لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڙي آخاڻ

پھاڙي ٻولي، گهڻي ڀاڱي، پاڪستاني پنجاب جي ڪجهہ علائقن سميت، آزاد ڪشمير ۽ ڀارت جي انتظام ھيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سوڌو ھماچل پرديش ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، ۽ ڄڻ تہ ٻن ملڪن ۾ پکڙيل آھي. عبدالوھاب سھتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ھيءُ ڪتاب جوڙڻ ۾، ڊاڪٽر محمد صغير خان جي ڪتاب ”پہاڑي کہاوتيں: آخان“ (۲۰۰۲ع) ۽ محبت حسين اعواڻ جي ڪتاب ”مري، گليات ني پہاڑي بولي چ ’آخان‘ متان، ٹچکراں طہ سياننيان“ (۲۰۰۹ع) تان مدد ورتي آھي.

Title Cover of book پھاڙي آخاڻ

انتساب

ھن ڪتاب جي تياريءَ ۾ ڊاڪٽر محمد صغير خان صاحب جو لکيل ڪتاب ”پھاڙي ڪھاوتين: آخان“ ۽ محبت حسين اعوان جو ڪتاب ”مري ۽ گليات جي پھاڙين ۾ ڳالھايا ويندڙ آخان: پھاڪا، چوڻيون ۽ محاورا“ گھڻو معاون ۽ مددگار رھيا. 

جيڪڏھن اھي ٻئي ڪتاب سامھون نه ھجن ھا ته ھوند ھيءُ ڪتاب تيار ٿي نه سگھي ھا. جنھنڪري مان پنھنجي ھيءَ ننڍڙي محنت ۽ ڪاوش، ٻنھي قابل احترام مصنفن؛

۱. ڊاڪٽر محمد صغير خان صاحب،

۲. محبت حسين اعوان صاحب 

جن ڏانھن منسوب ڪيان ٿو.


- انجنيئر عبدالوهاب سهتو