جيون ڪوئي جھوٽو آھي!
- او سرتا! ڇا پيو ڦولھين؟
- ساھن جي سرھاڻ (۽ ٽڙي پوي ٿو دل جو گلاب) او ست سنڱيڻي، پيار وھيڻي سپنن جي راڻي! تنھنجو مکڙو سون سمان، تنھنجو ڌڙ ھيرن جي کاڻ، ھي چنڊ جو تيج ۽ ھي ڪڻ ڪڻ تارا، سڀ بي معنيٰ آھن. نيڻن جو ڌوڪو آھن، جو ڪجھھ آھين تون آھين – او شال جواڻي ماڻين! جوڀن جي ڦلواڙيءَ مان ڪي گل ڇنڻ ڏي...... گل ڇنڻ ڏي.......
چنڊ ٻري ٿو، نيڻ ٺرن ٿا. چنڊ ٺري ٿو، نيڻ ٻرن ٿا. ٻرڻ ٺرڻ جي راند. ڇمر جھمر آڳ بدن ۾ ۽ ڀنين وارن جا تيج ھڻي ٿو چنڊ.
- اونھھ لوڀي، ڀلا گل چونڊي ڇا ڪندين؟
- سپنن جا مھل سجائيندس. (ڪو دل جي ڳالھھ ڪري ٿو)
- ڀلا سپنا ڇا ٿيندا آھن؟
- ماضيءَ جون يادون.
- ڀلا ماضيءَ مان ڇا ملندو؟
- ساھن جي سرھاڻ.....
- ڀلا يادن کان پوءِ ڇاھي؟
- اونداھي اوماس!
- اونداھي اوماس!
- ھا، او سرتي، اونداھي اوماس!
- ..................!
۽ پوءِ ڪو نيڻ ۾ نيڻ کپائي ھيئن ٿو چوي: ”او ست سنڱيڻي، سپنن جي راڻي، ھي جيون ڪوئي جھوٽو آھي. باغن مان ڪي گل ڇنڻ ڏي..... گل ڇنڻ ڏي......“
ڇمر جھمر ۾، چنڊ ٽٻيءَ ۾، اڻ تڻ من ۾، آڳ بدن ۾، ڇنن........ نھ نھ ....... نھ نھ نھ ........ نھ ڇم....... ڄڻ جھڄي پوي ٿي پائل جي جھنڪار.
- او وڻجارا! سچ چوين ٿو، ھي جيون ڪوئي جھوٽو آھي. آئون توتان گھور وڃان، ڀل گل ڇني ٻيڙيءَ ۾ وجھھ، جھيڻو جھيڻو ونجھھ ھلاءِ ۽ يادن جا محل سجاءِ. ڇا ڇا مون کي ياد ڪندين تون!
پورنماس ندي لھرن جا لوڏا ۽ نشي ۾ ڍرڪيل رات ۽ ڪو پيار مان ڪنھن کي ھيئن سڏ ڪري ٿو: او سرتا!
- جي او جيڏي!
- ھي جيون ڇاھي؟
- سپنن جي ڦلواڙي.
- جي گل ڪوماڻجي ويا تھ پوءِ ڇا ٿيندو؟
- پوءِ بھ چانڊوڻي ايئن ئي ڇڻندي رھندي.
۽ پوءِ ٻلھار ٿي ڪوئي ھيئن چوي ٿي: ھا ھا، جيڏا سچ چوين ٿو، ھي جيون ڪوئي جھوٽو آھي. آئون توتان گھور وڃان. ڀل گل ڇني ٻيڙيءَ ۾ وجھھ، جھيڻو جھيڻو ونجھھ ھلاءِ، منھنجو تن من تو لاءِ.
ڇا ڇا مون کي ياد ڪندين تون!
تارا ڪڻ ڪڻ، ھير ڏکڻ جي، ناءُ نديءَ ۾، لھرن جا لوڏا ۽ ٻڏتر جي راند – چنڊ ٻري ٿو، نيڻ ٺرن ٿا. چنڊ ٺري ٿو، نيڻ ٻرن ٿا، ٻرڻ ٺرڻ جي راند ۽ نشي ۾ ڍرڪيل رات ۽ ڪو مدھوش ٿي ڪنھن کي ھيئن سڏ ڪري: او سرتا!
- جي او جيڏي!
- ھيءَ روپھري رات ۽ ھي لھرن جا لوڏا وسري تھ نھ ويندءِ؟
- ھيءَ روپھري رات ۽ ھي لھرن جا لوڏا ڪو وساريندو! (۽ ٺري پون ٿا، نيڻن جا نيل ڪنول)
- ڀلا اڄوڪي رات ۾ ڇاھي؟
- چانڊوڻي ڌرتي......
- ڌرتيءَ تي ڇاھي؟
- سونا ڏونگر.......
- ڏونگرن ۾ ڇاھي؟
- کير ڌارا جيئن وھي رھي آ ھڪ ندي......
- نديءَ ۾ ڇاھي؟
- ھڪڙي ناءُ.
- ناءُ ۾ ڇاھي؟
- ھڪ مسافر.....
- ھڪ مسافر!......
- ھا، ھڪ مسافر!...... (۽ مک ٿي وڃي ٿو لال گلاب)
پوءِ ڪو آنھلجھي ھيئن چوي ٿو: ”ھا ھا، او ساٿي! پاڻ ٻئي ھڪ آھيون. منھنجي ٻانھن ۾ پيھي آ. ڀل تون منھنجا ڳجھھ بھ ڳول، ڀل تون ڀري ڇڏ پنھنجي جھول. امرت پي، جڳ جڳ جي. ھيءَ روپاھين رات وري ايئن مور نھ مڙندي. ٽپڪي رھي آ روشن لار، پيھي وڃ پاتار، منھنجو تن من تو لاءِ، ڇا مون کي ياد ڪندين تون..... (۽ بوند جھٽڻ لاءِ ڄڻ سپيءَ جو وات کلي ٿو)
چنڊ ٻري ٿو، نيڻ ٺرن ٿا. چنڊ ٺري ٿو، نيڻ ٻرن ٿا. ھتڙي ڇا ڇا سپنا سرجن ٿا ۽ سرجي سرجي ڪچيءَ تند جيان ڇڄيو وڃن!
تارا ڪڻ ڪڻ، نديءَ ڪنارو، ڪتيءَ ۾ ڪنبڻي، اڍڙيل ساھ، اک آلي ۽ من ؟؟؟ ساڳيءَ ڀر کان چنڊ چڙھي ٿو.
چنڊ چڙھي ٿو، نيڻ ٽمن ٿا. چنڊ لھي ٿو، نيڻ ٽمن ٿا.
کئون ...... کئون ...... کئون ......ڄڻ اڍڙي دل جا ڦٽ پون ٿا.
- ساٿي! ڇا پيو ڳولين؟
- ساھن جي سرھاڻ (۽ پوءِ ٻوڙا لڙڪ لڙن ٿا)
- او ست سنگيڻي، پيار وھيڻي، سپنن جي راڻا! ھيءُ جڳاڻو سپنو آھي. ھي چنڊ جو تيج ۽ اڀ جا تارا، سڀ نيڻن جو ڌوڪو آھن! جوڀن ڇا ڇا جاڙ ڪري ويو..... (۽ پوءِ ڇلڪي نيڻ پون ٿا.
چنڊ چڙھي ٿو، نيڻ روئن ٿا. چنڊ لھي ٿو، نيڻ روئن ٿا، لاٽ ٻاٽ جي راند ۽ ڪو سڏڪي ڪنھن کي دل جو ڏڍ ڏئي ٿو:
- او جيڏا! تون تھ ڊڄي ويو آھين!
- ھا او جيڏي! منھنجو ساھ منجھي ٿو.
- ڏاڍو مون سان پيار ڪرين ٿو؟
- ھا او سرتي، توتي ساھ ڏيان ٿو. (۽ پوءِ سڏڪي چپ چپن کي چمن ٿا)
کئون ...... کئون ...... کئون ......کنگھھ جو کرٽو. ساڳيءَ ڀر کان چنڊ چڙھي ٿو، ھانءُ سڙي ٿو (۽ ڳلن تان لڙڪ ڳڙن ٿا)
- او جيڏا، تون تھ ڊڄي ويو آھين!
- ھا او سرتي، منھنجو ھانءُ ھڄي ٿو.
- ڇا لاءِ تنھنجو ھانءُ ھڄي ٿو؟ تو وٽ يادن لاءِ ڦول ناھن ڇا؟
- آھن، سرتي آھن....
- ڇا تو وٽ يادن لاءِ سپنا ناھن ڇا؟
- آھن سرتي آھن.....
- ڇا ڇا مون ھا پيار لٽايا – ياد اٿئي؟
- ھا او جيڏي، سڀ ياد اٿم!
۽ پوءِ سڏڪي ڪوئي ھيئن چوي ٿو: چڱو مسافر! آئون ھلان ٿي. ڇا ڇا گيت سڻايم توکي! ڇا ڇا پيار لٽايم توتان! ھاڻي ڪھڙو واس وٺين ٿو. منھنجي يادن سان دل وندرائج. ڇا ڇا مون کي ياد ڪندين تون.....! (۽ پوءِ ڪنھن جو ساھ منجھي ٿو)
کئون ...... کئون ...... کئون ...... کنگھھ جو کرٽو، رت جي الٽي ۽ ڪوئي ريھھ ڪري لاش تي لڙڪي ٿو، سڏ ڪري ٿو، چپ چمي ٿو. پويانيءَ جو واس وٺي ٿو، روئي روئي رڇ ڀري ٿو.
چنڊ ٻري ٿو، نيڻ ٽمن ٿا، چنڊ ٺري ٿو، نيڻ ٽمن ٿا. روئي روئي روڇ ڀري ٿو.
چنڊ ٻري ٿو، نيڻ ٽمن ٿا، چنڊ ٺري ٿو، نيڻ ٽمن ٿا. جيءَ اندر ۾ جھير پون ٿا.
تارا ڪڻ ڪڻ، نديءَ ڪنارو، پورنماس اڱڻ ۽ ساڳيءَ ڀر تان چنڊ چڙھي ٿو.
ساڳيو سپنو.
ڪارا ڪارا بادل، ڀنڀا ڀنڀا وار، وٽڙيل وٽڙيل روشني، اڍڙيل اڍڙيل ساھ، ڇمر جھمر ۾، چنڊ ٽٻي ۾، ارھ جو تجلو، آڳ بدن ۾..... ڇنن........ ڇنن..... ڇم...... ڇم....... پائل جي جھنڪار.
- ھي جيون ڇاھي؟
- سپنن جي ڦلواڙي.
- ڀلا سپنا ڇا ٿيندا آھن؟
- ماضيءَ جون يادون
- ڀلا يادن کان پوءِ ڇاھي؟
- اونداھي اوماس!......
چنڊ ٻري ٿو، نيڻ ٺرن ٿا. چنڊ ٺري ٿو، نيڻ ٻرن ٿا. ٻرڻ ٺرڻ جي راند.
چنڊ ٻري ٿو، نيڻ ٽمن ٿا، چنڊ ٺري ٿو، نيڻ ٽمن ٿا، لاٽ ٻاٽ جي راند.
اک آلي ۽ من پورالو. ھڪ مسافر ھيکل وياڪر، تنھا، تنھا، بيٺو سوچي: ھي جيون ڇاھي!......