لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڙي آخاڻ

پھاڙي ٻولي، گهڻي ڀاڱي، پاڪستاني پنجاب جي ڪجهہ علائقن سميت، آزاد ڪشمير ۽ ڀارت جي انتظام ھيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سوڌو ھماچل پرديش ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، ۽ ڄڻ تہ ٻن ملڪن ۾ پکڙيل آھي. عبدالوھاب سھتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ھيءُ ڪتاب جوڙڻ ۾، ڊاڪٽر محمد صغير خان جي ڪتاب ”پہاڑي کہاوتيں: آخان“ (۲۰۰۲ع) ۽ محبت حسين اعواڻ جي ڪتاب ”مري، گليات ني پہاڑي بولي چ ’آخان‘ متان، ٹچکراں طہ سياننيان“ (۲۰۰۹ع) تان مدد ورتي آھي.

Title Cover of book پھاڙي آخاڻ

ش

ش
455. شریک مٹی ناں وی پہیڑا۔ (کہاوت)
شراڪت/ ڀائيواري، نيٺ خواري. منڍئون ونءُ وڃجي ته بھتر. ڀائيچارو ڳنڍڻ لاءِ ته سڀ ڪو ڳنڍي پر نڀائڻ آ ڪنھن ڪنھن ۾. وڏو، سمجھدار ۽ نباھڻ وارو آ ته سندس پونئير، ڦيٽھڙي جو سبب بڻبو. شڪ ۽ غلط فھمين جي ور چڙھي، معاملا گنجرجي ويندا ۽ فيصلا اڪلائڻ اوکا ٿي ويندا.
مطلب؛ ۱. ڀائيواري، مٽيءَ جي به چڱي ناھي.
۲. پھاڄ، مٽيءَ جي به گھوري.

456. شریکاں چ بسناں سان نا۔ (کہاوت)
ويجھا مِٽ مائٽ، وڇونءَ وانگر پيا پٽيندا ۽ ڏنگيندا آھن. اٿندي ويھندي چڻ ڀڻ جي تاھوت لڳي ايندي اٿن. ان ڪري کانئن جھڳو جدا ٺاھي رھجي ته چڱو.
مطلب؛ ۱. شريڪن/ رشتيدارن جي وچ ۾ رھڻ، آسان ناھي.
۲. الاقارب، کالعقارب۔ (عربی)
۳. ويجھا، جھڙا وڇون.
۴. رت کي ٽانڊو.

457. شکارے نے ٹیم کتیا باہرے نی حاجت۔ (کہاوت)
شڪاري ڪتي ڌارڻ جو مقصد آ ته شڪار ڳولي لھي ۽ رومڙ ڪري چڙھي وڃيس. اگر ڳولي نه لھي ته پوءِ ڏيکارڻ سان مٿس حملو ڪري. شڪار ڏيکارڻ بعد، بجاءِ مٿس حملو ڪرڻ جي، لڪي وڃي يا ويھي ٽورو ڪري ته نڪمو ۽ ٽوٽي چئبو. مٿس لڳايل وقت، خرچ ۽ خفو، رائگان ھليا ويا.
مطلب؛ ۱. شڪار جي ٽيم تي ڪتيءَ کي ٻاھر جي حاجت لڳي.
۲. شڪار نڪتو، ڪتيءَ کي ھنگڻ/ جھنگ جو خيال آيو.
۳. گھور مھل، نڀاڳي مڱڻھار کي ٽورو اچي.

458. شیراں ناں ماریا، گدڑ کھانیں۔ (کہاوت)
شينھن، پنھنجو ڪيل شڪار، ٿمائي رکي، ڪِني ٿيڻ بعد کائي. گدڙ ۽ لومڙيون پاڻ شڪار ڪري نه سگھن. گوشت جي طلب ۾، شينھن جي ڪيل شڪار مان نرم عضوا/ آنڊا/ وکا چورائين يا شينھن جي اوبر کائين.
مطلب؛ ۱. شينھن جي ماري، گدڙ کائيندا آھن.
۲. شينھن، پرائي ماري نه کائيندو آ.

459. شیراں نیں مون، تہوتے ہونیں۔ (کہاوت)
شينھن، جنگل جو بادشاھ آ. ڏيھاڙي گوشت کائي. ويلي تي کاڌو کائڻ، ھٿ ڌوئڻ يا ٻين جي وچ ۾ ويھڻ لاءِ، منھن ڌوئڻ جي مٿس نوبت نه ايندي آ. جيڪوو جيءَ ۾ اچيس سو ڪندو آ ۽ ڪير به کانئس پڇڻ وارو ناھي.
مطلب؛ ۱. شينھن جا منھن ڌوتا پيا آھن.
۲. شينھن ۽ موالين جا ھٿ، ڌوتا پيا آھن.
۳. شينھن کي ڪير چوندو؛ ”تنھنجي وات ۾ ڌپ آ!“

460. شیرے ناں منہ کنی تہرتا۔ (کہاوت)
تہرتا؛ ڌوئي ٿو.
شينھن، ڏاڍو جانور آ. ڪنھن جي وٺ يا جھل جو ناھي. سندس ويجھو وڃڻ ۾ جگر گردو کپي. سندس منھن ڌوئڻ لاءِ، سندس ويجھو وڃڻ معنيٰ موت کي ھٿ وٺي سڏڻ. ان ڪري کيس وھنجارڻ جھڙو عمل ناممڪن آ.
مطلب؛ ۱. شينھن جا منھن، ڪير ٿو ڌوئي.
۲. ڏاڍي سان ڪير ٿو ھٿ پائي کائي؟!
۳. ناممڪن ڪم، ٿيڻا ناھن.

461. شیں جنگلے ناں بادشاہ۔ (کہاوت)
شينھن مڙني جانورن کان طاقت ۾ ڏاڍو آ. جنھن سببان سڄو جھنگ، سندس مطيع ھوندو آ. سڀ ڪو سندس خوشنوديءَ واسطي، سلامي ھوندو آ. جنھن کي ھر ڪو سلامي ھجي، سو بادشاھ مثل آ.
مطلب؛ ۱. شينھن جھنگل جو بادشاھ آ.