علي بابا جي ڪھاڻي
اڳي سدائين آفيس جي ڪمن ڪارين سان ڪراچي ويندو ھو تھ سدائين اٻالو. جي کڻي ڪپڙا نوان ۽ ڌوٻي جا ڌوتل تھ بوٽ ڇنل. ھلي تھ لوڏ ئي ڦريو وڃينس. وري کيسي ۾ پئسا ايترا جو راھ ھلندي، عورتن کي تاڻيندي جي ڪنھن گھومو عورت کان لفٽ ملي وڃينس تھ کيسي ۾ ايترو ڏوڪڙ نھ ٺھيس جو کڻي ڪنھن ھوٽل ۾ چاڙھيس يا فلم ڏيکارڻ جي صلاھ ھڻيس. بس سکڻو ڏسندو تڙپندو رھجي وڃي.
اڄ نڪتو آھي عيش ڪرڻ، چئن ڏينھن جي ڇوٽي وٺي. سڄي عمر جي ناڪامين جون باھيون ڪڍڻ. ”پھريون ھوٽل وڃي ڪمرو وٺندس. ڊبل بيڊ روم، ھوٽل مئنيجر کي ٺاھي ڇڏيندس. لکائيندس پنھنجو ۽ پنھنجي زال جو نالو. پوءِ سڙڪن تي ڳوليندس ڪا ٺاھوڪڙي زال. گھمائيندوسانس ھل پارڪ. سندس چيلھھ ۾ ھٿ پئي، ھڻندس ايلفيءَ جا چڪر. ڪراچيءَ ۾ اھڙيون گھومو عورتون کوڙ ملي وينديون آھن. ڪابھ عورت جي ھڪڙي ڀيري مون سان ريجھي تھ پوءِ يار ٿي ويندي. بس ماڻھوءَ ۾ رڳو ٽئلينٽ ھئڻ گھرجي ۽ مٿئين خرچ لاءِ پئسو، پوءِ تھ لئي آھي.“ من ئي من ۾ پروگرام پيو ٺاھي ۽ گھڙيءَ گھڙي ڇڙواڳ وارن کي ڄمائڻ لاءِ، مٿي تان ھٿ پيو گھمائي. ھن واري حجام وار بھ اھڙا ئي ڪٽيا اٿس، جھڙا وڻندا اٿس. بلڪل فيس تي ٺھڪندڙ وڏا وڏا، بلڪل نيچرل.
اڳينءَ سيٽ تي ٻھ برقعا پوش عورتون ويٺڪ آھن. انھن سان گڏ ننڍڙا ٻارڙا بھ آھن. کانئس اڳين سيٽ تي ھڪ ٺاھوڪڙي مھاجر عورت وپيٺي آھي. کيس اڇو رنگا رنگ سنڌي ڀرت ڀريل چولو ۽ اڇي وڏ پائنچي واري سلوار پھريل آھي. ”اڳي تھ اسان جي وڏي پائنچي تان کلنديون ھيون. ھاڻ ڏس تھ پاڻ لڦ لڦ ڪنديون ڇاپاڪ ھڻنديون گھمن.“ عورت جو چوٽو گھاتو ۽ پٺي ويڪري آھي. جڏھن ڪنڌ ورائي، ڀر ۾ ويٺل مڙس سان ڳالھائي ٿي تھ ڳٽا ٻٽا ڏسيو وٺيس. اک کي وڻيس پئي. ڀايس ٿو تھ سفر سھڻو نبرندو. ”بس رڳو ٻھ سواريون اچي وڃن تھ ويگن ھلي. ھينئر ساڍا ٽي ٿيا آھن، ڇھين وڳي ڪراچيءَ ۾ ھوندس. پھرين ڳوليندس ھوٽل جو ڪمرو ۽ پوءِ پرديسي پکي.“ سگريٽ جا سوٽا ھڻندي پير پيو سوري تھ باقي ٻھ سواريون اچي وڃن.
سندس ڏسندي ئي ڏسندي ٻھ عورتون ويگن ۾ داخل ٿين ٿيون. اڳيان ھڪ گوري گوري، سئين مھانڊين، چاليھارو سالن جي صحتمند عورت آھي ۽ ان جي پٺيان ٽيھارو سالن جي آڙاھ سھڻي عورت. قداور، ڪڻڪ رنگي حاملھ عورت. لڳي ٿو اٺن مھينن جو گرڀ ھوندس. ڌڙ تي ويڙھيل اٿس ھلڪي نيري نائلون جي ساڙھي. نيڻن ۾ مامتا جو موھ ۽ گھراڻ، پيٽ وڏو وڏو، گول گول، ايڏو وڏو جو اندر وارو ٻار ان ۾ آسانيءَ سان بولاٽيون کائي تڙپي سگھي. پيٽ جي ٻوجھي کان ڳلن تائين پگھر پيو ڳڙيس ۽ ساھ ڦوڪيل. وڏي ڏکيائينءَ سان ٿي آھي ويگن ۾ داخل. ڀائين ٿو، عورتن جي اچن ڪري پوئين سيٽ تان اٿڻو پوندس، پر ٻئي عورتون ڏاڍيون فاورڊ نڪتيون. بنا ڪنھن ھٻڪ جي سندس ڀر ۾ ويھي رھيون. وچين سيٽ سٺي ۽ آرام واري ھئڻ ڪري، وڏي عورت گرڀ واريءَ کي ان تي ويھڻ لاءِ چيو، جا مٿانھس اڇاتري لڄوڙي نھار ڦيرائيندي، سندس ڀر ۾ ويھي وئي ھئي. ويھڻ مھل وات مان دٻيل چنگھھ نڪري وئي ھيس ۽ ھوءَ رومال سان منھن تان پگھر اگھندي، ڦوڪيل ساھن سان سيٽ کي ٽيڪو ڏئي، لڳي ھئي ڦوڪيل ساھ جائتو ڪرڻ.
گرڀ واري عورت جي پاسي ۾ اچڻ سان نوجوان جي حالت ئي غير ٿي وئي ھئي. ھڪ تھ پوري حياتي ۾ ڪا عورت سندس ايڏو ويجھو نھ آئي ھئي، ٻيو تھ ھيءَ عورت ڪيڏي نھ حسين ھئي. کن لاءِ نوجوان گھرن گھرن نيڻن جي تصور ۾ لڙھي ويو. اکيون ايڏيون اونھيون، ايڏيون اونھيون جو نھار تھ گرڀ ۾ ستل ٻار بھ نظر اچي وڃي ۽ بدن مان نڪريس پئي اڻ لکي بوءِ. اھڙي بوءِ، جھڙي ڪنھن گل، ڪنھن ڦل جي خوشبوءِ ۾ ڪانھي. جا رڳو ڪنھن گرڀ وتي عورت جي ديھھ مان اڌما کائي نڪري سگھي ٿي. پاگل بنائي ڇڏڻ واري بوءِ. سوچي ٿو: ”گرڀ ٿيڻ کان پوءِ عورت جي اندر جي سونھن ڪيڏو نھ نکريو اچي. نيڻن مان، ڳلن مان، ڪلھن مان، ڇاتين مان، ٻانھن مان، ڪکن مان، پولھھ مان، وار وار مان، چمڙي جي پور پور مان، ساھ ساھ مان سندس مامتا جھلڪيون پائيندي آھي. جيئن پاڻيءَ مٿان سج جا اولڙا. ان عورت جو ڀر ۾ ايندي ئي ھڪ اڃاتل، ھانءُ ٺاريندڙ آسيس پيو محسوس ڪري.
پنھنجو منھن ڪيو ويٺو آھي. نٿو نھاري عورت ۾. ڊڄي ٿو متان گھڙيءَ گھڙيءَ ائين گھور وجھي نھارڻ ڪري سيٽ نھ بدلائي ۽ انھن اڍائي ڪلاڪن جي ان حسين سفر کان محروم ٿي وڃي. عورت سندس ايڏو تھ ويجھو ويٺي آھي جو نھارڻ کان سواءِ کاٻي اک جي پاسي کان ڏسيس پيو. پنھنجو منھن ڪيو ويٺو آھي. عورت جي بدن مان ايندڙ بوءِ ۾ ٻڏاڻو. اچانڪ محسوس ڪري ٿو تھ عورت کي سندس سگريٽ جو دونھون نھ پيو وڻي.
”معاف ڪجو، آئون سگريٽ اجھائي ٿو ڇڏيان.“ ۽ ان کان پھرين جو عورت ڪي ڳالھائي، سگريٽ پير ھيٺان چيڀاٽي اجھائي ڇڏي ٿو.
”مھرباني!“ عورت ڏانھس ٿورائتي نظرن سان نھاري مرڪي ٿي پوي. مرڪ سان اندر ۾ ڊوڙي وڃينس ٿي، خوشيءَ جي ھڪ اٿاھ لھر. ايڏي خوشي، ايڏي خوشي، جيڏي اڳي ڪڏھن بھ محسوس نھ ڪئي ھئائين. ”آواز، ڪيڏو نھ مٺو اٿس. ڄڻ اندر ۾ ڀريل اٿس راڳڻيون، جن کي ڇيڙي ويٺو گرڀ ۾ ليٽيل ھڪ ننڍاکڙو ٻالڪ.“
”اوھان کي اڳيان ويھڻ کپندو ھو.“ بنا سوچڻ سمجھڻ جي ڳالھائي ٿو ويھي. عورت سندس ان اوچتي جملي تي ڪي پل ڳاڙھي کھنبي ٿي وڃي ٿي.
”جي نھ، سپر ھاءِ وي تي جمپ ڪونھ اچي.“
عورت مرڪ لڪائيندي، دٻائيندي، پنھنجو منھن ڪري ٿي ويھي. ”الا ڪيڏو اٿس کيپ اکين ۾.“
اچانڪ محسوس ڪري ٿو، ويگن روڊ کي چيريندي اڏاڻي ٿي وڃي. ڄامشوري جي پل، ڦاٽڪ ڪيئن گذري ويا؟ ڪل بھ ڪانھ پيس. سڄي دنيا کان ڪٽجي، ڀر ۾ ويٺل گرڀ وتي منڌ جي ڪامڻي دڙ ۾ اڙجي ويو آھي، جا ويگن جي لوڏن تي ڄڻ جھومندي ٿي وڃي. من چاھيس ٿو ان عورت سان ايئن ڳالھائيندو وڃي، انت گھڙيءَ تائين ھي رستو نھ کٽي.
اچانڪ خيال ٿو اچيس: ”ڪيڏو نھ سٺو ھجي ھا جي ھيءَ عورت منھنجي زال ھجي ھا. ان جي گرڀ ۾ اھو ٻار منھنجو ھجي ھا. جڏھن ھھڙي سھڻي زال ھجي، ھھڙي ڀاري ڀاري پيٽ سان ۽ سڀ ماڻھو ڄاڻندا ھجن تھ زال مڙس پيا وڃن تھ شھر جي سڙڪن تان، پارڪن مان، ھٿ ھٿ ۾ ڏئي گھمڻ ۾ ڪيڏو نھ مزو اچي. اھا ڪھڙي لذت ھوندي؟ آئون نٿو ڄاڻان. اھڙو اندازو لڳائڻ مون لاءِ ناممڪن آھي. مون اڄ تائين ان پھنجائپ کي محسوس نھ ڪيو آھي ۽ ھينئر ــــــــ جڏھن ھيءَ عورت منھنجي ناھي، نھ ئي ان جي پيٽ وارو ٻار منھنجو آھي ۽ نھ ئي آئون ان عورت کي ڇھي سگھان ٿو، تھ بھ آئون ڪيڏي آسيس ۽ فرحت پيو محسوس ڪريان. ان ھڪ گھڙيءَ جي قرب تان تھ جيڪر سڄي حياتي گھوري ڇڏجي.“
اچانڪ ڪنھن اٻھريءَ ڇڪ کان، منھن ورائي عورت جي ڀرپور ڪلھي تائين اگھاڙين ٻانھن ڏانھن نھاري ٿو. ڳوري ڳوري ٻانھن، لسڙي لسڙي، نرم نرم، جنھن تي ڪچڙن ڪچڙن خاڪي وارن جي ٻر. اچانڪ اندر مان جڳن کان لڇندڙ ڦٿڪندڙ، ڦٽيل چچرل تمنائون جھينجھڻي جيان جھڻجھڻ ڪنديون، رڳ رڳ مان ريلا ڏينديون، ڦاٽ کائي ٿيون اڀرنس. من چاھي ٿو ان نرم لسڙيءَ لسڙيءَ ٻانھن کي ڇھي ڏسي. لئوندڙيون ڪوسيون ٿي ويون اٿس، منھن ۾ ڪيوليون پيون ڊوڙنس، چپن ۾ آجگاد جي تئونس ۽ ھٿن ۾ ڏڪڻي. ھٿ پاڻ مرادو ڌي وڃن ٿا چاھنس. روڪڻ ٿو چاھي ھٿن کي نٿا روڪجن! اچانڪ ڪنھن اڄاتل خوف کان ڊڄي منھن ڦيرائي، اکيون ٻوٽي ٿو ڇڏي. وري نٿو ڏسڻ چاھي ان عورت ۾، پر مونجھھ محسوس ڪري وري کولي ڇڏي ٿو اکيون.
”اوم.....“ اوچتو بريڪ جي لوڏي سبب عورت جي واتان دٻيل چنگھھ نڪريو وڃي ۽ محسوس ڪري ٿو، ڪجھھ کائي پئي.
”ميٽ پئي کائي. گرڀ ٿيڻ کان پوءِ عورتون ميٽ ڇو کائينديون آھن؟ ھڪ ڀيري تھ مينسفيلڊ اسٽريٽ جي ھڪ وڏي دڪان تي پڪل ميٽ ڏٺو ھئائين، جي ڪرسچن ۽ وڏيون وڏيون پڙھيل لکيل امير عورتون وٺڻ اينديون ھيون، ڪارن واريون بھ. عورت ڪيترو ترقي ڪري، انگريزي پڙھي، سلوار ڇڏي، ساڙي پائي، پر گرڀ وارن ڏينھن ۾ ميٽ ضرور کائيندي!“ نيڻ کڻي عورت جي چپن ڏانھن نھاري ٿو. چپ.... بيچين، سڪل چپ، جن مٿان ڄميل آھي اڻ لکي ميٽاھين تھھ.
”ميٽ کائيندي عورت ڪيڏي نھ پرڪشش لڳندي آھي. ميٽ جو سواد ڪيئن بکندو اٿس مک مان. ڪيئن ڏندن ۽ تارن سان ڄڀ ٽڪرائي، ڇڪيندي ويندي آھي.“ اچانڪ اندر ۾ ڀڙڪي اٿيس ٿي انھن چپن کي چمڻ جي چاھنا. ڀاسيس ٿو ڪنھن اڄاتل خوف کان نڙي، چپ سڪي ٺوٺ ٿي ويا اٿس. اندر ۾ جاري ٿي وڃينس ٿي جنگ. وڏي مشڪل سان گھٽي ٿو، اندر ۾ پئدا ٿيل ان چاھنا کي. وڏي مشڪل سان پاڻ تي ڪنٽرول ڪري ٿو.
”سولي آھين نھ؟“ گرڀ واريءَ عورت جي ساٿي عورت پڇي ٿي.
”ھا“ – گرڀ واري عورت زبان سان تارونءَ مان ميٽ ڇڏائيندي، وڏي آسيس مان وراڻي ٿي ۽ ويگن جي جھوٽن تي پنھنجي ڄنگھن ۽ بدن کي ڍرو ڇڏي ٿي ڏئي، جھوٽن ۾.
”اولي ٿين تھ ٻڌائجانءِ.“ ساٿي عورت کيس تاڪيد ڪري ٿي، پر محسوس ڪري ٿو عورت اولي آھي. کيس ڪنڌ کان ٻانھن جي سھاري جي ضرورت آھي. من چاھيس ٿو، ڪنڌ کان ٻانھن جو سھارو ڏئي، کيس پنھنجي سيني تي ليٽائي ڇڏي. وارن ۾ سرسر ڪري کيس پنھنجي ڪڇ ۾ سمھاري ڇڏي. ماڻھو ھھڙين سھڻين ۽ نازڪ زالن کي ھھڙيءَ حالت ۾ ڪيئن ٿا تنھا سفر ڪرڻ ڇڏين؟ مون کي جي ھھڙي زال ھجي تھ آئون کيس پل بھ پاڻ کان جدا نھ ڪريان. مان تھ جيڪر ڪنھن بھ طرح کيس نھ ڇڏيان.“
”اوم.....“ عورت وري ھڪ اوچتي جمپ تي چنگھھ ڪري ٿي ۽ ٻھ ٽي وڏا ساھ ڀري ٿي. وڏا وڏا، ايڏا وڏا جو ھوا سندس ڦڦڙن کان گذرندي، سندس اندر جي گھرائين تائين پڄي وڃي، سندس ٻار تائين. عورت جي چنگھھ تي اچانڪ ماءُ ٿي ياد اچيس، جيجل ماءُ! سانوري، پيارا پيارا گھرا نيڻ، چپن تي ھلڪي، اڻلکي ميٽ جي تھھ ڄميل، ڀاري ڀاري گول گول پيٽ، کٽ مٿان ڍري ڍري ليٽيل.
اڳي گھڻو اڳي، ننڍڙي لاڪي، جڏھن پنجن ڇھن سالن جو مس ھو، ڪيڏو نھ وڻندي ھيس ماءُ، ڪيڏو چنبڙندو ھئس، چولو مٿي ڪري ڏسندو ھئس پيٽ.
”اوم..... نھ ڪر پٽ، پيٽ تي زور نھ ڏي. ھلي آ ڪڇ ۾ـــــــ“ ماءُ گونڌاڙي ھڻندي ھئس ڪڇ ۾. ڪيڏو نھ وڻندو ھئس ماءُ جي ڪڇ ۾ منھن ھڻي سمھڻ. پوءِ اوچتو ماءُ کي پيو ھئس پيٽ ۾ سور، کڻي ويا ھئس اسپتال ۽ اسپتال مان کڄي آئي ھيس کٽ. ڳوٺ جون عورتون پار ڪڍي پٽڪو ڪرڻ لڳيون ھيون ۽ ھو ريھھ ڪري بيھوش ٿي ڪري پيو ھو.
”اوم.....“ ڪي منجھاڻو، وساڻو ڇرڪ ڀري ان عورت ۾ نھاري ٿو. ”ڇا سڀ عورتون گرڀ وارن ڏينھن ۾ ھڪ ئي نموني ڪنجھنديون ۽ چنگھنديون آھن؟ نيڻن ۾ ساڳيا مامتا کيپ ڀري.“ موڳا موڳا، وائڙا وائڙا نيڻ ڄمي ويا اٿس، عورت جي مکڻ کان لسڙين ٻانھن تي، ڦوڪڻن کان وڌيڪ ملائم ڇاتين ۾. ساھ سئن ۾ ئي ٿو اچيس. جڳن کان اندر ۾ دٻيل خواھشون سندس اندر جي پاتالن مان گھماٽيون کائينديون، وري جھينجھڻي جيان وڄنديون ٿيون اڀرن. زوم سان، رڳ رڳ مان ريلا ڏينديون. ڀاسيس ٿو، جڳن کان تنھا تنھا ھلندي ٿڪي پيو آھي. الائي ڪيترن زمانن کان نھ مليو اٿس سھارو. ڀائين تھ ان عورت جي نرم نرم، جھوٽا جھوٽا ھنج ۾ منھن وجھي رانڀاٽ ڪري روئي، روئندو سندس ڪڇ ۾ سمھي پوي. ھڪ وارو وري ننڍڙو ٿي وڃي، ايڏو ننڍڙو جو وري ان گرڀ ۾ سموئجي وڃي. وري ھڪ ڀيرو گرڀ ۾ پيھي تڙٻيون ۽ بولاٽيون پائي. خواھش وڃينس ٿي وڌندي، ايڏو..... ايڏو جو نھ رھيو اٿس ڪنڌ وس ۾. پگھر جي کيپ ھاڻي بوءَ ۾ ٻڏاڻو، ڪنڌ وڃينس ٿو ڍرندو، ننڍاکڙي، ليپ ھاڻي حالت ۾ ڪنھن گرڀ وتي گود ڏانھن. اچانڪ ڪنھن اٻھري خوف کان ڇرڪجي، اکيون کولي ٿو ڇڏي: ”ماڻھو ماريندا.“ ياد ٿو اچيس، ھڪڙي ڀيري شھر جي سڙڪ تان ھلندي سندس من ۾ اھڙي ئي خواھش پئدا ٿي ھئي. ايڏي ئي زوم مان ھڪ گرڀ وتي عورت پٺيان پاٿ تي ھلندي، اندر جي تانگھھ کان بيچين، ان عورت کي ٻانھين کان وڃي جھليو ھئائين. عورت ڊڄي دانھن ڪئي ھئي. پوءِ ڇا ھو، چئني طرفن کان ماڻھو کيس ورائي ويا ھئا. ھنيا ھئائونس ھٿوڙي جيان پيٽ ۾ ٺونشا، نڪ ۾ ٺونشا، پٽيا ھئائونس وار. نڪ مان نڪيلي وھائيندو، پيٽ تي ھٿ ڏئي ڪري پيو ھو فٽ پاٿ تي. سال ٿي ويو اٿس، اڄ ڏينھن تائين پيٽ پيو ڏکيس. ٿورو اس ۾ ھلي تھ نڪيلي وھيو اچيس. خوف کان چاھي ٿو حواسن کي قابو پائڻ. من ۾ پئدا ٿيندڙ اٻھرين خواھشن کي ٽارڻ لاءِ دريءَ کان ٻاھر نھارڻ لڳي ٿو. ٽڪريون، وڻ ٽڻ تيزيءَ سان گذرندا وڃن. پنھنجو پاڻ تي ڪنٽرول ڪندو ٿو وڃي. ”پاڳل ٿورو ئي آھيان.“
”اوم......“ عورت وري چري پري ٿي ۽ سولائيءَ خاطر اڃا وڌيڪ ڦھلجي، کاٻي ٻانھن سندس ڪنڌ پٺيان سيٽ تي ڍاري، جسم ڪار جي جھوٽن تي ڍرو ڇڏي ٿي ڏئي. ڪجھھ – آلو آلو، ويڙھجي ٿو وڃي. عورت جي ڪڇ مان ايندڙ بوءَ جي کيپ ھاڻي ھڳاو ۾. پنھنجي ڪنڌ پٺيان نرم نرم ٻانھن محسوس ڪري، اچانڪ وري اندر ۾ وڄڻ لڳنس ٿا، جھينجھڻا جھڻ جھڻ ڪندا. جاڳي ٿيون پونس اندر ۾ سموريون دٻيل، گھٽيل، نپوڙيل خواھشون. لئوندڙيون ڪوسيون ٿينديون وڃنس، منھن ۾ ڪيوليون پيون ڊوڙنس. ڀاسيس ٿو ننڍڙو ٿيندو وڃي، پتڪڙو. ويگن اتي جو اتي بيٺي آھي، رڳو مٿو پيو ڦريس. ”ساڳيا پيارا پيارا نيڻ، ساڳيون نرم نرم ٻانھون، چپڙن تي اڻلکي ميٽ جي تھھ ڄميل، ڀاري ڀاري گول گول پيٽ، ڍرو ڍرو، جھوٽا جھوٽا بدن، ھيرون ۽ ھٻڪارون ڀريل. ڪنھن نشيلي کيپ ۾ ٻڏاڻو، ڪنڌ وڃينس ٿو ڍرنندو، ڪنھن اڄاتل آسيس مان، گرڀ وتي گود ڏانھن.
جھوٽن ۾ ويندي، ڪنھن اٻھري ڏھڪاو کان اچانڪ ڊڄي، ڇرڪ ڀري جاڳي ٿو پوي.
”گاڏي روڪيو، گاڏي روڪيو.“
”ھتي لھڻو اٿئي ــــــــ !“ ويگن ۾ ويٺل سڀ ماڻھو وائڙا ٿي ڏانھس نھارين ٿا. ويگن کي بريڪ لڳي ٿو ۽ ھو ھيسيل، موڳاٽيل، پريشان، ٿڪاڻو، بريف ڪيس کڻي، تڪڙو تڪڙو، سنسان ٽڪرين وچ ۾ لھي وڃي ٿو.