ظ
465. ظالم تائیں رسی ٹہلی۔ (کہاوت)
دنيا آزمائش جو جھان آ. ڪيل عملن تي آخرت ۾ ته جزا سزا ملندي پر ھن دنيا ۾ به ان جو اجورو ملڻ شروع ٿي ويندو آ، اٻھرو يا تڪڙو نه. ڌڻيءَ جي ديڳ چپڙ آ، تپندي دير سان آ ته ٺرندي به دير سان آ. ظالم جو رسو، ڍلو ھوندو آ. جڏھن سوڙھو ٿيڻ لڳندس ته پوءِ ڇڏائڻ وارو ڪير نه ھوندس.
مطلب؛ ۱. ظالم جو رسو، ڍلو.
۲. ظلم قائم آ، ظالم قائم ناھي.