لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڙي آخاڻ

پھاڙي ٻولي، گهڻي ڀاڱي، پاڪستاني پنجاب جي ڪجهہ علائقن سميت، آزاد ڪشمير ۽ ڀارت جي انتظام ھيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سوڌو ھماچل پرديش ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، ۽ ڄڻ تہ ٻن ملڪن ۾ پکڙيل آھي. عبدالوھاب سھتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ھيءُ ڪتاب جوڙڻ ۾، ڊاڪٽر محمد صغير خان جي ڪتاب ”پہاڑي کہاوتيں: آخان“ (۲۰۰۲ع) ۽ محبت حسين اعواڻ جي ڪتاب ”مري، گليات ني پہاڑي بولي چ ’آخان‘ متان، ٹچکراں طہ سياننيان“ (۲۰۰۹ع) تان مدد ورتي آھي.

Title Cover of book پھاڙي آخاڻ

ی

ی
703. یاراں نال بہاراں۔ (کہاوت)
بھار، سال جي ھڪ مند، جنھن ۾ موسم خوشگوار ۽ فرحت بخش ھوندي آ. جيڏانھن تيڏانھن نکار ئي نکار ھوندو آ. دل گھرين دوستن سان مليي دل پڻ بھار بھار ٿي پوندي آ ۽ ھر شيءِ پئي مزو ڏيندي آ.
مطلب؛ ۱. يارن سان بھاريون.

704. یاری لانی سوخلی، توڑ نبھانی اوخی۔ (کہاوت)
لانی؛ لائڻ، نينھن، سنگت يا دوستي رکڻ.
حياتي، ھل ھلان جو جھان آ. ھڪڙا اچن ٿا، يار ٿين ٿا، وري ڇڄيو وڃن. وري نوان يار مليو وڃن. نيون ياريون رکڻ، سوليون. ياري رکڻ جو اصل مقصد آ، توڙ تائين نڀائڻ، جيڪا ڏکي ڳالھ آ.
مطلب؛ ۱. ياري رکڻ سولي، توڙ نڀائڻ اولي.
۲. لانی سان ہونی، نبھانی مشکل ہونی۔ (کہاوت)
۳. لائڻ سولي آ، نڀائڻ اولي آ.
۴. یاری لاؤ، توڑ نبھاؤ۔ (کہاوت)
۵. ياري لائجي ته توڙ نڀائجي.