ھڪڙو سوال
ھڪڙيءَ چانڊوڪيءَ رات جو آئون ٽلندو ڍنڍ جي انھيءَ پاسي نڪري ويس.
ٿڌڙيءَ، اڻلکيءَ ھير ۾ ڍنڍ جو جرڪندڙ پاڻي لھرون ھڻي رھيو ھو ۽ انھيءَ جي مٿان ننڍاکڙا ڪنول ھندوري ۾ ستل ٻارڙن جيان اکيون ٻوٽي، مشڪي رھيا ھئا. لھرون ڪناري سان ٽڪرائجي، کين لوليون ڏئي رھيون ھيون. ڪناري تي بيٺل نم ۽ سرنھن جا وڻ، حبشي ٻانھن جيان بيٺا، پنھنجين سرھين، ٻور ڀريل ٽارين سان کين پکو ھڻي رھيا ھئا ۽ پورنماسي چنڊ جو اولڙو لھرن تي ڪنھن مصري نچڻيءَ وانگي ٿڙڪي رھيو ھو.
ٿوريءَ دير لاءِ مون خيال ڪيو، فطرت جو سينو ڪيترو نھ وسيع آھي. ھوءَ ننڍڙين ڊين کي پيدا ڪرڻ ۽ انھن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ڪيڏا نھ سامان ٿي پئدا ڪري!
۽ مان زندگي ۽ ان جي حسن جي باري ۾ سوچڻ لڳس..... اسان جي ھيءَ دنيا ڪيتري نھ حسين آھي. پوءِ بھ اسان جي زندگيءَ ۾ حسن جو حصو ڪيترو نھ مختصر آھي. ڄڻ ڪنھن گھاٽي اونداھي ٻيلي ۾ ٽانڊاڻي جو ھلڪو ٽمڪاٽ، جنھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسين سڀ ھڪ ٻئي جي اکين ۾ ڌوڙ وجھي رھيا ھجون.
۽ مان زندگيءَ جي اٿاھ اونداھين ۾ گم ٿي ويس، جتي ملن ۽ مالگدامن جي ڀيانڪ، گڙگڙائيندڙ گوڙ ۾ ھر گھڙيءَ جي موڙ تان ھزارين بکيا ۽ اگھاڙا، اپاھج ۽ بيمار چھرا، بدروحن وانگي منھنجو پيڇو ڪري رھيا ھئا، جي ازل کان سوالي نشان بنجي، منھنجي اڳيان اچي بيھي رھندا آھن ۽ جن کي اڄ ڏينھن تائين مان ڪوبھ جواب نھ ڏئي سگھيو آھيان. انھن جي ڀيانڪ تصور کان ڊڄي، مان ويرانن ۽ قبرستانن ڏانھن ڀڄي ويندو آھيان، جتي مون کان ڪوبھ ڪنھن بھ قسم جو سوال نھ پڇي سگھي – جتي ڪوبھ مون کي پنھنجا غمناڪ افسانھ نھ ٻڌائي. ھتي اچي، مان زندگيءَ جو سمورو ڏک ۽ درد ڀلجي، فطرت جي حسين نظارن ۾ گم ٿي ويندو آھيان.
مان ڍنڍ جي ڪناري تي نرم ڪلراٺيءَ واريءَ مٿان، سيرانديءَ کان ٻانھن ڏيئي، نئون سنئون ٿي، ليٽي، مٿي حد نظر تائين ڦھليل، گول، پورنماسي پڙاءَ کي تڪڻ لڳس. چوڏھينءَ جو چنڊ، ڪوريئڙي جي ڄار ۾ ڦاٿل ٽانڊاڻي جيان، ڪڪرن ۾ ڦاسي، ڄڻ ڦٿڪي ڦٿڪي ساڻو ٿي پيو ھو ۽ تارا ائين ٽڙي پکڙي ويا ھئا، ڄڻ ماکيءَ جي ماناري ۾ ڪنھن پٿر اڇلائي ھنيو ھجي. مون اکيون ٻوٽي ڇڏيون. سامونڊي ھوائن ۾ گھليل ڏکڻ جي ھير منھنجن وارن ۾ سر سر ڪري، منھنجي ٿڪل ۽ اپاھج ذھن کي سمھارڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھئي ۽ منھنجين اکين جا پنبڻ ڳرا ٿيندا ٿي ويا.
اوچتو، ھوا ۾ سرسراھٽ پيدا ٿيڻ لڳي ۽ ان سان گڏ ئي فضا ۾ موسيقيءَ جھڙن ٽھڪن جو آواز گونجي ويو. مون ڇرڪي، مٿي آسمان ڏانھن نھاريو – ست سونھري پرن واريون پريون ڍنڍ تي لھي رھيون ھيون! آئون ھڪدم ڊوڙي، گھاٽين ڄارين جي جھنڊ ۾ لڪي ويھي رھيس. ست ئي پھريون پنھنجا سونھري کنڀ پکيڙينديون، ڪونجن جي وڳر وانگي گول دائرو ٺاھينديون، اچي ڍنڍ تي لٿيون.
انھن مان ھڪ پري، جا سڀني کان ننڍڙي ۽ معصوم ٿي لڳي ۽ جا شايد پھريون دفعو آيل ٿي ڏٺي، خوشيءَ کان تاڙيون وڄائي چوڻ لڳي: ”آھ، ھيءَ انسانن جي دنيا ڪيڏي نھ حسين آھي – انسان تھ الائي ڪھڙا ھوندا.“
تڏھن ھڪ پري، جا سڀني کان حسين ٿي ڏٺي، وراڻيو: ”نھ، منھنجي معصوم پري، تو رڳو انسانن جي دنيا ڏٺي آھي. پر جي انسانن جي زندگيءَ ۾ جھاتي پائي ڏسين تھ ھوند ھيڏانھن منھن بھ نھ ڪرين!“ ۽ مون محسوس ڪيو تھ ننڍڙيءَ پريءَ کي اھو ٻڌي ڏاڍو رنج ٿيو.
پوءِ ست ئي پريون پنھنجن سونن روپن جسمن تان ڪيمخواب ۽ اطلاس جا وڳا لاھي، ٽھڪڙا ڏينديون چانڊوڻيءَ ڇر تي ترڻ ۽ تڙڳڻ لڳيون.
مان ڪيتريءَ دير تائين اھو دلفريب منظر ڏسندو رھيس. منھنجي دل ۾ ھڪ خيال آيو ۽ مان گھاٽين ڄارين جي اوٽ وٺي، لڪندو اچي پرين جي جرڪندڙ ڪپڙن تي مڳ ٿي ويھي رھيس.
ٻيون سڀ پريون جوتي ڪلڇ تي رقص ڪنديون، ترنديون، پري پري تائين نڪري ويون ھيون، رڳو ننڍڙي پري مون کان ٿورو پري، آسپاس جي ماحول کان بيخبر، بيدليءَ سان ڇنڊا اڏائي رھي ھئي. شايد ھوءَ اڃا تائين انسانن جي باري ۾ سوچي رھي ھئي. مون ھڪ ننڍڙي ڪڪري کڻي، آھستگيءَ سان سنڀالي ھن ڏانھن اڇلائي. ھن ڇرڪي مون ڏانھن نھاريو ۽ ڊڄي، وٺي سريلي آواز سان رڙيون ڪيائين. ھن جي آواز تي اک ڇنڀ ۾ ڇھھ ئي وڏيون پريون ڊوڙي آيون ۽ مون کي حيرت ۾ ڏسڻ لڳيون.
انھن مان ھڪ پري، جا سڀني کان حسين ٿي لڳي، اکيون گھريون نيريون ۽ وار سونا ۽ مٿي تي راڻين وارو مڳٽ ھوس، ڪاوڙ مان تپي باھ ٿي چوڻ لڳي: ”ڪير آھين تون؟ مان توکي پنڊ پھڻ ڪري ڇڏيندس! توکي ھتي اچڻ جي ھمت ڪيئن ٿي؟“ ڪاوڙ ۾ ھوءَ اڳي کان بھ وڌيڪ دلڪش لڳي رھي ھئي.
”اي روشنين مان آيل اپسرا! مان شاعر آھيان. مون وٽ ڪجھھ سوال آھن، جي مان توکان پڇڻ چاھيان ٿو. پھرين مون کي انھن جا جواب ڏي، پوءِ ڀل مون کي پنڊ پھڻ ڪري ڇڏج.“
پري منھنجي انھيءَ جرئت تي ڪجھھ حيران ٿيندي، مون ڏانھن نھاريو ۽ ڏاڍيءَ بيرخيءَ سان چيائين: ”جي تون شاعر نھ ھجين ھا تھ مان توکي چڻي جيڏا داڻا ڪري ڇڏيان ھا. ھاڻ جلدي پڇ جو پڇڻو اٿئي، پر ڪو بھ سوال احمقاڻو نھ ھجي.“
مون سوال ڪيو: ”زندگيءَ کي حسين تر بنائڻ لاءِ سڀ کان بھتر ڪھڙو اپاءُ ٿي سگھي ٿو؟“
پريءَ ڪجھھ سوچي وراڻيو: ”پيار ۽ امن. پر مون توکي چيو ھو، ڪوبھ سوال احمقاڻو نھ ڪجانءِ. اھي ٻئي شيون توھان وٽ ناياب آھن. اي موڳا شاعر، مرض رڳو علاج معلوم ڪرڻ سان نھ، بلڪھ دوا حاصل ڪرڻ سان ختم ٿيندو آھي. ھاڻي ٻڌا، اھي ٻئي شيون آھن اوھان وٽ؟“
ست ئي پريون منھنجي منھن ۾ نھاري، وڏا ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳيون. منھنجين اکين آڏو اوندھ اچي ويئي. مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪنھن زورائتي ڌڪ منھنجو مڻڪو ڀڃي وڌو ھجي. مان ھڪ وڏي رڙ ڪري جاڳي پيس.
ڀنڀرڪي جو دونھاٽيل آسمان پنھنجي وڏي وات سان ھڪ ھڪ ڪري، چنڊ ۽ ڪتين کي ڳڙڪائي چڪو ھو. سج جا تيز تکا تجلا ڏيندڙ بڻڇ، اڀرندي کان لھرائي رھيا ھئا ۽ سڄو افق جنگ جي ميدان وانگي رتو ڇاڻ ٿيو پيو ھو.