سندر سپنا ڀيانڪ سپنا
مون ڏٺو، سون مياڻيءَ جا سڀ تڙ توائي ٿي ويا آھن. سمنڊ ۾ خوفناڪ طوفان اچي ويو آھي. خوفناڪ مانگر مڇ ھزارين ٻيڙيون ٻوڙي ڇڏيون آھن. ڪلاچ جو ڪن رت جون ڇوليون ھڻي رھيو آھي. ماڻھوءَ مورڙو مورڙو پڪاري رھيا آھن ۽ سڀ ٿر بر اوڀائي[2] جو گھر ٿي ويا آھن. ايءُ ڪو ڀيانڪ سپنو ناھي.
مون ڏٺو، اڄ جو ٻيجل سر تريءَ تي. ٻئي ھٿ ۾ دنبورو. نگريءَ نگريءَ، وستيءَ وستيءَ، گھر گھر، در در، بين وڄائي سر جي سين ھڻي رھيو آھي. ”ڪو آھي! منھنجا گيت ٻڌي. ڪو آھي! سر جو دان ڏئي. سارو جھونا ڳڙھ گونجي ويو آھي. ماڻھو ماڻھو سورٺ ور آھي. ايءُ راڳ جھونا ڳڙھ جلائيندو. ڪيئي ڪانڌ ڪھائيندو. ڪو تھ ممڻ مچائيندو. ايءُ ڪا ٻارن جي راند تھ ناھي.“
۽ مون ڏٺو، خوفناڪ گھمسان جي جنگ لڳي پئي آھي. ھزارين لاش وکريا پيا آھن. دودي جو سر نيزي تي ٽنگيو پيو آھي ۽ ٻاگھيءَ جي ڪک رتو ڇاڻ. گج تار تار ۽ لوئي ليرون ليڙ ٿيو پئي آھي ۽ ماڻھو ڇتن ڪتن وانگي ھن جي ڳٽن ۾ چڪ ۽ ڇاٿين ۾ رانڀوٽا ھڻي رھيا آھن ۽ ھوءَ رانڀاٽ ڪري چنيسر کي سڏي رھي آھي: چنھون.... چنھون.... چنھون.....! ڪارونجھر کان ڪينجھر تائين ھن جي رڙين جو پڙاڏو گونجي رھيو آھي ۽ مان جنگ جي ڏھڪاءُ کان چانھونءَ جي ھڪ ڪنڊ ۾ ڪنن تي ھٿ ڏيو ساھ لڪايو ستو پيو آھيان. صدين کان ٻاگھيءَ جي رڙين جو پڙاڏو منھنجي ڪنن ۾ گونجي گونجي ٻڏي ويو آھي. مان پنھنجي ساڳيءَ ڪنڊ ۾ ڪرونڊڙو ٿيو، لڪو ويٺو آھيان. ھاڻي پري پري ڏورانھين ڏيھھ کان نگر نگر جا ماڻھو مون کي ۽ منھنجي پراڻي سڀيتا کي ڏسڻ لاءِ ايندا آھن. مون کي ۽ منھنجي کنڊرن کي حيرت سان ڏسندا آھن ۽ پنھنجي نوٽ بُڪن ۾ لکندا آھن ۽ آئون پنھنجي ساڳيءَ ڪنڊ ۾ لڪو ويٺو آھيان.
۽ مون ڏٺو ھڪ ڏينھن ساڳي ٻاگھي، ساڳيو گج، ساڳيو اجرڪ، ساڳيو روپ سروپ ڪري، پنھنجي ننڍڙي ڀاءُ کي مون ڏانھن اشارو ڪري چيائين: ”دودا ادل، ھيءُ ڏس!“ ننڍڙي نينگر جي ھٿ ۾ ڪوڙو ڦٽاڪي وارو پستول ھو. مون ڏانھن حيرت سان نھاريندي چيائين: ”ادي، ھيءُ ھڏن جو پڃرو اتي ڇو پيو آھي؟“
ٻاگھيءَ چيو: ”دودا! منھنجا ڪونڌر ڀاءُ! ھيءُ ماڻھوءَ جو پڃرو آھي. شايد ويچارو جنگ جي ڏھڪاءَ کان انھيءَ ڪنڊڙيءَ ۾ ساھ لڪائي اچي ستو ھو ۽ اتيئي ڪو پٺيءَ ۾ بڙڇ وڄائي ويس جو اڃا تائين پٺيءَ جي ھڏن ۾ ڦاٿو پيو اٿس.“
دودي چيو: ”ھيءُ مرد جو پڃرو آھي يا عورت جو؟“ ٻاگھيءَ چيو: ”الائي ادا، خبر نٿي پوي. ھن جي ھٿن ۾ سراڻ ڪانھي. تنھن ڪي ھيءُ مرد نٿو ٿي سگھي ۽ ھٿن ۾ چوڙيون بھ ڪونھ اٿس، تنھن ڪري ھي عورت بھ ناھي.“
”پوءِ ڇا آھي ادي؟“
ٻاگھيءَ نفرت مان مون ڏانھن نھاريو ۽ چيائين: ”ھيءُ نھ مرد آھي ۽ نھ عورت!“
ٻار جي منھن ۾ گھنڊ پئجي ويو ۽ شرارت کان ڪوڙي پستول ۾ ڦٽاڪو ڀري مون ڏانھن تاڻي ٺڪاءُ ڪرايائين.
”آھ“ مان وڏي رڙ ڪري جاڳي پيس. پر ايءُ ڪو ڀانڪ سپنو ناھي. اھي ٺڪاءُ ڪوڙا ناھن. باھ ٿيڻ لاءِ ٻرندڙ جبل رکي رکي دکي رھيو آھي.
۽ مان پڙاڏو ٻڌڻ لاءِ ٻرندڙ جبل ڏي ويس. مون زور سان رڙ ڪري آواز ڏنو: ”ھو.... ھوھو.......“
چوڌاري جبل گونجي ويو.
مون وري رڙ ڪري چيو:
”منھنجي اندر ۾ ڄيرو آھي، مان جوالو آھيان.“
پڙاڏو پئدا ٿي ويو.
”منھنجي اندر ۾ ڄيرو آھي...... مان جوالو آھيان جوالو آھيان..... جو....ا.....لو.....آ.....“
”مان چانھون جي دڙي جو انسان جاڳي پيو آھيان.“
”مان چانھون جي دڙي جو انسان جاڳي پيو آھيان.......“
جاڳي پيو آھيان. جا ... ڳي .... پيو .... آ ...... ھيان ......
”مان موھن جي دڙي جو وارث آھيان...... ھيءَ ڌرتي منھنجي آھي.“
”مان موھن جي دڙي جو وارث آھيان...... ھيءَ ڌرتي منھنجي آھي....... ھيءَ ڌرتي منھنجي آھي.......“
”ھو......“
”ھو...... و.......“
”ھو ھو“
”ھوھو...... ھو ...... و“
”مان دودو آھيان. منھنجو سر نيزي تي ھوندو.“
”مان دودو آھيان. منھنجو سر نيزي تي ھوندو......... سر نيزي تي ھوندو........ سر نيزي تي ھوندو........“
”مان سون مياڻي جو موڙرو آھيان، مان پنھنجو ماڳ ملھائيندس.“
”مان سون مياڻي جو موڙرو آھيان، مان پنھنجو ماڳ ملھائيندس. مان پنھنجو ماڳ ملھائيندس. ماڳ ملھائيندس.“
”مان جھونا ڳڙھھ جو ڏياچ آھيان. مون کان سر جو دان وٺو.“
”مان جھونا ڳڙھھ جو ڏياچ آھيان. مون کان سر جو دان وٺو، مون کان سر جو دان وٺو...... سر جو دان وٺو.“
”مان ٿر بر جو پڙاڏو آھيان.“
”مان ٿر بر جو پڙاڏو آھيان ٿر بر جو پڙاڏو آھيان...... پڙاڏو آھيان.....“
”ھو“
”ھو..... ھو.....“
”ھوھو..... ھو.....و“
”پڙاڏا گونج گونج“
”پڙاڏا گونج....... گونج...... گونج.... گونج....... گونج..... ج......“
” گونج گونج“
” گونج..... گونج..... گونج..... ج....“
سارو جبل گونجي رھيو آ. ايءُ ڪو خام خيال ناھي. ايءُ ھڪ ديواني جو سندر سپنو آھي. باھ ٿيڻ لاءِ ٻرندڙ جبل رکي رکي، دکي دکي، گجي گجي ٺڪاءُ ڏئي ڦاٽي پوندو، برف ٿي ويندو. سڀ ٿر ڀر جل ٿل ٿي ويندا. ڪارونجھر کان ڪينجھر تائين سک جو سنڌو لھرون ھڻندو.
________________________________________
[1] ھندو پراڻن ۾ اھا اڳڪٿي ڪيل آھي تھ سنڌ تمام دنيا کان ٤٠ سال اڳي پئدا ٿي آھي ۽ ٤٠ سال سڄي دنيا کان اڳ ڀسم ٿيندي.
[2] مورڙي جي پيءُ جو نالو