شخصيتون ۽ خاڪا

سيوهڻ جون ادبي شخصيتون (تحقيق)

هي ڪتاب “سيوهڻ جون ادبي شخصيتون” شاعر ۽ ليکڪ مير حاجن مير جو تحقيقي پورهيو آهي.
هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر دڙو پاران 2014ع ۾ ساحل پرنٽرس وٽان ڇپايو ويو. لک ٿورا سائين يوسف سنڌيءَ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏني ۽ مهربانيون مير حاجن مير جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سيوهڻ جون ادبي شخصيتون (تحقيق)

ملو محمد هاشم (ولادت 1855ع کان پوءِ)

ملو محمد هاشم ڳوٺ بختيارپور تعلقي سيوهڻ جو رهاڪو هو. پاڻ مرثيه جو سٺو شاعر هو. سندس هڪ لولي “ري اصغر ڪنهن کي ڏيان لولي “بيحد مشهور آهي. ان جون مصرائون غم ۽ ڏک سان ڀرپور آهن. ملو محمد هاشم ۽ گل محمد لنجار هڪ دور جا ۽ هڪ ٻئي جا پاڙيسري به آهن، “گل محمد لنجار جو پوٽو عبدالرحيم ٻڌائي ٿو اسان جو ڏاڏو ڳالهه ڪندو هو ته ملو محمد هاشم اسان جي ڳوٺ جا، روز بختيارپور مان اچي، ٻار پڙهائيندو هو. پاڻ شاعري به ڪندو هو، هڪ دفعي اها لولي کڻي ڏاڏي کي ٻڌائڻ آيو هو.” ملو محمد هاشم پنهور خاندان جو هو سندس جنم 1855ع کان پوءِ ٿيو آهي. سندس وفات جي تاريخ جي خبر نه پئجي سگهي آهي. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

جڏهن علي اصغر کي ڪٺل ڏٺو ماءُ،
ويتر جيءَ ۾ جنهن کي درد دکيو ماءُ،
تڏهن ڪري پٽ تي روئي چيو ماءُ،
ريءَ اصغر ڪنهن کي ڏيان لوڏي مان لولي.
بي بيءَ بانوءَ ورتو ور کان اصغر،
هنج ۾ ويهاري پنهنجي، ننڍڙو نينگر،
چيائين کڻي اصغر سو دل جو دلبر،
ريءَ اصغر ڪنهن کي ڏيان لوڏي مان لولي.
ڪيائين ڏسي اصغر ڏي، درد مان دانهون،
اندر منجهان آزار ٿي ڪيون آنهون،
چيائين جيڪس منهنجون وينديون واهون،
ريءَ اصغر ڪنهن کي ڏيان لوڏي مان لولي.
اصغر منهنجو ننڍڙو سلڙو سُسي پيو،
اڪبر منهنجو قابل ڪونڌر ڪسي پيو،
روئان تن لاءِ منهنجو پاند پسي پيو.
ريءَ اصغر ڪنهن کي ڏيان لوڏي مان لولي.
جانب اصغر ته جواني نه ماڻي،
صدقي ڪيو پيءُ تان سر گهرندي پاڻي،
وهم انهيءَ سوز ۾ آهيان وساڻي.
ريءَ اصغر ڪنهن کي ڏيان لوڏي مان لولي.
ڪان هڻي ڪيئن دشمن جان جدا ڪئي،
اصغر اڄ کان پاڻيءَ جي ته صدا ڪئي،
رب جي رضا سر تي سٺئين جيڪا خدا ڪئي.
ريءَ اصغر ڪنهن کي ڏيان لوڏي مان لولي.
اصغر منهنجو ننڍڙو ناحق ماريو،
ڪنهن نه تنهن کي هڪ ڍڪ پاڻي پياريو،
سور سڄڻ جي اهڙي مون کي ساڙيو.
ريءَ اصغر ڪنهن کي ڏيان لوڏي مان لولي.
ناحق ٻچڙو منهنجو رت ۾ ٿيو تر،
لعل رتل لهوءَ ۾ آيو گهمي گهر،
شال نه ٿئي دشمن سان اهڙي ڪا پر.
ريءَ اصغر ڪنهن کي ڏيان لوڏي مان لولي.

اصغر منهنجي ننڍڙي ڏوهه نه ڪيو هو،
جيڪس تنهن کي ننڍڙي موت لکيو هو،
تڏهن تارونءَ مان تنهن جي تير لنگهيو.
ريءَ اصغر ڪنهن کي ڏيان لوڏي مان لولي.
منهنجو ٻچڙو اڳهين اُڃ اُساٽيو،
ويتر تنهنجو دشمن ڪنڌڙو ڪاٽيو،
هاءِ اکيون ٻوٽي اڄ آهي اٻاٽيو.
ريءَ اصغر ڪنهن کي ڏيان لوڏي مان لولي.
اڪبر لاءِ ڀيڻ سڪينا ته سڪي ٿي،
سوز منهنجا سينو ڪٽي هيئن چوي ٿي،
اصغر جي سور انهيءَ سڙي ٿي.
ريءَ اصغر ڪنهن کي ڏيان لوڏي مان لولي.
“هاشم” ماتم کان هت ماٺ ڪري ٿو،
آل نبي جي سڪ ۾ روز سڪي ٿو،
اصغر جو اَجل ٻڌي هئين چوي ٿو.
ريءَ اصغر ڪنهن کي ڏيان لوڏي مان لولي.