ھ
673. ہار جت، اللہ نے ہتھ۔ (کہاوت)
دنيا جي حياتي، جوا جي بازيءَ مثل آ. جتان ھڪڙا کٽي نڪرن ٿا ته ٻيا ھارائي. ھارائڻ ۽ کٽڻ، نصيب سارو آ. جيڪو نصيب ۾ ھوندو، سو ٿي ئي رھندو. ھتان، ڪير ھارائي نڪتو يا کٽي ستو، سڀ رب جي اختيار آ.
مطلب؛ ۱. ھارَ جيتَ، رب جي ھٿ.
۲. کٽڻ ھارائڻ، قسمت طرفان آ.
674. ہتھا اودھار دئی، دشمنی مل کہنناں۔ (کہاوت)
اوڌر، ضرورتمند ۽ ڄاڻو سڃاڻوءَ کي، موٽڻ جي آسري، ھمدرديءَ ۾ ڏبي آ. موٽائڻ مھل، اڳلي جي حالت سڌريل ھوندي ته گھرڻ شرط موٽائيندو، نه ته پيو نٽائيندو. وقت سارو نه موٽائڻ سان، دشمني پيدا ٿيڻ جو امڪان آ.
مطلب؛ ۱. ھٿ سان اوڌر ڏئي، دشمني ملھ ڳنھڻي آ.
۲. اوڌر، محبت جي قئنچي آ.
675. ہتھا نکلیا پخیرو، فر نا مڑنا۔ (کہاوت)
ساھ پکين کي به پيارو آ. تنھن ھوندي به بک ۽ لوڀ، کين شڪاريءَ جي دام تائين وٺي ايندا آھن. ڦاسڻ کان پوءِ پيا ڦٿڪندا آھن. موقعو ملين ۽ ھٿان نڪري ويا ته پوءِ لوڀ ۽ لالچ به کين ساڳيي دام تي وٺي نه ايندا.
مطلب؛ ۱. ھٿان ڇڏايل پکي، مور نه موٽي.
676. ہتھاں ناں دتا، کم اشناں/ اچھی غا۔ (کہاوت)
ھٿ سان جيڪو ڏجي ٿو، سو خير آ. ڏھ دنيا، ستر آخرت آ. ٻين سان چڱائي ڪبي ته پاڻ تي مشڪل وقت نه ايندو. ڪوشش ڪري، پنھنجي ھٿن سان خير ڪڍي وڃجي.
مطلب؛ ۱. ھٿ جو ڏنو، ڪم ايندو/ اچڻو آ.
۲. ڏِنو، ٻَنو آ.
677. ہتھے کی ہتھ سیانناں۔ (کہاوت)
ٻين کي تڪليف جي وقت، جنھن ھٿ سان ڏجي ٿو، ان ئي ھٿ کي سڃاڻندي، اھي به مشڪل وقت ۾ مدد ڪن ٿا. جنھن کان وٺي کائجي ٿو، تنھن کي وقت تي سڃاڻجي ٿو، ۽ ساڻس مدد پڻ ڪجي ٿي.
مطلب؛ ۱. ھٿ کي، ھٿ سڃاڻي.
۲. ھٿ سڃاڻي، ھٿ کي.
۳. ھٿ، ھٿ کي سڃاڻي.
678. ہتھے نی تلی چ کھائی وے، پینسا اشناں۔ (کہاوت)
ھڪڙن ماڻھن جو گمان آ ته؛ ھٿ جي خالي تريءَ تي ٿيل خارش، پئسن اچڻ جو اھڃاڻ آ. نڪما، ٽوٽي ۽ پئسن جا پوڄاري، ان قسم جون گھڙتون پيا گھڙيندا آھن.
مطلب؛ ۱. ھٿ جي تريءَ تي خارش ٿئي، ته پئسو ايندو.
679. ہتھیار اوئے، جہڑا اویلے سر کم اچھے۔ (کہاوت)
جان ۽ مال جي حفاظت خاطر، ھٿيار ڌارجي ٿو ۽ مٿس خرچ ڪجي ٿو. سانڍجي ٿو ۽ وقت سان سار سنڀار لھجيس ٿي. دشمن جي اوچتي حملي وقت اھو ھٿيار ھلي ئي نه، ته ڪم جو نه ٿيو.
مطلب؛ ۱. ھٿيار اھو، جيڪو اويلي ڪم اچي.
680. ہتھیں ناں کیتی نیاں دندیں کنے پٹنیاں پینیاں۔ (کہاوت)
اڳٺ کي ھٿن سان ڏنل ڳنڍ، جڏھن چيپڙجي ويندي آ ته پوءِ چپٽين بجاءِ چَڪ سان ڇُڙندي آ. ھٿ سان مونجھاري وارو ڪم نه ڪجي، جو جڏھن منجھي ته چڪ سان سلجھائڻو پوي.
مطلب؛ ۱. ھٿن سان ڪيل کي، ڏندن سان پٽڻو پوندو آ.
681. ہر چیز اپنی جائی چ چنگی لگنی۔ (کہاوت)
سونھن، شيءِ جي اندر آ. ظاھر تڏھن ٿيندي، جڏھن زيبائتي ڍنگ سان سجائبس. بدزيبا پاسا لڪائي، سونھن وارا پاسا نروار ڪبس. مناسب جاءِ تي رکڻ سان به ڪنھن شيءِ جي سونھن ۾ نکار اچي ويندو آ.
مطلب؛ ۱. ھر شيءِ، پنھنجي جاءِ تي سھڻي لڳي.
۲. پٿر به پنھنجي جاءِ تي ھوندو ته وزنائتو ھوندو.
682. ہر کمے ناں اپناں ٹیم ہونا۔ (کہاوت)
ھر ڪم، وقت ۽ مند سان سونھين ٿو. ڪُمَھلو ڪم؛ نه نبري، نه دل ٺري. مزو ڪم جو تڏھن آ، جڏھن ڪندي دل کي وڻي ۽ منجھانئس مناسب فائدو به پوي. اھو تڏھن ممڪن آ جڏھن پوري وقت تي ڪجي.
مطلب؛ ۱. ھر ڪم جو، پنھنجو وقت آ.
683. ہر کوئی اپنی اپنی قووریچ گیسی۔ (کہاوت)
مُئي کان پوءِ، ھر مردي کي نجي قبر کپي. نه اڳي پوريل مردي جي قبر کوٽي ان ۾ پوري سگھبو، نه ئي وري ڪڏھن ٻيو آڻي ساڻس گڏ دفنائبو. ھر ڪو پنھنجي قبر ڀريندو، ٻيو ڪير ڪنھن جي قبر ۾ نه پوندو.
مطلب؛ ۱. ھر ڪو پنھنجي پنھنجي قبر ۾ پوندو.
۲. کوئی کسے نی قووریچ نا گشناں۔ (کہاوت)
۳. ڪير ڪنھن جي قبر ۾ نه ويندو.
۴. سڀ ڪو پنھنجي قبر، پاڻ ڀريندو.
684. ہر کوئی اپنے حال وچ مست آ۔ (کہاوت)
سمورا انسان، دنيا اندر پھرين ھڪ جاءِ تي اچي، پوءِ ٽڙي پکڙي نه ٿا وڃن. بلڪ ھر ڪو مختلف جاءِ، ماحول ۽ ڪھول ۾ اچي ٿو. اتي پرورش وٺي، ھري مري وڃي ٿو. ان حال ۾ مست ٿي وڃي ٿو ۽ اتان ڇڏي نه ٿو.
مطلب؛ ۱. ھر ڪو پنھنجي حال ۾ مست آ.
۲. ھر ڪو پنھنجي ڌن ۾ محو آ.
685. ہر کوئی اپنی رادھی کپنا۔ (کہاوت)
دستور آ؛ جا پوکبي، سا لڻبي. پاڻ پوکبي، پاڻ لڻبي. نه ٻئي جي پوکي ڪير لڻي ٿو، نه ٻئي کي لڻڻ ڏئي ٿو. ھيءُ جھان آھي ئي؛ پاڻ پوکڻ، پاڻ لڻڻ، پاڻ پيھڻ، پاڻ پچائڻ ۽ پاڻ کائڻ جو.
مطلب؛ ۱. ھر ڪو پنھنجي راھيل/ پوکيل، لڻندو.
686. ہر کوئی اپنے کہر وچ سیاناں ہونا۔ (کہاوت)
سياڻپ، مشاھدي ۽ محنت سان اچي ٿي. گھر تي محنت ڪجي ٿي، گھر جي خبر پوي ٿي. ٻاھر نڪرڻ کان پوءِ، اھا سياڻپ، اتي ڪم نه اچي. گھران نڪرڻ کان پوءِ، ڄڻ اڻ-ڄاڻ ۽ ٻوگھلو ٿي پئجي ٿو.
مطلب؛ ۱. ھر ڪو پنھنجي گھر ۾ سياڻو آ.
687. ہر کوئی پیار ناں پہکھا ہونا آ۔ (کہاوت)
ھر ڪو مادي شين کان وڌيڪ، عزت ۽ پيار جو بکيو آ. قرب ۽ راض، دل کي طراوت ڏيندڙ آھن. جتان ملڻ جو امڪان ھوندو، ھر ڪو اتي ھلي ويندو. جتان نه ملن، اتي ڪير نه ويندو.
مطلب؛ ۱. ھر ڪو پيار جو بکيو ھوندو آ.
۲. ايندي نه چوني؛ آءُ، ويندي نه چوني؛ ويھ،
ٻيو کٽو ٿي ڏيھ، جو اڱڻ وڃين انھن جي.
688. ہر کوئی چڑھی ناں یار ہونا۔ (کہاوت)
وڏي منسب تي ويٺل مان، ڪي ڪم ٿيڻ جا امڪان ھوندا آھن. ھر ڪو چاھيندو آ ته ان جي ويجھو ٿيان ۽ پيل ڪم سولائيءَ سان ڪڍان.
مطلب؛ ۱. ھر ڪو چڙھئي جو يار ھوندو آ.
۲. ہر کوئی کھرسی کی سلام کرنا۔ (کہاوت)
۳. ھر ڪو ڪرسيءَ کي سلام ڪندو آ.
689. ہر کوئی، اپنی جانی ر ٹکنا آ۔ (کہاوت)
جيترو پنھنجي ھڏ ھلائڻ سان ڪم ڪري سگھجن ٿا، اوترو ٻين جي مدد سان نه. ٻيا ڪيتري به ھمدردي رکن، نيٺ بيزار ٿي ويندا. وقت پئي جواب به ڏئي ويندا. ٻين تي ڀاڙڻ کان ھڏ ھلائجي ته چڱو.
مطلب؛ ۱. ھر ڪنھن کي، پنھنجي جان تي ڀاڙڻ گھرجي.
۲. پنھنجي ٻارجي، پنھنجي چاڙھجي.
690. ہر ویلے نی من ڑ من ڑ، چنگی نئی ہونی۔ (کہاوت)
ٽڻ مِڻ، ڪنھن کي به نه وڻندي آ. ھر ھر جي کشٽ ته صفا بيزار ڪري وجھندي آ. نوڪر، ھر ڪم، وقت تي پاڻمرادو ڪندو ته وڻندو. نه ڪندو ته ستت ڏبس جواب.
مطلب؛ ۱. ھر ھر جي مڻ مڻ چڱي نه ھوندي آ.
۲. گرھ گرھ تي ڪچري، نه ڪرائجي.
۳. ڪر ڪر، چڱي شيءِ ناھي.
۴. گرھ گرھ تي واھ گرو چوائڻ، چڱو ناھي.
691. ہک کلا، دو یاراں۔ (کہاوت)
ھڪڙو ڄڻو، ڪو به ھڪ ڪم اڪيلي سر ڪندو ته ورچي بيزار ٿي پوندو. ٻين جي ھٿ ونڊائڻ سان، گھڻا ۽ ڏکيا ڪم به وقت سر اڪلائي ويندو.
مطلب؛ ۱. ھڪ ھيکلو، ٻه يارھن.
۲. ٻه ته ٻارھن.
۳. ٻڌيءَ ۾ ٻل/ طاقت/ برڪت.
۴. ہک ہک دو یاراں۔ (کہاوت)
۵. ھڪ؛ ھڪڙو، ٻه؛ يارھن.
۶. ہکے کولا، دو چنگے۔ (کہاوت)
۷. ھڪ کان ٻه چڱا.
692. ہک مچھی پورا تلاء گندا کری شوڑنی۔ (کہاوت)
چڱي شيءِ جي ڀيٽ ۾ گندي شيءِ، سڄي ماحول تي جلد حاوي ٿي ويندي آ. پيشاب جو قطرو، شربت جي ڀريل بالٽيءَ کي پليد ڪري ڇڏي. ھڪ خراب صوف، پوري ٽوڪري خراب ڪري ڇڏي.
مطلب؛ ۱. ھڪ مڇي، سڄو تلاءُ گندو ڪري ڇڏي.
693. ہک ناں، سو سکھ۔ (کہاوت)
ڪڏھن ٻين جي مدد ڪرڻ ڏکي لڳندي آ. ھا ڪرڻ تي دل نه چوندي آ. حضور شرميءَ کان نھ به ڏکي لڳندي آ. ان ٻڏتر مان نه نڪري سگھبو آ. جڏھن ته نڪ پڪو ڪري نھڪر ڪرڻ سان، ھنيانءَ تان ٻوجھ ئي ھٽي ويندو آ.
مطلب؛ ۱. ھڪ نھ، سو سک.
۲. ہیک ناں، سو سخ۔ (کہاوت)
۳. ھڪ نھ، سوين سک.
694. ہیل ٹھلے، اگے ای سٹ،
پھال ٹھلے، اگے ای سٹ۔ (کہاوت)
اگے؛ اوغ، ھر جي ڪلھي ۽ ھرنھ کي ڳنڍيندڙ ڪلي. پھال؛ ڦار، ڪلھو.
ھَرُ، ٻن ڪاٺين مان جڙندو آ. ھڪ ھرنھ ۽ ٻيو ڪلھو/ ڦار. ڪلھي جي پاکي ۾ ھرنھ جي چھنب پوندي آ. پار ٿيل ھرنھ جي چھنب ۾ سوراخ ڪڍي، ڪِلي ٺوڪبي آ ته جيئن چھنب سُڪ ھجي. ڏاندن جي زور تي، ھَرُ الڙي پوندو آ. ھرنھ جي چھنب واري ڪليءَ کي ٺوڪي، وري مضبوط ڪبو آ. لچڪ ڪلھي ۾ ھجي يا ھرنھ ۾، پر ٺوڪ وارو ڌڪ، ڪليءَ کي لڳندو آ.
مطلب؛ ۱. ھرنھ ڍري ٿئي ته به ٺوڪَ ڪليءَ کي،
ڪلھو ڍرو ٿيو ته به ٺوڪَ ڪليءَ کي.
۲. ہل ٹھلے اوغ سٹ، اوغ ٹھلے اوغ سٹ۔
۳. ھر ڍرو ته به ٺوڪ ڪليءَ کي، ڪلي ڍري ته به ٺوڪ ڪليءَ کي.
695. ہمسائے، پیئو جائے۔ (کہاوت)
پاڙي جو وڏو، پيءُ برابر. جيئن پنھنجي وڏن جي عزت ڪجي ٿي، تيئن پاڙيسريءَ جي ڪجي. جيترو پوڙھي پيءُ ماءُ جو حق آ، اوترو پاڙيسريءَ جو پڻ آ. پاڙيسريءَ جو، پيءُ ماءُ وارو احترام ۽ ادب ڪجي.
مطلب؛ ۱. پاڙو؛ ابي جي جاءِ.
۲. پاڙو؛ ابو-اما.
696. ہنے نی گل، ہنے نال۔ (کہاوت)
اٿيل/اسريل معاملو، ھاڻي نه نبيريو ته پوءِ نبيرڻ ڏکيو ٿي ويندو. جيئن جيئن وقت پوندو ويندو، تيئن تيئن سُٽ موڙھندو ويندو، تنھنڪري ھاڻي جي معاملي کي، ھاڻي نبيري ڇڏجي.
مطلب؛ ۱. ھاڻيءَ جي ڳالھ، ھاڻيءَ سان.
۲. اڄ جون ڳالھيون، اڄ سان.
۳. رات گئي، بات گئي.
697. ہولی لالاں، دینی چھلاں۔ (کہاوت)
ہولی؛ ھلڪي. لالاں؛ ليلي، رڍ. دینی؛ ڏئي. چھلاں؛ ڇلانگ، ٺينگ ٽپا.
مينھن ڳؤري آ، آھستي آھستي ھلندي. رڍ، ھلڪي آ، پئي ٺينگ ٽپا ڏيندي. ٽپا ڏئي، تڪڙي نڪتي پئي ويندي. ماڻھو ڳؤرو آ، آھستي ھلندو. ڀولڙو، ھلڪو ڦلڪو آ، گيلاٽيون ۽ قلابازيون ڏئي اڳ ڪڍي ويندو.
مطلب؛ ۱. ھلڪي رڍ، ٺينگ ڏئي.
۲. مينھن ھوريان ھلي، رڍ ٺينگ ٽپا ڏئي.
698. ہونیں نی، ساری گل ای۔ (کہاوت)
پئسي وغيرھ جو ھئڻ، وڏي اھم شيءِ آ. وسائل جي ھئڻ سان خيال ۽ سوچ ۾ ڦيرو اچي ٿو. رٿائون ذھن ۾ جاڳن ٿيون. رستا ۽ راھون، نڪري نروار ٿين ٿا. منزل تي پھچڻ، آسان پيو نظر ايندو.
مطلب؛ ۱. ھوند جي، سڄي ڳالھ آ.
۲. ھوند تي ھونگر آ.
۳. پئسي سان، پر لڳيو وڃن.
699. ہیک تھکے چ، دو تلواراں نئیاں سمائی سکنیاں۔ (کہاوت)
تھکے؛ مياڻ.
مياڻ، تکي تلوار کي، بي ضرر ڪرڻ ۽ ھٿيڪو رکڻ لاءِ ھوندي آ. مياڻ ٺھندي، تلوار جي ساخت سارو آ. ان ۾ ٻي ساخت جي تلوار يا ھڪجھڙي ساخت جون ٻه تلوارون رکي نه سگھبيون.
مطلب؛ ۱. ھڪ مياڻ ۾، ٻه تلوارون نه ماپن.
۲. دو تلواراں، ہیک تھکے چ نیاں میٹنی سکنیاں۔ (کہاوت)
۳. ٻه تلوارون، ھڪ مياڻ ۾ ڪين مائين.
۴. ھڪ عورت جا، ھڪ ئي وقت، ٻه مڙس نه ٿا ٿي سگھن.
700. ہیک چپ، طہ سو سخ۔ (کہاوت)
زبان سان مدعا پيش ڪجي ٿي. ٻاڙا لفظ به ان مان نڪرن، جيڪي معاملا بگاڙين. چڱا به ان مان نڪرن، جيڪي دليون ٺارين. سڀني کي سٺا لفظ ڪڍڻ جو فن نه ايندو آ. ان صورت ۾، صبر ۽ چپ ۾ ئي سوين سک آھن.
مطلب؛ ۱. ھڪ چپ، سؤ سک.
701. ہیک در بند، سو کھلے۔ (کہاوت)
گذر سفر جا، سوين رستا ۽ راھون آھن. جن تي ھلي، زندگي گھارجي ٿي. منجھانئن اگر ھڪ اڌ در بند ٿئي ٿو ته ٿڏي تي سوين کليو وڃن.
مطلب؛ ۱. ھڪ در بند ٿئي، سؤ کلن.
۲. ہک در بند، ہزار در کھلے۔ (کہاوت)
۳. ھڪ در بند، ھزار در کلن.
702. ہیلی نہ ہیلا؛ چڑھ ستی سویلا۔ (کہاوت)
ہیلی؛ ڇوڪري. ہیلا؛ ڇوڪرو.
اولاد واري جي، ري-اولاديءَ جي ڀيٽ ۾، ننڊ ڦٽل آ. جيسين انھن جي اون پوري نه ٿئي تيسين سمھي نه ٿو. جڏھن ته ري-اولاديو سوير سمھي ٿو.
مطلب؛ ۱. نه ڇوري، نه ڇورو؛ چڙھي سمھي سويرو.
۲. نه ڍيڪڻي، نه ميڪڻي؛ ننڊ سمھي سکڻي.