جانورن جي دنيا
ھڪ ڀيرو مان پنھنجي ماءُ سان گڏجي ڪراچيءَ پنھنجي نانيءَ جي گھر ويس. منھنجو نانو تازو ئي حيدرآباد مان بدلي ٿي ڪراچيءَ آيو ھو. ڏاڍو اديب ۽ فيلسوف قسم جو مآنھو ھو. مون کي ڏاڍو ڀائيندو ھو. ڪراچيءَ پھچڻ جي ٻي ٽي ڏينھن نانو مون کي ڪراچيءَ جو چڙيا گھر گھمائڻ وٺي ويو.
چڙيا گھر ۾ ايندي ئي سڀ کان پھرين منھنجي نظر زنجيرن سان وڻ ۾ ٻڌل ھاٿيءَ تي پئي. مون زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ايڏو وڏو جانور ڏٺو ھو. تنھن ڪري ھاٿيءَ جي ويجھو ويندي مان ڊپ محسوس ڪري رھيو ھئس. نانو شايد صحيح ڪري ويو ۽ مشڪي مون ڏانھن نھاري چيائين: ”ڊڄين ٿو ڇا؟“ مون ڪنڌ ڌڳڻي نھ ھئي. نانو مون کي ھاٿيءَ جي بلڪل ويجھو وٺي ويو ۽ چيائين: ”پٽ، ھيءُ ھاٿي آھي. دنيا جو سڀ کان وڏو ۽ عظيم جانور. ھي تمام ھوشيار ۽ امن پسند جانور آھي، تنھن ڪري ھن کان ڊڄڻ نھ گھرجي. ھي سدائين وڏن ٻيلن ۽ چراگاھن ۾ ڍنڍن ۽ ندين جي ڪناري پيو ٽلندو آھي. سڀني ننڍڙن توڙي وڏن جانورن کي پيار جي نظر سان ڏسندو آھي. سونڍ لوڏي کين سلام ڪندو آھي چوندو آھي ساري جھنگ ۾ اسان سڀني کي ھڪ جيترو حق حاصل آھي. مان پنھنجي حصي جو گاھ کائيندو آھيان، ھرڻ پنھنجي حصي جو ۽ سھو پنھنجي حصي جو. جڏھن بھ جھنگ ۾ ننڍڙن جانورن کي خطرو درپيش ايندو آھي تھ ھي سڀني جي اڳواڻي ڪندو آھي. سونڊ مٿي کڻي زور زور سان لوڏي دشمن کي للڪاريندو آھي. شينھن سندس سڀ کان وڏو ويري ھوندو آھي. سدائين لڪي مٿانئس حملو ڪندو آھي ۽ سندس ميڄالو ڪڍي کائيندو آھي.“ مون ناني جي ڳالھھ حيرت سان ٻڌي ۽ چيم: ”نانا! پنھنجي ملڪ ۾ بھ ھاٿي ٿيندا آھن؟“ منھنجي ڳالھھ تي ناني ڪجھھ سوچيندي وراڻيو: ”پنھنجي ملڪ ۾ ھاٿي سوين سالن کان پوءِ پئدا ٿيندا آھن، پر ھتي جي آب ھوا کين ڀانءِ ڪونھ پوي. جحت مريو وڃن. ھاٿيءَ جي بدران ھتي سوئر گھڻا پئدا ٿيندا آھن. انھن کي بھ ھاٿيءَ وانگي پاسن کان ڏڦا ھوندا آھن.“ مان حيرت سان ھاٿي ڏسندو رھيس. امان سچي چوندي ھئي تھ پٽ، ھاٿي پنھنجي گھر کان بھ وڏو ٿيندو آھي.
پوءِ ناني مون کي ٻانھن کان جھلي شينھن جا پڃرا ڏيکاريا ۽ چيائين: ”پٽ، ھي ٻيلائي شينھن آھي. ھي ٻئي واگھھ آھن ۽ ھي ھن پاسي واري پڃري ۾ چيتو آھي.“ مان ڪيتري دير تائين انھن خوفناڪ جانورن کي ڏسندو رھيس! ٻيلائي شينھن جي چوڌاري گوشت جا ٽڪرا پکڙيا پيا ھئا ۽ ھو ايندڙ ويندڙ ڏانھن جوھھ ٻڌي نھاري گري، پڃري جي اندران لوھون پائي رھيو ھو. ناني چيو: ”پٽ! ھي سڀ ھڪ ئي نسل جا جانور آھن ۽ پاڻ ۾ چاچا ڀائيٽيا، جھنگ جا حڪمران. ھنن جون نظرون شڪار جي ڳولا ۾ سدائين موٽر جي لائٽ وانگي پيون ڊوڙنديون آھن. سدائين پنھنجو پيٽ ڀرڻ جو الڪو ھوندو اٿن. جتي بھ ڪو شڪار ڏسندا، ڪڪر وانگي گوڙ ڪري وٺي مٿاھن رومڙ ڪندا، اک ڇنڀ ۾ وڃي نڙگھٽ مان جھليندس. سڄو رت چوسي کڻي پٽ سان اچلائيندس. ويچارن ھرڻن، ڦارھن، سھن جو تھ ھنن جي گجگوڙ کان ئي ساھ سڪي ويندو آھي.“ مان ڪيتر ي دير تائين خوفناڪ شينھن جا پڃرا ڏسندو رھيس. ان کان پوءِ ناني مون کي بگھڙن، گدڙن، رڇ ۽ چراغ جا پڃرا ڏيکاريا ۽ چيائين: ”پٽ! ھي جھنگ جا انتھائي چاپلوس، چالاڪ ۽ خوفناڪ جانور آھن. ھي سدائين شينھن جي پٺيان پيرن ۽ وزيرن وانگي ھلندا آھن. شينھن جتي بھ ڪو شڪار ڪندو آھي تھ ھي ان جي بچايل ڍونڍ ۽ ھڏن کي اچي پاسو ڏيندا آھن. ھي جانور جھنگ ۾ سدائين ڇتن ڪتن وانگي پيا لوھون پائيندا آھن. ھنن جي خوفناڪ اوناڙين ۽ آوازن کان سڄو جھنگ ڏڪي ويندو آھي. سڀني ننڍڙن جانورن جو ساھ مٺ ۾ اچي ويندو آھي.“ مان ھڪ ھڪ جانور کي غور سان ڏسندو رھيس. پوءِ ناني جي ھٿ ۾ ھٿ ڏئي اڳتي وڌيس. ناني مون کي ھڪ پڃري وٽ آڻي بيھاريو. مون غور سان ڏٺو، ھڪ وڏي چٽ ڪمري بلا ترپال وانگي ويڙھيو سيڙھيو ڪنڊلي ھنيو ويٺي ھئي. نانا صاحب چيو: ”پٽ، ارڙ نانگ ٻڌو اٿئي نھ، اھو ارڙ نانگ آھي. دنيا جو سڀ کان وڏو ۽ خوفناڪ زھريلو نانگ. ھي نانگ سدائين دولت جي تلاش ۾ ھوندو آھي. جتي بھ ڪو خزانو ڏسندو، اتي ڪنڊلي ھڻي کوپو کوڙي وھندو آھي. ھي نانڪ جڏھن بھ ڪو شڪار ڏسندو آھي، پھرين ڇپ ھڻندو آھي، جيئن شڪار ھن جي ويجھو ايندو آھي تھ ھي ڦڻ ڪڍي غار جھڙو خوفناڪ وات ڦاڙي، کنوڻ جي تيزي سان مٿس حملو ڪندو آھي ۽ اک ڇنڀ ۾ سڄي جو سڄو شڪار ڳڙڪائي ويندو آھي. ھي نانگ پنھنجي ملڪ ۾ تمام گھڻا پئدا ٿيندا آھن ۽ سڀ ٿر بر ويران ڪري ڇڏيندا آھن.“
”نانا! امان چوي ٿي، ٿر ۾ پيئڻ بلا بھ پيدا ٿيندي آھي، جا ماڻھوءَ جو ساھ پي ويندي آھي.“
”ھا پٽ، ٿر بلائن جو گھر آھي. تون وڏو ٿي انھن سڀني بلائن کي مارائي ڇڏجانءِ.“ مون ڪنڌ ڌوڻي ھا ڪئي.
ان کان پوءِ ڀولڙن جا پڃرا آيا. ڀولڙا ڏسي خوشيءَ کان منھنجيون واڇون ٽڙي ويون ۽ ناني ڏي نھاري چيم: ”نانا! ڀولڙا بھ مانھو کائيندا آھن؟“ ناني چيو: ”نھ پٽ، ڀولڙا جھنگ جا سڀ کان ھوشيار، سٺا ۽ سٻاجھڙا جانور آھن. البتھ اسڪولي بارن وانگر ٿورو شرارتي ھوندا آھن. شينھن، گدڙن، بگھڙن سان سندن اصل ڪانھ پوي. جتي بھ کيس ڏسندا، چٻرا ڏيندا. وڻن جا ٽار ڀڇي کين مٿانئن اڇلائي ھڻندا. ارڙ نانگ کي جتي بھ ڏسندا، سونٽا کڻي اچي وٺندس. ھڻي مٿو مڃ ڪري رکندس. وٺي ايڏو تھ ھل مچائيندا جو سڄي جھنگ کي خبر پئجي ويندي تھ ڪا وڏي مصيبت آئي آھي، سو سڀ پنھنجي گھرڙن ۾ لڪي ڇپي ويندا آھن.“ مان حيرت مان ناني جون ڳالھيون ٻڌندو رھيس. امان تھ اھڙيون ڳالھيون مون کي ڪڏھن بھ ڪونھ ٻڌايون.
ان کان پوءِ ناني مون کي روجھھ، اٺ پکي، زيبرا، قسمين قسمين جا سھا ۽ ھرڻ ڏيکاريا. مان ھرڻن جي ننڍڙن ٻچڙن کي ٽونٽڪيون ھڻي ڊوڙندو ۽ مائن کي ڌائيندو ڏسي خوش ٿي ويس. ناني چيو: ”پٽ، ھيءُ آھي جھنگ جو غريب نماڻو عوام. سڀ کان ھيڻو، سڀ کان ڪمزور، سدائين ويچارن کي ساھ سان لڳي پئي ھوندي آھي، نھ پوري طرح گاھ چري سگھن، نھ پاڻي پي سگھن. سدائين اڌ ڍاوا، اڌ بکيا، پنھنجي اونداھن اجھن ۾ وڃي ڊھندا آھن. ڪوبھ سندس داد ۽ فرياد ٻڌن وارو ڪونھي. ڪوبھ کين ڏڍ ڏيڻ وارو ڪونھي.“ ان ئي مھل ھڪ آواز اڀريو. مون حيرت سان ناني ڏانھن نھاريندي چيو: ”نانا! ھيءُ ڇا جو آواز آھي؟“
”پٽ، اھو مور جو آواز آھي. ھل تھ توکي مور ڏيکاريان. ھن باغ ۾ جنھن ماڻھو مور نھ ڏٺو، تنھن سمجھھ ڪجھھ بھ نھ ڏٺو.“
پوءِ ناني مون کي قسمين قسمين جي کين، ملڪ ملڪ جي ڪڪڙين، تترن، مٺن جا پڃرا ڏيکاريا ۽ پوءِ اسان مور جي پڃري وٽ اچي بيٺاسين. مور ڏسي مان دنگ رھجي ويس. ڀايان تھ ڏسانس پيو. ناني چيو: ”ھيءُ آھي مور. دنيا جو سڀ کان حسين پکي. ھي انتھائي جوشيلو ۽ شاعراڻي فطرت جو پکي آھي. شاعر سمجھين ٿو نھ پٽ؟“
”ھا، جيڪي بيت چوندا آھن، جيئن شاھھ عبداللطيف.“
”شاباس!“ ناني خوش ٿيندي چيو: ”پٽ، تيئن ھي مور جھنگ جي جانورن ۽ پکين جو شاعر ھوندو آھي. جڏھن جھنگ ۾ خوفناڪ جانورن جون ڪارروايون وڌي وينديون آھن ۽ ھر طرف جھنگ ۾ ھاءِ واويلا مچي ويندي آھي، تڏھن ھي پکي پنھنجا انڊلٺ جھڙا رنگين پر ڦھلائي اڏامندو آھي ۽ رکي رکي رڙ ڪري ايڏيون ھڪلون ڏيندو آھي، جو سڄو جھنگ گونجي ويندو آھي. ھن جي از غيبي آواز جو پڙالو ٻڌي شينھن جھڙو بي ڊپو جانور بھ ڇرڪي، ڊڄي، ڀڄي ويندو آھي.“
مون ناني جي ڳالھھ حيرت سان ٻڌي ۽ چيم: ”نانا! مور پنھنجي ملڪ ۾ بھ پئدا ٿيندا آھن.“
”ھا پٽ! مور پکي اسان جي ملڪ کي ازل کان انعام ۾ مليو آھي.“
ان کان پوءِ بھ نانو مون کي ڪيتري دير تائين باغ ۾ گھمائيندو رھيو ۽ پوءِ اسان پنھنجي گھر موٽياسين.
ان رات الائي مون کي ڪھڙي ھوا لڳي وئي. گھر پڄندي ئي مون کي تيز بخار اچي ويو. امان ۽ ناني سڄي رات منھنجي سيراندي ويٺيون رھيون. مان سڄي رات ننڊ ۾ وڦلندو رھيس. صبح جو نانو مون کي ڏسڻ آيو تھ ناني مٿس چڙھي وئي. چي: ”واھ جو ڇوڪري کي گھمائي آيو آھين. سڄي رات ڇوڪري ڇرڪ ڀريا آھن. ڍنڍ ۾ پوي تنھنجي اھا فلاسافي. مون کي ڇوڪرو مارائڻو ڪونھي. خبردار جو منھنجي ڇوڪري کي ڪيڏانھن گھمائڻ وٺي ويو آھين.“
نانو ھڪدم ھڪل ڪري نانيءَ تي چڙھي ويو. چيائين: ”وات بند ڪر، آھي گدڙ جو ڊنو آھي. رن، توکي ڪھڙي خبر. اڄ ھي ننڍو آھي، سڀاڻ ھن کي ھڪ وڏي جھنگ ۾ وڃڻو آھي. ھينئر ئي ٿو پڪو ڪيانس. سمجھينءَ؟“
”ڌوڙ سمجھيم.“ ناني ڪاوڙ مان ٻئي ڪمري ۾ ھلي وئي.
ناني مون ڏانھن پيار سان نھاري چيو: ”رات تون ڊنو ھئين ڇا؟“
”نھ، ناني غلط ٿي چوي. رات خواب ۾ مون بھ شينھن ماريا ھئا.“
”شاباس.“ ناني ھڪ وڏو ٽھڪ ڏنو ۽ چيائين: ”ھنن رنن جي چوڻ تي ڪڏھن نھ ھلجانءِ ۽ ڪڏھن بھ ڪنھن کان نھ ڊڄجانءِ.“
ان ڳالھھ کي ڪي ١٥ سال گذري ويا آھن. ھاڻ منھنجي عمر ٢٦ سال آھي. منھنجو نانو ويچارو گذري ويو آھي. ھاڻ مان ھڪ وڏي اونداھي گھاٽي جھنگ ۾ رھندو آھيون، جو سڄو خوفناڪ جانورن سان ڀريو پيو آھي. منھنجي سانڀر ۾ ئي ان جھنگ جا جيترامڙا جانور اڃا ھن سان ايترو ھريا مريا ڪونھن. خوفناڪ جانور سدائين جھنگ ۾ ڇتن ڪتن وانگي لوھون پيا پائيندا آھن. ڪڏھن اوچتو ڀولڙن ۾ ٻاڪر ڪوٽو پئجي ويندو آھي. سڀ ننڍڙا جانور، پکي ۽ پسون پنھنجي گھرڙن م لڪي ويندا آھن ۽ سڄو جھنگ سنسان ٿي ويندو آھي. ڪڏھن پي جھنگ جي ڪنھن ڪنڊ مان مور جي رڙ جو آواز ايندو آھي. سڄو جھنگ ان جي پڙالي سان گونجي ويندو آھي. ڀولڙا وڻن جي ٽارن تي چڙھي زور زور سان ھل مچائيندا آھن. مان پنھنجي اونداھي غار مان نڪري حيرت سان مور جي اڏام ڏسندو آھيان. ڍنڍ جي ڪناري کان ھاٿي سونڍ مٿي کڻي سلام ڪري، سڀني ننڍڙن جانورن کي پاڻ ڏي سڏيندو آھي، پر ويچارا سوئرن جي ڊھن جا سٽيل ھرن، ڦاڙھا، سھا، ھاٿي جي ڀر ۾ ويندي ڊڄندا آھن.