لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڙي آخاڻ

پھاڙي ٻولي، گهڻي ڀاڱي، پاڪستاني پنجاب جي ڪجهہ علائقن سميت، آزاد ڪشمير ۽ ڀارت جي انتظام ھيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سوڌو ھماچل پرديش ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، ۽ ڄڻ تہ ٻن ملڪن ۾ پکڙيل آھي. عبدالوھاب سھتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ھيءُ ڪتاب جوڙڻ ۾، ڊاڪٽر محمد صغير خان جي ڪتاب ”پہاڑي کہاوتيں: آخان“ (۲۰۰۲ع) ۽ محبت حسين اعواڻ جي ڪتاب ”مري، گليات ني پہاڑي بولي چ ’آخان‘ متان، ٹچکراں طہ سياننيان“ (۲۰۰۹ع) تان مدد ورتي آھي.

Title Cover of book پھاڙي آخاڻ

ک

ک
481. کاٹھے نی کٹوی، روز روز نئی چڑھنی۔ (کہاوت)
ڪاٺُ ٻارڻ جي طور تي ڪم ايندو آ. باھ ڏيکارڻ سان خود ته سڙندو آ پر ساٿ واري شيءِ کي به رک ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آ. اگر رڌڻ جو ٿانءُ ڪري استعمال ڪبس ته کاڌو، رجھڻ رجھڻ جي ماڳ، سڙي ڪوئلا ٿي ويندو.
مطلب؛ ۱. ڪاٺ جي ڪني، ڏيھاڙي ڏيھاڙي نه چڙھندي.

482. کاسوی در بند کیتیا ہوئیں تہ روڑی مرے۔ (کہاوت)
کاسوی؛ نڪمو ماڻھو. روڑی؛ روڙڻ، سيءَ منجھ ڏڪڻ.
سياري جي موسم اندر، رات ڌاري در دروازا بند ڪري، سيءَ کان بچاءُ نه ڪبو ته رلي يا سوڙ به بچاءُ نه ڪري سگھندي. سوڙ ۾ ستل جو ننڊ ۾ پاسو ورائيندي پلو لٿو ته سٽجي ويندو. درن بند ڪرڻ ۾ سستي نه ڪجي.
مطلب؛ ۱. نڪمو، در بند ڪري ھا ته سيءَ ۾ روڙي مري ھا؟!

483. کاغ ہنساں نی بولی بولنیاں اپنی وی پہلی غا۔ (کہاوت)
ھر ساھدار کي جسم جي نرالي ساخت سان گڏ پنھنجي ٻولي ۽ چال عطا ڪئي وئي آ. ٻئي جي رنگ ڍنگ تي موھت ٿي، اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته ھر ڪو حقارت سان ڏسندس. ٻين جون عادتون اپنائڻ بجاءِ، پنھنجي اندر وديعت ٿيل خاصيتن کي اجارجي ۽ نکارجي.
مطلب؛ ۱. ڪانءُ ھليو ھنس جي ٻولي سکڻ، پنھنجي به وسري ويس.
۲. ڪانءُ ھليو مور جي ٽور، پنھنجي چال به وڃايائين.

484. کاغیں نی بولی کاغ سمجھیں۔ (کہاوت)
جنس، جنس جي ٻولي سمجھندي آ. ڌاري جنس، ٻولي سمجھڻ ۾ قاصر ھوندي آ. ھڪ جنس جي آوازن جا اڀار/چاڙھ ۽ لاھ، ٻي جنس جي آواز جي اڀارن کان مختلف ھوندا آھن. ٻي جنس وارا، اھي سمجھي نه سگھندا آھن.
مطلب؛ ۱. ڪانوَن جي ٻولي، ڪانءَ سمجھن.

485. کال گزری گشناں، کالغ رئی گشنی۔ (کہاوت)
کال؛ مصيبت. گزری؛ گذري، ٽري. گشناں؛ ويندو. کالغ؛ برائي، ٽڪو. رئی؛ ھرگز نه. گشنی؛ ٽري.
مصيبتون، جھان جي وايومنڊل ۾، طوفانن وانگر گھلنديون رھنديون آھن. ڪٿي به رڪجي بيھن نه ٿيون. حالات واقعات ڏيھاڙيءَ جي حساب سان نت نوان ھوندا آھن. برائي وقت تي ٿي، گذري ويندي، پنھنجا پيرا ڇڏي ويندي.
مطلب؛ ۱. مصيبت ٽري ويندي، برائي ڪين ٽرندي.
۲. رڻا ڇٽي وڃن، وڻا ڪين وسرن.

486. کبھے کی لت لگی، اس ناں کبھ لکوی غا۔ (کہاوت)
ڪُٻو، جنھن جي پٺيءَ ۾، چيلھ کان ڪنڌ تائين ڪُٻ نڪتل ھجي. ڪٻ سبب، قد ماريل ھوندس. ڪٻ واري لت لڳڻ سان، ڌڪ جو سور ٿيندس. امڪان آ ته؛ ڪٻ سڌي ٿيڻ جو فائدو پويس.
مطلب؛ ۱. ڪٻڙي کي لت لڳي، ويتر چيلھ سڌي ٿي ويس.
۲. کبھے نی لت، کم اچھی غی۔ (کہاوت)
۳. ڪٻي کي لڳل لت به ڪم اچي وڃي.
۴. کوبے لت پرے اینی۔ (کہاوت)
۵. ڪٻي کي لت، فائدو ڏئي.

487. کتا کتے ناں، بیری ہونا۔ (کہاوت)
ڪتي کي ڪم ايندڙ شيون؛ کائڻ وارو ھڏو، ڍونڍ، گند جو ڍير، ماڻھن ۽ حلال جانورن کي ڪم نه اچن. وري به ڪانون ۽ ڪتن جي ڪم اچن. ساڳي شيءِ جا طالبو، ھڻ-وٺ ۾ ھوندا آھن ته جيڪر اڳلو نه ھجي ۽ مال مان تڳايان. منجھن وير، اڻٽر آ.
مطلب؛ ۱. ڪتو، ڪتي جو ويري.
۲. کتے ناں کتا بیری۔ (کہاوت)
۳. ڪتي جو، ڪتو دشمن.
۴. فقير، فقير کي نه سھي.
488. کتا مالکے پچھاننا۔ (کہاوت)
ڪتي کان جيڪو، ٽُڪر ڦري، سو سندس دشمن آ. جيڪو کيس ٽڪر وجھي، تنھن آڏو پڇ لوڏيندو ۽ کيس ھمدرد سمجھندو. جنھن ڌڻيءَ جي ھٿان ٽڪر کائي ٿو، تنھن کي ڇتو ٿيڻ پڄاڻان به سڃاڻي ٿو.
مطلب؛ ۱. ڪتو، ڌڻي سڃاڻي.
۲. ڇتو ڪتو، ڌڻيءَ کي نه کائيندو آ.

489. کتا وی دمڑی نال جاہ صاف کری بیناں۔ (کہاوت)
جتي ويھجي تتي ٿيل گندگي صاف ڪجي ته جيئن صاف سٿرو رھجي ۽ بيمارين کان بچجي. ڪتو، ڍونڍ پسند ڪندڙ آ، پر جاتي ويھندو آ تاتي پڇ لوڏي ويھندو آ. انسان کي، ڪتي جي ان وصف مان، سبق پرائڻ گھرجي.
مطلب؛ ۱. ڪتو به پڇ سان، جاءِ صاف ڪري ويھندو آ.

490. کتا وے، پہوکے ناں۔ (کہاوت)
ڀؤنڪڻ، ڪتي جي فطرت آ. رات جو چور يا اوپري ماڻھوءَ سان وڙھي نه ٿو سگھي ته مٿس ڀؤنڪڻ ضرور کپيس. اگر چورن ڏٺي، ڀؤنڪ به نه ٿي نڪريس ته پوءِ اھڙو ڪتو ڌارڻ مان، ڪو فائدو ناھي.
مطلب؛ ۱. ڪتو ھجي ۽ ڀونڪي نه!
۲. ڪتي جو ڪم آ، ڀؤنڪڻ.

491. کتے ای کیہہ نا بچنا۔ (کہاوت)
گيھ، مکڻ جي ڀيٽ ۾ زود ھضم آ. مکڻ ھضم نه ٿيڻ واري جي اڻڀي آنڊي کي، سڻڀو ڪرڻ واسطي، گيھ جو ڍُڪ ڀرائبو آ. ڪتي جا ڏند، ھڏن چٻڻ تي ۽ آنڊا ھڏن ھضم ڪرڻ تي ھريل آھن، سي گيھ مان ڇا ڄاڻن؟!
مطلب؛ ۱. ڪتي کي گيھ ھضم نه ٿئي.
۲. کتے کہیو نئیں بچنا۔ (کہاوت)
۳. ڪتو، گيھ نه پچائي سگھي.
۴. کتے کی کہئے نا پچناں۔ (کہاوت)
۵. ڪتي کي گيھ نه جِوري.

492. کتے پہوکنے رہنیں۔ (کہاوت)
ڪتي جي فطرت آ؛ ڀؤنڪڻ، سو ڀؤنڪندو ضرور. ڀؤنڪ جي ڀؤ کان، پنھنجا ڪم روڪڻ نه گھرجن. جيڪو گارين ڏيڻ جو عادي آ، تنھن تي ڪن ڏيڻ بجاءِ، پنھنجي ڌن ۾ مگن رھجي. جواب ڏيڻ ۾، فائدو ناھي.
مطلب؛ ۱. ڪتا ڀونڪندا رھندا آھن.
۲. فقير پنندو رھي، ڪتو ڀؤنڪندو رھي.
۳. ڪتي جي ڀؤنڪڻ تي، چنڊ چمڪڻ نه ڇڏيندو آ. (عربي)

493. کتے کی پیار کرو، موئیں واخ چھٹ کرنا۔ (کہاوت)
لڪڻ يا چٽڻ، پير ھجي يا منھن، ڪتي جي فطرت آ. ڪيڏو به قرب ڏبس، ڪندو اھو جو سندس فطرت ۾ آ. نانگ/ وڇونءَ جو ڪم آ ڏنگ ھڻڻ، ڀلي کير پيارجين پر ھڻندا ضرور. ڪتو به، لڪڻ واري فطرت کان، مجبور آ.
مطلب؛ ۱. ڪتي کي قرب ڏي ته اچي منھن لڪي.

494. کتے نی دمڑی کی باراں سال نالی چ بائی رکھو، کڈسو ڈنگی نی ڈنگی۔ (کہاوت)
ڪتي جو پڇ، وريل ئي ڪم جو آ. سڌو ٿيو ته ان جي ڪم جو ناھي. قدرتي طور، ان کي ٽيڏو رکيو ويو آ. فطرت طرفان جوڙيل شيءِ کي موڙڻ يا سڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته ڪري نه سگھبو.
مطلب؛ ۱. ڪتي جي پڇ کي ٻارھن سال نڙ ۾ وجھ، ڪڍ ته ڏنگي جو ڏنگو.
۲. کتے نی دمڑی آر، کدے وی سدھا، نا ہوئی سکناں۔ (کہاوت)
۳. ڪتي جي پڇ جو وڪڙ، ڪڏھن به سڌو ٿي ئي نه سگھندو.
۴. ڪتي جو پڇ ٻارھن مھينا نڙ ۾ وجھي، ڪڍيائون ته ڏنگي جو ڏنگو.
۵. ڪتي جو پڇ وڌائون پائيپ ۾، سڌو نه ٿيو پر پائيپ به ڏوڙو۔

495. کتیا تواڑا موں، ژاں تواڑے خصماں ناں موں۔ (کہاوت)
ڪتو، ھر آئي وئي تي گِرندو آ. کيس ڌت ڪرڻ ڌڻين جو ڪم آ. آيل مھمان تي ڀؤنڪيو ته مالڪ ھڪل ڏيندس. ھڪل تي نه رڪيو ته پري کان ڀُونڊو ڏيندس. اڃا بي شناسو ٿيو ته لٺ کڻي ڊڪائيندس. ڌڻيءَ نه روڪيس ته مھڙ ڌڻيءَ ڏانھن ٿيندي، ڪتي ڏانھن نه، جو ھو فطرت کان مجبور آ.
مطلب؛ ۱. ڪتا تو نه منھن، تنھن جي ڌڻين منھن.

496. کٹویا چٹ نے بیاہ، ر بدل ہونا۔ (کہاوت)
کٹویا چٹ؛ ڪُنا-چَٽُو، ڪُنو چٽيندڙ. نے؛ جي. بیاہ؛ وھانءَ، پرڻي. ر؛ تي. بدل؛ بادل، جھڙ، مينھن، برسات. ہونا؛ پوندي.
ڪنا چٽڻ به ھڪڙن جي عادت ٿي پوندي آ. نه چٽين ته ڍؤ ئي نه ٿئين. جنھن سببان، اويلو آيل مھمان لاءِ، گھر ۾ ٽڪر نه بچندو آ. ان سببان ڪنا-چٽوءَ کي اھو چئي ٽوڪبو آ؛ ”ڪنا-چٽوءَ جي شاديءَ ۾ مينھن وسندو آ.“ ته جيئن ڪنن چٽڻ جي عادت ڇڏي وڃي.
مطلب؛ ۱. ڪُنو چٽيندڙ جي وھانءَ ۾ مينھن ضرور پوي.

497. کٹیا ناں لیٹھانا تہ نہوں نا کھادا کدھر گیسی۔ (کہاوت)
کٹیا؛ وڇ، پاڏي. ناں؛ جو. لیٹھانا؛ کير ڌائڻ. نہوں؛ نونھ، پٽ جي زال. نا؛ جو. کھادا؛ کاڌو، کائڻ پيئڻ. کدھر گیسی؛ ڪاڏي ويندو.
پاڏي جي ڀيٽ ۾ وڇ جو کير ڌائڻ وڌيڪ ڪارائتو ٿيندو جو مال ۾ واڌاري جو سبب مادي ھوندي آ. نونھ، کائيندي پيئندي ته اولاد ڄڻڻ قابل ٿيندي، جنھن سان خاندان جون پيڙھيون اڳتي وڌنديون.
مطلب؛ ۱. وڇ جو ڌاتو، نونھ جا کاڌو؛ ڪاڏي نه ويندو.

498. کچے کہڑے نئے ترنیں۔ (کہاوت)
ٿانءَ ۾، نرالي ساخت سبب، پاڻيءَ تي ترڻ جي خاصيت ھوندي آ. شرط اھو آھي ته ڪنن کان اوتجي، سوسريءَ مان وھي، يا ڀيلي ھئڻ سبب سمي، پاڻي اندر نه پويس. ان سان وزن وڌي وڃڻ سبب، ترڻ بجاءِ، ٻڏي ويندو.
مطلب؛ ۱. ڪچا دلا، نه ترن.
۲. ڀيلو گھڙو، ٻوڙي.

499. کدے تھکے نال وی، منڈے پکے۔ (کہاوت)
ٿُڪ، وات مان نڪتل لعاب، وات جي ته ضرورت آ. اڇلئي پڄاڻان ڪم جي ناھي. کاڌي رڌڻ لاءِ صاف سٿرو ۽ جالارو پاڻي کپي. ٿڪ يا ٿڪ جيتري مقدار جي پاڻيءَ سان کاڌا تيار نه ٿي سگھندا آھن.
مطلب؛ ۱. ڪڏھن ٿڪ سان به کاڌو رڌو آ.
۲. تھکے نال، منڈے نئے پکنے۔ (کہاوت)
۳. ٿُڪن سان کاڌا تيار نه ٿيندا آھن.

500. کدے قسمتی نیں لخیے مٹنیں؟۔ (کہاوت)
دنيا ٺھڻ کان اڳ، تقدير واري، روزي رزق، موت حياتي، عزت ذلت، سڀ لکي ڇڏيون آھن. ان لکئي تحت، سارو جھان ھلي ٿو. لکڻ وارا قلم خشڪ ٿي چڪا آھن. ھاڻي نه اھو ميسارجي سگھندو، نه مٽائي ٻيو ٿي سگھندو.
مطلب؛ ۱ . قسمت جا لِکيا ڪڏھن نه مٽيا آھن.
۲ . لکيو؛ پڙي، نا ٽري.

501. کدے گنگے گیاں، ہڈیاں وی مڑیاں؟۔ (کہاوت)
گنگا، ھندستان اندر ندي، جنھن جي جَل جي پوڄا، ھِندو ڪندا آھن. پنھنجي وڇڙيلن جون ھڏڙيون ۽ گل، اگني سنسڪار بعد، منجھس پرواھ ڪندا آھن. پرواھ ڪيل گل ۽ ھڏڙيون، ڪڏھن اتان موٽيا ئي ناھن.
مطلب؛ ۱. ڪڏھن گنگا ويل ھڏيون به موٽيون آھن؟
۲. مرے، نئے مڑے۔ (کہاوت)
۳. مئا، ناھن موٽيا.
۴. مئا به ڪڏھن مساڻن مان موٽيا آھن؟
۵. قبر اندر دفن ٿيل مردو، ڪڏھن موٽيو ناھي.

502. کڈھے تہو کی، سنائے نوآں کی۔ (کہاوت)
نونھ، پرائي ڄائي ھئڻ سبب، چيو نه سھي سگھندي. پنھنجي ڌيءُ سھي ويندي. غلطيءَ تي اگر ڇينڀ ڪڍڻي ھجي ته ڌيءُ کي ڇينڀجي، ته نونھ به ڪَن ڪندي. سڌو نونھ کي چئبو ته معاملو گنجرجي ويندو.
مطلب؛ ۱. اوٻر ڪڍجي ڌيءُ تي، لاھڻي لاھجي نونھ تي.
۲. ڌڪ ھڻجي ڌيءُ کي ته سکي نونھ.

503. کر مزوری طہ کھا چوری۔ (کہاوت)
محنت مزوري ڪرڻ سان پئسو ملي ٿو ۽ پئسي سان کائڻ جون شيون وٺي سگھجن ٿيون. بنا پئسي جي ڇڙٻون ملن ٿيون، کاڌي جي شيءِ نه. چوريون/ ڪٽيون کائڻيون آھن ته مزوري ڪجي. پئسا ڪمائي، سڻڀا کاڌا کائجن.
مطلب؛ ۱. ڪر مزوري، کاءُ چوري.

504. کرسن، پہرسن۔ (کہاوت)
ھر ڪيل ڪم جو بدلو، دنيا اندر ملي ٿو. مزوريءَ جو معاوضو پئسن جي صورت ۾. چڱي ڪم جو بدلو، چڱائيءَ جي نتيجي ۾ ملي ٿو. بري ڪم جو بدلو، برائيءَ جي صورت ۾ ملي ٿو. ڪرڻي، ڀرڻي آ.
مطلب؛ ۱. ڪندا، ڀريندا.
۲. کیتی اپنے اگیں اشنی۔ (کہاوت)
۳. ڪيتو اڳيان اچڻو آ.
۴. کرنی ناں پھل، ضرور ملناں۔ (کہاوت)
۵. ڪرڻيءَ جو ڦل، پڪ ملي.

505. کرنی مزوری، نخرہ کئہ۔ (کہاوت)
مزوري يا نوڪري ڪرڻ واري کي نخرا نه ڪرڻ گھرجن. مزوري ڪرائڻ وارو پئسا ڏئي مزوري ڪرائي ٿو. اھو پئسن ڀرڻ کان پوءِ، نخرا يا ٽِڻ مڻ برداشت نه ڪندو. پاڻ ته ڇڙٻون ڏيندو، پر ٻين وٽ به گلا ڪندو.
مطلب؛ ۱. ڪري مزوري ۽ ڪري نخرا.
۲. نوڪريءَ ۾ نخرا ڪھڙا؟

506. کرنی نیکی طہ کئہ پچھناں۔ (کہاوت)
نيڪي ڪرڻي ھجي ته ڪري ڇڏجي. ھر ھر پڇڻ سان اڳلي کي بيزار ڪري وجھبو. بيزاريءَ مان اڳلو، پيو لھرائيندو. کيس چڱائي به چگھائي پئي نظر ايندي. مھمان کي چانھ پيارڻي ھجي يا ماني کارائڻي ھجي ته بنا پڇا پيش ڪجيس. پڇي پڇي، اجايو لڄي نه ڪجيس.
مطلب؛ ۱. ڪجي نيڪي سا به پڇي پڇي!
۲. نيڪي ۽ پُڇ پڇ! (ھندي)

507. کرو طہ سو راہ، ناں کرو طہ ہیک وی ناں۔ (کہاوت)
کرو ۽ سچو ماڻھو، دل ٻڌي ڪم ڪندو آ. سندس آڏو سوين راھون کلي پونديون آھن. جتان آسان لڳندو اٿس، اتان نڪري ويندو آ. نڪمي ۽ کوٽي آڏو رنڊڪون ئي رنڊڪون اينديون آھن. ھڪ به راھ نه کلندي اٿس جو توڙ تائين وڃي پڄي. ڪم نه ڪرڻ لاءِ، ھزارين بھانا ٺھي پوندا اٿس.
مطلب؛ ۱. ڪيو ته سؤ راھون، نه ڪيو ته ھڪ به نه.

508. کرے کوئی، طہ پہرے کوئی۔ (کہاوت)
وڏڙا ڪمائي، ملڪيتون جوڙيندا آھن. کائي اوبارڻ بعد به ايتري ڇڏي ويندا آھن، جو پونير به پيا عياشيون ڪندا آھن. وڏڙن اگر بڇڙا ڪم ڪيا ھوندا ته پاڻ ته لوڙيو ھوندائون، پر سندن پونير به، پيا لوڙ لوڙيندا آھن.
مطلب؛ ۱. ڪري ڪير، ڀري ڪير.
۲. ڀيٽيو؛ کمائے کوئی، کھائے کوئی۔ (کہاوت)

509. کڑکیا بوٹیا ناں شوربہ وی کڑکا ہونا۔ (کہاوت)
کڑکیا؛ ڪؤڙين، ڪسارين. بوٹیا؛ ٻوٽين، ٻوٽا، ساڳ. شوربہ؛ شوروو، رھو، رس.
جھنگ مان آندل ڏٿ، کاڌي طور استعمال ٿئي ٿو. سرنھ، چڻي ۽ پالڪ جا پن ته ساڳ/ پلي ڪري کائجن ٿا. ڄانڀي، موريءَ ۽ گوگڙن جا پن، ڪسارپ سبب رڌي نه ٿا کائجن، نه ئي انھن جي رس، ڳنڌڻ طور ڪو به کائيندو آ.
مطلب؛ ۱. ڪؤڙي ٻوٽيءَ جو رھو به ڪؤڙو ئي ٿيندو.
۲. جھِڙا وڏا ھوندا، اولاد به اھڙو ئي ٿيندو.
510. کڑیاں نی ذات بے وفا ہونی۔ (کہاوت)
عورت، مرد جي ڀيٽ ۾، جسماني طور ڪمزور ٿيندي آ. منھن سامھون وڙھي نه سگھندي آ. اَڙ وٺي وڙھندي يا بڇ ڪري مارائيندي، جنھنڪري بي وفا سڏي وئي آ.
مطلب؛ ۱. عورت جي ذات، بيوفا.

511. کڑیاں نی مت کھری چ ہونی۔ (کہاوت)
عورت، ٻاھرين شين کي ويجھڙائيءَ کان نه ڏسندي آ، جنھن سبب مرد جي ڀيٽ ۾ عقل گھٽ رکندي آ. زور ڏئي عقل جو نماءُ ڪندي ته ڪٿي نه ڪٿي ڪم عقليءَ جا نشان ڇڏي ويندي. سندس عقل، کڙيءَ ھيٺان آ.
مطلب؛ ۱. عورت کي عقل، کڙيءَ ۾.

512. کڑیا نیئں چج، کرنی اج پج۔ (کہاوت)
کڑیا؛ ڇوڪريءَ. نیئں؛ کي نه. چج؛ سليقو، سانجڻ جو ڏانءُ. کرنی؛ ڪندي. اج پج؛ اُون آن، آئين بائين، کسر ڦسر.
سليقي ۽ شعور واري عورت، ڪم ۾ ھٿ وڌو، جھٽ پورو ٿيو. بي سليقه، ھٿ وجھڻ کان ئي پئي لھرائيندي. سياري جي صبح جو، ٿڌي پاڻيءَ ۾ وھنجڻ کان جيئن ٽوٽي لھرائيندا آھن، تيئن ڪلڇڻي/ ڦوھڙ به پئي ڪم ۾ ھٿ وجھڻ کان لنوائيندي آ.
مطلب؛ ۱. بي سليقه عورت، ويٺي اُون آن ڪندي.
۲. ڪم نه ڄاڻندڙ، ويٺو بھانا ڳوليندو آ.
۳. ڀيٽيو؛ جس داخا ہتھ نہ پجے تھو کڑکی.

513. کسے آخے، کھوئے چ کنڑ چھال مارنا۔ (کہاوت)
کسے آخے؛ ڪنھن جي چئي، ڪنھن جي ورغلائڻ تي. کھوئے چ؛ کوھ منجھ. کنڑ؛ ڪوڻ، ڪير. چھال مارنا؛ ٽپو ڏيڻ، خودڪشي ڪرڻ.
پاءُ اٽي جو کائڻ واري کي، حياتي گذارڻ ۽ روزگار ڪرڻ لاءِ، عقل ذرو به مليل آ. ڀلي ڍلي جي کيس ڄاڻ آ. ڪم ڪرڻ وقت، صلاح ته ھر ڪنھن کان وٺي پر ڪري پنھنجي مت آھر. ٻين جي چوڻ تي باھ ۾ ڪو به نه گھڙي.
مطلب؛ ۱. ٻئي جي چئي، کوھ ۾ ڪير ٿو ٽپو ڏئي؟!

514. کسے ناں ہتھ چلناں، کسے نی زبان چلنی۔ (کہاوت)
گذر سفر لاءِ، پئسو خرچ ڪرڻو پوي ٿو. جڏھن ته ڪي ڪم اھڙا آھن جن جي ڪرڻ لاءِ ھٿ پير ھڻڻو پوندو آ. ھڪڙا ڪم اھڙا آھن، جن لاءِ زبان سان ڳالھائڻو پوندو آ. ڪن ڪمن جي ٿيڻ لاءِ ھڏ ھلائڻو پوندو آ.
مطلب؛ ۱. ڪنھن جا ھٿ ھلندا آھن، ڪنھن جي زبان.

515. کسے نی گلے ایسو، طہ پچھتاسو۔ (کہاوت)
ٻين جي ڳالھين ۾ اھو ايندو آ، جيڪو عقل ھلائڻ بجاءِ، سولائيءَ جو رستو اختيار ڪرڻ چاھيندو آ. ھر سولائيءَ/ آسانيءَ جي پڇاڙي/ انتھا، ڏکيائيءَ ڏانھن ھوندي آ، جتي پڇتاءَ کان سواءِ ڪي به حاصل نه ٿيندو آ.
مطلب؛ ۱. ڪنھن جي ڳالھين ۾ اچبو ته پڇتائڻو پوندو.

516. کسے نیاں شالا ہتھ نہ بہایئے تہ کوئی تسیں نے پہورے کیاں ہتھ بہائے۔ (کہاوت)
کسے نیاں؛ ڪنھن جي. شالا؛ شال ۾، رومال ۾. بہایئے؛ وجھجي. پہورے؛ پراڻو رئو.
ھر ڪنھن کي پنھنجي شيءِ پياري آ. اھو ان جي تعريف ٻڌڻ پسند ڪندو آ. گلا ٻڌڻ پسند نه ڪندو آ. ٻين سان جھڙو ورتاءُ ھلبو، اھي به اھڙو ھلندا. ٻين جي خسيس شيءِ جي گلا ڪبي، موٽ ۾ اھي چڱي شيءِ جي گلا ڪندا.
مطلب؛ ۱. ٻئي جي رومال ۾ ھٿ نه وجھندين ته ٻيو تنھنجي پراڻي رئي ۾ ڇو ھٿ وجھندو.
۲. نه پرائي کٿي کي ھٿ لائجي، نه پنھنجو پَٽُ پُڻائجي.

517. ککڑ بانغ ناں دے، طہ سویل نئی ہوسی۔ (کہاوت)
ڪڪڙ، عادتًا ۽ فطرتًا، اسر ڌاري ٻانگن جو دس ھڻندا آھن. الله جا ٻانھا، اھي ٻڌي، الله کي ياد ڪري، وڃي ڌنڌي سان لڳندا آھن. اگر ڪڪڙ ٻانگ نه ڏني ته به باک ڦٽندي، سج اڀرندو، ھر ڪو وڃي ڌنڌي کي لڳندو.
مطلب؛ ۱. ڪڪڙ ٻانگ نه ڏيندو ته صبح نه ٿيندو ڇا؟
۲. ڀيٽيو؛ جتھیں ککڑ نیئں اوتھیں وی لوہوئی اینی۔

518. ککڑی بانغ دے طہ کوئی چھوڑوس۔ (کہاوت)
ٻانگ، نر ڪڪڙ ڏيندو آ، مادي نه. آنا، مادي لاھيندي آ، نر نه. اگر مادي ڪڪڙ، ٻانگ ڏئي ته سندس جسماني ساخت تي شڪ ٿيندو، ڇو جو کيس آنا لاھي ٻچا ڏيڻا آھن، نه نر ٿي ٻانگون ڏيڻيون آھن. اھڙي نڪمي ۽ ناڪارھ کي ڪھي ڇڏڻ ئي فائديمند آ.
مطلب؛ ۱. ڪڪڙِ، ٻانگ ڏئي ته ڪھي ڇڏيوس.
۲. جنھن مان فطرتي ڪارج سر نه ٿئي، تنھن مان سنجھي ئي ھٿ پٽجن.
۳. ڪڏھن مادي ڪڪڙ به ٻانگ ڏني؟
۴. ڪڏھن مادي ڪڪڙ به ميل وڙھي؟

519. ککڑی حرامزادی نہ وے تہ دووہے نے کہر انٹا دینی اے نیئں۔ (کہاوت)
ککڑی؛ مرغي. دووہے نے؛ پراون. کہر؛ گھرن. انٹا؛ انڊا، آنا، بيدا.
پنھنجي گھر ۾ نر ڪڪڙ نه ھوندو آ ته پر-گھر جي ڪڪڙ سان ڦَرائڻ جي ارادي مادي اتي ڇڏبي آ ته جيئن ڦرجي. ڦرجڻ بعد، آنو به اتي لاھي ۽ آرو به اتي ڪري ته ان ۾ اڳلن جو ڪھڙو ڏوھ.
مطلب؛ ۱. مرغي حرامزادي نه ھجي ته پراون گھرن ۾ آنا ڇو لاھي!
۲. پنھنجو ڪُتو ڀاڙي نه ٿئي ته گدڙ کي ساھ آ جو ول وڃائي.
۳. لالچي، پنھنجن سان به ويساھ گھاتي ڪري.

520. کل کس ڈھٹھی۔ (کہاوت)
سڀاڻي ٿيڻ جو ڪو به يقين ناھي، تنھنڪري اڄ جو ڪم، سڀاڻي تي نه رکجي. سڀاڻي واري اڀريل سج کي ھر ڪو اڄ جو سج پيو چوندو. ڪير به سڀاڻي نه چوندس، تنھنڪري نه سڀاڻي ٿيڻي آ، نه سڀاڻي جو ڪم ٿيڻو آ.
مطلب؛ ۱. سڀاڻي ڪنھن ڏٺي آ؟!

521. کل نی گل کل نال ڈھٹھی غیسی۔ (کہاوت)
ڪنھن ماڻھوءَ کي، ڪو ڪم چئجي ۽ اھو ان جي ڪرڻ لاءِ سڀاڻي چوي، ان ڄڻ دلاسو ڏئي جان ڇڏائي. يا چئجي؛ ڪم نه ڪيائين. ان جي سڀاڻي واري واعدي کي، اڻ-ٿيڻي يا ٽارڻ ۾ ڳڻيو ويندو.
مطلب؛ ۱. سڀاڻي جي ڳالھ، سڀاڻي سان ڏٺي ويندي.
۲. جڏوڪا مينھن، تڏوڪا پاڻي.

522. کلالاں نیں کہر پہچے پہانڈے۔ (کہاوت)
کلالاں؛ ڪِلالن، گلالن، ڪنڀرن. کہر؛ گھر. پہچے؛ ڀڳل. پہانڈے؛ ڀانڊا، ٿانءَ.
ڪاسبي، محنت سان جوڙيل ھر ڪسي پڪي شيءِ، ڪارج ۾ آڻيندو آ. چڱي شيءِ ملھ تي نيڪال ڪري ڇڏيندو آ، ايستائين جو گھر جي ڪارج لاءِ به پنھنجي ٺاھيل چڱي شيءِ نه رکندو آ. جيڪا شيءِ، ڪنھن به نه ورتي ھوندس، تنھن مان پيو ٽائيم ٽپائيندو آ.
مطلب؛ ۱. ڪنڀر جي گھر، ٻُٽو دلو.
۲. لوھر جي گھر، ڀڳل/چٻي ٽڦڻي.
۳. ڊکڻ جي گھر، کُٿل ڏوئي.
۴. موچیاں نے ترپڑ پھٹے ہونے۔ (کہاوت)
۵. موچيءَ جي گھر، ڇِڳل پادر.

523. کم اوئے جہڑا آپے کرو۔ (کہاوت)
جيڪو مزو/ طراوت، پنھنجي ھٿ سان ڪمايل پئسي خرچ ڪرڻ اندر آ، سو سڪون پرائي/مفت جي مال ۾ ناھي. پنھنجي ھٿن سان ڪيل ڪم ئي وڻندو آ. ٻين جي ھٿان ٿيل ڪم ۾؛ نه مزو، نه سڪون.
مطلب؛ ۱. ڪم اھو، جيڪو پاڻ ڪجي.
۲. آپڻي گھوٽ ته نشا ھووي.

524. کمائے کوئی، کھائے کوئی۔ (کہاوت)
ڪمائيءَ جو ڦل، ھن دنيا ۾، ڪرڻ واري کي ملي ٿو. ان جو ونڊ پنھنجا به ورتين ٿا. وڏا ڪمائين ٿا، اجل جو سڏ اچين ته اھو نصيب نه ٿئين. سندن پونير اھو کائين. ڪن حالتن ۾ ته، مال ملھالا کائي وڃن.
مطلب؛ ۱. ڪمائي ڪير، کائي ڪير.
۲. ڀيٽيو؛ کرے کوئی، طہ پہرے کوئی۔ (کہاوت)

525. کن پرائی اگی چ پیناں۔ (کہاوت)
کن؛ ڪون، ڪير. اگی؛ آگ، باھ. پیناں؛ پوندو آھي.
ڪي ماڻھو، فائدي واري معاملي ۾ ڪاھي پوندا آھن. پوءِ اھي معاملا، پنھنجا ھجن يا پراوا. جڏھن ته نقصان واري معاملي ۾ ڪير به ٽپي نه پوندو آ. پراون جھيڙن جھٽن ۾، ڪير به اچي ڌر نه ٿيندو آ.
مطلب؛ ۱. ڪير پرائي باھ ۾ پوندو؟!
۲. پرائي آئيءَ ۾ ڪير به نه ايندو آ.

526. کن تہوخا کھائی سکنیں، پر اکھیں نیاں تہوخا کھانیاں۔ (کہاوت)
ڏٺل ۽ ٻڌل ڳالھ ۾ فرق آ. ڪنين ٻڌل ڳالھ، ڪٿي به کٽي سگھي ٿي. اکين ڏٺي ڳالھ، چٽي ۽ اڻ-مٽ ھوندي آ. غلطيءَ جي گنجائش، ٻڌل جي ڀيٽ ۾، ڏٺل ۾ گھٽ رھي ٿي. سياڻن جو چوڻ آ؛ ”ڏٺي مان به ڏسجي.“ يعني ڏٺل ڳالھ تي به ويچارجي، اکيون پوري اعتبار نه ڪجي.
مطلب؛ ۱. ڪن دوکو کائي سگھن، پر اکين سان دوکو نه کائجي.
۲. ٻڌيءَ ڳالھ جي ڀيٽ ۾، ڏٺي ڳالھ تي ويساھ وڌيڪ ڪجي.

527. کندھاں نیں وی کن ہونیں۔ (کہاوت)
کندھاں؛ ڪنڌي، ڀت. کن؛ ڪن، ٻڌڻ جو لڱ.
ڀت، جماداتي عنصر، ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جھڙن حواسن کان وانجھيل آ. ٻُڌي ٻُڌائي نه سگھي. مگر ڀت جي ھڪ پاسي کان ڪيل ڳالھ، ڀلي سرٻاٽ/ سرگوشيءَ ۾ ٿئي، ٻئي پاسي کان ڪَن ڏيندڙ ٻڌي سگھن ٿا.
مطلب؛ ۱. ڪنڌيءَ کي به ڪن آھن.
۲. ڀتين کي به ڪَن آھن.
۳. گلا نه ڪجي، جو مالڪ تائين ان جي پڄڻ جا گھڻا رستا آھن.
۴. ڀت جي اوٽ ۾ ڳالھائڻ بدران، ميدان ۾ يا وڻ ھيٺان ڳالھائڻ بھتر آ.

528. کنڈا نکا، منہ تریکھا۔ (کہاوت)
کنڈا؛ ڪنڊو. نکا؛ ننڍو. منہ؛ چنھنب. تریکھا؛ تکي.
ھر شيءِ، ننڍي ھجي يا وڏي، اجائي جوڙيل ناھي. ڪو نه ڪو ڪارج وديعت ٿيل اٿس. ڪنڊي کي به، معمولي سمجھي، لتاڙڻ نه گھرجي. پاڻ ته ننڍو آ پر چھنب تکي ۽ جسم سنھو اٿس، ماس ۾ ٽنبجندي دير نه ڪندو.
مطلب؛ ۱. ڪنڊو ننڍو، چھنب تکي.
۲. ننڍڙي شيءِ کي، بي ضرر نه سمجھجي.

529. کنڈے، پچھو ہکے ہونا۔ (کہاوت)
کنڈے؛ ڪنڊو. پچھو؛ منڍ کان. ہکے ہونا؛ ھڪ ھئڻ.
بدمعاشي ڪرڻ وارن جا ٽولا ھوندا آھن. مگر منڍ جاچبو ته پاٿاريدار مڙني جو ھڪ ھوندو. اگر ان قسم جي برائيءَ کي روڪڻو آ ته بجاءِ ھڪ ھڪ کي جھلڻ ۽ جيلن ۾ واڙڻ جي، دُڻيءَ جي پاٿاريدار ۾ وڃي ھٿ وجھجن.
مطلب؛ ۱. ڪنڊي کي ھڪ ئي پاڙ ھوندي آ.
۲. ڪنڊي کي چھنبون گھڻيون پر پاڙ ھڪ.
۳. بدمعاش گھڻا، مک سردار ھڪ.

530. کنڈھی پچھیں لوک بادشاہ کی وی گالیں دینے۔ (کہاوت)
سوچڻ ۽ ڳالھائڻ لاءِ، ھر ڪنھن کي، پنھنجو ذھن ۽ وات آ. ڪنھن جي اکين تي اکياڙا ۽ وات تي ٻوٿاڙا نه ٿا ٻڌي سگھجن. لوڪ آ ٻوڪ، پيو ڳالھيون وائريندو۽ گلائون ڪندو. گرو گنجو ته ڇا، چڱا ڀلا به پيا لوئبا.
مطلب؛ ۱. پر پٺ بادشاھن کي به پيون گاريون ملن.

531. کنے اپر کند گینی۔ (کہاوت)
کنے؛ پيڙھ جو پٿر. کند؛ ڪنڌي، ڀت. گینی؛ بيھندي، اڏبي.
پيڙھ جو پٿر سڌو، سنئون ۽ مضبوط کوڙيل آ، ته مٿس اڏيل ديوار به جيترو مٿي ويندي، شاھل ۾ ھوندي ۽ لڙڻ بجاءِ ٽُڪ سڌي ويندي. الڙڻ ۽ ڊھڻ جو امڪان گھٽ رھندو. جيڪڏھن اھو ٽيڏو آ ته ڀت آھلجي ڊھي پوندي.
مطلب؛ ۱. ڀت، آئري تي کڄندي آ.

532. کہٹی ناں کیں داروں نا۔ (کہاوت)
دوا دارو، اگھائيءَ لاءِ آ، موت لاءِ ناھي. موت جڏھن ايندو ته کيس نه لوھاوان ڪوٽ روڪي سگھندا، نه حڪيم موٽائي سگھندا. اجل، بي رحم آ. ٽاڻو ڀرجي اچڻ تي، بادشاھن مان به نه ٽرندو آ.
مطلب؛ ۱. کٽيءَ جو ڪو دارون ناھي.
۲. موت جو علاج، حڪيم اجمل وٽ نه ھيو.
۳. اجل کي اجمل، وجھي نه جھل.
۴. اجل کي، اجمل ڇا ڪندو!

533. کہٹھے پہانڈے وی کھڑکی گشنیں۔ (کہاوت)
گڏ رھندڙ ساھدار ته ڇا بي ساھيون شيون به پيون ٺھڪنديون آھن. ٽڪرجڻ، فطري عمل آ، جنھن ۾ حڪمت عملي رکيل آ. ان کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته انھن شين منجھان، مقرر ڪارج سر نه ٿي سگھندو.
مطلب؛ ۱. ٻه ٺڪر ساڻ ھوندا ته پيا ٺھڪندا.
۲. پہانڈے وی آپس وچ کھڑکی گشنیں۔ (کہاوت)
۳. ٺڪر به پيا پاڻ ۾ ٺھڪندا آھن.

534. کہر آ پہکے ٹرو، طہ اگیں وی پہکے ژیے رہسو۔ (کہاوت)
کہر آ؛ گھران، گھرئون. پہکے؛ بکيو. ٹرو؛ ھلبو.
سفر تي نڪرڻ وقت، گھران نيرن پاڻي ڪري نڪرجي. واٽ جي آسري تي رھڻ وارو، آسري ۾ ئي رھي ٿو ۽ اڃيو بکيو موٽي ٿو. پرائي آسري تي گھران تڪڙو ۽ بک تي نه نڪرجي. ان ۾ توڪل، شامل نه ٿي رھي.
مطلب؛ ۱. گھرئون بکيو ھلبو ته اڳيان به بکيو ئي موٽبو.
۲. صبح جو گھران نڪرجي ته نيرن پاڻي ڪري نڪرجي.

535. کہر آیا، مو جویا۔ (کہاوت)
مو؛ ماءُ. جایا؛ ڄايو، ماءُ-ڄايو، ڀاءُ، عزت لائق.
آيل سوالي، ڀلي گھوڙي تي ۽ ڀلا وڳا پائي اچي، کيس ھٿين خالي موٽائڻ، چڱو ناھي. بلڪ ان جي تعظيم ايتري ڪرڻي آ، جيتري پنھنجي ماءُ جي ڪجي ٿي. اھو رب طرفان مھمان آ. ان جو سوال سڻجي ۽ ورنائجي.
مطلب؛ ۱. گھر آيو؛ ماءُ-ڄايو.
۲. جيڪو لڙي اچي ٿو، سو ڀاءُ جي آچار آ.
۳. کہر آئے کتے کی وی، در نیژا آخنیا۔ (کہاوت)
۴. گھر آئي ڪتي کي به ڦٺ نه ڪجي.

536. کہر، کہر آلی نال۔ (کہاوت)
ڇڙو ڇانڊ، جنھن جاءِ ۾ رھي، سا اوطاق ته چئي سگھجي، گھر نه. گھر اھو آ، جتي عورت ۽ ٻار ٻچو رھي. گھر واري، ٻار ٻچي سان گڏ، ٽپڙ-ٽاڙيءَ، ڌڙ-ڌوءَ ۽ رڌ-پچاءَ جو خيال ڪندي آ. کٽن جا پاوا به پيا کلندا آھن.
مطلب؛ ۱. گھر، گھر-واريءَ سان.

537. کہرے کول پیلا وی شیر ہونا۔ (کہاوت)
پنھنجو گھر/ ڏر، اھڙو وٿاڻ آ، جتي پھتي کان پوءِ، ھر ساھدار جي دل وڏي ٿي ويندي آ. جان، گھر ۽ وطن جي دفاع ۾ شينھن ته ڇا ٻلي ۽ ڪتو به دلير ٿي پوندا آھن. ھر ساھدار، گھر ۽ وطن کي، جان تي ترجيح ڏيندو آ.
مطلب؛ ۱. گھر وٽ، ٻلي به شينھن ھوندي آ.
۲. ڏر تي گدڙ به شينھن آ.
۳. کتا وی اپنے کہر شیر ہونا۔ (کہاوت)
۴. ڪتو به پنھنجي گھر شينھن ھوندو آ.
۵. اپنے کہر، کتا وی شیر ہوناں۔ (کہاوت)
۶. پنھنجي گھر، ڪتو به شينھن.

538. کہرے ناں پیر ہولا/ لوکا ہونا۔ (کہاوت)
پري واري شيءِ، وڻندڙ ۽ سحر انگيز ھوندي آ. ويجھڙائپ، سحر گم ڪري ڇڏيندي آ. پري کان وڄندڙ دھل وڻندو، ويجھي وارو ڪن کائيندو. پير فقير به پر-ڀرو ته ڪرامتي، ويجھو ته جھڙو ماڻھو. فوقيت نه رھندس.
مطلب؛ ۱. گھر جو پير، چلھ جو مارنگ.
۲. گھر جي شيءِ جو قدر نه ھوندو آ.

539. کہرے ناں مال طہ دلے نی گہل، کسے کی وی نئی دسنی چائی نی۔ (کہاوت)
مال ۽ دلين جي راز جا تاڪائو تمام گھڻا آھن. ٻاٻور پوندي، کاٽ ھڻڻ ۾ دير نه ڪندا. گھر-واريءَ ۽ اندر جي ڳالھ، ڪنھن کي به نه ٻڌائجي. مڄاڻ ڪو نقب زني ڪري وجھي.
مطلب؛ ۱. گھر جو مال ۽ دل جي ڳالھ، ڪنھن کي ڏَسِڻ نه گھرجن.
۲. سِرُ ڏجي، سُرُ نه ڏجي.
۳. ڀيٽيو؛ کہرے نی ککڑ/ ککڑی، دال بروور۔ (کہاوت)

540. کہرے نی ادھی، باءر نی پوری کولا چنگی۔ (کہاوت)
ڳوٺ/ ديس اندر روزگار نه لڳي ته ھر ڪو ڪشادي روزگار واريءَ شھر/ ديس ڏانھن ھٿ پير ھڻي. حياتي ٿوري آ ۽ ڳچ ته اچ-وڃ جي سفر ۾ گذريو وڃي. ڪمايل مال جو چڱو حصو، راھن ۾ خرچ ٿيو وڃي. آخر ۾ وطن ۽ پرديس جي ڪمائيءَ جو ليکو به ساڳيو وڃي بيھي. جڏھن ته پرديس ۾ رھڻ سبب، پوئتي رشتا ناتا پر-ڀرا ٿيو وڃن.
مطلب؛ ۱. گھر جو اڌ، ٻاھر جي سڄيءَ کان چڱو.

541. کہرے نی ککڑ/ ککڑی، دال بروور۔ (کہاوت)
گھر جي شيءِ، ويجھي ۽ پھچ اندر ھئڻ سبب، وقار ڪيرائي وجھندي آ. دسترس کان پري ھجي ته دال به وڏي وٿ ٿي پوندي آ. ھٿ وس ھئڻ واري مرغي ته پري، ڇيلي جي گوشت جو به قدر گھٽجي ويندو آ.
مطلب؛ ۱. گھر جي مرغي، دال برابر.
۲. ولايت جي ڪٻر، ديس جي مينا.
۳. ڀيٽيو؛ کہرے ناں پیر ہولا/ لوکا ہونا۔ (کہاوت)

542. کہلا بندہ؛ ناں ہسناں چنگا، ناں روناں چنگا۔ (کہاوت)
حياتي، گڏجي رھڻ سان آسان. ڇڙو رھڻ، جنجال. اڪيلو، نه ڪارنامو ڪري، نه شابس مليس. کڏ کوھ ۾ ڪري ته ڪڍڻ وارو ڪير به نه. کلي ته کوکلو لڳي، روئي ته ڪنھن کي ڪٽر نه اچي.
مطلب؛ ۱. اڪيلو ڄڻو؛ نه کلندي سونھي، نه روئندي سونھي.
۲. ڇڙن جو جھان ئي ڪونھي.

543. کہلا کہر، جناں پہتاں ناں ڈیرا۔ (کہاوت)
گھر ٺاھبو آ، رھڻ لاءِ. نه رھبس ته ڪوليون ۽ ماڪوڙا، سُرو ۽ اڏوھي، ڪانءَ ۽ ڪٻريون، اچي واسو ڪندس. خود-رو ٻوٽا ڦٽندا ۽ تانيئڙا ڄارا ھڻي ويندس. آخر جن ڀوت اچي ديرو دمائيندس. رھڻ کان ڳؤرو ٿي ويندو.
مطلب؛ ۱. ھيکلو گھر، جنن ڀوتن جو ديرو.

544. کہنناں پہلے، ناں دیناں پہلے۔ (کہاوت)
ڏيڻ-وٺڻ جھڙا فعل، ٻين سان وابستگيءَ سبب ٿين ٿا. اھي شيون وسرڻ جون نه ھونديون آھن. جنھن کان وٺي کاڌو، يا جو وٺي کائي ويو، ٻئي دل تي پيا ترندا. لڪائڻ جي باوجود، ٻئي ڳائبا رھندا آھن.
مطلب؛ ۱. نه وٺڻ وسري، نه ڏيڻ وسري.
۲. نه ئي گھرڻ وارو وسري، نه ئي ڏيڻ وارو وسري.

545. کہوڑے دکھی کھوڈاں اینا اوٹھی۔ (کہاوت)
کہوڑے؛ گھوڙو. دکھی؛ ڏسي. کھوڈاں؛ منڊڪائڻ. اینا اوٹھی؛ اچي ويندو آ.
گھوڙو، اڄ به سواريءَ لائق آ. جتي لئنڊ-ڪروزر گاڏيون نه ٿيون پھچن، اتي پھچي ٿو. آسائش ۽ سھوليت ھٿ ايندي آ ته پنڌ کان پاسو ڪبو آ. ڄاڃين/ ماڃين مٿان فوقيت رکڻ واسطي، گھوڙي تي چڙھڻ کي گھوٽ/ گھوٽيا وڌيڪ ترجيح ڏيندا آھن.
مطلب؛ ۱. گھوڙو ڏسي، گوڏا منڊڪائڻ لڳندا آھن.
۲. سواري ڏسي، پير سور ڪرڻ شروع ڪندا آھن.
۳. سھوليت ڏسي، سستي چڙھي ويندي آ.
۴. پنڌ کان، ڪتي جي وات ۾ کڄي وڃڻ، چڱو لڳندو آ.

546. کوڑ طہ سچ، دسی رہنا۔ (کہاوت)
ڪوڙ، ڪيترو به ڍَڪي ڳالھائجي، نيٺ ڦاٽُ ڦاٽي. سچ تي، مخالف ڀلي ڪيترو به پردو رکن، ھڪ ڏينھن ھلي ميدان تي بيھي نچندو. لڪڻي، ڪا شيءِ ناھي. اڄ وائکي نه ٿي ته سڀان ضرور کُلي.
مطلب؛ ۱. ڪوڙ ۽ سچ، ظاھر ٿيڻا آھن.

547. کوڑ نیں ہتھ پیر نئے ہونیں۔ (کہاوت)
حق جي مخالفت، اچڻ کان اڳ ۽ ڪوڙ سان جھيڙو، اچڻ کان پوءِ ٿئي ٿو. حق چٽو ٿيو، مقابلو ختم. ڪوڙ نروار ٿيو، جھيڙو شروع. ڪوڙ، ڀاڙي ۽ بيوس آ، ھٿ پير نه اٿس. نه وڙھي سگھي، نه ڀڄي سگھي.
مطلب؛ ۱. ڪوڙ کي ھٿ پير ڪو نه ٿيندا آ.
۲. کوڑ ے نیں پیر نئے ہونے۔ (کہاوت)
۳. ڪوڙي کي پير ھوندا ئي ناھن.

548. کوڑے ناں، موں کالا۔ (کہاوت)
چھرو ئي آ، جيڪو ھر ھڪ آڏو اچي ٿو ۽ سڃاڻپ جي نشانيءَ سان گڏ، سونھن سوڀيا جو آئينه دار آ. اگر ڪارو آ ته پيو لوڪ کان لڪائبو. ڪوڙو پڻ منھن ڏيکارڻ جي قابل نه رھي. ان سببان، بمشابه ڪار-منھين جي آ.
مطلب؛ ۱. ڪوڙي جو منھن ڪارو.

549. کوڑھے نیں پترے کی کوڑھ ناں وے، دھدھر ہوسی۔ (کہاوت)
ڪوڙھ جي بيماريءَ ۾، چمڙيءَ جو مٿيون تھ اکڙي پوندو آ ۽ ماس جي ڳاڙھاڻ ظاھر ٿي پوندي آ. موروثي ھلندڙ بيماري پڻ آ. ماءُ يا پيءُ ۾ ھوندي ته اولاد ۾ به ھلي ايندي. گھڻي نه ھوندي ته به اثر ضرور ڇڏيندي.
مطلب؛ ۱. ڪوڙھيءَ جي پٽ کي ڪوڙھ نه ٿيو ته لسڻ ضرور ٿيندس.

550. کوئی مرے یا جیئے، ستھرا کہول پتاسے پیئے۔ (کہاوت)
شتريا؛ فقيرن جو فرقو، جي رمتا جوڳي سڏجن ٿا. ھڪ ھنڌ ٽڪاءُ ڪو نه ھوندو اٿن. ھلندا رھندا آھن. نه ڪنھن جي مرڻ تي ڏک، نه ڪنھن جي خوشيءَ ۾ سرھائي ٿئين. کين پيٽ لاءِ کپي، جيڪو ڀري پنھنجي راھ وٺن.
مطلب؛ ۱. ڪوئي مري يا جيئي؛ شتريا گھول پتاشا پيئي.
۲. ڪوئي مري، ڪوئي جيوي؛ شتريا پتاشا گھول پيوي.
551. کوئی ہتھ دے، اس نی بانھ نیژا کپنیا۔ (کہاوت)
تڪليف ۾ ھمدرديءَ واسطي ھٿ ھر ڪو وڌائيندو آ پر سر ڪير نه ڏيندو آ. ھمدرد جو ھٿ، ايترو جھلجي جو ڪم نڪري. ايترو نه جو اڳلي کي به مصيبت ۾ وجھجي. وڻڻ جي صورت ۾، ھٿ ڪپي به نه وٺجي.
مطلب؛ ۱. ڪو ھٿ ڏئي ته ٻانھن نه ڪپجيس.
۲. ھٿ ڏيڻ واري جي ٻانھن کي سَٽ نه ڏجي.
۳. سڄڻ ڏئي سڄي ٻانھن ته سڄي نه ڳھجيس.

552. کوئیلیاں نی دلالی، ہتھ موں کالا۔ (کہاوت)
ڪوئلا، سيڪيل ۽ سڪل ھئڻ سبب، باھ ٻارڻ طور تي ڪم اچن. بنا محنت جي جلد ٻرن. ڪاٺي ۽ ڇيڻي جي ڀيٽ ۾ سٺو تؤ ڪن. پر سڙيل ھئڻ سبب، ڪارنھن پئي ڇڻندي اٿن. چور پور تي، ھٿ ۽ لٽا پيا ڪارا ٿيندا آھن.
مطلب؛ ۱. ڪوئلن جي دلاليءَ ۾، ھٿ منھن ڪارا.
۲. اڱرن جي واپار ۾؛ ھٿ به ڪارا، منھن به ڪارو.
۳. بڇڙي جي صحبت، بڇڙو ڪندي آ.

553. کئہ پدی طہ کئہ پدی ناں شوروا۔ (کہاوت)
پدي؛ جھرڪيءَ کان ننڍڙو پکي. منجھس گوشت پوست تمام ٿورو ھوندو آ. رڌل ٻوڙ جي اندر رھو، ٻوٽين آھر ٿيندو آ. ٺلھي پاڻيءَ تي، ٻوڙ نه ٺھندو آ. پديءَ جي ٻوڙ مان، رس جي طلب ۽ اميد نه رکڻ گھرجي.
مطلب؛ ۱. ڇا پدي، ڇا پديءَ جو شوروو.
۲. ڇا ڪول، ڇا ڪول جو وزن.