ن
646. ناں لیقیں نے بستے ہمیشہ پہارے۔ (کہاوت)
ناں لیقیں؛ نالائقن. بستے؛ ٿيلھا، بوجھ. ہمیشہ؛ سدائين. پہارے؛ ڀاري، ڳؤرا.
نالائق، پنھنجي نالائقي، شين جي گھڻائيءَ ۾ لڪائيندو آ. ٻين تي اثر ۽ رعب وجھڻ لاءِ، اجايون شيون گڏ ڪندو وتندو. زوريءَ اتي ويھڻ جي ڪوشش ڪندو، جنھن جي لائق نه ھوندو.
مطلب؛ ۱. نالائقن جا ٿيلھا، سدائين ڳؤرا.
۲. ڪم نه ڪندڙ ٽوٽين کي لڏ پلاڻ وقت، وڏا بار ڍوئڻا پوندا آھن.
647. ناں نیا خاغا پتلی لسی۔ (کہاوت)
ناں؛ نھڪر. نیا؛ کان. خاغا؛ بجاءِ. پتلی لسی؛ ڇٽي لسي، جھارو، ڇٽو ڏڌ.
ربط کان سواءِ زندگي ناھي. ھڪ-رڇيءَ جو ست-رڇيءَ ۾ ته ست-رڇيءَ جو ھڪ-رڇيءَ ۾ ڪم پيو پوي. ٻين جو وڏو ڪم نه ڪجي ته ننڍو ئي ڪجي. اگر اھو به نه ڪجي ته کلي ئي کيڪارجي.
مطلب؛ ۱. نھڪر کان، جھارو چڱو.
۲. سواليءَ کي، ھٿين خالي نه موٽائجي.
648. ناں ہیک دیو، ناں سات سنو۔ (کہاوت)
واتان نڪتل گار؛ نه موٽي وات ۾ پوي، نه پنھنجو وجود ھوا ۾ وڃائي. موٽ ۾ ساڳي ڪَنن کي ٻڌڻي پوي ۽ نفس کي سھڻي پوي. پاڻ تي احسان ڪرڻو آ ته زبان کي ڇيڪ ڇڏڻ بجاءِ، روڪَ ۾ رکجي.
مطلب؛ ۱. نه ھڪ ڏيو، نه ست ٻڌو.
۲. ناں ہیک آخو، ناں دس سنو۔ (کہاوت)
۳. نه ھڪ چئو، نه ڏھ ٻڌو.
649. نانی کھسم کرے، دوترے کہہ چٹی۔ (کہاوت)
نانی؛ ناني. کھسم کرے؛ دشمنائو پرائي، ٻين سان ڦٽائي. دوترے؛ ڏوھٽا. کہہ چٹی؛ ڪھڙو قصور، ڪھڙو ڏوھ.
ھر ڪو پنھنجو ڪيتو، پاڻ لوڙيندو. جيڪڏهن ڏوھ نانيءَ ڪيو آ ته ناني لوڙيندي، ڏوھٽا ڪو نه لوڙيندا. اگر ڏوھٽن ڪيو آ ته سزا ناني نه ڀوڳيندي، وري به ڏوھٽا ڪيتو ڏيندا.
مطلب؛ ۱. ناني جھيڙو ڪري، ڏوھٽن ڪھڙو ڏوھ؟
۲. ھر ڪا ٻڪري، پنھنجي پائي ٽنگبي.
۳. ڪو ڪنھن جي آئيءَ ڪو نه ڦاسندو آ.
۴. ہر کوئی اپنی آئی مرنا۔ (کہاوت)
۵. ھر ڪو پنھنجي آئيءَ مرندو.
650. ناوی لیلی لوغا لغنی۔ (کہاوت)
ناوی؛ نئين نويل. لیلی؛ ليلي، ڇيلي، رڍ جو ٻچو. لوغا لغنی؛ خوراڪ جو زيان.
سيکڙاٽ، جيڪو ڪم ڪري، تنھن ۾ ڪارج کان وڌيڪ زيان ڪري. اھو فطري آ، ان ۾ ڀؤ نه ڪجي، بلڪ سکڻ ۾ ڳڻجيس. سيکڙاٽ جي زيان تي چڙجي نه بلڪ پيار سان سمجھائجيس ته سڌرندو ويندو ۽ فائديمند ٿيندو.
مطلب؛ ۱. نئين رڍ، گاھ جو زيان.
۲. نئين کدڙي، طبلي جو زيان.
۳. نئون ملان، ڏاڍيان ٻانگ ڏئي.
651. نائیاں نی جنجے چ سارے راج۔ (کہاوت)
نائي ڪاسبي آ، ۽ ڪسبت ٿيندي آ آھت تي. ڳوٺن جا چڱا مڙس، کين سال وھائي، فصل ڦاڙيءَ تي لاپو ڏين. مختلف راڄَن سان، سندن وھنوار ٿئي. جڏھن شادي مرادي ٿئين ته سمورا راڄ اچي پير ڀرين.
مطلب؛ ۱. حجمن جي ڄڃ ۾، سڀئي راڄ.
۲. ڪاسبين جي ڪاڄَ ۾، ڪل راڄَ.
652. نائیں بجیا، گرائیں بجیا۔ (کہاوت)
حجم جي زبان، سندس قئنچيءَ کان وڌيڪ تيز ھلندي آ. ڪا به ڳالھ، پيٽ ۾ ٽڪندي ناھيس. جيڪا ڳالھ ٻڌندو، سا تير پتير آھتيءَ سان ڪري ڇڏيندو. نتيجي طور اھا ڳالھ، سڄي ڳوٺ ۾ وائرجي ويندي.
مطلب؛ ۱. حجم ٻڌو، ڳوٺ ٻڌو.
۲. نائیاں سنیا، سارے گرائیاں سنیا۔ (کہاوت)
۳. حجمن سُئو، سڄي ڳوٺ سُئو.
653. نت نت نے ساڑے کولا مرنا چنگا۔ (کہاوت)
تڪليف، بيزار ڪندڙ ۽ جان تان ارواح کڻائيندڙ ھوندي آ. گھڻي تڪليف ته برداشت کان ٻاھر ھوندي آ. پر ھلڪي تڪليف، جيڪا آئي کان پوءِ جھور ٻڌي بيھي، سا سھپ/ برداشت کان ٻاھر ھوندي آ.
مطلب؛ ۱. ھر ھر جي سڙڻ کان، مرڻ ڀلو.
654. نحوست پچھی طہ نئی اشنی۔ (کہاوت)
نڀاڳ ۽ سڀاڳ، تقدير ۾ لکيل آ. تقدير جو لکيو، وقت سر رونما ٿئي ٿو، جنھن جي سڌ، اڳواٽ ڪنھن کي به نه ھوندي آ. ڪو به ڪم، ڪم سمجھي ڪبو آ، ان ۾ نقصان پوندو يا نفعو، تنھن جي خبر خدا کي ئي ھوندي آ.
مطلب؛ ۱. نڀاڳ، پڇي نه ايندو آ.
۲. قضا، پڇي نه ايندي آ.
655. نسئے پچھے، کن نسے۔ (کہاوت)
جيڪو، ڪنھن ڪم مان بيزار ٿي ڀڄندو آ، تنھن لاءِ پنھنجون مجبوريون آھن. ان کي ڏسي ٻيا نه ڀڄندا آھن. ھر ڪنھن جون پنھنجون ضرورتون ھونديون آھن، جيڪي کين ڏکيا ڪم ڪرڻ تي پختو بيھارينديون آھن.
مطلب؛ ۱. ڀڄندڙن پويان، ڪير ڀڳو آ؟
۲. مرندن پويان، ڪير نه مئو آ.
656. نظر پتھر پھاڑی شوڑنی۔ (کہاوت)
ھر عمل، وجود سان گڏ اثر به رکي ٿو. دعا اثر آ ته گار کي پڻ. نگاھ ۽ اشاري کي به آ. کاڌو پيٽ ڀري ٿو ته آھ به پولار ڀري ٿي. نظر/ نگھ به نڪتي ناھي، لڳي ناھي. پٽ پاراتي کان بچڻ جي، ھر حال ۾ ڪوشش ڪجي.
مطلب؛ ۱. نظر؛ پٿر ٽوڙي.
۲. بد نظر؛ يا ماري، يا کاري.
۳. ڀيٽيو؛ سپے ناں کھادا بچی گشناں، پر نظری ناں کھادا ناں بچناں۔ (کہاوت)
657. نکا گل کرے، سیاناں قیاس کرے۔ (کہاوت)
ننڍڙو ٻار، ان لائق نه ھوندو آ جو ھر ڳالھ، پيرائتي ڪري سگھي. ڳالھ ۾، اڻ ڄاڻائيءَ سبب، خال/ جھول ڇڏي ويندو. سياڻي ماڻھوءَ جو ڪم آ، ڳالھ جو ڳرھ پروڙي، خال ڀري، معاملي کي سمجھي ۽ سلجھائي.
مطلب؛ ۱. ننڍو ڳالھ ڪري، سياڻو قياس ڪري.
۲. نادان ڳالھ ڪري، سياڻو ويڃائي.
658. نکمیاں کولا شطان وی ڈرناں/ پناہ منگناں۔ (کہاوت)
واندي ۽ نڪمي جو ذھن، مشغول ماڻھوءَ کان وڌيڪ تيز ھلندو آ. شيطاني حرڪتون، پيون مغز ۾ ڦرندس. اڳ پٺ ڏٺي بغير، مٿن عمل ڪري، پاڻ کي به جنجل ته وجھي پر ٻين کي بهڏچي ۾ وجھي ڇڏي.
مطلب؛ ۱. نڪمن کان شيطان به ڊڄي/ پناھ گھري.
۲. واندو ماڻھو، شيطان جو گھر.
659. نکیاں نال، نکا ہوئی رہنا۔ (کہاوت)
ننڍن سان ننڍو ٿي ڳالھائبو ۽ اٿبو ويھبو ته سندن تربيت ٿي سگھندي. وڏن وانگر ورتاءُ ڪبن ته ٽھي ڀڄي ويندا. بجاءِ سکڻ/سڌرڻ جي، پنھنجي ذھن تي پيا ھلندا. ڊڄ ۽ ڀوَ ۾ زندگي گذاريندا.
مطلب؛ ۱. ننڍن سان، ننڍو ٿي ھلجي.
۲. نکیاں نال، نکا ناں بن۔ (کہاوت)
۳. ننڍن سان، ننڍو نه ٿجي.
۴. ننڍن سان، ڇڇورپڻو نه ڪجي.
660. نہ اوخیاں چڑھو، ناں منتاں منو۔ (کہاوت)
اوخیاں؛ اوکائي، ڏکيائي. منتاں؛ منت، باس.
ھڪڙو ھمراھ، شوق مان کجيءَ تي چڙھي ويو. لھڻ مھل مغز ڦرڻ لڳس. اتان باسون باسڻ شروع ڪيائين. پھرين ڍڳي، پوءِ ڇيلو، وري ڪڪڙ. جڏھن زمين جي ويجھو ٿيو ته ٽپ ڏئي چوڻ لڳو؛ ”خيراتون سي ڪن، جي کجين تي چڙھن. اسان نه چڙھون، نه خيراتون ڪيون.“
مطلب؛ ۱. نه اوکائيءَ تي چڙھجي، نه باسون باسڻيون پون.
۲. ناں سخرے چڑھساں، ناں منتاں منساں۔ (کہاوت)
۳. نه اوکاين تي چڙھندس، نه باسون باسيندس.
661. نہوں ننگی تہ سورے پھٹی نیاں۔ (کہاوت)
نہوں؛ نونھن، پٽ جي زال. ننگی؛ اگھاڙي. سورے؛ سھرو. پھٹی نیاں؛ انڌو آ.
نونھن، ڌيءَ برابر آ، جنھن جي اُگھڙ، سھري کي ڏسڻ نه گھرجي. ان کي به سھري آڏو، مٿي تي لٽو رکي اچڻ گھرجي. سھرو، ابي وانگر ته آھي پر انڌو ناھي. کيس ڏسڻ لاءِ اکيون آھن.
مطلب؛ ۱. جي نونھن اگھاڙي آ ته پوءِ ڀلا سھرو انڌو آ ڇا؟
662. نوکری کرنی، طہ نخرا کئہ۔ (کہاوت)
نوڪر ٿيڻ کان پوءِ، آڏ-وڏائي/ نخرو نه ڪرڻ گھرجن. جنھن پئسا ڀري نوڪر رکيو آ، سو نخرا سھي نه سگھندو. ان آڏو، نخرا ڪبا ته نوڪريءَ تان، اتان ته ھٿ کڻڻو پوندو پر ھر جاءُ جواب پيو ملندو.
مطلب؛ ۱. نوڪري ڪرڻي، ته پوءِ نخرو ڇا جو؟
663. نیتاں نیاں مراداں۔ (کہاوت)
ڪو ڪم ڪبو آ، مراد ماڻڻ لاءِ. جھڙي نيت رکي ڪم ڪبو، تھڙي مراد ملندي. نيت بڇڙي رکي ڪم ۾ ھٿ وجھبو، انت سزا ملندي. چڱي نيت رکي، ڪم ۾ ھٿ وجھبو، انت ڀلائي ڏسبي.
مطلب؛ ۱. نيتن تي مرادون.
۲. نيتن تي بھرا.
۳. جھڙي نيت، تھڙي مراد.
۴. نیت صاف طہ کم راس۔ (کہاوت)
۵. نيت صاف، ڪم راس.
664. نیک تیہاں پیناں، جس کہریچ ڈولی بہئی گشنیاں،
اتھاں تھیں انھاں ناں جناژہ نکلناں۔ (کہاوت)
چڱن گھرن جون ڌيئر/ ڀينر، جڏھن پرڻجي ساھري گھر اچن ته ان وقت فقط سندن ڏولي اچي. مرندي مري وڃن، ان گھر کان سواءِ ٻئي گھر نه وڃن. مرڻ پڄاڻان، ساھري گھران، سندن جنازي جو کٽولو ئي نڪري.
مطلب؛ ۱. نيڪ ڌيئن ڀينرن جي، جنھن گھر ۾ ڏولي ايندي آ،
اتان ئي سندن جنازي جي کٽولي نڪرندي آ.
۲. نيڪ نياڻين جي ڏولي اچي، کٽولي نڪري.
665. نیم حکیم خطرہ جان، نیم ملاں خطرہ ایمان۔ (کہاوت)
نيم حڪيم، مرض جي تشخيص کان بغير، ڌڪي تي دوا ڏيندو آ، جنھن سان مريض جي مرڻ جا امڪان وڌي ويندا آھن. جاھل ملو به ڏاڙھي، لٽو ڪپڙو ۽ ڳالھائڻ عالمن وارو ڪري، ويٺو اڻ پَڙھين جو ايمان وڃائيندو ۽ عاقبت خراب ڪندو.
مطلب؛ ۱. نيم حڪيم خطره جان، نيم ملان خطره ايمان.
۲. اڻ-ڄاڻ طبيب، جان کان وڃائي، اڻ-ڄاڻ ملو، ايمان کان وڃائي.
666. نیندر پھانسی نیں پھندے اپر وی اچھی رہنی۔ (کہاوت)
ننڊ جسم جي اھم گھرج آ. کاڌي پيتي کان سواءِ زندھ رھڻ ناممڪن آ. تيئن ننڊ کان سواءِ جيئرو رھڻ پڻ مشڪل آ. ننڊ، سوليءَ جھڙي سخت ھنڌ تي به اچي ويندي آ. آرامده بسترن جي کيس ضرورت نه ھوندي آ.
مطلب؛ ۱. ننڊ ڦاسيءَ جي ڦنڌي تي به اچي وڃي.
[ و ]
667. وقت سارا کیں کرائی شوڑاناں۔ (کہاوت)
ماءُ جي پيٽان ڪير به سکي نه آيو آ. وقت ۽ تجربي سان، ھر ڪو سکي ٿو. ذھن ۾ علم ۽ ڄاڻ، ڦڙو ڦڙو ٿي پويس ٿي ۽ وڌندو وڃي ٿو.
مطلب؛ ۱. وقت سڀ ڪجھ ڪرائي ڇڏيندو آ.
۲. وقت آ استاد، جيڪو سڀ ڪجھ سيکاري ڇڏي.
668. وہم ناں لاج، لقمان حکیم کول وی نا۔ (کہاوت)
وھم، ذھن جي اھا بيماري آ، جنھن جو دوا درمل ڪونھي. حڪيم لقمان، حڪمت ۽ ڏاھپ جو استعارو آ، تنھن وٽ به وھم جو علاج نه ھيو.
مطلب؛ ۱. وھم جو علاج، لقمان حڪيم وٽ به ڪونھي.
669. ویلا وقت پچھانیئے، جے کوئی مارے لت ہسی کری جانیئے۔ (کہاوت)
وقت وقت ۽ غرض کي ڏسجي. جتي ڪٿي آڏ-وڏائي نه ڪجي. اڳلو ڏاڍو آ ته ھٿ پائي نه کائجيس، بلڪ کلي ڳالھ ٽاري وڃجي. جان پياري آ، ان کي جوکي ۾ نه وجھجي. ھيٺانھين مٿانھينءَ سان، وقت ٽپائجي.
مطلب؛ ۱. ويلو وقت سڃاڻجي، ھڻي لت اگر ڪو، ته کلي ٽارجي.
670. ویلے ر جہڑا کم نا آیا، اس نال کئہ یاری۔ (کہاوت)
دوست اھو، جو مشڪل گھڙيءَ ۾ ڪم اچي. جيڪو ڏکئي وقت ڪنڌ ڪڍائي ڀڄي وڃي، تنھن سان ياري رکڻ، وقت جو زيان آ.
مطلب؛ ۱. وقت تي جو ڪم نه آيو، تنھن سان ڪھڙي ياري؟
۲. ویلے سر جہڑا کم اچھے، اوئے چنگا۔ (کہاوت)
۳. وقت سر جيڪو ڪم اچي، سو ئي چڱو.
671. ویلے نیاں نمازاں، کویلے نیاں ٹکراں۔ (کہاوت)
مقرر وقت تي نماز پڙھبي ته دلي سرور ۽ سُڪون سان ادا ڪري سگھبي. بي وقتي نماز، بي دلي پڙھبي. ڪڪڙ وارا ٺونگا ھڻي، سجدا رڪوع پورا ڪبا. جنھن ۾ نماز جو روح نه ھوندو.
مطلب؛ ۱. وقت جي نماز، بي وقتيءَ جا ٽڪر.
۲. ھر ڪم، وقت تي ڪجي.
672. ویلے ویلے نی گل ای۔ (کہاوت)
وقت کي حيثيت آ. ان جي رنگت کي ڏسي، حياتي گذاربي ته سودمند، نه ته بي وقت جي راڳڻي، مٿي جو سُور. وقت جو قدر ڪجي.
مطلب؛ ۱. وقت وقت جي ڳالهه آ.
۲. وقت وقت جي ٻلھاري آ.