي ڀرڻيءَ ۾ ڄڻ پن چڪيءَ جو وڏو ڦرڻو تکو تڪڙو ھلي رھيو ھجيس. يادن جي ھوائن جي دٻاءُ تي ھانءُ چير ساروڻا.
ھان- ويساھھ، اويساھ؟!..... ويساھ ئي نٿو اچي تھ ڪڏھن انھيءَ ڏامر جي سڙڪ جي مرمت مون ڪئي ھئي، پيٽي ٺيڪي ۾. ٺيڪيدار جو پٽ جو ھئس. مون تھ شاندار سڙڪ ٺاھي ھئي. ھڪ رتي ڏامر جي بھ دوکو نھ. ڀلا جي ھر ڏھاڙي، نيٺ پرافٽ تي سؤ روپيا ھجن تھ پوءِ ڌوڪي جي ڪھڙي ضرورت آھي؟ جڏھن پورھيت بھ خوش ھجن ۽ ماڻھو پورھيتن سان پورھيت ھجي. پنجويھھ سال..... ڪيڏو نھ ڊگھو عرصو؟ پوءِ بھ ڄڻ ڪالھھ ڪالوڻو ڏينھن! جڏھن تھ اڃا مان تيرھن سالن جو مس ھوس. ڀلا ڪو اعتبار آڻيندو تھ انھيءَ سڙڪ تان آئون پنجويھھ سال اڳي، راڪٽ گھوڙي ۽ ويسا ويس گاڏي چاليھن ميلن جي رفتار سان ڊوڙائيندو ھوس.
جيئن ئي ڪار کٿڙ جي اسٽيشن کان ٻھ ٽي ميل اڳتي وڌي ٿي، ھو رستي جي پرئين پار کاٻي پاسي نھاريندي، اوچتو چرين جيان ريھھ ٿو ڪري:
”اسٽاپ..... اسٽاپ دي ڪار.“ اسڪالر عورت جاڳي ٿي پوي.
”واٽ ھيپنس وٿ يو؟......“
”نو، ڪجھھ ڪين.“ ھو ڪار مان لھي ڦليليءَ جي ڪپ ڏانھن کيڙيءَ مان پوري طاقت سان ڊوڙندو ٿو وڃي.
۽ گوني، ساڳيءَ گوناگون وھڪ سان وھندي ٿي وڃي. مھاڻيون ۽ واھڻن جون مايون ساڳيءَ ريت سان ڪپڙا سٽيو، گوني ڪناري ڌوپ ڌڙا پيون ڪن. ٻارڙا، جواڻ، پوڙھا، آسامايل، اٻالڙيون، ڇوريون ۽ مينھون ساڳيءَ ريت پيون گونيءَ ۾ ترن ۽ تڙڳن. ذھن جي مھاڀاري ڀرڻي کيس گھوماٽيون ڏئي، الائي ڪھڙين وڃايل ويلاٽن ۾ اڇلائي ٿي ڇڏي. ھو گونيءَ جي وچ سير ۾ غوطا ٿو کائي، ھاسيڪار..... پنھنجي ٻارنھن سالن جي ڪولھڻ ڇوريءَ کي تنگ ڪرڻ لاءِ، جا ڪپر تي ڌوپ پئي ڪري، جا سدائين کيس ڇڙواڳ پاڻي ۾ وھنجڻ کان منع ڪندي آھي، چغليون ھڻندي آھي سندس پيءُ سان.
”آھ..... آوپ....... ٻوڏتو ھان..... بچائيو...... ٻوڏتو ھان.......“ ۽ ھوءَ ڪيئن نھ ڪيڪراتون ڪندي، ٻارڙن سان گونيءَ ۾ گھڙي ھئي. تکيريون ڳجھڙيون ترندي، ھن ڏانھن آئي ھئي.
”روڻيا...... روڻيا......“ ھو پنھنجي سرتيءَ جي رڇ ۾ ڦاٿل ٻلھڻ جيئن پاڻيءَ ۾ تڙپڻ تي کل جھلي نٿو سگھي. وات مان وڏا ٽھڪ نڪريو ٿا وڃنس. ھو ٽھڪ ڏيندي، کيس غوطا کائيندو ڏسي، کانئس پاڻ ڇڏائي، کيس تاريندو ڪناري تي وڏن جھيڙن سان اچي ٿو. ٻنھي وچ ۾ مھاڀاري جنگ:
”سور..... ڪوتيا..... ڪوڙيئا، نراتما، مان نان سوڏ......“ ھوءَ پوري ڪروڌ مان سندس وار پٽيندي، کيس ٻوٿ ۾ رھنڊڙا پائيندي، ڪپڙن جي سونٽي سندس چتڙن ۽ پٺن تي وھائيندي، پڻس سان چغلين کائڻ جا ڊاؤ ڏيندي، روئندي، رنڀندي، پنھنجي لڏي ڏانھن ڊوڙي ٿي ۽ ھو ڪپر تي گپ مٿان – نج نڪور، نين وشال آسائن ۽ آسيس سان ليٿڙيون ٿو پائي، پائيندو ٿو رھي. ”ھان.... ھي..... ڪيئن نھ سھڻيءَ جيان ڪنن ۾ ڪاھي ٿي پوي! ايڏو پيار؟.....“
اوچتو ڪنھن ھارن جي آواز تي ھو آليون اکيون اگھي سرت ۾ اچي ٿو ۽ وڃايل ويلائن جي ٻوڏار مان نڪري، ٻئي ھٿ پينٽ جي اڳين گيدن ۾ وجھي، ھوريان ھوريان موٽرن ڏانھن ٿو وڌي. اسڪالر عورت ڏاڍي حيرت ۽ اونھيءَ گھور سان ڏانھس نھاري ٿي ۽ نھاريندي ٿي وڃي.
”واٽز ديئر؟!.......“
”نٿنگ..... نو ايني ٿنگ..... اونلي لٽل ميموريز.......“
”ميموريز!....“
”پاپ، ميموريز آف ماءِ چائيلڊ ھڊ. مائي فرسٽ لو.“
”شي از لائيو؟......“
”نو – پليز ليو اِٽ.....“ ھو آشانتائي ۽ آنڌ مانڌ کان ڪنڌ موٽر جي پوئين سيٽ تي ڍاريو ڇڏي. کن لاءِ سندس ساٿي اسڪالر عورت بھ اشانت ٿيندي، ڄڻ پنھنجي پھرئين پيار جي ٻوڏار ۾ لڙھندي، ڄڻ پاتارن ۾ ھلي ٿي وڃي. ھونئن بھ اھا عورت کيس پنھنجي لاءِ الاھي ڪجھھ ٻڌائي چڪي ھئي تھ ھوءَ ڏھاڪو سال ھتي رھي آھي ۽ امريڪا کان گريڪ ڏاھڻ ڏاھڻ رلندي، ڪشمير کان سنڌ پھتي آھي. ھوءَ نھ رڳو سنڌ جا آرٽس ۽ ڪرافٽس ٿي ڏسڻ گھري، پر ماڳھن پورو جيون. اڪال ڪالن کان ھنن صدين سالن تائين ڏسڻ ٿي چاھي.
مھيري جتن جي گوئرن تائين پھچندي رم جھم بوند بھار پئجيو ويئي. گاڏيون راڦي ۾ ڦاسيو ٿيون پون. واھڻن ۾ ھو ان عورت کي اڻ گھڙيل ڪاٺن مٿان فراسي ٺھڻ جو ڪم ڏيکاري ٿو، تانڃي پيٽي کان وٺي، ننڍڙي پينگھي ۾ نئين تنجيل ٻار تائين، جيڪو سينڌين سرمن تلڪن سان ستل آھي گھري ننڊ، لڇمي ديويءَ جي گود ۾، ھو ڪئميرا مين کي فراسين جي تانڃي پيٽي کان وٺي، تنجيل ٻار تائين جي ڊائريڪشن ڏئي ٿو. اوچتو ڏھاڪو کن جواڻ جماڻ عورتون ڇني ۾ پيھي ٿيون اچن.
ھڪ ڏڪندي ڳالھائي ٿي: ”اي ادا، ڏس تو لاءِ اسان ڦوٽو ڪڍايا. ڏس نھ ڦوٿو ڪڍائڻ پان مآڻھڻ م ڪيڏو عيب آھي، پر اسان کي ھئي توکي عزت ڏيڻي. ھاڻ ڀيڻن جو کڻي ھيڪڙو ڪم ڪر. ھن انگريچانيءَ کي چئھ تھ ڀٽي ساب کي چئھ اسين راتو ڏينھن سورھن سورھن ڪلاڪ ويھو ٿيون اھي چت چٽيون، اڃا اسان شھھ ڪاريگريءَ تي رسون ئي ڪين تھ اکين ۾ موتيو ڪريو پوي. بس ڏاڪتر کي اسان جي پارت ڪري. اسين آيون مزور ماڙھو، مئو رڳو اک اٿلائي ڏسي تھ بھ خاشو.“
”ھا، ھا... چوندس...... چوندس.“ ھو انھن املھھ فراھمي ٺاھيندڙ املھھ انڌين ۽ ڪاڻين، سپنن جھڙين سندر نارين ۽ سنگھارن ڏانھن نھاريندو رھجي ٿو وڃي، ڄڻ پنڊ پھڻ ٿي ٿو وڃي، اندر مان ڄڻ دانھن نڪريو ٿي وڃيس: ”الا، منھنجي ملڪ جون ناريون آھن يا ويس ديويءَ جون گريسيس!.....“ وطن جون سڀ سوڍيون ۽ سنگھاريون ڄڻ مياريون ٿي، ميڙاڪا ڪري مٿان بيھي ويون اٿس. ھو گھٽيل اواز سان، اسڪالر عورت کي عورتن جو فرياد ٻڌائي ٿو ۽ تڪڙو ڇني مان نڪري ٿو وڃي. پٺيان اسڪالر عورت جي رڳو رڙ ٿي ٻڌڻ ۾ اچيس: ”اوھ گاڊ، اٽز ٽيريبل...... ويري ٽارچرنگ!.....“
ڪم ختم ٿي ويو، وڇوڙي جي رات آئي ۽ حيدراباد جو انڊس ھوٽل ھو. ھو اسڪالر عورت ۽ پنجابي ڪئميرامين سان بيئر جون ڳيتون ڀريندو ٿو رھي. موضوع پوليٽڪس آھي، اسلام ۽ ھندو ازم ان سنڌ. ھو پوليٽڪس تي ڳالھائڻ کان نفرت جي باوجود بھ اوچتو ڦاٽ ٿو کائي: ”نو، ديئر از نو ڪئوسچن آف اسلام آر ھندو ازم. ديئر از اونلي ون ڪئوسچن.... اونلي ون، وچ از ڪمنگ ٿرو سينچوريز، ويري وائيلڊ ازم، ڪيپيٽلزم...... دس از دي ريزلٽ آف ڪيپيٽلزم ويري بلائينڊ سسٽم آف ھيومن لونگ، واءِ يو پئپلز آر گوئنگ ٽو ميڪ اين ادر بينگلاديش ان ماءِ ڪنٽري. نو، ديز آر بلائينڊ ٿنڪنگز. ويري وائيلڊ ٿنڪنگز.“
۽ پوءِ بيئر جو آخري گفاس ختم ڪندي، ھو اٿي ٿو ۽ نويڪلائيءَ ۾ ان اسڪالر عورت کان موڪلائي ٿو. عورت ڏاڍي موھ سان ساڻس ڳالھائي ٿي: ”الا.... تنھنجي ملڪ جا ماڻھو تھ ڏاڍا سھڻا من مھڻا آھن. جتي بھ آئون ويس، مٿي تي نئين گندي ۽ ھٿ ۾ ڏھ روپيا، پنج روپيا تھ نياڻي ست قرآن. سچ مون تھ پاڻ کي اڃا تائين دنيائن جي مھاراڻي پئي محسوس ڪيو. واٽ اي بيوٽيفل ٽريڊيشنز آءِ سا ان دس ڪنٽري! دنيا ۾ تھ شايد ائين ڪٿي بھ نھ آھي!“
ھوءَ ھن جي ملڪ جون تعريفون ڪندي ڍاپي نٿي. ”او – ڪي ليڊي، آءِ ھيو فنشڊ ماءِ ورڪ. نائو آءِ ايم گوئنگ ٽو ماءِ ھوم، سوئيٽ سوئيٽ ھوم.“
ھو سؤ سؤ جي ڳٺي ڪڍي ڏانھس وڌائي ٿي: ”سڀاڻ ڪراچي انٽي ڪان ۾ اينڊين نھ؟......“
”ساري ليڊي، آءِ ايم ناٽ اي گائيڊ. نو پيمينٽ، نو نيڊ آف پيمينٽ، يو آر ان دي آرٿ آف موھن جو دڙو.“ ھو سندس چڳ سان کيڏندي، کيس ڪس ڪرڻ بدران ساڻس ڀرپور ھٿ ملائي ٿو: ”وش يو گڊ لڪ سويٽ پينو.“
۽ ھو ھوٽل جي روشنين مان تکا ڊگ ڀريندو، پيادل رات جي انڌوڪار ۾ شاھ جا بيت جھونگاريندو، گم ٿي وڃي ٿو.