شخصيتون ۽ خاڪا

سيوهڻ جون ادبي شخصيتون (تحقيق)

هي ڪتاب “سيوهڻ جون ادبي شخصيتون” شاعر ۽ ليکڪ مير حاجن مير جو تحقيقي پورهيو آهي.
هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر دڙو پاران 2014ع ۾ ساحل پرنٽرس وٽان ڇپايو ويو. لک ٿورا سائين يوسف سنڌيءَ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏني ۽ مهربانيون مير حاجن مير جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سيوهڻ جون ادبي شخصيتون (تحقيق)

گورڌن محبوباڻي “ڀارتي” (ولادت 1929ع، وفات 2010ع)

گورڌن محبوباڻي جو تخلص “ڀارتي” ولد آسومل محبوباڻي لوهاڻو، سندس جنم 13 جنوري 1929ع تي ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ ۾ ٿيو پرائمري تعليم سنڌ مان حاصل ڪيائين. بي اي آگرا يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. گورڌن محبوباڻي جو ڪيترين ئي ادبي تنظيمن سان تعلق رهيو. سندس شاعري ۾ استاد نارائڻ شيام هيو. “گورڌن محبوباڻي جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. انهن مان ڪجهه نالا هي آهن: 1 عمر ماروي (هندي ڊرامو) 2 گل ۽ مکڙيون (شاعري)، 3 پيلو چند لال داغ (ڪهاڻيون) 4 اٺا مينهن ملير تي (گيت)، 5 طوفاني رات (ناٽڪ)، 6 لاتيون (انعامي ڪتاب ٻارن جا گيت)، 7 نئين بستي (انعامي ڪتاب ٻارن لاءِ آکاڻيون)، 8 پانڌي پراڻو واٽ نئين (ڪهاڻيون).
گورڌن محبوباڻي “ڀارتي”کي هندستان سرڪار جي وزارت تعيلم پاران ٻارن جي ادب تي 1957ع، 1962ع 1966ع، واسواڻي ايوارڊ، قومي گيتن جي سلسلي ۾ آل انڊيا ريڊيو کان ايوارڊ ملي چڪا آهن. هو سال 2010ع ۾ اجمير شهر (هندستان) ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سنڌي غزل جي اوسر ۾ ڊاڪٽر اياز قادري لکي ٿو. گورڌن ڀارتي جي شاعري انهن ارڏن شاعرن مان هڪ آهي، جن شاعري ۾ نواڻ جو رنگ ڀريو آهي. گورڌن جي غزلن ۾ نئون رنگ نمايان آهي. هو دل جي زخمن کان زياده جهان جي دک جو ذڪر ڪري ٿو. هو داخلي الجهنن بجاءِ خارجي حالتن کي وڌيڪ بيان ڪري ٿو. جو ڏسي ٿو سو ٻڌائي ٿو. هن جي غزلن ۾ گلن جي نزاڪت بجاءِ گلن جي ڪنڊن واري تيزي ۽ تکائي آهي.” سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
تون بيقرار دلين کي قرار ڏيندو وڃ،
نه جن کي پيار مليو تن کي پيار ڏيندو وڃ.

چپن سان لال ڳلن تان گلاب چونڊ اچي،
پسي گلي کي به ٻانهن جو هار ڏيندو وڃ.

يقين “ڪلهه” جو ڪٿي؟ ڀروسو سڀان جو ڪٿي،
اسان کي “اڄ” جو رڳو اعتبار ڏيندو وڃ.

سڪن ٿا توکي ڏسڻ لاءِ جيڪي سالن کان،
انهن کي عمر سڄي انتظار ڏيندو وڃ.

سکن جو نور نه يا راهت جي روشني نه سهين،
ڏکن جي ڌوڙ، غمن جو گبار ڏيندو وڃ.

اسان جي درد جي تو وٽ نه جي دوا آهي،
اُداس، روح جگر داغدار ڏيندو وڃ.