مهاڳ................ڪلهه جي ياد-سُڀان جا سپنا سيوهڻ اڃا اُتي...
تاريخ ۾ سيوهڻ جو ذڪر ايئن آهي، ڄڻ رات جي اونڌاهيءَ ۾ ڪوئي هيرو جڳمڳ جڳمڳ ڪندو رهندو آهي. سيوهڻ جو حسن تاريخ ۾ زنده آهي. دنيا کي فتح ڪندڙ سڪندر اعظم جي گهوڙن جي سبنن هيٺيان اچي هن ڌرتي پاڻ کي ڌوڏيو آهي، ته ڪيترن حاڪمن سيوهڻ جا در اچي پسيا آهن. سوين سڪندر، قاسم ۽ ٻيا آيا ويا، پر سيوهڻ اڃان اُتي قائم آهي. لال شهباز جو قبو ۽ قلعو اڃا اُتي آهي سنڌو درياءِ ۽ اڙل واه اتي ئي پيا وهندا رهن. سنڌو دريا اڄ به سيوهڻ کي سلام ڪندو ٿو وهندو رهي ۽ سيوهڻ جو اتهاسرو ۽ پراچين قلعو ڪنڌ کڻي هر اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي لام کي ڏسندو پيو اچي، مشهور سياح اِبن بطوطا اڄ کان پوڻا ست سئو ورهيه سيوهڻ ڪهي آيو هو. اهو سال 1333ع جو هو سنڌ جي حڪمران ڄام فيروز خان انڙ ان وقت دهلي جي حڪمران محمد شاهه تغلق جو صوبيدار ملڪ رتن سان جنگ جوٽي رهيو هو. اِبن بطوطا، سيوهڻ جي قلعي جي ويجهو، ڪنهن مدرسي جي ڇت تان، قلعي جي عالم پناهه وٽ سنڌي جهونجهارن جا سر لڙڪندي ڏٺا هئا. سنڌ ان مهل پرڏيهي حاڪمن سان ويڙهه وڙهي رهي هئي.۽ اها ويڙهه اڄ به ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ جاري آهي.
سيوهڻ تاريخ جا انيڪ عروج ۽ زوال ڏٺا آهن. ڪڏهن سُک ڏٺو اٿس. ته ڪڏهن وري ظالم ۽ جابر حڪمرانن جو ظلم برداشت ڪيو اٿس. مغل بادشاهه شاهجهان جي مقرر ڪيل سيوهڻ جي جابر صوبيدار احمد بيگ خان جي ظلم جا قصا اڄ به اوهين تاريخ مظهر شاهجهاني ۾ پڙهي سگهو ٿا. چون ٿا هن پنهنجي هڪ ظالم ۽ سفاڪ ڀاءُ ميرزا يوسف کي ملڪ جو ڪاروبار سونپيو هو. مظهر شاهجهاني ڪتاب موجب ميرزا يوسف روزانو بيگناهه ماڻهن کي شهر سيوهڻ مان سڏائي انهن کي ڦٽڪا هڻائيندو هو. ان جي ڪري سوين مظلومن جي کل لهي ويندي هئي ۽ مظلوم جي دانهن چيخ پُڪار سان سيوهڻ جو آسمان به لڏي ويندو هو.
سيوهڻ جو قلعو اڄ به ظالمن جي ظلم ۽ مظلومن جي آهُن ۽ دانهن جو اکين ڏٺو شاهد آهي. ڪهڙي خبر يوسف ميرڪ بن مير ابوالقاسم نمڪين مولف تاريخ مظهر شاهجهاني تاريخ کي هن شهر سيوهڻ جي ڪنهن حويلي ۾ شمعدان جي روشنيءِ ۾ ويهي رقم ڪيو هو. اڄ اهو ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم ڪتاب آهي. مون کي سندس لکيل هي شعر ٿو ياد اچي.
اي بادشاهه!
ستن آسمانن جي پاڇي هيٺ
تون ئي سڀ ڪنهن جي اڀل آهين
تنهنجي ئي درد جو آسرو
سڄي جهان لاءِ ڀروسي جهڙو آهي.
چنڊ سڄي رات آسمان تي ڦرندي
تنهنجو ڏيئو ٻاريندو ٿو رهي
سج سارو ڏينهن سونهري تاج سان
تنهنجي تخت اڳيان حاضر آهي
منهنجو ڪم موتي مڙهڻ
تنهنجو ڪم قدر ڪرڻ آ
هن گنج نامي ڪيترن خزائن
جون ڪنجيون رکي ڇڏيون اٿم
جيڪو ان مان سوني ڪنجي هٿ ڪندو
اُهو ڪيترن خزانن جي طلسم کي ٽوڙي ڇڏيندو!
***
۽ 19 محرالحرام 1044 هجري بمطابق 1632ع ۾ جي شام جو يوسف ميرڪ پنهنجو تاريخي ڪتاب لکي هن ئي شهر سيوهڻ ۾ پورو ڪيو هو. مقصد اهو ته سيوهڻ جي تاريخ تي لکجي ته هوند، هي مهاڳ هڪ ڪتاب جي شڪل اختيار ڪري وڃي. طوالت جي خوف کان ڪجهه منتشر خيال ذهن ۾ اچن پيا. سيوهڻ کي ته مشهور عالم ۽ اڪبر بادشاهه جي رتن مان هڪ رتن ابوالفضل به ياد ڪيو آهي، ابوالفضل، ۽ ابوالفيضي جهڙن ڏاهن ۽ سندس والد شيخ مبارڪ جو اصل وطن به سيوهڻ ڀرسان ريل جو علائقو هو. مغل بادشاهه شاهجهان جو ولي وارث ۽ سڪيلڌو صوفي پٽ دارا شڪوهه سيوهڻ مان به ٻه ڀيرا لنگهيو هو.پهريون ڀيرو 1658ع جي آڪٽومبر ۾ ۽ ٻيو ڀيرو 1659ع جي اونهاري ۾ تڏهن سيوهڻ وٽان سنڌو درياءِ پار ڪري بلوچستان هليو ويو هو. ان مهل ساڻس گڏ زال نادرا بيگم گڏ هئي. سيوهڻ جي آسمان بدنصيب شهزادي دارا کي، بيسرو ساماني جي حالت ۾ ڏٺو هو. سيوهڻ جي صوبيدار محمد صالح ڄاڻي واڻي سندس راهه نه روڪي هئي. ڇاڪاڻ سنڌ جي اُها روايت نه هئي، ته ڪنهن مهمان جي آبرو جي حفاظت نه ڪجي. سنڌ مان صحيح سلامت نڪرڻ کانپوءِ سبي ويجهو دادر ۾ ملڪ جيون جي غداري سبب دارا گرفتار ٿي ويو. ۽ دهلي ۾ اورنگزيب جي هٿان مارجي ويو!
***
سيوهڻ قلندر جو شهر آهي. ۽ اصلوڪا سيوهاڻي پنهنجون دلي مرادون قلندر کان گهرندا آهن. هو خوشي ۾ به لال سائين کي سڏيندا آهن ۽ محرم جي غم ۾ به سيوهڻ کي ڏسندا آهن. آئون ذاتي طور تي سيوهڻ کان ڏاڍو متاثر رهيو آهيان. مونکي هتي قلندر لال شهباز جو هي غزل ياد ٿو اچي.
ترجمو:يار جي عشق ۾ هر گهڙي باهه جي مچ ۾ ئي نچان ٿو. ڪڏهن مٽي ۾ ٿو ليٿڙجان، ته ڪڏهن ڪنڊن تي نچان ٿو.
زاهد اچي ڏس، ڪيئن سندس عشق ۾ بدنام ٿيو آهيان. ڪنهن جي خواري کان نٿو ڊڄان وري بازار ۾ نچان ٿو.
هلي آءُ اي مجلس جا مطرب. سما جو شوق اچي ڏيار جو مان يار سان ملڻ جي ڌُن ۾ قلندر وانگر نچان ٿو.
مونکان خلق پُڇي ٿي ته ڀلا ايترو ڇا جي لاءِ نچين ٿوکيس جواب ٿو ڏيان ته ڪنهن اسرار خاطر نچان ٿو!
***
۽ هونئن به اها هڪ تاريخي حقيقت آهي. سيوهڻ جي ڪيترن ئي ماڻهن سنڌي ادب ۽ سنڌ جي تاريخ تي اهم ڪم ڪيا آهن انهن سمورن ماڻهن جي زندگيءَ جو احوال، سندن ڪجهه قلمي ڪاوشون، اسانجي نوجوان ليکڪ مير حاجن مير، مختلف ڪتابن مان هٿ ڪري انهن کي هڪ ئي هنڌ سهيڙي هڪ وڏو ڪم ڪيو آهي، اهو هڪ محنت طلب ڪم هو. پر هن قسم جي تاريخ مرتب ڪرڻ جو سلسلو خوش آئند آهي. مثال طور ڪيترا اهڙا ماڻهو آهن جن جو سيوهڻ سان تعلق هو، پر سندس اُن تعلق ۽ ڪم بابت اسانجي پڙهندڙن کي خبر گهٽ هوندي. پرمير حاجن مير جو هي ڪتاب پڙهي سيوهڻ جي انهن شخصيتن بابت پڙهندڙن کي خبر پاڻ پئجي ويندي.
هن ڪتاب ۾ سچ پچ ته ڪيترن عالمن جو ذڪر وڏي جاکوڙ ۽ تحقيق کانپواءِ فاضل مرتب هٿ ڪري، ڪتاب ۾ آڻي ڇڏيو آهي. مغل دور جا اهم وقائع نثر نويس، محقق، مولف شاعر، هن ڪتاب ۾ اوهانکي تاريخ جو داستان ٻڌائيندڙ نظر ايندا. ڪهڙا شاعر ۽ اديب سيوهڻ جا هئا ته انهن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ موجود آهي. ٻيو ته ٺهيو پر ميرحاجن مير، ڪيترن تي عالمن جا هٿ اکر، سندن تصويرون به هن ڪتاب ۾ شامل ڪيون آهن. ڪي تصويرون اڌ صدي کان به پراڻيون آهن ۽ ڪتابن جا عڪس به ڏنا آهن، اهو هڪ انتهائي محنت طلب، تحقيقي ۽ جاکوڙ وارو ڪم آهي، جنهن ۾ هو گهڻي حد تائين ڪامياب ويو آهي. مون کي اهو پڙهي به ڏاڍو عجب ٿيو ته سنڌي زبان ۾ پهريون ڀيرو انسائيڪلو پيڊيا لکي ۽ پاڻ پنهنجي خرچ تي ڇپرائڻ وارو شخص پروفيسر فتح الله صديقي آهي. اهو عالم به سيوهڻ جو آهي. ٻئي ڪنهن ٻوليءِ ۾ ذاتي خرچ تي ايڏو وڏو ڪم ڪندڙن جو وڏو قدر ڪيو وڃي ها. پر هن شخص جي ڪم جي تقليد سنڌي لينگوئيج اٿارٽي ته ڪئي. پر کيس سنڌ جي سرڪاري ادارن نظرانداز ڪري ڇڏيو. ان بابت به اسانکي هن ڪتاب مان ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. مجموعي طور تي هي ڪتاب سانڍڻ جهڙو آهي.
سنڌ جي تاريخ ۾ مرثيو جي فن جو چمڪندڙ ستارو سيد ثابت علي شاهه به سيوهڻ ۾ آرامي آهي. سنڌي زبان جو اوائلي شاعر قاضي قادن به سيوهڻ جو هو. حضرت ميان مير (لاهور وارو) به سيوهاڻي هو.
سنڌي ٻولي ۾ سال 1853ع ۾ پهريون درسي ڪتاب لکندڙ ديوان ننديرام مير چنداڻي ميراڻي به سيوهڻ جو هو. خود اسان جا وڏا به سيوهڻ جا هئا. اسان جي خاندان جي وڏو، ميان شيخ عالي، حضرت قلندر لال شهباز جو خاص خليفو هو. بلڪ چون ٿا ته قلندر لال شهباز کي غسل مبارڪ ميان شيخ عالي ڏنو هو. قدرت خدا جي 700 ورهيه گذري ويا آهن. پر ميان شيخ عالي جي قبر اڄ به سيوهڻ ۾ پراڻي تجر وٽ قائم آهي. اُتي ئي “تجر” منهنجي ناني ميان عبدالله قريشي جي ٺهرايل اڃا قائم آهي.
اسان جا ناناڻا ڇاڪاڻ ته سيوهڻ جا هئا. اُن ڪري امان مرحيات جي واتان سدائين سيوهڻ جون ڳالهيون ٻڌيون سين. اک ته حيدرآباد ۾ پٽيسين، پر ڳالهيون سيوهڻ جون روز رات جو امان آکاڻي ٻڌائڻ مهل ضرور ڪندي هئي. امان جو جنم به سيوهڻ ۾ 1919ع ۾ ٿيو. پاڻ، زينت چنا، عزيزالنسا قاضي سان گڏ سيوهڻ جي اسڪول ۾ پڙهي. زينت چنا، سيوهڻ جي پوسٽ ماسٽر محمد صالح چنا جي ڌيءُ ۽ پروفيسر محبوبه علي چنا جي ڀيڻ هئي. بعد ۾ بيگم زينت عبدالله چنا جي نالي سان مشهور ٿي، عزيز النسا قاضي وري مولوي فتح محمد سيوهاڻي جي ڌيءُ. جنهن جي شادي قاضي محمد اڪبر سان ٿي هئي. امان وڌيڪ تعليم حيدرآباد ۾ ڪندنمل گرلز اسڪول مان حاصل ڪئي. ننڍڙي هوندي، سيوهڻ جي سجاده نشين سيد ولي محمد لڪياري جي اهليه محترم مرحيات جيجي گلڻ ماءُ کيس نپايو هو. اُها خاتون وري حڪيم محمد زمان عباسي جي ڌيءُ هئي. سندس ٽيئي ڀائر هر هڪ خان بهادر ڊاڪٽر عبدالعزيز عباسي حيدرآباد جي پرتاب محل وارو، غلام محي الدين عباسي چيف انجئنير ڪوٽڙي بئراج ۽ حڪيم غلام قادر عباسي ڪراچي وارو، پنهنجي وقت جا مشهور ماڻهو هئا. تنهن کان سواءِ سيد گُل محمد شاهه لڪياري ۽ سيد وريل شاهه سبزواري سيوهڻ جي سڃاڻپ طور اسان ننڍڙي هوندي اکين ڏٺا. ۽ وڏي ڳالهه ته اُن وقت جي سيوهڻ جي رهاڪن ۽ مکيه خاندانن جو پاڻ ۾ مائٽن جهڙو رستو هوندو هو. امان مرحيات جي والد ميان عبدالله خان جو سيد ولي محمد شاهه لڪياري ۽ سيد علي انور شاهه سبزواري سان دلي رستو هوندو هو. اسان جو مامو گُل محمد، سيد وريل شاهه سبزواري سان ٿڃ شريڪ ڀاءُ هو. امان کي وري سائين موٽيل شاهه سبزواري به ڌيءُ ڪيو هو. اُهو سيوهڻ سچ پُچ ۽ ڪنن ٻڌل، اڄ موجود ڪونهي يا جنهن زماني جي ڳالهه پيو ڪريان اهو زمانو 1920ع کان پوءِ جو آهي.
ان کان سواءِ سيوهڻ جو تاريخي بندر به سوين سال اڳ ملڪا ملڪ مشهور هو. پر سيوهڻ جي ڍڪ بازار”اصل بازار” ورهاڱي کان پوءِ برباد ٿي وئي. چون ٿا ته اُها سموري ڊگهي ۽ شاهي ڍڪ بازار هوندي هئي. اُن ۾ سونارن جا هٽ هوندا هئا. سيوهڻ جي سونارن جي، مشهور آرڪيالاجسٽ مجمدار به پنهنجي ڪتاب ۾ واکاڻ ڪئي آهي. هر پاسي جا ماڻهو سيوهڻ وکر وٺڻ لاءِ اُتي ڪهي ايندا هئا. هندو ۽ مسلمانن جو پاڻ ۾ قرب هوندو هو، امان جي ڪٽنب جو مسلمان سان گڏوگڏ قانونگن، ميراڻين، لالواڻين، بجلاڻين، ڀُٽاڻين، سان مائٽن جهڙو رستو هوندو هو. سيوهڻ ننڍڙو پر محبت ڀريو شهر هوندو هو. قاضين، سيدن ۽ قريشين جي پاڻ ۾ مائٽي هوندي هئي. سيوهڻ ۾ ان وقت به ميونسپل ڪميٽي هوندي هئي جڏهن دادو اڃان دادو نه ٿيو هو. سيوهڻ ۾ قلندر جو ميلو ٽن ڏينهن وارو، ان قديم ميلي جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ پهرئين ميندي گُل محمد شاهه لڪياري وارا ڪڍندا هئا. ٻي ميندي ميراڻي موهن لال وارا، ۽ ٽي ميندي قانونگن جي طرفان ڪڍي ويندي هئي. شام جو قلندر جو مقبري آڏو پراڻي علم وٽ “ٽونٽا”، (فٽاڪا) ڇوڙيا ويندا هئا. مون کي اُهو زمانو ياد آهي. اسين ننڍڙا آهيون. سيد گل محمد شاهه واري حويلي جي ڇت تان پيا اُهو منظر ڏسون. سامهون قديم آنگاس جي بيرڪ هوا ۾ ڦڙ ڦڙ پئي ڪري. هيٺ سوين ماڻهو بيٺا آهن. ٽونٽا پيا ڇوڙين. هر ماڻهو اُنهن ڦلجهڙين کان بچڻ جي ڪوشش پيا ڪن.سامهون شينهن واري ڪافي ۽ ٻين ڪافين تي عورتن جا هجوم آهن. امان سان گڏ اسان جو ماسيون هر هڪ ناني امان ماسي بصران، ماسي عيسل، ادي سارُل اسان جي ماسات ۽ اسان جي وڏي ماسي الهبچائي، پُڦي صابل، امان جي ساهيڙي مراد ماءُ ۽ ٻيون ڪيتريون خواتين گڏ آهن. پوءِ قلندر جي ميندي اچي لنگهي ٿي. اڳيان صوفي فقيرن جو ٽولو. سندن اڳواڻي سيد گنمبل شاهه (ٽلٽي وارو) پيو ڪري، يڪتارن، دهلن ۽ شرناين سان اهو جلوس قلندر جي صحن ۾ ٿو داخل ٿئي. ڪجهه دير ۾ رات جو سيوهڻ شهر جا ڏئيا ٻرڻ لڳن ٿا. تڏهن اڃان سيوهڻ ۾ بجلي ڪانه هئي. صبح جو قلندر جي مزار تي گينڊي جي گلن جو ڏيک. قلندر جي اڱڻ ۾ شام جو ڪيترن ڳائڻن جي ڳائڻ جا مڌر آلاپ ۽ صبح جو سيد نادر شاهه پٺاڻ جي آمد. اسين هن کي ڏسندا ٿا رهون. يا شام جو فقير لالداس جو اچي لال سائين تي ڏيئا ٻارڻ. جو اها هن جي ڊيوٽي آهي.
اڄ اهو سيوهڻ الائي ڪيڏانهن هليو ويو ۽ پراڻا ماڻهو به باقي نه رهيا جن جون دليون محبت سان ۽ قرب سان پيون مرڪنديون هيون. هڪ ڀيري سيوهڻ آياسين ته قلندر جي مئنيجر اوقاف سيد اسدالله شاهه وٽ اچي رهياسين. امان وارا سندس گهر ۽ اسين وري رات جو ساڻس گڏ شينهن واري ڪافي ۾ وڃي سمهندا هئاسين. جڏهن گلڻ ماءُ کي خبر پئي ته امان تي ڪاوڙجي پئي. امان وڃي پرچايس ٻئي. ڏينهن اسانجي دعوت لاءِ ڪچو سيڌو گوشت، گيهه، چانورن سميت اسدالله شاهه جي گهر ڏياري موڪلايائين. منهنجي خيال ۾ ويهارو ماڻهن کان وڌيڪ سيڌو هو. اڄ اهڙا ماڻهو ڪٿي رهيا آهن. هنڌ اهي ئي آهن پر ماڻهن ڪنهن ٻئي ديس ۾ هليا ويا.اُڏام ٿي ويا.ماڳ ۽ مڪان ۽ مڙهيون پيون ڀان ڀان ڪن.
اسانجو مامو مرحوم به سيوهڻ ۾ ڄائو. اُتي ئي پڙهيو. پر جڏهن اسانکي سيوهڻ وٺي هلندو هو، ته حڪيم محمد مراد صديقي، سيد وريل شاهه سبزواري، ميان نور محمد مغل ۽ کڏ محلي وٽ هڪ ڳاڙهين پڪسرين سرن سان ٺهيل ماڙي ۾ رهندڙ ريجهو مل سان ضرور ملاقات ڪرائڻ لاءِ هلندو هو. ريجهو مل ورهاڱي کانپوءِ به وطن ڇڏي نه ويو، شام جو انهي شاندار ماڙي جي آڏو ڪرسيون وجهي ويهندو هو. اها ماڙي هاڻ شايد نه رهي آهي. جو سندس مرڻ کانپوءِ اهو گهر به قبضي هيٺ اچي ويو آهي. جئين اسانجا اباڻا گهر هاڻ قبضي ڪندڙن وٽ آهن.
ان کانسواءِ قلندر لال جي مقبري پويان، سوني در کان پرڀرو روڊ تي مولچند جو مڪان مون کان ڪڏهن نه ٿو وسري، مولچند به ورهاڱي کانپواءِ سنڌ نه ڇڏي. سندس اُهو گهر يا مڪان ڏاڍو سهڻو ٺهيل هوندو هو. چئني پاسن کان اُن گهر جو ڪاٺ جو شيڊ ٺهيل هوندو هو. شاندار شخصيت جو مالڪ، اچي ننڍڙي ڏاڙهي، مڇون، اڇا اجرا ڪپڙا ڳالهيون ڏاڍيون عالماڻيون.
يا وري مامو مرحوم سندس گهر آڏو ٺهيل سندن اباڻي مسجد ۾ ٽپهرن جي نماز ضرور پڙهندو هو. ان کانسواءِ اسانجو مائٽ علي محمد ساگر سيوهاڻي مونکان نٿو وسري. سيوهڻ ۾ سندس پڪوڙن جو دڪان هوندو هو. پر سندس گفتگو ڏاڍي موهيندڙ هئي. اسان سان ملندو هو ته اسانجي والده لاءِ چوندو هو. “منهنجا همشيره محترم کي ادب ۽ نياز چئجو!” اسين ڏاڍو عجب کائيندا هئاسين ته هي شخص ڪيڏو نه سٺو ٿو ڳالهائي. بعد ۾ بابا مرحوم ٻڌايو ته علي محمد شروع ۾ عليڳڙه پڙهڻ ويو هو. بعد ۾ ڪا سرڪاري نوڪري به ڪئي هئائين. پر پڇاڙي ۾ پڪوڙن جو دڪان کوليو ويٺو هوندو هو. سٺو شاعر به هو ۽ قلندر شهباز جو وڏو عقيدت مند هو. اُن کانسواءِ سيد گل محمد شاهه لڪياري مرحوم جو خاص خدمتگار مرحوم ڦوٽو مشالعچي به اسانجو خانداني دوست هو.
سائين عزت علي شاهه به اسان سان پراڻا ناتا نڀائيندو رهيو. يا وري سيد محمد مراد شاهه لڪياري، سيد صادق علي شاهه سبزواري، سندس ڀاءُ سيد حاجن شاهه سبزواري، سيد حاجن شاهه لڪياري، سيد جئيندل شاهه آراضي وارو، سيد شاهه محمد شاهه لڪي شاهه صدر جو سجادهه نشين، محبوب علي چنا، سيد ناٿن شاهه لڪياري، سيد پنجل شاهه لڪياري، سيد غلام عباس شاهه باجاروي، سيد نصير محمد شاهه، سيد غلام حسين شاهه آراضي وارو. قاضي خدا بخش، قاضي محمد صادق، فقير لالا داس، هن جو ننڍو ڀاءُ فقير ايسرداس، ڪوڙل شاهه سيد غلام حسين شاهه مرحوم. ڪجهه نالا ياد آهن. ڪجهه وسري وياآهن ۽ ڪجهه امان وٽ ايندڙ خواتين بچايو ماءُ، حاجو عمراڻي، ناني امداد ماءُ، ستارو ماءُ، مقبول ماءُ، .
سيوهڻ ننڍڙي هوندي وڃڻ جو پروگرام ٿيندو هو. ڄڻ اسان لاءِ عيد اچي ويندي هئي صبح جو اسر مهل ڪوٽڙي مان پسينجر ٽرين ۾ سيوهڻ وڃبو هو. لڪيي جي درگاه وٽان ريل ڀرمان ۾ لنگهندي هئي، دري مان جبلن ۽ درگاه جي اڇي مقبري کي ڏسبو هو، ۽ امان دعا گهرندي هئي.
شاهه صدر
نيڪ نظر
محموداڻي مير
پاڻ پڏائين
ڏونگر ڏارين!
سيوهڻ ۾ پهچندا هئاسين ته لال سائين جي قُبي کي ڏسندي ئي چوندي هئي.
قلندر لال
مان ته آئي آهيان
ڏاڍا ڏونگر ڏوري!
پوءِ پهرئين حاضري قلندر تي ۽ پوءِ ميان شيخ عالي جي قبر تي، ان کانسواءِ بو دلي بهار، ۽ ڇُٽي امراڻي جي درگاهه يا اباڻي مقام ۽ تجر ۾ ضروت هلندي هئي.
ڪو وقت هو جو سيوهڻ جو اسين ڀيرو ضرور ڪندا هئاسين. امان سان گڏ 27 رجبي لال سائين جي ميلي ۽ محرم جي ستين ۽ اٺين تاريخ.
بعد ۾ امان پيريءَ سبب سيوهڻ اچڻ ڇڏيو ته ادا وڏو ممتاز علي قريشي، چنڊ جي هر جمعي رات تي پنهنجي اوپل موٽر ۾ اسانکي سيوهڻ وٺي هلندو هو. پهرئين شاهه صدر لڪي، پوءِ سيوهڻ قلندر سائين جي مقبري تي، واپس منجهند جي ماني لڪيءَ ۾ سيد ناٿن شاهه، سجاده نشين لڪي شاهه صدر وٽ کائبي هئي. تڏهن انڊس هاءِ وي به ننڍڙو هوندو هو. رات جو دير سان موٽبو هو. امن امان جون حالتون سڻايون هونديون هيون. آمري کانپوءِ ٻيلو گهاٽو هوندو هو. رات جو ٿڌ ۾ هوا وڻن مان لنگهندي پيرن اچي اسانکي لڳندي هئي. مٿي آسمان تي هزارين تارا به اسان سان گڏ سفر پيا ڪندا هئا.
***
سيوهڻ جون هزارين يادگيريون آهن. سيوهڻ جو تاريخي محرم به سموري ننڍڙي کنڊ ۾ پنهنجي منفرد قسم جو هوند هو ۽ آهي. ڇا ذوالجناح کي سينگارينداآهن. ڇا تابوت ۽ سيج اٺن تي نغارا. اڳيان گجگاهه علم، ڄڻ جنگ جي ميدان ۾ ڪوئي لشڪر ويڙه تي ويندو هجي. ڪٿي پڙهيو هوم ته ننڍي کنڊ ۾ محرم جي تقريين جي شروعات سيوهڻ کان ٿي. سيوهڻ کانپوءِ لکنو ۽ امروه جو محرم تقريبون هڪجهڙيون هيون.
اهو سيوهڻ، اڄ معدوم آهي. هڪ ڀيرو دوست جمال ميراڻي سان گڏ سال 1981ع ۾ سڄو شهر گهمڻ نڪري پيو هوس. محمد مراد صديقي اسان کي پنهنجو مائٽ گڏ ڏنو هو. اسان مخدوم بصرالدين صديقي مرحوم جي قبر جي ڳولا پئي ڪئي سين. سيوهڻ شهر جي مٽي ڇاڻي شام جو قلعي ريسٽ هائوس پهتا هئاسين. ريسٽ هائوس جي اڳنڌ ۾ ٺهيل ٿلهي تي ڪرسيون وجهائي ويٺاسين. سياري جي شام آهستي آهستي سيوهڻ جي مٿان ڪنهن غنيم جي لشڪر جيان ڇائنجندي پئي ويئي. پريان قلندر لال شهباز جي مقبري تان نغاري وڄائڻ جو آواز گهڙيال ۽ گهنڊ وڄڻ جو آواز شام جي سناٽي ۾ ٻڌڻ ۾ پئي آيو. ۽ پريان اولهه ۾ سنڌو درياءِ ۾ ڪجهه ٻيڙيون خبر ناهي ڪيڏانهن پئي ويون گهڙيءَ ۾ سيوهڻ جي آسمان تي 16هين تاريخ جو چنڊ اچي سامهون بيهي رهيو، اهو تمام سڪ منظر منهنجي ذهن جي ڪُنواس تي بيٺو آهي، ڪڏهن ڪڏهن پراڻن ڪتابن مان، امان جي نالي موڪليل سندس ساهيڙي مراد ماءُ (سائين گل محمد شاهه سجاد نشين درگاهه قلندر شهباز جي اهليه محترمه) جا پراڻا عيد ڪارڊ ڏسندي اهو پراڻو سيوهڻ ياد اچي ويندو آهي ۽ هاڻ دوست مير حاجن مير جي لکيل ۽ مرتب ڪيل سيوهڻ جون ادبي شخصيتون، ڪتاب جو مسودو پڙهي سيوهڻ ياد اچي ويو. قديم سيوهڻ ۽ انجا ماڻهو ياد اچي ويا. پير حسام الدين شاهه راشدي ياد اچي ويو 1971 ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ سيوهڻ جي تاريخ جاماخذ ڳولڻ لاءِ سيوهڻ جي قبرستانن مقبرن هنڌ ۽ ماڳن جي خاڪ ڇاڻي رهيو هو. غلام رباني آگرو ساڻس گڏ هو. سيد صادق علي شاهه سبزواري جي اوطاق تي مير معصوم بکري جي سوانح حيات لکڻ لاءِ کائنس مير ڪلان ۽ کاٻڙوٺي سيدن جو شجرو وٺي رهيو هو. ڪئميرا ساڻس گڏ هئي ۽ هن سيوهڻ جي پراڻن مقبرن، قبرن ۽ ماڳن جا فوٽا پاڻ ڪڍيا هئا.
يا وري سيوهڻ ۾ سيد نصير محمد شاهه جي اوطاق تي بزم صوفياءِ سنڌ جي جو نومبر 1966 ۾ ٿيل جلسو. شاهه صاحب محترم جي ايم سيد جو پڙهيل خطبو. پنهنجي وڏي ڀاءُ ممتاز علي قريشي مشتاق علي قريشي، سيد شاهه محمد شاهه ، ڪامريڊ محمد عمر، سان گڏ اُتي ويٺا آهيون. يا ان کان به اڳ گهڻو اڳ سيد گل محمد شاهه جي اوطاق تي قلندر جي ميلي جي موقعي تي ٿيل راڳ جي محفل ۾ استاد بڙي غلام علي خان جو راڳ برقي گولن جي روشني ۾ ويٺا ٻڌون، ڪاش ماڻهو جون اهي سڀ يادگيريون ۽ گذريل زمانو موٽي اچي. فقط هڪ ئي ڀيرو ماڻهو پنهنجي پراڻي زماني ۾ ڪنهن سگهه سان واپس هلي ۽ وري موٽي اچي.
سيوهڻ جي ادبي شخصيتن جي عنوان سان اسان جي دوست، ۽ نوجوان شاعر مير حاجن مير، هي ڪتاب ڏاڍي محنت سان ويهي مرتب ڪيو آهي. تحقيق ڪئي اٿس. قلندر لال شهباز کان وٺي مولانا ضيائي سيوستاني قاصي قادن، محمد جعفر بوبڪائي، حڪيم عثمان بوبڪائي، مُلا محب سنڌي، شيخ مبارڪ، فيضي، ابوالفضل، حيڪم فتح محمد سيوهاڻي، حڪيم محمد زمان عباسي. قاضي عبدالمجيد عابد، بيگم زينت چنا، گورڌن محبوباڻي، پروفيسر محبوب علي چنا، ٻيون ڪيتريون ئي اهم شخصيتون ۽ هن دور جي زندهه شخصيتن بابت احوال ڏئي، سيوهڻ جي ادبي تاريخ ويهي لکي آهي. هن محنت تي سندس واکاڻ ڪرڻ واجب آهي، مير حاجن مير پاڻ هڪ جاکوڙي ۽ علم و ادب سان عشق ڪندڙ آهي. هي ڪتاب سندس اُن ادب دوستي جو ڀرپور مثال آهي. سيوهڻ ۾ پروفيسر فتح الله صديقي، نظير حيات سيوهاڻي، پروانو سيوهاڻي، مير حاجن مير، خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي، گل سيوهاڻي ۽ ٻيا اڄ به ادبي شمع ٻاريندا پيا هلن. سنڌي ادب جي جوت جاڳائيندا پيا اچن. الله سائين سندن اهو جذبو قائم رکي.
مدد علي سنڌي
ڪلفٽن ڪراچي
(1 جولاءِ 2014ع)