ص
462. صبر ناں پھل مٹھا ہوناں۔ (کہاوت)
صبر واري سان رب ريڌل ۽ ساڻُ آ. جڏھن ته تڪڙي ۽ اٻھري جي ياري شيطان سان ھوندي آ، جيڪو اٻھرائپ جو دڳ وٺائي، کيس اوجھڙ ۾ وڃي وجھندو آ. صبر واري کي تڪليف ايندي آ پر انتُ، خوش آئند ھوندو اٿس.
مطلب؛ ۱. صبر جو ڦل، مٺو ھوندو آ.
۲ صبر جا سورنھن، تڪڙ جا تيرنھن.
۳. صبر جنين جو سير، اڻ-گس تنين جو تير.
463. صبر ناں صلہ اللہ کول آ۔ (کہاوت)
الله صبر واري سان گڏ آ. جن عملن سبب، رب جي ويجھڙائي نصيب ٿئي ٿي، سي ڄڻ الله طرفان نعمت آھن. ان نعمت جو بدلو، ڌڻي سڳورو خود آ. پوءِ جنھن جو رب، تنھن جو سڀ.
مطلب؛ ۱. صبر جو صلو، الله وٽ آ.
۲. صبر جو بدلو، رب ڏيندو آ.
464. صرفہ کری ستی، آٹا کھا گئی کتی۔ (کہاوت)
ڪنجوسائپ به حد اندر ٺھندي آ. گھڻي پڪائي، ٺھيل ڪم به بگاڙي ڇڏيندي آ. اگر پڪائي ڪري پئسا پاڇي ڪجن ته انھن کي ڪتب به آڻجي. بي-مالڪيو ڇڏي، سمھي نه پئجي، جو مال ئي ملھالا تڳائي وڃن.
مطلب؛ ۱. صرفو ڪري ستي، اٽو کائي ويس ڪتي.
۲. صرفو ڪجي ته سجاڳي به ڪجي.
۳. پڪائي ڪجي ته اک به پٽجي.
۴. ڪنجوسائپ کان پوءِ، ڳڻ ڳوت به ڪجي.