ڇپر ۽ ڇائون
”روڻيا.... ھي روڻيا...“ آواز تي ھو جھوپڙن ڏانھن مڙي نھاري ٿو. انڌي ڪالڪا ھوائن ۾ ڄڻ انڌي پريءَ جيان اڏامڻ لاءِ پر پئي سوري. کن لاءِ ھو ڪالڪا ۾ کوئجي ٿو وڃي. ھو سوچي ٿو، ڪالڪا جو جيون ڪيڏو نھ سھڻو آھي، اھڙو ئي سھڻو، جھڙي ھوءَ پاڻ آھي.
”ڪاوڙيو آھين؟“
”اون.... ھون....“ ھو پيار مان ڪالڪا ۾ نھاريندو ٿو رھي.
”اوک نان لڳي؟“
”نھ.“
”ڇو؟“
”توکي ڏسي پيٽ ڀرجي ويندو آھي.“
”سچي!“ خوشيءَ کان ڄڻ ڪالڪا جي نيڻن مان جوت ٽمڻ ٿي لڳي. ڪالڪا اڄاتل خوشين مان ھن جي وڏن وڏن وارن تان ھٿ ڦيري ٿي ۽ ھو – ھو ڪالڪا جي ٻانھيءَ ڍڪيل ٻانھن تان ڪالڪا جا ڪچڙا بغل ڏسي گھوماٽجي ٿو وڃي.
”ھي رام رام رام......“
”ڪا ٿيئي ڳيو؟“ ڪالڪا توائڙي ٿيو وڃي.
.پاپ ٿيئي ڳيو.“ ھو لڄيندو ٿي نيڻ جھڪائي ٿو ڇڏي.
”ڪوڙ ٿو ٻولين. تون ۽ پاپ! ڪيا ٻولي ھي!........“ ڪالڪا کي اعتبار نٿو اچي. ڪالڪا ھن جي ڪلھن تي ٻانھينءَ واري ٻانھن رکي، اونھو ساھ ڀري ٿي، ايڏو اونھو، ڄڻ سڄو پولار ڪين ڪن ٿي سندس وات ۾ ھليو ٿو وڃي.
”جونءَ ڪڍان؟“
”ھا، سر سر ڪر، ماٿو ڦٽتو ھي.“ ۽ ھن جي ڳالھھ تي ڪالڪا ھن جو مٿو پنھنجي ڪڇ ۾ ٿي ڪري ۽ جيئن سدائين ھن جي مٿي مان جونءَ ڪڍندي آھي، تيئن آنڱرين سان سر سر ڪري جونءَ ڳولڻ ٿي لڳي ۽ ھو آسيس محسوس ڪندي، کرڪڻا پيرن مان لاھي، سائي گاھ مٿان پير ڦھلائي ٿو ڇڏي.
”آ..... ھا.... مينارو موسم، ڪيا موسم ھي.“ ڪالڪا جي اندر مان ڄڻ پولار جون ساريون جھٽيل ھوائون نڪري وڃن ٿيون ۽ ھو، ھو ڪالڪا جي ڪڇ ۾ ڏاڍو دکي ٿي ڪالڪا جي نيڻن ۾ نھاري ٿو، جن ۾ لڙڪ ٻرندا نظر اچن ٿا.
”ڪالڪا!.... تون روئين پئي؟“
”ڇو..... ماڙھو ناھيان؟.... ھيءَ ڪھڙي موسم آھي. مون کي تھ رڳو ايتري خبر پوي ٿي تھ ڪٿي وڄ ڪري آھي. نيڻن ۾ رڳو چمڪو اپڙندو آھي، شينھن جيھي گجگوڙ سان.“ ڪالڪا جا نيڻ بس نٿا ڪن.
”ڪالڪا، سر سر ڪري زا، سٺو آھي توکي ٻي ڪا خبر نھ ٿي پوي. وڄ ڪانھ ڪرندي آھي، ڌرتيءَ تي الائي ڇا ڇا ڪرندو آھي، ڌرتي ڌبي پوندي آھي. ڪالڪا، قرآن جو سوڳنڌ، تون ڏاڍي سڀاڳي آھين. تون ڪجھھ نھ ٿي ڏسين، وڏي ڀاڳوان آھين.“ ھو ٻارڙن جيان ڪالڪا جي ڪڇ ۾ ڪرون ٿو ڀڃي، ارھن ۾ ٿونا ٿو ھڻي.
”سچ ٻڌاءِ، تو ڇا ڇا ڏسندو آھين؟ ھي رام، ڪيا جلم ڪيتو ھي، آئون تھ توکي بھ نھ ٿي ڏسي سگھان.“ ڪالڪا وري روئي ٿي پوي.
”سٺو آھي تون مون کي نھ ٿي ڏسي سگھين. آئون ڏاڍو بڇڙو ۽ بدصورت آھيان.“
”ڪيا ٻولي ھي.“ ڪالڪا چڙي ٿي وڃي ۽ ھن جي اکين، ڪنن، نڪ، ڳلن ۽ چپن تان ھٿ ڦيري ٿي ۽ نيڻن ۾ ڏاڍا موھ ڀري ٿي ڇڏي.
”ڪوڙا، خبر ٿئي مالا ڇا ٿي چيو؟“
”ڇا ٿي چيو؟“
”ٿارو ڀائيڙو انگريچ لاڳي ھي.“
”اونھن.... توکي خوش ڪرڻ لاءِ ڪوڙ ٿي ڳالھائي.“
”ڇو ڀلا، ڪوڙ ڇو ڳالھائيندي! ھن کي خبر ڪانھي ڇا، تو جيھو بھ آھين، منھنجي لاءِ منھنجو آھين.“
”آئون گندو آھيان، ڪڏھن تنھنجي سار بھ ڪانھ لھان. جڏھن سڀ ڇڏي ڀڄي ويندا اٿم تھ پوءِ تنھنجي گود ۾ اچي ڪري پوندو آھيان. آئون لالچي آھيان.“ ھو ڪالڪا جي ڪڇ ۾ ٿونا ھڻي، ڦٿڙي، ھونڀارا ھڻي روئي ٿو.
”رونا.... ھي روڻا.... ٿني سون ٿيئي ڳيو؟ وات ڪرو نا، ايم رووتو زاتو ھي.“ ڪالڪا لڙڪ ڀريل نيڻن سان ھن جو مک ٿي ڳولي پرچائڻ لاءِ ۽ ھو اڃا وڌيڪ ٿو رنڀي، ڪالڪا جون انڌيون اکيون ڏسي، ڪالڪا جو ڦاتل پڙو ڏسي، ڦاٽل ڪنجو ڏسي.
”ڪالڪا، آئون وڏو حرامي آھيان. مان تو وٽ سدائين خالي ھٿين ايندو آھيان.“ ھن جي ھڏڪي بند نھ ٿي ٿئي ۽ پيار مان لپاٽ سندس ٻوٿ تي ٺڪ ٿيو وڃي.
”ڇو، مان توکان اونچا ڪپڙا گھريا ھئا جي تو نھ آندا؟ ھي روڻيا.... جڏھن توجا ھٿ موجي ڳلن ڪلھن کي ڇھندا آھن، مان سمجھندي آھيان مون پٽ پھريو آھي. جڏھن سمجھين آئون بنھھ ننگي ٿي وئي آھيان، پوءِ ڀل وٺي اچجان. ھاڻ بس ڪر نھ“ ۽ ڪالڪا جي ڳالھھ تي ھو رنڀون گھٽي، سندس ڪڇ ۾ سڏڪندو ٿو رھي. ڪالڪا کيس چپ ڪرائڻ لاءِ کيس ڀاڪر ۾ ائين ٿي ڀري جيئن لاڏڪي ٻار مٿان ماءُ وري ويندي آھي.
”مون کي سڀ کبر آھي، ٽڪي جي عورت لاءِ ڪو روئبو آھي.“
”ڇا.....“ ھو وائڙو ٿي ڪالڪا ۾ نھاري ٿو.
”حيدرآباد ڪا ايتري پري تھ ڪانھي.“ ڪالڪا الائي ڇا سوچيندي ٿي رھي. ھن جا سڏڪا بند ٿي وڃن ٿا. ھو رڳو ڪالڪا ۾ نھاريندو ٿو رھي.
”ڇو، سڙھ ڇو ھنئي اٿئي، ھاڻ ڳالھاءِ نھ.“
ڪالڪا جو ڪروڌ ڏسي ھو ڪڇي نھ ٿو.
”الا – اکيون ھجن ھا تھ ھينئر، اتي جو اتي ستئي اشمان ستئي زمينون ھڪ ڪري، ڪن کان جھلي توجي اڳيان اچي بيھاريانس ھا. آئون بھ رزپوت آھيان.“ ڪالڪا جي اکين مان پاڻي بيھي نھ ٿو.
”تو ڪيون رووي ھي، مارو زوتي.“ ھو ڪالڪا جي نيڻن ۾ لڙڪ ڏسي سھي نٿو سگھي.
”اونٺو، ٻانٽي ٿنڊي ھووي ھي.“
”اونک نائين لاڳي ھي.“
”اونک نان لاڳي، ڏوٻلو ڏوٻلو ڪاٺي ٿيئي ڳيو ھي.“ ڪالڪا سندس ڏؤنرن، ڇاتيءَ ۽ سٿرن تان ھٿ گھمائي ۽ کيس پيار مان ٻٽ ٿي ھڻي.
”آ.....“ ۽ ٻئي روئندي ٽھڪ ڏئي کلن ٿا.
”چون ٿا، ڏاڍي ڪونجيلي آ، جيھي رزپوت راڻي.“
”مار زوتي.“ ھو ڪالڪا جي سٿرن تي ڳاٽ رکي آڪاس ۾ نھاريندي، الائي ڪھڙن سپنن ۾ کوئجي ٿو وڃي.
”رسي وئي آھي؟“
”نھ.“
”ڪڌي آھي؟“
”نھ.“
”توسان پيار ڪري ٿي؟“
”الائي.“
”ھي رام رام، ايڏو موٽو ٿئي ڳيو ھي، ٿني آکبرنا پڙي ھي!....“
”ڪوئي کبر نا پڙي.“
”ڪاٺي ڳ.ي ھي؟“
”ڪوئي خبر نا پڙي.“ ھو اشانت ٿي ڪالڪا جي ڪ ۾ پاسو ٿو مٽائي.
”بس بس، سمجھي ويس، سڄو ڏوھ تنھنجو آھي.“
”منھنجو؟“
”ھا – ڪا عورت پنھنجي پريمي ڪانھ ڇڏيندي. بس ٿورڙي ان بن ٿيئي ويندي آھي. نونڊڪي نونڊڪي ۽ ساري جيون ۾ جھر ڀرجي ويندو آھي.“
”ڪوئي ھور وات ڪرو.“ ھو بيزار ٿي رڙ ٿو ڪري.
”ھور وات؟.... آئون ڪيڙي ڳالھھ ڪريان. مون کي تھ تون بھ ڏسڻ ۾ نھ ٿو اچين. تون ٻڌاءِ نھ، آڪاس ۾ ڇاھي؟ آ ... ھا ڇا ٿڌي ٿڌي ھوا ٿي ھلي، ڇا شام ٽاڻو آھي؟“ ڪالڪا جي اندر مان ڄڻ ڌرتيءَ جي سمروي سونھن ڏکڻ جي انڊلٺ ٿي نڪري ٿي ۽ ھن جون اکيون ڏور ڏور پولار ووڙينديون ٿيون وڃن.
”ھا، شام ٽاڻو آھي.“
”ڀلا اولھھ ۾ سونا، چانديءَ جيڪا، ناسي، ڪارا ڀورا رنگ آھن؟“
”ھا ڌنڌلا، اڃا اپڙن پيا ۽ ڪڪرن جي ڏکڻ ۾ انڊلٺ آھي.“
”اندر ريکا! ڇا اھا بھ ڌنڌلي آھي؟“
”نھ، ڏاڍي چٽي آھي ۽ اڀرندي ۾ ھلڪي ھلڪي وڄ پئي کنوي، ڌنڌ آھي، ڪاري ڌنڌ!“
”ڪاري ڌنڌ!..... ڀلا مٿان ڪڪر آھن؟“
”ھا، جيئن درياھ ۾ ڇوليون ھڪ ٻئي پٺيان پيون ڇلنديون آھن نھ، تيئن ڇمر ھڪ ٻئي پٺيان اوھيرا ڪندا پيا وڃن.“
”دونھين جيان؟“
”ھا، ڇڊي دونھين جيان، ڪڪر ڪارونڀار ڪيو پيا وڃن.“
”ڌرتي سائيري ٿي وئي آھي.“
”ھا ھا، ڍورن جون ڪکيون ڀريل آھن.“
”سچ!“ خوشيءَ کان ڪالڪا جي اکين ۾ وري لڙڪ اچيو وڃن. ھوءَ اٿي ٿي ۽ اٿڻ ويل ٻانھن ھن جي ٻانھن ۾ وچڙائي کيس بھ اٿارڻ لاءِ ڇڪي ٿي.
”روڻيا – خدا سون، تون ڇا ٿو اچين، ڄڻ اکين ۾ جوت اچيو وڃي. ھانءُ ٺريو ٺريو پوي.“ ھوءَ کيس ٻانھن کان وٺي ھلڻ ٿي لڳي، ڏاڍي موھ مان.
۽ کن لاءِ ٻئي چپ چپات ھلندا ٿا رھن.
ھڪ ٻئي جي ڪلھن تي ھٿ رکيو.
”روڻيا.“
”ھون.“
”ان عورت کي ٻڌائي ڇڏ تھ منھنجي ڀيڻ ڏاڍي زيردي آھي. ڪولھڻ انڌي تڏھن بھ لک جي. رزپوت ڇورن لاءِ سڱ کٽا ڪينھن، چوندينس نھ.“
”ھون......“
”ڇو... ھون ھون ڇا ٿو ڪرين. ڊڄينس ٿو ڇا؟!.....“
”نھ، ھن جنب ۾ جي وري ٻيھر ملي تھ چئي ڏيندو سانس.“
”۽ ٻڌ، جي ھڪڙي پاسراٽي بھ ٻاھر نڪتي اٿئي تھ ماري ماري ڦناھ ڪري ڇڏيندي سانءِ. الائي ڪھڙين ڪنين عورتن سان ٿو سنگتون رکين. جي سينڌي رسي وڃي تھ مانھو ماني ٻيڻ تي کائي.“ ڪالڪا جي نيڻن ۾ وري لڙڪ تري اڇن ٿا ۽ اوچتو ھوءَ آٿڙي ٿي. ھو ھڪدم کيس سنڀالي، ڇاتيءَ سان ٿو لائي.
”الا – جي ھن جنبَ ۾ ڪرشڻ واري موٽي آيو تھ پوءِ ڪيئن ڏسندي سانس، ڇا ڏيکاريندي سانس! مون تھ روئي روئي اکيون بھ انڌيون ڪري ڇڏيون.“ ڪالڪا وري ڌوڏو ٿي کائي ۽ ھو وري سنڀاليس ٿو ۽ ڪاوڙجي ٿو پوي.
”واھ، مون کي چئين ٿي نھ رو ۽ پاڻ روئين پئي. نھ رو، نھ تھ مان بھ روئي پوندس.“ ھو لڙڪ روڪي نھ ٿو سگھي.
”روڻيا......“ ڪالڪا دور پولارن ۾ انڌي گھور ٿي اڇلائي.
”چئھ نھ.“
”اڃا شام جا رنگ بيٺا آھن؟“
”ھا – ڏاڍي سھڻي شام آھي، سونن پڙن ساڻ.“
”۽ اندر ريکا؟“
”ڪانھي، ڊھي وئي آھي.“
”روڻيا؛ سوڳنڌ کڻ، وري ان عورت لاءِ نھ روئندين.“ ڪالڪا کيس ڏاڍي ايلاز مان ڳيراٽي ٿي پائي. ڏڪڻيءَ ڀريل ڳيراٽي. ھو – ھو سنڌيا جي رنگن ۾ نھارڻ بدران ڪالڪا جي نيڻن ۾ نھاريندو ٿو رھي. نيڻن ۾ سونا ڦلا، ڳاڙھا ڏورا ۽ اونھي اونھي اڇڪاڻ. اچانڪ ڪڪر شينھن جيان ٽاڙھ ڏئي ٿو ۽ کنوڻين سان ڇمر ڄڻ وڏڦڙي سان ڇڄي ٿا پون.
”ڪونھ روئندس. تنھنجي نيڻن جو سوڳنڌ ڪونھ روئندس.“ پوءِ ٻئي ڪاري ڪڪر ھيٺ وڏي ڳيراٽيءَ سان چڪون ڀري روئندا ٿا رھن ۽ مينھن ۽ نينھن جو پاڻي ڄڻ ملي ھڪ ٿي وڃي ٿو.