سين ھنيائون سڃ ۾
ڏڪاريل ھاڪڙي جي وارياسي پيٽ مان، سامين پٺيان ھلندي، ھو ٽن ڪوھن کان بھ مٿي پنڌ پٽي آيو آھي. چوڏس ڀِٽون ئي ڀِٽون، پر بيگان آھي. لکين ڪروڙين سال اڳ، سمونڊ جون ڇڏيل وارياسون ڀٽون، ٽي سال ساندھ اٺي جون ھوائون ئي ڪين ھليون. تنھن ڪري ٿر بر بڻجي ويو آھي. ڏھرين ۾ ڪين ڏھرين مٿان، چوڙيلين جا ڇنل ڇنا، منھن ۽ چؤنرا ويڳانا ۽ بيران آھن ۽ پنڌ ۾ آھن. ڏڪار کان لاڏاڻا ڪندڙ ماڻھو. ڪنڊن، ڪونڀٽن، ٿوھرن ۽ کارن کٻڙن کان سواءِ ٻيو سڀوڪي ڌوڙ آھي. ساٺيڪن جا منھن بھ لٽجي ويا آھن. رکي رکي ڀٽن مان گرم باھ جھڙا واچوڙا ٿا اٿن ۽ ڏھريون کورن جيان ٻرنديون پيون نظر اچن. ڀٽن مان رت جي بانس پئي اچي ۽ آسمان ۾ آھن لامارا، لامارا ڳجھون ۽ سرڻيون، جي اڃ ۽ تونس کان نست ٿي ڪريل ٻڪرين، گائين ۽ رڍن مٿان پيون لامارن سان لھن. ڍور جي پساھ ڏيڻ کان اڳ چھنبون اکين ۾. ڍورن جي ڦٿڪ ڦٿڪان ۽ ڳجھن جي پٽ پٽان. سڄي ٿر ۾ راڙو آھي تھ ھھڙو ڏڪار تھ ڪڏھن ڪين آيو. سڄا سارا ٽي سال ويچارن ٿرين ڪارو ڪڪر بھ ڪين پسيو.
ھو دور دور بيران ۾ نھاريندو، سامين جي جٿي پٺيان ھلندو، اڃ کان، ڪلھن سان لڙڪايل کليءَ جي ڏؤنر کولي، پاڻيءَ جا ٻھ گلنڀ پي، وري ڏؤنر سان کليءَ جو منھن سوگھو ٻڌي ٿو. جھولي ۽ لڪ کان سندس کل آرايون – آرايون ٿي، ڦلوڪڻا ٿي وئي آھي. رکي رکي آرايون ٽچڪنس ٿيون ۽ ٽپھريءَ جو آڳ الاءُ سج ڄڻ ٽڪ ٻڌي بيھي ويو آھي. دوزخ ٺاھڻ لاءِ. ڄن ڪڏھن ٿڌو ڪين ٿيندو. ڪڏھن ڪين ٿيندو - ۽ سامين جي سفر جي بھ ڄڻ ڪٿ پڄاڻي ڪانھي. سامين پٺيان ھلندي، ھانو ۾ سوٽون ٿيون اڀرنس: ”وطن.... وطن...... وطن.....“ جن ماڻھن ڪاڻ ھو وڻ وڻ پيو ووڙي، سي ڪو کيس سڃاڻيندا؟ سندس ڪو آڌرڀاءُ ڪندا؟ ماڳھين ڏمرندا تھ ميان ڏٺو ڇا ٿئي جو پٺ ئي ڪين ٿو ڇڏين! پنھنجون ڄايون نپايون ڪين اٿئي ڇا؟ ماڻھو، ماڻھوءَ کان ڇرڪيل، ھي ملڪ ٿيو، ڪين راڪاس، برڙباڪاس جو ٻيٽ؟ بس نھار ئي پھرين، سڄا ٽي ڪوھھ، وري ڪنھن ننڍڙي ٻار بھ مڙي ڪين نھاريو تھ پٺيان ماڙھون رھجي ويو.... ڪين ڇا؟ بس، پنھنجو گس، پنھنجو منھن..... ٻين سان نڪو سڱ، نڪو سياڪو.
۽ سامين آھن ٻارين ٻچين. جواڻ، پوڙھا، ڪنواريون، ٻارڙيون، ٻارڙا ۽ جواڻ سھڻا جوڙا. پراڻن ويس وڳن مٿان تھ ڇا، پر گودڙين ۽ بُجڪن مٿان بھ ڀرتن ۽ سچيلين ڪوڏين جا جڙاءُ..... ڪلھي ڦاٽل ڪنجرن سان عورتون ڪارائيءَ کان ڪلھي تائين ٻانھين ساڻ، گڏھن مٿان ڳوڻين ۽ گودڙين ۾ ارڙ، کپر، گڊا ۽ اصيل – نانگ لڏيل ۽ ھڪ نينگري...... جھڙي کپريل بلا! اکين ۾ ايڏو ڪامڻ، ايڏي ڏيا، جو ڏسندڙ جادوءَ ۾ اچي وڃي. ٻور سامايل سامڻ، وڏن ڪامڻن ارھن ساڻ ۽ ٻاريتڙين کي پٺن ساڻ ٻار ٻڌل. تنجيل ٻار..... رڻ ۽ رائيءَ ۾ ڄاول، ماءُ جي نراڙ سان، اجرڪ جي جھولي ۾ ٻڌل.
جڏھن ٽپھريءَ جي پوئينءَ ويلا م، سامين، ڄارين جي ھڪ جھنڊ ھيٺان اچي ڊاٻو ڪيو تھ ھن جون متيون موڙھجي ويون ۽ اڻ تڻ اورا کورا لڳي ويس تھ ھاڻ ھو ڪيڏانھن وڃي؟ سامين لاءِ تھ جيھوڪر ھن جو وجود ئي ڪينھي، پر پوءِ بھ ھو نرلڄ ٿي، ٿورو وٿيرڪو وٿيرڪو، سامھين ھڪ ڪنڊيءَ جي ھيٺان، ٿڙ کي ٽيڪ ڏئي، ويھي ٿو وڃي - ۽ کولڻ لڳي ٿو ٿيلھو، جنھن ۾ بسڪوٽن جو پڙو آھي. اکيون جٿي ۾ کپايو نھاريندو ٿو رھي ۽ سج ھڪ ڀٽ جي اوڍر ۾ ڍري ٿو وڃي. ڏسڻ ۾ اچنس ٿيون رڳو سامين جون دونھيون، دورا ۽ پاڇا. ھر پاڇو چٽو پٽو ۽ پڌرو. پاڇو ھوندو بھ آنھريءَ جيان روشن.
الاھين دير کان پوءِ ھڪ پاڇو ڏانھس وڌي ٿو. ھو ڏسي ٿو، اڇي ڏاڙھيءَ سان ھڪ گيڙوءَ رتو، ڪن چير ڪاپڙي سندس مٿان اچي بيھي ٿو. گنڀيرتا سان ڏارھي کنھندي چوي ٿو:
”اچي، ھي ٻاجھريءَ جي ماني ۽ ھي ڳڙ ذرو...... جيڪي اڳيان، سو پيش پرين......“
پوڙھو اٻاڻڪي منھن سان آيو ھو ۽ اٻاڻڪي منھن سان وڃڻ لڳو ھو، پر الائي ڇا سوچيندي، وري موٽي ٿو اچي ۽ نج چانڊوڻيءَ رات ۾ سندس ٿيلھي، بوٽن ۽ جين جي پينٽ ۽ جاڪٽ ۾ نھاريندي ڀڻڪي ٿو:
”ڇو پٽ، ھن ڏڪارين ڏسائن ۾ ڪھڙو وندر پيو ووڙين؟“
”آئون..... آئون اخبارون ڇاپيندو آھيان.“ ھو منجھي ڪوڙ ٿو ڳالھائي.
”پوءِ ڏڪارئي پاسي ڪوھ نٿو وڃين؟“
”سڪار آھي ڪٿي؟ ۽ اوھان..... اوھان ڪيڏانھن پيا وڃو؟“
”اسان....... اسان تھ ڄڳن کان اھا ئي واٽ پيا وڃون...... اھي ئي پراڻا پنڌ، اھي ئي پيرا......“ سامي اونھون ساھ ٿو ڀري، مٿاھنس گھري نھار سان نھاريندو، واپس وڃڻ ٿو لڳي، ڪجھھ گام پري ھلندو، دونھن ۽ دودن ڏانھن، پاڇولو ٿيندو ٿو وڃي.
ھو ساميءَ ۾ نھاريندو، وري ٻاجھر جي اڌ مانيءَ ۽ مٿانھس رکيل ڳڙ ۾ نھاري ٿو ۽ وري پري سامين جي پڙاو ۾ نھاريندو، ڳڙ ماني کائيندو، سوچن جي ٻوڏار ۾ ھليو ٿو وڃي.
”ھان.... منھنجي تھ تصور ۾ بھ ڪين ھو تھ ھھڙي ڏڪار ۾ بھ ڪو ھيئن ٿيندو! ھنن جون تھ ريتيون ئي نراليون آھن. ھتي، ھن پِڙ تي ويٺي، ائين پيو وسھيم، ڄڻ پراڻا وڃايل گم ٿي ويل ڪال ۽ سال وري موٽي آيا آھن. ھتي، ھن پرٿويءَ تي، سڀڪجھھ پراڻو ۽ سچ آھي. نئون ۽ ڪوڙو رڳو مان آھيان، پنھنجن ھنن ڪپڙن جيان، جي ھتي جي جھولن کان مون کي نٿا بچائي سگھن.“
ھو جاڪٽ ۽ گنجي لاھي، وڻ ۾ ٽنگي ٿو ۽ ٿيلھي مان نئون نڪور اجرڪ ڪڍي، پٽ تي وڇائي ٿو، اشانت من کي آسيس ڏيڻ لاءِ. پٺين اگھاڙو، پاڻيءَ ڍڪ پي، سيرانديءَ کان ٿيلھو ڪري ليٽي ٿو پوي ۽ تارا تارا اڀ ۾ اکيون اٽڪائي ٿو ڇڏي.
۽ جيئن جيئن رات وھامي ٿي، سورھينءَ سترھينءَ جي چنڊ جي رات، جرڪندي ٿي وڃي ۽ واري سون روپو ٿي، روشن ٿيندي ٿي وڃي. پري پري برف جيان اڇيون ۽ ڌنڌليون ڀٽون رات جي جھوليءَ ۾ بھ برفاني چوٽين جو ڏيکاءُ ڏين ٿيون. ھونءَ بھ برپٽ ڪين وارياسي ۾ اکيون ڀنڀلجي وينديون آھن. ڪڏھن ڪڏھن برپٽ ووڙيندي ائين بھ ڀاسندو آھي تھ سمونڊ ڇوليون پيو ھڻي...... ڪڏھن اوماس جي راتين ۾، چوڏس نانھن جھڙا ڏيک ڏسڻ ۾ ايندا آھن. ھو ڪنائي ٿو..... رات جي نوائيءَ ۾ پري ڪٿان ڪو قافلو پيو گذري، اٺن جي چنگ چڙن جا آواز نوائي وايو منڊل ۾ ڏور ڪٿان پڙاڏجندا پيا وڃن، ڏکن، ڏولائن جا گيت.
ھو ٿڪ کان چور سمھي پوڻ ٿو چاھي، پر سندس من ۾ الائي ڪھڙا ڪھڙا اڌما ايندا، کيس جاڳائيندا ٿا رھن ۽ سامي مرليون وڄائيندا، دودرا دکايو، ڄڻ پراٿنا پيا ڪن. ھن کي ننڊ ڪانھي..... ايستائين جو سامين جي سين جا آواز بھ رات جي ماٺار ۾ لڙھي ٿا وڃن. ڏکڻ کان ايندڙ ٿڌڪار، ٽچڪيل جسم کي آسيس پئي ڏئي. ھو پاسا ورائي ٿو، ننڊ لاءِ سوچي ٿو، پنھنجي اڄ جي پاڳل پڻي لاءِ تھ ھن کان ھيءَ ڪھڙي حرڪت ٿي! ھن کي تھ پارڪر وڃڻو ھو! آخر ھن انھن سامين ۾ ڏٺو ڇا..... ڇا اھا ساري جاکوڙ ۽ ولوڙ ان ڇوڪريءَ کي ڏسڻ لاءِ...... توبھن! سھڻي تھ ڪيڏي نھ ھئي، جھڙي ڪر ديو مالائي ڪھاڻين جي راڄڪماري. اکين ۾ ڪيڏا تيج تجلا، اھم ۽ الماس ھئس! پر ھنن سامين جو ھيءُ ڪھڙو سانگ آھي. ڪجھھ بھ ٿئي، صبح جو آئون ساڻن گڏوچڙ ٿي ويندس. آخر تھ ھي ڪھڙو ويراڳ آھي؟ سندن ڪپڙا ڪيڏا نھ ٽريڊيشنل آھن. سنڌ جي کوج لھڻ ڪيڏو نھ اوکو ڪم آھي. شايد ئي پرٿويءَ تي سنڌ جھڙو پراسرار ملڪ ھجي. رڳو اونھيءَ اک سان سنڌ جي جاگرافي ۽ رھڻي ڪھڻي ۽ يگن کان ھلندڙ ريتن رسمن کي ڏسڻو آھي. ڇا اھا پراسرار ڳالھھ ڪين ھئي تھ اڄوڪي سنڌ ۾، جوڳين جي تاريخ ۾، برٽس دور کان وٺي اڄ تائين ڪو جوڳي ڪورٽ ۾ گھربل ڪينھي، ڪنھن وارتا ۾ بھ نھ!
ھتان جا تارا ھتان وڃي ٿا نڪرن. چنڊ بھ الائي ڪيڏا سفر ڪري، ٻوڏار ۾ پيو وڃڻ جون ڪري. سامين جون دونھيون ڪڏھوڪيون اجھامي رک ٿي ويون، پر ھن کي ننڊ ڪانھي – رات جيئن پوءِ تيئن ٽلڪندي ٽمڪندي ٿي وڃي. ھو اکيون ٻوٽيو، پاسا ورائيندو ٿو رھي.
”تون.... ڪير آھين تون؟“ اچانڪ ھو پنھنجي مٿان بيٺل پاڇو ڏسي ڊيھو ٿو ڀري.
”ٻڌاءِ، تو اسان جو پيڇو ڇو ڪيو؟“ پاڇي سمان نينگري سندس اڏو ڪاٺ جيان بيھي ٿي وڃي. تون ساڳيو کونھر وارو آھين نھ، ٻڌاءِ..... اکين ۾ ڇا ٿي چيئي؟“
”مان سيلاني آھيان، مان پنھنجي واٽ وٺيو پيو وڃان.....“
”ڪوڙ، توکي منھنجي ڪامڻ ڪايا ورتو آھي؟“
”........“ ھو نينگريءَ ۾ نھاريندو رھجي ٿو وڃي. اوچتو ھڪ ھڙ سندس اڳيان ڦھڪو اچي ٿي ڪري.
”ٻڌ، تون مون کي وڻيو آھين. مون کي ماڻڻ لاءِ ھي وڳو پائي آڌوتي ٿي وڃ. ڊڄ نھ، ٻڌاءِ ڪيڏو جگر اٿئي؟۾
ھو موڳاٽجي سامي نينگريءَ ۾ نھاريندو ٿو رھي. کيس سمجھھ ۾ نٿو اچي تھ ڪھڙو جواب ڏئي.
”ٻڌاءِ نھ، ڪيڏو جگر اٿئي؟ مون کي ماڻڻ لاءِ ھي رڃ جو سمنڊ جھاڳيندين؟ ٻڌاءِ، ڀٽن ۾ ويلا ۽ چلا ڪڍندين؟ ڏس، مان تو لاءِ ڪيڏا سوڻ ساٺ ڪري آئي آھيان، سڄو لوڪ سمھاري.“
ھو سامي نينگريءَ جي ڪاون ۽ ڪوڏين جڙيل پولڪا ۽ پڙي ۾ نھاري ٿو. چانڊوڪيءَ ۾ ھوءَ ڄڻ ننڊ ولايت جي ديوي ٿي لڳي. راڄاڻ سونھن جو روپ ڏسي، نڙي سڪي ٺوٺ ٿيو وڃيس.
”تون ڳالھائين ڪوھ نٿو. ٻڌاءِ منھنجو پريم، موھ ٽوھ ۾ ڪاپڙي ٿيندين؟ ڪن چيرائيندين؟ مون کي تو ۾ پورو وشواس آھي – تو اجگر واري ڇپ ڇو ھنئي آھي؟“ ھوءَ مٿي تان گندي ڍرڪائي، کيس پٺ ڏئي ٿي بيھي.
”منھنجي پولڪا جا سڳا اڃا ڪنوارا ۽ اڇوھيل آھن. توکي ڪھڙا ڊيڄوڙا پيا آھن! سامين سان سڱ ٿو ڪرين تھ سامي ٿي، کولي ڇڏ منھنجي پولڪا جا ڌاڳا، ڌوئي ڇڏ منھنجو ۽ پنھنجو سارو تن من، ڪڍي ڇڏ سارو ڪينو.“
سامي نينگريءَ جي آواز ۾ کيپ ڀرجيو ٿا وڃن. ھوءَ اپڇرا جيئن کيس پٺ ڏيو، جواڻيءَ جي کيپن ۽ خمارن ۾ ڄن وٽڙجيو بيھي ٿي وڃي ۽ ھو ڪنھن خوفناڪ سوچن جي ٻوڏار مان نڪري، پٽ پيل چني کڻي، ھن جي سامھون اچي ۽ چني ٻيھر ڏاڍي موھ سان سندس مٿي تي اوڍائي، کيس کاڏيءَ کان آڱر ڏئي، سندس منھن مٿي ٿو ڪري.
”تون.... تون اپڇرائن کان وڌ سھڻي آھين، پر آئون تو لاءِ دنيا تياڳي نٿو سگھان. تون غلط سمجھي آھين.... مون کي.... مون کي ڏاڍو ڏور وڃڻو آھي، پري پري، سڪارن جي ڳولا ۾.
منھنجي انگ لاءِ تو وٽ ڪپڙا آھن، پر مون وٽ تو لاءِ ڪجھھ بھ ڪينھي. جنھن ڏينھن مان تو لاءِ پٽ جا ڪپڙا وٺي آيس، ان ڏينھن تنھنجا سمورا ڌاڳا کولي پنھنجي اندر ۾ سموئي ڇڏيندس. ساري ڀونءَ سامھون..... سمجھينءَ.“
”نھ...... ٻڌاءِ کونھر مٿان اھڙين اکين سان ڇو ڏٺو ھيئي؟... ڇو؟ ڇا ماڻھو آپي کان نڪري ويندو آھي؟“
”ھا، شايد مان ڪنھن ڪامڻ ۾ اچي ويو ھئس، جادوءَ ۾.“
”ڪامڻ ۾؟....... ڪوڙا جي جيءُ کي جادو لڳي ويو ھيئي تھ پوءِ مون سان رڃن ۾ ڀٽڪڻ جي شڪتي تو ۾ ڇو ڪانھ جڙي؟ چئھ نھ، تو ۾ اھا شڪتي ڇو ڪانھ جڙي؟“ سامڻ ڇوريءَ جي ڇپرن ۾ لڙڪ ڄڻ ڇم ڇم ڪندا ٿا اچن.
”شڪتي.... ھا ڪانھي، آئون ڪوھ ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو!“
”پوءِ ميار متان رکي اٿئي تھ اک اڙائي، جوڳياڻي ڪچون ڪري وئي! الائي ڪيڏن اوسيئڙن کان پوءِ مون ور چونڊيو ھو، آڳيا ورتي ھئي. ھاڻ.... اڄ صبح جو سامي مون کي ھيڪل ڏسي، ڪاريھر نانگ کان ڏنگرائي ڇڏيندا تھ مون ڪوڙو ور ڪيئن چونڊيو؟ منھنجي اکين ڪوڙ تي آرو ڪيئن ڪيو؟ الا.... منھنجي نيڻن تھ مون کي ڪڏھن بھ دوکو ڪين ڏنو، ڪڏھن ”ڪلاپ“ ڪين ڪيو؟ الا ڪٿ وڃي اڙيون.....“ ھوءَ گڏڪي گڏڪي رنڀون ٿي دٻائي ۽ کن لاءِ ھو سن ۾ اچيو وڃي ۽ کيس دلداري ڏيڻ لاءِ وڌي ٿو. سامڻ ڇوريءَ کان ڇرڪ نڪريو وڃي:
”نھ نھ، متان ڇھيو ٿئي...... ٻڌاءِ، ڇو رڃن ۾ اکيون اڙايئي، پريم جي سين ھنئي ھيئي؟ جتان آيو آھين، ونءَ ھليو.“
سامياڻي ڏھڪاءُ ڀريل نيڻن سان اندر جا ڄيرا پنھنجي اندر ۾ اوتيندي، بجڪو ھن جي پيرن ۾ پيل ڇڏيو، سندس نيڻن ۾ وڏي ڦٿڪاٽ سان نھاريندي، اچانڪ اوڇنگارن سان سٽ ڏئي موٽ ٿي کائي. کن لاءِ ھو ڄڻ سراپجي پنڊپھڻ ٿيو وڃي. اچانڪ ڪو سانگ ساري ھو پٺيانس نھاريندي واڪو ٿو ڪري:
”ترس نھ، پوري ڳالھھ نھ مھاڙ، ايڏو ڦوڙائو، گيڙوءَ رتو آھيان. جي نيڻن سان گڏ ٻانھن بھ وڌائي اٿئي تھ پوءِ مون کي بھ اروڙ جي ٻنڌ ڀڃڻ ٿي اچي.“
ھو سنياسين جيان پنھنجي وڏي اجرڪ جو ٻانڌڻو ڳچيءَ سان ٻڌي ٿو. وڻن ۾ لٽڪيل پنھنجي ڪپڙن ڏانھن نھاري بھ نٿو. بس، رڳو بجڪو ۽ پاڻيءَ جي کلي ۽ بسڪوٽ کڻي، پٺيري سانت ڀريل ماٺار ۾ بيھي ويل سامڻ جي ڪلھي ۾ پاڻيءَ جي کلي ۽ ٻانھن ۾ ٻانھن اڙايو ساڻس جٽ ٿيو ھلڻ لڳي ٿو.
ٻھ پاڇا وڃي رھيا آھن...... جوڳين جي دونھين ۾ دودرن ڏانھن، چٽا پٽا، ٻھ روشن پاڇا آنھريءَ جيان.