لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڙي آخاڻ

پھاڙي ٻولي، گهڻي ڀاڱي، پاڪستاني پنجاب جي ڪجهہ علائقن سميت، آزاد ڪشمير ۽ ڀارت جي انتظام ھيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سوڌو ھماچل پرديش ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، ۽ ڄڻ تہ ٻن ملڪن ۾ پکڙيل آھي. عبدالوھاب سھتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ھيءُ ڪتاب جوڙڻ ۾، ڊاڪٽر محمد صغير خان جي ڪتاب ”پہاڑي کہاوتيں: آخان“ (۲۰۰۲ع) ۽ محبت حسين اعواڻ جي ڪتاب ”مري، گليات ني پہاڑي بولي چ ’آخان‘ متان، ٹچکراں طہ سياننيان“ (۲۰۰۹ع) تان مدد ورتي آھي.

Title Cover of book پھاڙي آخاڻ

پيش لفظ

دنيا جي سندرتا ۾ فطرت ڪيئن نه پنھنجو ڪردار ادا ڪيو آھي! ھيٺِ؛ ميدانَ، ڏونگرَ، صحرا، جھنگَ، برپٽَ، ساوڪ، سمنڊ، نديون، درياھ، ڍنڍون وغيرہ، ۽ مَٿي؛ سج، چنڊ، تارا، کير-ڌارا، ڪھڪشائون وغيرہ. سڀ جي سونھن نرالي! ۽ ان سھڻي فطرت ۾، اڃا سھڻو واڌارو ڪندڙ، جاندارن جي آوازن ۽ پکين جي لاتين سان گڏ، ماڻھن جون ھزارين ٻوليون، ۽ انھن ٻولين جا گفتا، قصا، ڪھاڻيون، پھاڪا، چوڻيون، گيتَ ۽ گونجارون!

ميداني ۽ درياھي علائقن جي ٻولين جا مزاج پنھنجا، ته صحرا، ڪاڇي ۽ ڪوھ جي ٻولين جا ماڻڪ موتي ئي جدارا! ڪٿي ساڳيائپ ۾ به تفاوت ۽ تفرقا، ته ڪٿي فَرقَن ۾ به ھڪجھڙائيون ۽ ويجھائيون! ته ڪٿي وري ٿورڙي مٽ سٽ سان ڳالھ ساڳي! پر ھڪ ڳالھ يقيني، ته دنيا جي ھر ٻوليءَ جي حسناڪي پنھنجي! ان جو لب ۽ لھجو نرالو! ان جو اچار ۽ آھنگ انوکو! ان جو اقرار ۽ انڪار اثرائتو!

اسان جو ملڪ، پاڪستانُ، ٻولين جي معاملي ۾ زرخيز آھي. ھِتي نه صرف سنڌي، سرائڪي، پنجابي، پشتو، بلوچي ۽ بروھڪي جھڙيون، ملڪ جي پکيڙ ۾ ڳالھايون ويندڙ آڳاٽيون زميني ٻوليون آھن، پر ھندڪو، پھاڙي، پوٺوھاري، بروشسڪي، ڪشميري، بَلتي، ھزارگي، ڪوھستاني، گوجري، کُوار (Khowar)، شِينا، وَکِي (Wakhi)، لداخي، پوريگي، مڪراني وغيرہ سميت ڪيئي پياريون ٻوليون، پنھنجن علائقن ۾ وڏين ڏکيائين سان جِي رھيون آھن. انھن سڀني ٻولين کي پڻ اردوءَ وانگر واڌ ويجھ جا بھتر موقعا ملڻ گھرجن، جڏھن ته اولين قدم طور سنڌيءَ، سرائڪيءَ، پنجابيءَ، پشتو ۽ بلوچيءَ کي قومي ٻولين جي حيثيت پڻ ملڻ گھرجي. اھا سٺي ڳالھ آھي ته انھن ٻولين مان گھڻين ئي ٻولين ۾ روين، مزاجن، لفظن، آوازن ۽ اکرن جي ھڪجھڙائي آھي ۽ اھي ھڪٻئي ڏانھن پنھنجائپ وارو رويو رکن ٿيون. حقيقت ۾، ان پنھنجائپ جي رويي ۾ اديب ۽ محقق ئي پنھنجو ڪردار ادا ڪندا آھن. خوشيءَ جي ڳالھ آھي ته سنڌي ٻوليءَ جا اديب ۽ محقق پاڪستان ۾ ڳالھاين ويندڙ ٻولين ڏانھن پنھنجائپ ۽ دوستيءَ جو ناتو رکن ٿا. اھڙي ناتي کي، پھاڪن ۽ چوڻين جي حوالي سان پَڪو پختو ڪرڻ ۾، سنڌي ٻوليءَ جي نامياري محقق انجنيئر عبدالوھاب سھتي جو پڻ واکاڻ جوڳو ۽ اھم ڪردار آھي.

انجنيئر عبدالوھاب سھتي جِي، سنڌي ادب ۽ تحقيق جي شعبي ۾، بنيادي سڃاڻپ پھاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن تي تسلسل سان تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي آھي، جنھن سلسلي ھيٺ، سندس ۱۷ ڪتاب ڇپجي، مڃتا ماڻي چڪا آھن، جڏھن ته ھُو افسانوي ادب ۾ ڪھاڻيڪار جي سڃاڻپ رکي ٿو ۽ سندس ٽي ڪھاڻين جا مجموعا پڻ ڇپيل آھن.

سھتي صاحب ڪوشش ڪئي آھي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ پھاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق ۽ پيشڪش سان گڏ، ٻين ڏيھي ٻولين جي پھاڪن ۽ چوڻين کي پڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ پيش ڪري. ان سلسلي ھيٺ، سندس ھڪ ڪتاب ”گهاگهر منجھ ساگر“ اڳ ۾ ڇپجي چڪو آھي، جنھن ۾ ھندڪو ٻوليءَ جا پھاڪا ۽ چوڻيون، سولي سنڌيءَ ۾، سھيڙيل ۽ سمجھايل آھن. ھاڻ ان سلسلي کي اڳتي وڌائيندي، ھُن پھاڙي ٻوليءَ جي پھاڪن ۽ چوڻين تي تحقيقي ڪم ڪيو آھي، جيڪو موجودہ ڪتاب ”پھاڙي آکاڻ“ ۾ پيش ڪيو پيو وڃي.

پھاڙي ٻولي، گھڻي ڀاڱي، پاڪستاني پنجاب جي ڪجھ علائقن سميت، آزاد ڪشمير ۽ انڊيا جي انتظام ھيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سوڌو ھماچل پرديش ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، ۽ ڄڻ ته ٻن ملڪن ۾ پکڙيل آھي. ڊاڪٽر محمد صغير خان جي ڪتاب ”پہاڑي کہاوتيں: آخان“ (۲۰۰۲ع) ۾، گوجري ۽ پھاڙي ٻولين جي حوالي سان، باباءِ گوجرِي رانا فضل حسين لکي ٿو: ”يہ دونوں زبانيں رياست جموں و کشمير کے دونوں حصوں کے علاوہ پاکستان، بھارت، افغانستان اور برطانيہ ميں بھي اپني بين الاقوامي حيثيت کا جواز پيدا کرتي ھيں.“

ڊاڪٽر محمد صغير خان، ساڳئي ڪتاب ۾، پنھنجي پاران لکيل ”اعتراف“ ۾ لکي ٿو: ” پہاڑي آخان بڑے تہدار اور ہمہ پہلو ہوتے ھيں، ان کو اردو يا کسي دوسري زبان ميں پورے طور پر منتقل کرنا اگر ناممکن  نہيں تو مشکل ضرور ھے.“ ان تناظر ۾، جيڪڏھن اسان انجنيئر عبدالوھاب سھتي جي ڪيل ڪم تي تنقيدي نظر وجھون ٿا، ته سُڌ پوي ٿي، ته سھتي صاحب، پھاڙي ٻوليءَ جي ھنن پھاڪن ۽ چوڻين تي پڻ ان ريت ئي محنت ڪئي آھي، جيئن ھو سنڌي ٻوليءَ جي پھاڪن ۽ چوڻين تي ڪندو آھي يعني ھُن نه رڳو پھاڪن ۽ چوڻين جون سوليون سمجھاڻيون، تشريحون يا وضاحتون لکيون آھن، پر پھاڙي ٻوليءَ جي لفظن جي ضروري لغت پڻ ڏني آھي، گڏوگڏ ھن پھاڙي پھاڪن ۽ چوڻين جا سنڌيءَ ۾ تُز ترجما ڏيڻ سميت، لفظن جي ٿوري مَٽ سَٽ سان مستعمل ساڳئي مفھوم وارا پھاڪا ۽ چوڻيون پڻ درج ڪيون آھن، ته جيئن پھاڪن ۽ چوڻين جي مختلف علائقن ۾ ڳالھائجندڙ روپن کي پڻ لکت ۾ قلمبند ڪري ڇڏجي. ان لحاظ کان سھتي صاحب، ڊاڪٽر صغير جي لفظن موجب، ھڪ مشڪل ڪم کي سنڌي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪيو آھي. ان سان سنڌي ٻوليءَ جي سگھ جي ڪَٿ به ٿئي ٿي.

عبدالوھاب سھتي صاحبَ سنڌي ٻوليءَ ۾ ھيءُ ڪتاب جوڙڻ ۾، ڊاڪٽر محمد صغير خان جي ڪتاب ”پہاڑي کہاوتيں: آخان“ (۲۰۰۲ع) ۽ محبت حسين اعواڻ جي ڪتاب ”مري، گليات ني پہاڑي بولي چ ’آخان‘ متان، ٹچکراں طہ سياننيان“ (۲۰۰۹ع) تان مدد ورتي آھي. انھن ڪتابن ۾، پھاڪن ۽ چوڻين سميت محاورا، اصطلاح، تشبيھون، قول، مترادف ۽ ٽوٽڪا به آندل آھن ڇاڪاڻ ته پھاڙي ٻوليءَ ۾ انھن سڀني لاءِ ھڪ ئي جامع لفظ ”آخاڻ“ ڪتب آندو ويندو آھي، پر سھتي صاحب صرف پھاڪن ۽ چوڻين کي پنھنجي ڪتاب ۾ شامل ڪيو آھي، ته جيئن موضوع جي وحدت برقرار رھي.

مون کي پَڪ آھي، ته انجنيئر عبدالوھاب سھتي جو، پھاڙي ٻوليءَ جي ۷۰۴ عدد پھاڪن ۽ چوڻين تي مشتمل ھيءُ ڪتاب ”پھاڙي آخاڻ“ پسند ڪيو ويندو. اھا پَڪ به اٿم، ته ھيءُ ڪتاب ڀيٽاڀيٽي (تقابلي) لسانيات ۽ پھاڙي ٻوليءَ جي لغت سان دلچسپي رکندڙن جي دلچسپيءَ وٽان پڻ ثابت ٿيندو.

سدائين گڏ.

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

ڊائريڪٽر (اعزازي)

ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر

۱۲- سيپٽمبر ۲۰۲۰ع