لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڙي آخاڻ

پھاڙي ٻولي، گهڻي ڀاڱي، پاڪستاني پنجاب جي ڪجهہ علائقن سميت، آزاد ڪشمير ۽ ڀارت جي انتظام ھيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سوڌو ھماچل پرديش ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، ۽ ڄڻ تہ ٻن ملڪن ۾ پکڙيل آھي. عبدالوھاب سھتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ھيءُ ڪتاب جوڙڻ ۾، ڊاڪٽر محمد صغير خان جي ڪتاب ”پہاڑي کہاوتيں: آخان“ (۲۰۰۲ع) ۽ محبت حسين اعواڻ جي ڪتاب ”مري، گليات ني پہاڑي بولي چ ’آخان‘ متان، ٹچکراں طہ سياننيان“ (۲۰۰۹ع) تان مدد ورتي آھي.

Title Cover of book پھاڙي آخاڻ

بھ

بھ
122. بھیلی رن؛ ناں کار، ناں کم۔ (کہاوت)
مرد کي ٻاھران ڪمائي آڻڻو آ، عورت کي گھر اندر رھي، ان ڪمائيءَ جي سار سنڀار ۽ سھيڙ سنگھيڙ ڪري، پاڻ کي سگھڙ ثابت ڪرڻو آ. عورت گھر اندر ڪم نه ڪري ته برڪت نه پوي، مرد جي آندل ڪمائي به ضايع ٿئي. اڌريل ۽ ڦوھڙ زال، پاڻ پئي سينگاريندي، ٻاھر گھمڻ جا بھانا ڪندي، گھر جو ڪم ڪار پيو رلندس. گھر ئي اونڌو ھوندس.
مطلب؛ ۱. بڇڙي رن؛ نه ڪار، نه ڪم.