آڌي رات، اتر ۾ ڪانڀو
ساھن ۾ سھڪي – ڏڪندڙ زخمي پير ۽ ٿڪ جا ڏانواڻ.
ھڪ وک ....... (ھڪ ڪوشش)
ٻي وک .....
ٽين وک .....
وک مٿان وک...... (منزل تي پڄڻ جي ڪوشش) ۽ آٿڙي وچري ُڃن ٿا پير – ڦان ٿي ڪري پوي ٿو – ڄڻ واچوڙي ۾ اوچتو ئي اوچتو ٻري ٻري ٺري وڃن ٿا آرس جا ڏيئڙا ۽ مڙي اچي ٿي ھڪ اٿاھ اونداھي.
تانگھھ ۽ ھانو ۾ ھڄندڙ رڙيون، ”آھ، آئون ٿڪي پيو آھيان. منھن نڙي سڪي وئي آھي، ڪو آھي، مون کي سھارو ڏئي.“
دور دور تائين چپ چاپ – ماٺ جي ماٺ (ڪٿان ڪوئي آواز ڪونھ ٿو اچي) ڦٿڙي سٿڙي اٿڻ جي ڪوشش (وري ڪري پوڻ) وري اٿڻ جي ڪوشش (وري ڪري پوڻ)
وري ھڪ وار اٿڻ جي ڪوشش ۽ ڪنڌ جو ھيٺ ڍرڪي وڃڻ – ڄڻ ڌنوي ڌنوي بند ٿي وڃي ٿي ساھن جي ڌمڻ – مسلسل ڪنھن پاتال م لڙھندو وڃڻ. گھور انڌو پاتل – اونھون ۽ بي انت.
ڪنھن ستاري جي روشني ڪانھي – ڪارو نڀ، ڪاري واري ڌرتي ۽ آھي ڪاريھر نانگ جيان اونداھي وات جو ڏنگيل ھڪ مسافر! ڄنگھون ۽ ٻانھون ڦھلايون ڦان ٿيو پيو آھي اوندھ جي پاتال ۾.
(الائي ھن ڏائڻ رات ڪنھن ڪنھن کي ڪٺو آ)
ھڪ وک......
ٻي وک.......
ٽين وک......
ساڳي ڀر کان. اونداھين مان وڌندو اچي ٿو پيو مسافر – من ۾ تانگھھ، نراس نيڻن ۾ آس جا ڏيئڙا. ساھن ۾ سھڪي – ڄنگھون گوڏن کان نڪتل. وک مٿان وک (منزل تي پڄڻ جي مسلسل تلاش)
۽ پوءِ اچانڪ ڇرڪي بيھجي وڃن ٿا قدم – دڳ تي اونڌي ٻوٿ پيو آھي ڪوئي لاش. مٿان لڙڪي ٿو.
اکين ۾ آس جا ڏيئڙا ۽ سيني ۾ سرندڙ ساھ (زندگيءَ ۽ موت جي جنگ)
۽ مسافر وڌي پاڻيءَ جي کلي لاس جي چپن سان لڳائي ٿو. جيئن تيليءَ سان ھوريان ھوريان روشن ٿي وڃي ٿي، اجھاڻل ڏيئي جي وٽ ۽ جگمگائجي وڃي ٿو ويران ۽ سنسان مندر ۽ وڄي پوي ٿو ھيات جو ڪٽيل ۽ ٻوڙو گھنڊ.
”آھھ..... تون ڪير آھين؟“
”تو جيان روشني جي تلاش ۾ ڀٽڪندڙ ھڪ مسافر.“
ڄڻ رني ڪوٽ جي اڏول ديوارن سان ٽڪرائجي موٽي اچي ٿو آواز.
”آھ، ائون ٿڪي پيو آھيان. منھنجي ڄنگھن ساھ ڇڏي ڏنو آھي.“
”تھ پوءِ ڇاھي ساٿي، منھنجي گوڏن ۾ تھ ساھ آھي. اچي آئون توکي سھارو ڏيان. شاباس، ھمت کان ڪم وٺ، ڪنڌ سڌو ڪر.“
(۽ ڄڻ ٻڏندڙ کي ڪنڌيءَ جي ٻوڙن جو سھارو ملي وڃي ٿو)
”آھ، ڪيڏو نھ نست ٿي ويو آھيان.“
”ھا، ڏاڍو اڻانگو آھي ھي چوھڙ جو پنڌ. اچي ھي ٻاجھر ڀور چٻي وٺ، ساھ سڌو ٿي پوندءِ، منزل ڏاڍي ڏور آھي.“
”نھ نھ، منھنجي ڄاڙھين ۾ طاقت ڪانھي. چٻي نھ چٻيندي. ساٿي تون وڃ، منزل سڏي پئي – مون کي سھارو ڏيندي ڪٿي تون بھ نھ رڻ ۾ رلي وڃين.“
”توکي رڻ ۾ ڇڏي آئون ڪيئن منزل ماڻيندس – ڏاھو ٿي، اچي ھي ٻاجھر ڀور – پاڻيءَ سان پسائي چٻ – ساھ سڌير ٿي پوندءِ - اسان گڏجي ڏونگر ڏارينداسين – منزل ڏاڍي ڏور آھي.“
۽ ٻاجھر جو چوٿو پانيءَ سان ڀور ڀور ٿي نڙيءَ کان ھيٺ لھي وڃي ٿو. (ھڪ گھرو آٿت جو ساھ)
”ڪيئن ساٿي – آھي نھ ان ايمان؟“
”ھا ساٿي، ان وڏو ايمان آھي.“
”چڱو ڪجھھ ساھ سڌو ڪري وٺ – ڏاڍو اڻانگو آھي چوھڙ جو پنڌ.“
اوماس جي ڊگھي لڙاتيل رات، ڪاريھر جيان ڪاري وات، جنھن تي ڦان ٿيل ٻھ مسافر. سيني ۾ ڌنوري رھي آھي ساھن جي ڌمڻ – اڀ جھاڳيندڙ اکيون ۽ گھري سوچ ۽ سانت.
”ڪيڏي نھ ڊگھي رات آھي. ھي اوماس جي رات – دور ڌنڌ ۾ ڪٿي ڪو ڏيئو بھ ڪونھ ٿو ٻري – ڄڻ صدين کان ھن آسمان جي ھيٺان ڪڏھن ستارو بھ ٽمڪيو ڪونھي.“
”ھا، صدين کان! چون ٿا صديون اڳي ھن اڀ جي ھيٺان ھڪ ستارو ٽمڪيو ھو – وھائوءَ کان وڌ روشن. اھو تاريخ ۾ ھن ڌرتيءَ جي اک جو پھريون تارو ھو – ھن ڌرتيءَ جي سينڌ ۾ جھومر جيان ٻھڪندو ھو، پر پوءِ......“
”پوءِ ڇا؟“
”ھڪ ندوري رات اھو ستارو ٽٽي ويو – چون ٿا، ان رات ھڪ وڏي ٺڪاو سان ڌرتيءَ جو سينو ڌڏي ويو ھو – اھو تارو ٽٽي ويل بھ ھن ڌرتيءَ تان پنھنجيون ڳارھيون چڻنگون گھوريندو، پولار جي انڌي ڪوھيڙي ۾ گم ٿي ويو.“
(۽ کن لاءِ ڦھلجي وڃي ٿي ھڪ گھري ماٺ)
”پوءِ ڇا ٿيو؟“ ھڪ گھٽيل آواز.
”پوءِ ڇا ٿيو – پوءِ سڄو مانڌاڻ مٽجي ويو – ھيءَ ڌرتي ھميشھ ھميشھ لاءِ اوندھ جي پاتال ۾ لڙھي وئي. پر خبر اٿئي ڪجھھ ماڻھو ٿا چون!“
”ڇا ٿا چون؟“
”چون ٿا انھيءَ ستاري جون چڻنگون اڃا تائين اونڌاھي پولار جي رستن ۾ گردش ڪري رھيون آھن. نئين روشني انھيءَ جي آخري چڻنگ مان جنم وٺندي، پر ھي تنھنجيون اکيون ڇو پيون ٻرن – ڇا تون روئين پيو؟“
گھٽيل سڏڪا ۽ سانت ۽ ھڪ گھرو اونھو ساھ. ”او پيارا! تو ڇو گھٻرايو آ – منھنجو تھ انھيءَ روشنيءَ ۾ ايمان آھي – انڌي پولار جي وسعتن ۾ جي اھو ستارو ٻڏي ويو تھ ڇا ٿيو. تنھنجي نيڻن ۾ تھ انھيءَ جون چڻنگون موجود آھن. ھمت کان ڪم وٺ، منزل ڏور ناھي – چون ٿا ھن چوھڙ لڪ جي پٺيان آھي، دل وارن جو ڳوٺ – اٿي ڪٿي نھ ڪٿي ڪنھن ”جھڳي“ ۾ ڪو ڏيئو ٻري رھيو ھوندو.“ من ۾ تانگھھ، نراس نيڻن ۾، ٻري پون ٿا آس جا ڏيئڙا.
”ھا ھا ساٿي، مون کي وٺي ھل – انھيءَ سپنن جي ڳوٺ ڏانھن. آئون بھ ان ستاري جيان ان ڌرتيءَ تان ڪي گھورڻ چاھيان ٿو.“
ھڪ وک...... (ھڪ ڪوشش)
ٻي وک ..... (ٻي ڪوشش)
ٽين وک....... (منزل تي پھچڻ جي مسلسل ڪوشش)
من ۾ تانگھھ، نراس نيڻن ۾ آس جا ڏيئڙا – ڄنگھون گوڏن کان اکڙيل، ھڙٻاٽيون نڪتل – اوماس جي ڊگھيءَ لڙاٽيل رات ۾ اتاھن پيچرن تان ٿڙندا ٿاٻڙندا – مسافر، ھڪ ٻئي پٺيان وڌي رھيا آھن – روشنيءَ جي تلاش ۾.