لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڙي آخاڻ

پھاڙي ٻولي، گهڻي ڀاڱي، پاڪستاني پنجاب جي ڪجهہ علائقن سميت، آزاد ڪشمير ۽ ڀارت جي انتظام ھيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سوڌو ھماچل پرديش ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، ۽ ڄڻ تہ ٻن ملڪن ۾ پکڙيل آھي. عبدالوھاب سھتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ھيءُ ڪتاب جوڙڻ ۾، ڊاڪٽر محمد صغير خان جي ڪتاب ”پہاڑي کہاوتيں: آخان“ (۲۰۰۲ع) ۽ محبت حسين اعواڻ جي ڪتاب ”مري، گليات ني پہاڑي بولي چ ’آخان‘ متان، ٹچکراں طہ سياننيان“ (۲۰۰۹ع) تان مدد ورتي آھي.

Title Cover of book پھاڙي آخاڻ

چ

چ
285. چاول پھل خوائے نیں طہ رجنیں تواڑے موہاں سنیا۔ (کہاوت)
چاول؛ چانور. پھل؛ ڦل، گل. خوائے؛ کارايا. رجنیں؛ ڍاپڻ. تواڑے؛ تنھنجي. موہاں؛ واتئون. سنیا؛ ٻڌجي.
چانورن جي خوشبوءِ سنگھڻ سان کائڻ جي اشتھا وڌندي آ. پيٽ جي بک تڏھن مرندي آ، جڏھن رڌل چانور، پيٽ منجھ پوَن. خوشبوءِ سنگھڻ سان نه بلڪ کائيندڙ جي واتان ساراھ ٻڌڻ سان چانور جي جنس جي خبر پوي.
مطلب؛ ۱. چانور جي خبر، خوشبوءِ مان نه، پر کائيندڙ جي واتان پوي.
۲. چانور ڀلا تڏھن چئبا، جڏھن کائيندڙ ساراھ ڪري.
۳. خوبصورت شيءِ جي ڏسڻ سان پيٽ نه ڀربو آ.

286. چپ چیتا پتر مندا، چیتے دیہی تہی،
اندر برکنا داند مندا، کہوڑی لتے دہی۔ (کہاوت)
چپ چیتا؛ خاموش، ٻٿ، ميسڻو. پتر؛ پٽ. مندا؛ مندو، خراب. چیتے دیہی؛ ڳالھائڻي، واتوڙي. تہی؛ ڌيءُ، نياڻي. اندر برکنا؛ رنڀندڙ، ٽاھڙ. داند؛ ڏاند، وھڙو. کہوڑی؛ گھوڙي. لتے دہی؛ لتر، اٽر.
پٽ چئيوان ۽ فرمانبردار ھجي. ٻٿ ۽ گگ مگ، مارائيندو. نياڻي، واتوڙي خراب. رشتا ٽٽيو وڃن. پيءُ ماءُ تي خواري اچيو وڃي. ٽاھڙ ڏاند ھر وھڻ، ڳاھ ڳاھڻ، نار وھڻ، چيچڙو پيڙڻ، گھاڻو گھمائڻ ۽ بيل گاڏي ڇڪڻ ۾ پيو ڪيٻائيندو. گھوڙي اھا ڀلي جا، نه ڪڏائي، نه ڪيرائي.
مطلب؛ ۱. پٽ ٻٿ، ڌيءُ واتوڙي، ڏاند ٽاھڙ، گھوڙي لتر، سڀ برا.
۲. چپ چپیتا پتر مندا طہ چتے آلی تہی، پھرنے آلی نوں مندی طہ اینوں والا می۔ (کہاوت)
۳. ناچڱا ميسڻو پٽ ۽ ھار سينگار ڪندڙ ڌيءُ،
ناچڱا گھوماڪڙ نونھ ۽ ڳڙي وارو ميھُ.

287. چڑیا کنڈے اپر سکھ ہونا۔ (کہاوت)
چڑیا؛ جھرڪي. کنڈے؛ ڪنڊو، سنھي ڪنڊيدار ڏاري. اپر؛ مٿي. سکھ ہونا؛ سکي ھجڻ.
جھرڪيءَ جا پير ننڍا، وزن دڪو سوا. بيھڻ لاءِ، سھاري جي ضرورت ئي نه پويس. ڪنڊي تي پيرڙو رکي بيھي ته اھو به سندس وزن کان نه جھڪي.
مطلب؛ ۱. جھرڪي، ڪنڊي تي ويھي به سک ماڻي.
۲. وت سارو، ھر ڪو وقت گذاريو وڃي.
۳. وقت؛ سمور ۾ به گذري وڃي، تنور ۾ به گذري وڃي.

288. چڑھائی چنگی کہ اولوکائی، لعنت دوہیں کیاہ۔ (کہاوت)
جابلو علائقن منجھ، ٽڪرين تي لھڻ چڙھڻ لاءِ دمدمه، استعمال ٿيندا آھن. دمدمي يا پير-چاري تي، مٿي چڙھڻ يا ھيٺ لھڻ اھنجا آھن. ٻنھي صورتن ۾، ڪرڻ جو انديشو ھوندو آ. وھٽ تيزيءَ سان ھلي ته اڃا ڏکيائي ٿئي.
مطلب؛ ۱. نه چاڙھي چڱي، نه لاھي چڱي؛ ٻنھي تي لعنت.
۲. اٺ جي لاھيءَ کي به لعنت، چاڙھيءَ کي به لعنت.

289. چغل آیا؛ چپ کریاں،
لمبڑ آیا؛ چھوایاں۔ (کہاوت)
چغل؛ جوڻيت، ھتان ٻڌي ھتي ٻڌائيندڙ، راز ڦاڙيندڙ. لمبڑ؛ چور. چھوایاں؛ ڇپائجي، لڪائجي.
چغل آئي، سڀڪو چپ ٿي وڃي. ھتان جي ڳالھ ھُت ٻڌائڻ سبب ھر ڪو ھر ڪو لھرائي. چور ۽ ھٿڙي-باز محفل ۾ اچن ته ھر ڪو پنھنجو مال لڪائڻ ۾ لڳي وڃي، جو اھي پنھنجي عادت کان ڪين مڙندا، اوس ڇيھو رسائيندا.
مطلب؛ ۱. چغل آئي، سُن ٿجي، چور آئي، ڇپائجي.
۲. چغل آئي ڳالھ ڇٻٽ ڪجي، چور آئي مال ڇٻٽ ڪجي.

290. چلنی ناں ناں گڈی۔ (کہاوت)
چلنی؛ ھلندڙ. ناں؛ جو. ناں؛ نانءُ، نالو. گڈی؛ گاڏي.
جاندار شيءِ منجھ، چرپر جي صلاحيت رکيل آ. جمادات ۽ نباتات منجھ، گھمڻ ڦرڻ جي صلاحيت ناھي. اگر ڪا بي جان ڪل، ڪنھن ٽل يا اٽڪل سان چري ٿي ته ان کي گاڏي ڪوٺبو.
مطلب؛ ۱. ھلندڙ جو نالو گاڏي.
۲. چلتی کا نام گاڑی، کھڑی کا نام چھکڑا۔ (کہاوت)
۳. ھلندڙ جو نالو گاڏي، بيٺل جو نالو ڇڪڙو/ کٽارو.
۴. رنگی کو نارنگی کہے، بنے دودھ کو کھویا، چلتی کا نام گاڑی، دیکھ کبیرا رویا۔ (سنت کبیر)
۵. رنگدار (رنگي) کي سڏي نارنگي (بي رنگ)، ٺھيل کير کي چوي کويا (وڃايو)، ھلندڙ جو نالو رکي گاڙي (کوڙيل)، اھو ڏسي ڪبير روئي ڏنو.

291. چم پیارا، یا کم پیارا۔ (کہاوت)
سونھن، اڌ رزق آ. ڏسندڙ، حسن ڌوئي نه پئي، پر ڏسي طراوت وٺي. حسين، پاڻ ڏانھن موھي، ڌيان ڇڪائي. ضروري ناھي ته حسين شيءِ ڪارائتي به ھجي. شيءِ جو قدر، ڪارائتي ھجڻ سان آھي.
مطلب؛ ۱. چم پيارو ناھي، ڪم پيارو آھي.
۲. ھر ڪو ڪم-پرين آ، چم-پرين ڪو ڪونھي.

292. چمڑے نی زبان ای تلکی گشنی۔ (کہاوت)
زبان، گوشت منجھان ٺھيل آ. وات اندر، ڌاري ۽ اگھاڙي ڦري، تنھن ڪري چمڙي جي سڏجي. ھر وقت آلي رھڻ سبب، کاڌي کائڻ ۽ ڳالھائڻ ۾، تيزيءَ سان ڦري. ڪا به رنڊڪ نه ٿئيس.
مطلب؛ ۱. چمڙيءَ جي زبان، ترڪيو وڃي.
۲. زبان چم جي، ڪنھن نه ڪم جي.

293. چن چڑھسی تہ جگ دکھسی۔ (کہاوت)
چنڊ جي ھيئت وڏي آ. اڀري ته مڙني کي نظر اچي. پھرينءَ جو چنڊ، ھيئت ۾ سنھو ۽ ننڍو ھوندو آ. انڌي کي ڇڏي، باقي سڀ ڪنھن کي نظر ايندو آ.
مطلب؛ ۱. چنڊ چڙھندو/ اڀرندو ته جڳ ڏسندو.
۲. چن چڑھناں، طہ دنیا دھکھینی۔ (کہاوت)
۳. چنڊ چڙھندو ته دنيا ڏسندي.

294. چنگیا پترا لائی اے چاننی تہ مندیا پترا لائی اے گال۔ (کہاوت)
چنگیا پترا؛ سڌريل اولاد، سڀاڳو. لائی اے؛ ڏياري. چاننی؛ چاندني. مندیا پترا؛ نڀاڳو، اڻ سڌريل اولاد. گال؛ گار.
پاڙي اوڙي ۾ عزت ذلت، اولاد جي اعمالن سبب به ٿيندي آ. سڌريل، عزت ڪرائي. اڌريل، گاريون کارائي. اڌريل کان، گھر خالي چڱو آ.
مطلب؛ ۱. چڱو پٽ، چاندي ڏياري، ناچڱو پٽ گاريون ڏياري.
۲. سڌريل پٽ، پَٽَ پھرائي، اڌريل پٽ، پڳ لھرائي.

295. چہڑ چڑھیا، طہ بدل وی ہوسی۔ (کہاوت)
چہڑ؛ جُھڙ، ڪڪر. چڑھیا، چڙھيو. بدل؛ بادل، مينھن، ميگھ.
جھڙ، رت-بدل جو اھڃاڻ آ. رت، گرمائش مان ٺار ڏي، پاڻيءَ جي ھوند سان ويندي. ڪڪر ڪارونڀار ڪري، ھوائن جي ڪلھن تي نچندا ٽپندا اچن، تڏھن پاڻي ڇلڪائڻ کان سواءِ ڪين رھن.
مطلب؛ ۱. جھڙ چڙھيو، مينھن آيو ڪ آيو.
۲. اھڃاڻُ، انت/ توڙَ جي خبر ڏيندڙ ھوندو آ.

296. چہوٹے اپر خدا نی لعنت۔ (کہاوت)
چہوٹے؛ جھوٽي، ڪوڙ ھڻندڙ.
ڪوڙ، حق سچ کي لڪائڻ خاطر، ڳالھائبو آ. ڪوڙ، ڪوڙي تي چغلي ٿو ھڻي ته؛ کيس رب جي رحمت تي يقين ناھي. ھجيس ته حق جو پاند ڇڏي، ناحق جي ڀر نه وٺي. ان يقين جي ڪميءَ سبب، رب جي رحمت کان پري آ.
مطلب؛ ۱. ڪوڙي تي رب جي لعنت ھوندي آ.

297. چہوٹھ نیں، پیر نئیں ہونیں۔ (کہاوت)
ڪوڙ، گھڙي ھڻڻو پوندو آ. گھڙاوت ۽ اڏاوت ۾، ان جا پاسا پلو اگھاڙا رھجي ويندا آھن، جن منجھان نروار ٿي پوندو آ. ڊوڙي، پنھنجو پاڻ بچائي نه سگھندو آ.
مطلب؛ ۱. ڪوڙ کي پير ناھن ھوندا.

298. چور چوری تھیں گچھے، ہیرا پھیری تھیں نیں گچھے۔ (کہاوت)
چوري، اول شغل، پوءِ ڪرت ۽ آخر عادت ٿي پوندي آ. عادت، عضوو آ، جنھن مان جان ڇڏائي نه سگھبي آ. چور، چوري ڇڏي پر ھيراڦيري نه ڇڏي. ان ۾ ذھني آسودگي حاصل ڪري.
مطلب؛ ۱. چور چوريءَ کان وڃي، ھيراڦيريءَ کان نه وڃي.

299. چوراں اپر مور، طہ موراں اپر ہور۔ (کہاوت)
چور، ڪنھن اٻوجھ جو مال، چالاڪيءَ سان ترڪائي ٿو وڃي. تاڙڻ وارا، کيس ولو چاڙھي، مال تڳائي ٿا وڃن. پوليس، ونڊ جي بھاني، چوراڻو مال ڦري، ڳڙڪائي وڃي.
مطلب؛ ۱. چورن مٿان مور، مورن مٿان اور.
۲. چڱن پٺيان چَٽ، پيا آھن.
۳. ماريءَ مٿان، ماري پيو آ.
۴. رپن مٿان رپون رکيون آھن.

300. چورے چوری کھڑکنی۔ (کہاوت)
چوري، ڏوھ/ گناھ آ. ڏوھيءَ جو اندر کاڌل ھوندو آ. اوڦٽو کڙڪو به، چور کي پيو ڇرڪائيندو. اھو کڙڪو، چور جي اندر جو کڙڪو آ، جيڪو کانئس اندر جو اطمينان کسي ويو آ.
مطلب؛ ۱. چور کي چوري، ککندي آ.
۲. چورے نی داڑیچ تیلا۔ (کہاوت)
۳. چور جي ڏاڙھيءَ ۾ ڪک.
301. چوری ناں گڑ مٹھا۔ (کہاوت)
ڳڙ، پئسن سان خريد ڪجي، تڏھن به مٺو ئي ھوندو. ڳالھ شيءِ جي مٺاس جي نه، بلڪ مفت جي مٺاس جي آ. مفت جو مال، ڀلي لوڻ ھجي، مٺو لڳندو آ. مٿين ڪھاوت ھيئن ھئڻ گھرجي؛ ”چوريءَ جو لوڻ به مٺو.“
مطلب؛ ۱. چوريءَ جو ڳڙ، مٺو.
۲. مفت جو شراب، قاضيءَ کي حلال.

302. چورے نی مآ انیارے بیجی رونی۔ (کہاوت)
انیارے؛ انڌيري، اوندھ ۾، لڪي. بیجی؛ ويٺي.
چور، چوريءَ جو مال وقتي ٿمائي، پاڻ بچائي ويندو آ. ڦٻايل مال، گھر ۾ خرچ ڪرڻ تي، ماڻس به پئي مرڪندي آ. جڏھن ڦاٽ ڦاٽندا آھن ۽ پوليس گھر تي گھيرو ڪندي آ ته چور جي ماءُ نه ڪنھن کي مدد لاءِ سڏي سگھندي آ، نه روئي سگھندي آ. ڪنڊ/ اوندھ ۾ ويھي روئندي/ جھڄندي آ.
مطلب؛ ۱. چور جي ماءُ، اوندھ ۾ روئي.
۲. چور جي ماءُ، ڪنڊ ۾ روئي.

303. چوریاں کولا پنڈ تاولی۔ (کہاوت)
چور کي به سر پيارو آ. سر بچائڻ خاطر، چورايل مال کي وقتي ٿمائي، توائي ٿي ڀڄندا آھن. جڏھن ته چوراڻو مال، کانئن تھان ئي تيز ڀڄندو آ.
مطلب؛ ۱. چور کان ڳنڍ تڪڙي.
۲. چور جي وک کان، چوراڻي مال جي وک وڏي.
۳. چوريءَ جو مال جيڏي تيزيءَ سان اچي، اوڏي تيزيءَ سان ھليو وڃي.
۴. غير ضروري حمايت، پنھنجن جي ڀيٽ ۾، ڌارين جي وڌيڪ ٿيندي آ.

304. چوریاں ناں مال تہ ڈانغیں نے گز۔ (کہاوت)
چور، چوريءَ جو ڪپڙو پاڻ ۾ ورھائيندا آھن ته لٺين يا ٻانھن سان ماپي ورھائيندا آھن، جو وٽن گز يا وال ھڪيا حاضر نه ھوندا آھن. ٻئي ڪنھن کان ڀو ۾ گز نه گھرندا آھن ته متان سڻس پئجي وڃيس ۽ ان کي به حصو ڏيڻو پئجي وڃي.
مطلب؛ ۱. چورن جا ڪپڙا، ڏانگن جا گز.
۲. چوراں نی کپڑے، طہ ڈانگا نیں گز۔ (کہاوت)

305. چوڑ گیاں نیاں چٹھیاں، اولے بھئی پڑھیاں۔ (کہاوت)
ڀڄي ويل، پوين لاءِ ڳولڻ جو رند نه ڇڏين. جڏھن انھن ڀاڄوڪڙن جي چٺي اچي ته پڙھڻ لاءِ ڪير به نه ملي، سواءِ ڊولن جي. ڊولي جي پڙھڻي سمجھڻ تھائين ڏکائيندڙ.
مطلب؛ ۱. ڀاڄوڪڙن جون چٺيون، پڙھڻ وارا ڊولا.
۲. چھوڑ گیاں نی چٹھی آئی، پڑھنے آلا نورا نائی۔ (کہاوت)
۳. ڀاڄوڪڙن جي چٺي آئي، پڙھڻ وارو نورو نائي.

306. چولہا آخوری نیئں رجنا۔ (کہاوت)
چولہا؛ چلھ. آخوری؛ اڱارئين، اڱرن سان. نیئں؛ نه. رجنا؛ ڍاپي.
چلھ ۾ ٻارڻ، ٻرڻ پڄاڻان سڙي ڀسم/ خاڪ ٿئي ۽ ھوا ۾ اڏامي وڃي. ٻري وجود وڃائڻ پڄاڻان، چلھ جو پيٽ اڱرن کان خالي رھي ۽ ٻيا طلبي. ڍاپيو نه ڍاپي، اڃا اڃا جون رڙيون پيو ڪري.
مطلب؛ ۱. چلھ اڱارئين نه ڍاپي.
۲. باھ ۾ جيڪو ٻارڻُ وجھ، سو گم.

307. چوہڑیاں نیاں آخیاں، ڈنگر نئے مرنیں۔ (کہاوت)
چھڙا؛ چمار، چمڙي منجھان جتيون ۽ پيتيون وغيرھ ٺاھي گذران ڪندا آھن. کين ھر وقت چمڙي جي تاڙ ھوندي آ. مئل ڍور جو چمڙو به نه ڇڏيندا آھن، جو مفت ۾ پوندو اٿن. دل ۾ دعائون پيا گھرندا آھن ته ڪو ڍور مري. سندن دعائن سان، ڍور مرندا ناھن، بلڪ پنھنجي مريءَ مرندا آھن.
مطلب؛ ۱. چمارن پٽيي ڪي ڍور مئا آھن ڇا؟
۲. چوہڑیاں نی دعائی نال منجھیں نیاں مرنیاں۔ (کہاوت)
۳. چھڙن جي دعائن سان مينھون ڪو نه ٿيون مرن.
۴. موچیاں نی دعائی نال، ڈنگر نئے مرنیں۔ (کہاوت)
۵. موچين جي دعا سان، ڍور نه مرندا آھن.
۶. کسے نے آخے ر، موت نئی اشنی۔ (کہاوت)
۷. ڪنھن جي چوڻ سان موت نه ايندو آ.

308. چوہے نی ہردلی نی گنڈ لبھی، اؤ پساری بنی بیٹھا۔ (کہاوت)
بي پھچ ماڻھو، پنھنجي ننڍين ڳالھين جو به ٻين تي رعب يا اثر وجھڻ خاطر، ان قسم جون ڳالھيون ويٺو گھڙيندو آ.
مطلب؛ ۱. ڪئي ھيڊ-ڳڙي لڌي، پساري بڻجي ويٺو.
۲. انڌي جي لت ھيٺان تتر آيو، سمجھيائين؛ شڪاري ٿي ويو آھيان،
ڪُئي کي سنڍ جي ڳنڍ ھٿ چڙھي، چيائين؛ پساري ٿي ويو آھيان.

309. چیز اوئی جہڑی اپنے کول۔ (کہاوت)
شيءِ جي مالڪي، شيءِ جي ساڻ ھئڻ سان آ. جيڪا شيءِ ساڻ ناھي، سا ڄڻ پنھنجي ناھي، جو ان جا ٻيا به تاڪائو ھوندا ۽ کڻي ويندا.
مطلب؛ ۱. شيءِ اھا، جا پنھنجي قبضي ۾.
۲. ٻاڻي سا جا ڪنٺ، ناڻو سو جو ڳنڍ.
۳. رن ران سان، ناڻو جان سان.
۴. علم اھو، جو سيني ۾ آ، نه اھو جو ڪتابن ۾ آ.

310. چیز ہتھے چا چلی گچھے، فر قدر اشنی۔ (کہاوت)
شيءِ جي ويجھڙائيءَ سان، شيءِ جو قدر گھٽجي ٿو. اڻ ھوند ۾، قدر وڌي ٿو. وافر مقدار واري، نه کپندي آ ۽ نه سنڀالجي سگھندي آ. ٿوري شيءِ جي مانگ ۽ اگھ وڏا، سنڀال سھنجي ۽ سَستي.
مطلب؛ ۱. شيءِ جو قدر، ھٿان وڃڻ پڄاڻان.
۲. ويئيءَ وستوءَ، قدر.