لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڙي آخاڻ

پھاڙي ٻولي، گهڻي ڀاڱي، پاڪستاني پنجاب جي ڪجهہ علائقن سميت، آزاد ڪشمير ۽ ڀارت جي انتظام ھيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سوڌو ھماچل پرديش ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، ۽ ڄڻ تہ ٻن ملڪن ۾ پکڙيل آھي. عبدالوھاب سھتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ھيءُ ڪتاب جوڙڻ ۾، ڊاڪٽر محمد صغير خان جي ڪتاب ”پہاڑي کہاوتيں: آخان“ (۲۰۰۲ع) ۽ محبت حسين اعواڻ جي ڪتاب ”مري، گليات ني پہاڑي بولي چ ’آخان‘ متان، ٹچکراں طہ سياننيان“ (۲۰۰۹ع) تان مدد ورتي آھي.

Title Cover of book پھاڙي آخاڻ

ا

ا
7. اپنا ٹہڈہ، کتا وی پالی کہنناں آ۔ (کہاوت)
ٹہڈہ؛ ڍڍ، پيٽ. کہنناں؛ گھنڻ، وٺڻ.
ھر ساھدار کي، زندھ رھڻ لاءِ، پيٽ ساڻ ڏنو ويو آ، جنھن کي ڀرڻ لاءِ دنيا اندر کاڌ-خوراڪ جو جوڳو بندوبست پڻ ڪيو ويو آ. ڪو بک وگھئي مئو ناھي. ڪو مئو آ ته گھڻي کائڻ سبب مئو ھوندو، اڻھوند سبب نه مئو ھوندو. ڪي ماڻھو، پيٽ ڀرڻ کي، ترجيح ڏيندا آھن. ڏوھن جا ڪم ڪري پيا جتائيندا آھن؛ پيٽ ڪتي لاءِ جتن ٿو ڪيان، جيتوڻيڪ پيٽ، ڪتي ٻلي کي به ڏنو ويو آ، جيڪو حلال حرام جي تميز کان سواءِ ڀري ٿو. ان مان اھا مراد نه وٺبي؛ انسان به ائين ڪري. اشرف المخلوقات ھئڻ ناتي، پيٽ جي معاملي ۾، عزت وارن روين کي برقرار رکي ته بھتر آ.
مطلب؛ ۱. پنھنجو پيٽ ته ڪتا به پيا پالين.
۲. ٹہڈہ تو کتا وی پالی کہنناں آ۔ (کہاوت)
۳. پيٽ ته ڪتا به پالي ٿا وڃن.

8. اپنا خون، اپناژیے ہوناں۔ (کہاوت)
خون؛ رت، رشتيدار، مٽ، عزيز. اپناژے؛ پنھنجو ئي.
ھن دنيا اندر، انسان مٿان ڪيئي مھلون اچن ٿيون، جن تي کيس ٻين جي مدد جي ضرورت پوي ٿي. سڏ ۾ سڏ ڏيڻ وارو، ھر ڪو نه ھوندو آ. ڪيئي، ڪنڌ ڪڍائڻ وارا، مطلب/ غرض خاطر واسطو رکڻ وارا ھوندا. ڪير به پنھنجا ڪم ڇڏي، ٻئي لاءِ ميدان ۾ لھي نه پوندو آ. اڙي اڌيءَ ۾، جھٻو فقط رشتيدار/ مٽ کي ئي ايندو آ. پنھنجا ڏک سور وساري، نفعي/ نقصان کي خاطر ۾ نه آڻي، اڙيل عزيز جو آڌر ٿيندو آ.
مطلب؛ ۱. رتُ، وري به رت آ.
۲. مٽُ، وري به مٽ آ.
۳. رتُ دانگيءَ تي به وري.

9. اپنا دیدیاں سوائیں، لو نئی لگنی۔ (کہاوت)
دیدیاں؛ ديدن، اکين. سوائیں؛ کان سواءِ، کان بغير. لو؛ روشني، نظر.
دنيا چرپر سان آ. بغير چرپر جي ماڻھو مردھ آ. چرپر؛ اٿڻ ويھڻ ۽ چلڻ ڪرڻ سان آ. اٿبو ويھبو ته ھٿن ۽ پيرن، ڄنگھن ۽ گوڏن سان پر انھن کي سڌي راھ ڏيکارڻ/ سونھون ٿي ھلڻ لاءِ ڏسڻ جي روشني، اکين ۾ ھجڻ ضروري آ. ٻئي جي اکين جي روشني، محتاجي آ. اڳلو واندڪائيءَ ۾ مدد ڪندو، نه ته ويچارو ٿيو ويٺو ھجبو. پنھنجي اکين جي جوت سھاري، ٻين جي محتاجيءَ کان آجو ٿبو. پنھنجي راءِ ۽ راھ، ارادي ۽ اختيار سان پيو ھلبو.
مطلب؛ ۱. پنھنجي اکين جي ديد کان سواءِ، روشني ناھي.
۲. پنھنجي شيءِ/ عضوو جيترو ڪم اچي ٿو، اوترو ٻين جا ڪم نه ٿا اچن.

10. اپنا ماری چھاوے سٹناں، پرایا ماری طہ دھپے چ سٹناں۔ (کہاوت)
معاملا وچڙن/ منجھي پون ته پاڻ ۾ جھيڙا جھٽا ٿي پون. ڪوشش ڪجي ته جھيڙن جھٽن جو سبب بجندڙ معاملن کي جڙ کان ڇني ڇڏجي. اڻبڻت/ خصومت ٿيڻ جو احتمال ته رھندو ئي. پنھنجي رشتيدار سان ٿيو ته بدلي وٺڻ کان پوءِ به احساس ٿيندس. پڇتاءَ جي موٽ ۾ ڪو نه ڪو احسان ڪري ويندو. معاملو ڪنھن ڌارئي سان آ ته اھو جڏھن ماريندو ته کيس بدلي وٺڻ کان پوءِ به دل ۾ قھقاءُ يا قسيس نه ايندو. ظلم تي چڙھيل ھوندو آ. نقصان پھچائڻ پڄاڻان، ڀؤ ۾ ويتر نقصان ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو. جيئن ايترو ڪمزور ڪري ڇڏي، جو بدلي وٺڻ جي صلاحيت ئي نه رھي.
مطلب؛ ۱. پنھنجو ماري؛ ڇانءَ ۾ اڇلي، پرائو ماري؛ اس ۾ اڇلي.
۲. پرایا ماری دھپے چ طہ اپنا ماری چھاوے چ سٹناں۔ (کہاوت)
۳. پرائو ماري اس ۾، ته پنھنجو ماري ڇانءَ ۾ سٽي.

11. اپنی جانی اپر بنی ہوئی وے، دوئے ناں خیال نا اشناں۔ (کہاوت)
ٻين جي مدد ڪرڻ لاءِ، ھر ھڪ جي دل گھرندي آ. جسماني/ روحاني ڪمزورين يا پئسي جي اڻھوند سبب، ڪي ماڻھو مدد ڪرڻ کان ڪيٻائڻ لڳندا آھن. جڏھن پنھنجي سر تي ايندي اٿن ته ان وقت وڌيڪ لنوائيندا آھن. سر تي آئي کان پوءِ رشتا ناتا به نظر نه ايندا آھن. مٿي تي آيل تڪليف ٻئي ڏانھن ڌڪڻ جي ڪوشش ھوندي آ.
مطلب؛ ۱. پنھنجي سر تي ڪڙڪي پوي ته ٻين جو خيال ئي نه اچي.
۲. پنھنجي سر تي اچي ته ٻين جي سر تي آيل وسريو وڃي.

12. اپنی ککڑی چنگی وے، طہ دوئے نے کہر انٹے کیاں وے؟۔ (کہاوت)
ٻين سان ربط ان لاءِ رکبو آ ته جيئن وقت پئي ڪم اچن. اھو تڏھن ممڪن آ، جڏھن ٻنھي طرفن کان اھڙو سچو ارادو ھجي. ھڪڙو سچو ھجي ۽ ٻيو ٺڳڻ جي چڪر ۾ ھجي ته پوءِ اعتبار کڄي ويندو. معاملات صحيح نموني ھلڻ بجاءِ اوکا ٿي ويندا. ڪڪڙ ڌارجي ٿي ته وقت تي آنا لاھيندي، جيڪي ٻوڙ-ٻاڙيءَ ۾ ڪم ايندا يا کپائي لوڻ مرچ وٺبا. ڪڪڙ، گھر ۾ آنو لاھڻ بجاءِ، ٻين جي گھرن ۾ لاھي اچي ته ان جي ڌارڻ مان ڪھڙو فائدو؟
دوستي رکبي آ ته وقت پئي ڪم اچجي. ھڪڙو، سنگت تي خرچ ڪري ۽ جڏھن ان تي اچي ته سنگت ڪنڌ ڪڍائي وڃي ته ويسورو ضرور ٿيندس.
مطلب؛ ۱. پنھنجي ڪڪڙ چڱي ھجي ھا ته آنا پراون گھرن ۾ ڇو لاھي ھا؟!
۲. پنھنجو ڪتو ڀاڙي نه ٿئي ته گدڙ کي سڌ ئي نه ٿئي جو ول وڃائي!؟

13. اپنی لسی کی، کوئی کٹھیاں ناں آخناں۔ (کہاوت)
لسي، کير منجھان جڙي ٿي. کير پھرين خوراڪ آ، جيڪا ان وقت واپرائجي ٿي جڏھن نه وات ۾ ڏند، نه پيٽ ۾ سخت آنڊا. کير جي لذيذ ھجڻ تي ڪنھن کي به گمان ڪونھي. منجھانئس جڙندڙ ڌونئرو، لسي/ ڏڌ سيباڻ طور وجھڻ سبب، لوڻياٺو ٿئي ٿو. وقت گذرئي ماچ ڪري، کٽڙو پڻ ٿيو پوي. منجھند جي گرميءَ تي ٽڙھ، بانس ۽ کٽاڻ سبب آڪو ٿي وڃي. گھر-ڌونئري جي خبر ھئڻ سبب، بي عيب نظر ايندو آ ۽ پاڻي گڏي پيو مزي سان پيئبو آ.
مطلب؛ ۱. پنھنجي ڏڌ کي ڪير کٽو نه چوندو آ.
۲. اپنی لسی کی، کن پتلا/ کھٹیاں آخناں۔
۳. پنھنجي لسيءَ کي، ڪير ڇڊو/ کٽو چوندو!
۴. کوئی نا آخناں؛ مہاڑی لسی کھٹی۔ (کہاوت)
۵. ڪير نه چوندو؛ اسان جي لسي کٽي!

14. اتنا کھائو، جتنا پچائی سکو۔ (کہاوت)
ھر ساھدار کي زندھ رھڻ لاءِ کاڌو کائڻو آ، جيڪو ھڪ وقت نه کائي سگھبو. وقت جي وٿيءَ سان کائي سگھبو. ھڪ کاڌل کاڌو، پيٽ اندر ھضم ٿي، جسم جي ضرورت جا جزا پوريءَ طرح الڳ ٿين ته پوءِ ٻيو کاڌو، اوترو کائجي، جيترو پيٽ اندر گنجائش ھجي. وڌيڪ کائبو ته ھضم ڪرڻ ۾ اھنجائي ٿيندي. جسم ڳؤرو ٿي پوندو ۽ ھلڻ کان ھلاکي ٿي پوندي. پورو پنو کاڌو، پيٽ ھضم ڪرڻ سارو کائبو ته بي ضرر ۽ ڪارائتو رھندو.
مطلب؛ ۱. ايترو کائو، جيترو پچائي سگھو.
۲. وت/ بوتي آھر کائجي.
۳. اتنا ژے کھایئے جتنا پچائی سکینے۔ (کہاوت)
۴. ايترو کائجي، جيترو ھضم ڪري سگھجي.

15. اتنے مٹھے ناں بنو کہ دوآ نگلی شوڑے،
اتنے کوڑے وی نہ بنو کہ دوآ تھکی شوڑے۔ (کہاوت)
ٻين جي ربط کان سواءِ، زندگي گھارڻ اھنجي آ. ربط/ واسطو ايترو ھجي جو سنڀالي سگھي. گھرگھلو ۽ ھا ۾ ھا ملائڻ وارو نه ھجي جو اڳلو غلط قسم جون اميدون رکي ويھي. پيو ڦري کائي ۽ چالاڪين سان ٿورو ڪرڻ واري لانگ به رکيو اچي. نه وري شوم ۽ چالاڪ ٿجي جو اڳلو نفرت ڪرڻ لڳي. ڪڏھن ڪات ٿجي ته ڪڏھن وري ٻڪرو به ٿجي. ٻين مان ڪم ڪڍجن ته انھن جي ڪم به اچجي.
مطلب؛ ۱. ايڏو مٺو نه ٿيءُ جو ٻيو ڳھي ڇڏئي، ايڏو ڪؤڙو نه ٿيءُ جو ٻيو ٿوڪاري ڇڏئي.
۲. اژے جئے مٹھے وی ناں بنو کہ کوئی کھائی شوڑے، اتنے کوڑے وی نہ بنو کہ کوئی تھکی شوڑے۔
۳. ايترا مٺا نه ٿيو جو ڪير کائي ڇڏيو، ايترا ڪؤڙا نه ٿيو جو ڪير ٿوڪاري ڇڏيو.

16. ادھی چھوڑی پوری واخ نسیا، ادھی وی گی۔ (کہاوت)
دنيا اندر زندگي گذارڻ لاءِ، ماڻھوءَ جي اندر، حرص جو مادو به وديعت ڪيو ويو آ. اگر حرص نه ھجي ته ڪير به ھٿ پير ھڻڻ لاءِ تيار نه ھجي. حرص جڏھن وڌي ويندو آ ته لالچ ۾ تبديل ٿي ويندو آ. لالچ يا ھوس، ٿوري تي قناعت نه ڪندي آ. اڃا وڌيڪ گھربو اٿس، جيڪو سندس ضرورت کان گھڻو واڌو ھوندو آ. اتي پھچڻ کان پوءِ، جيڪو گھڻي جي پويان ڊوڙندو آ، تنھن کان اڌ به ھليو ويندو آ.
مطلب؛ ۱. اڌ ڇڏي پوريءَ ڏانھن ڀڳو، اڌ به ويس.
۲. اڌ ڇڏي سڄيءَ ڏانھن ڀڄي، تنھن کان اڌ به وڃي.

17. ادھی رات پئی، بے للی کٹوا تہوتا۔ (کہاوت)
بے للی؛ بي تڪي، اڍنگي، سگھڙ جو ضد، ڦوھڙ. کٹوا؛ ڪٽورو، ٿانءُ، برتن. تہوتا؛ ڌوتا.
اڍنگي عورت ھڪ ته ڪم ڪندي ڪين. وري جي ڪندي ته اھڙي وقت تي ريچڪ چڙھندس، جڏھن ٻيا آرامي ھجن. پنھنجي سگھڙپڻي جو احساس ڏيارڻ لاءِ بي وقت جي محنت پئي ڪندي. ان وقت جيئن ته ھر ڪو بيخيالو ھوندو آ، تنھنڪري انھن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ويٺي ٿانءَ کڙڪائيندي ته جيئن ڪير اٿي ويھي شابس ڏئي ته ڪيڏو نه گھر جي ٿانءَ ٿپي جي صفائيءَ سٿرائيءَ جو اونو اٿس.
مطلب؛ ۱. اڌ رات پئي، نڪميءَ اٿي ٿانءَ ڌوتا.

18. اژے جیو، تختے ر پیہالنی،
اژے جیو، بیزت وی کرانی۔ (کہاوت)
اژے؛ اھا، ساڳي. جیو؛ زبان. پیہالنی؛ ٻٺائي، ٻلھائي، ويھاري. بیزت؛ بيعزت.
ٻين تائين پنھنجي دل جي مدعيٰ پيش ڪرڻ جو ذريعو، زبان آ. زبان سان ڪيتريون ئي ڳالھيون ۽ خيال، ٻين سان ونڊجن ٿا. سوچي سمجھي ۽ چٻي چٿي ڪڍيل گفتو، عزت ڪرائي ٿو. اڳلو ٻڌڻ سان نرم گوشو رکي ٿو. اڻ-سوچيو ۽ اڍنگو جملو، اڳلي جي نفرت جو باعث ٿئي ٿو، جنھن سان بيزار ٿي نفرت ڪرڻ لڳي ٿو.
ھڪڙي امير وٽ آيل مھمان، گھر جي بورچيءَ کي چيو؛ ”اڄ مون کي ان عضوي جو گوشت کاراءِ جيڪو، سٺي ۾ سٺو ھجي.“ بورچيءَ زبان جو ٻوڙ رڌي پيش ڪيس. ٻئي ڏينھن مھمان بڇڙي عضوي جي گوشت جي ٻوڙ جي فرمائش ڪئي. بورچيءَ وري به زبان جو ٻوڙ رڌي پيش ڪيو.
مھمان پڇيس؛ ”اڄ به زبان جو ٻوڙ پيش ڪيو اٿئي؟“ بورچيءَ ورندي ڏنس؛ ”سٺي ۾ سٺو عضوو به زبان ته خراب ۾ خراب به زبان.“
مطلب؛ ۱. اھا زبان تخت تي ويھاري، اھا زبان بيعزتي ڪرائي.
۲. اھا ئي زبان ڇانءَ ۾ ويھاري، اھا ئي زبان اس ۾ ويھاري.
۳. جیو تختے ر پیہالنی، طہ لوانی۔ (کہاوت)
۴. زبان؛ تخت تي ويھاري به، لھرائي به.
۵. ساڳي زبان اس ۾ ويھاري، ساڳي زبان ڇانءَ ۾ ويھاري.

19. استازاں نی مار طہ ماؤ پیئو ناں پیار، ایویں نئے ہونیں۔ (کہاوت)
استازاں؛ استادن جي. ایویں؛ ائين، اجايا.
استاد، شاگرد تي ڪاوڙبو تڏھن، جڏھن سبق ڪچو ھجيس يا پڙھڻ کان گسائيندو ھجي. سبق ڪچو ھجڻ ۾ شاگرد جو نقصان آ، جو دؤر ڪرڻ وقت، پڙھندي دل نه چوندس. مار ملندس ته ڀؤ ۾ پڪو به ڪندو ۽ وسرندس به نه. گسائڻ سان، ذھن ۾ آزاد-خيالي ويھندي آ. ننڍي اوستا ۾ ٻار، گسائڻ تي کريو ته ڏکيا ڏينھن اچڻ تي، منھن ڏيڻ کان پيو ڪيٻائيندو. گسائڻ تتان، استاد جي مار مليل ھوندس ته ڪين گسائيندو. استاد جي مار تي ٻار ائين پچي راس ٿئي ٿو جيئن، بٺي ۾ ڪچيون سرون. والدين جو پيار، ٻار ۾ ھمت پيدا ڪندو آ. کين، بي غرض، مددگار ۽ ھڏڏوکي سمجھڻ واري ڏڍ تي، ٻار پيو اڳتي وڌندو آ.
مطلب؛ ۱. استادن جي مار ۽ ماءُ پيءُ جو پيار، اجايا ناھن.

20. اسمانے واخ موں کری تھکو طہ تھک اپنے ژے موئیں راشناں۔ (کہاوت)
اسمانے واخ؛ آسمان ڏانھن، اڀ ۾. موں؛ منھن. ژے؛ ئي. موئیں؛ ٻوٿ. راشناں؛ ايندي.
ھر شيءِ، ڪيتري بي وزن ڇو نه ھجي، ڪشش ثقل جي قانون تحت، ڌرتي کيس پاڻ ڏانھن ڇڪي ضرور ٿي. جنھن سببان، زمين کان کڄي آسمان ڏانھن، پاڻمرادو ھلي نه ٿي وڃي. زور سان اماڻبس ته به ھڪ حد تائين ۽ ڪجھ عرصي لاءِ، ويندي پر اتي ترسندي نه. ستت موٽندي. وزنائتي شيءِ مٿي اڇلي، موٽڻ جو ڪير به انتظار نه ڪندو آ جو اھا ڄاڻ آ؛ مٿي ويل ھيٺ ضرور موٽندي. ھيٺ بيٺل، سندس نشاني تي ھئڻ سبب، بچندو مشڪل.
ٿڪ ڀلي ھلڪي ۽ بي وزن آ پر موٽي منھن ۾ لڳڻ سبب، مٿي نه اڇلبي. ان عمل کان، ھر ڪو اڳواٽ منع ڪندو آ.
مطلب؛ ۱. اڀ ۾ ٿڪ اڇلائبي، موٽي منھن ۾ پوندي.
۲. پاڻان وڏن سان سينو ساھبو، نقصان پنھنجو ئي ٿيندو.
۳. ھر ڪنھن کي نقصان پوڻ کان اڳ، محتاط ڪجي.

21. اسے کتے نیاں تہپاں، پو مائیں ناں سیوں،
سانونے نی چہڑی، چیترے نیاں بھکاں بریاں۔ (کہاوت)
اسے کتے؛ اسو ۽ ڪتي، ٻن ھندي مھينن جا نالا. تہپاں؛ ڌُپ، اس. پو مائیں؛ پوھ ۽ ماھ/ مانگھ، ٻن مھينن جا نالا. سیوں؛ سيءُ، پارو. سانونے؛ سانوڻ، مھيني/ مند جو نالو. چہڑی؛ جھڙ، ڪڪر. چیترے؛ چيٽ ۽ بڊو، ٻه مھينا. بھکاں؛ بک، اڻھوند.
اسو، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ڌاري ايندو آ. پويانئس ڪتيءَ جو مھينو، آڪٽوبر جي اڌ کان شروع ٿي نومبر جي اڌ ۾ پورو ٿيندو آ. ان وقت رات جو ٿڌڙي ھوا لڳندي آ، ڏينھن کي اڃا تِکُ ھوندو آ. اس جي جھڙپ سھڻ، ڏکي ھوندي آ. گورک پکي، اس کي پسند ڪندڙ آ. اھو به اسوءَ جي مھيني ۾ اس کان ڀڄي، ڇانءَ ڳوليندو آ. جو چوڻي آ؛ اسوءَ اس ڳھن، گورک ڇانءَ ٻھن.
پوھ، ڊسمبر مھيني جي اڌ کان شروع ٿي، جنوريءَ جي وچ ۾ پورو ٿيندو آ. مٿئون مانگھ ھوندو اٿس، جيڪو پندرھين فيبروريءَ تائين ھلندو آ. انھن مھينن ۾ سياري جو اوج ھوندو آ. سيءَ سان گڏ پارا پوندا آھن. ڪم ڪار ڪندي، سيءَ ۽ ٿڌ سبب، ھٿن جون کلون به کوھجي پونديون آھن. چوڻي آ؛ پوھ، کلن کوھ. مانگھ ۾ تھ و تھ سيءُ ھوندو آ. چوڻي آ؛ مانگھ، سياري ڏني تانگھ.
سانوڻ، جولاءِ جي اڌ کان آگسٽ جي وچ ڌاري تائين ھلندو آ. ان وقت چؤماسي جون ھوائون لڳن ۽ برساتيون پون. ھر پاسي انڇر ڇنڇر ھوندا آھن. روڊ رستا ڀڄي ٽٽي پوندا آھن.
چيٽ، مارچ-اپريل ڌاري ايندو آ. ان وقت رات ٿڌي، ڏينھن گرم ھوندو آ. ٻاھر نڪرڻ ڏکيو لڳندو آ. بک گھڻي لڳندي آ پر کائڻ واري ڪا به شيءِ، موسم جي مٽجڻ سبب جِيورندي ناھي. اھڙي حالت بڊي ۾ پڻ ٿيندي آ. ان وقت موسم، اونھاري کان سياري ڏانھن پئي ويندي آ. چوڻي آ؛ بڊو بد بلا، تنھن کان سانوڻ ڀلا.
مطلب؛ ۱. اسوءَ ۽ ڪَتيءَ جي اس، پوھ ۽ مانگھ جا پارا، ساوڻ جو وسندو مينھن، چيٽ ۽ بڊي جي بک؛ برا.

22. اصل کولا خطا نئی، کم اصل کولا وفا نئی۔ (کہاوت)
آدم جو مڙيئي اولاد، ڌرتيءَ تي وسي ٿو. اونچ نيچ جا پئمانا، پنھنجا ٺاھيل آھن. ھتي اصل مان مراد؛ خانداني ماڻھو آ، جنھن ۾ اخلاق حد درجي جو ڀريل ھجي. ٻين لاءِ زندھ رھڻ کي، زندگيءَ جو مقصد تصور ڪري. منجھانئس خطا يا سرزنش ٿيڻ جو انديشو نه ھوندو آھي جو ھو پنھنجي پيٽ کي پنھنجي نڪ کان ھيٺ رکندو آ.
بد نسل ماڻھو، پنھنجي غرض کي مقدم رکندو آ. ٻين جو لکن جو نقصان، خاطر ۾ ئي نه آڻيندي، پنھنجي ٽڪي جي فائدي آڏو، مڙني کي قربان ڪري ويندو آ. نڪ ٻوڙي، ڏوھ ڪندو آ. پيٽ کي، نڪ کان مٿي رکندو آ. منجھانئس، چڱائيءَ ۽ وفا جي اميد رکڻ، عبث آ.
مطلب؛ ۱. اصل کان خطا نه ٿيندي، بي اصل مان وفا نه ٿيندي.

23. افسر نی اگاڑی بری، کہوڑے نی پچھاڑی بری۔ (کہاوت)
آفيسر سان واسطو وڙو ان ڪري رکبو آ جو منجھانئس کوڙ فائدا ٿيندي نظر ايندا آھن. دوست آ ته حد جي عملدار ناتي، کانئس رعايت مراعت ۽ ڇڏ ڇوٽ جھڙا فائدا حاصل ٿي سگھن ٿا. شرط اھو آ ته کيس به سوکڙيون پاکڙيون، تحفا تحائف پھچائجن. آڳي پيڇي/ خوشامد برآمد ڪجيس. ساڻس سينو ساھي، رعايتون مراعتون حاصل ڪرڻ ڏکيون آھن. ساڻس اچائي نه سگھبو جو سندس ھٿ ڊگھا آھن. آڏو اچي، منجھانئس فائدو وٺي نه سگھبو. آفيسر جي اڳيان نه اچجي، بلڪ پويان ھلجي.
آڳاٽي دور ۾، جڏھن جھاز ۽ لئنڊ ڪروزر گاڏيون نه ھيون، تڏھن اڻانگن پنڌن جي سواري گھوڙو ھيو. مٿانئس ويٺي، ڏکيو پنڌ نبرندو ھيو ۽ ان ۾ چڙھڻ واري جو شانُ مانُ به ھيو. گھوڙي کي لت ھڻڻ جي عادت آ. ڪو اچي کيس پويان چيڙائيندو ھيو ته سندس لت کان بچي نه سگھندو ھيو. وڏڙا، گھوڙي جي پويان اچڻ/ بيھڻ کان روڪيندا ھيا.
مطلب؛ ۱. آفيسر جي اڳياڙي خراب، گھوڙي جي پڇاڙي خراب.
۲. افسر افسر ژیے ہو ناں آ، پہانویں مٹی ناں وے۔ (کہاوت)
۳. آفيسر آفيسر ھوندو آ، ڀلي مٽيءَ مان ٺھيل ھجي.
۴. آفيسر جي اڳيان نه اچجي، گھوڙي جي پويان نه اچجي.

24. اکاں نال انب، نئے لگنے۔ (کہاوت)
اڪ، عام ٻوٽو آ. سياري ۾ پارو، ساڙيو ڇڏيس. اونھاري ۾ نکري نروار ٿئي. گرمين ۾، انبن جي موسم پڻ ھوندي آ. اڪ منجھ به پنھنجو گل ۽ ميوو، اڪ-ٽٽڙو ٿئي، جيڪو شبيھ ۾ ڪچي انب جھڙو ھوندو آ. ڦاٽڻ کان پوءِ، منجھانئس تاندورن وارا بُجر ٻج، جن جي بوءِ ۽ ذائقو اُگرو/ اڻ وڻندڙ ھوندو آ، نڪري ھوا ۾ پيا اڏامندا آھن. پيوندڪاري ڪجيس يا مٺو پاڻي پيارجيس ته به اڪ-ٽٽڙي مان ڦري انب نه ٿيندو.
مطلب؛ ۱. اڪن ۾ انب نه ڦٽندا آھن.
۲. اَڪ مان انب نه ٿئي، ٻٻر مان نه ٿئي ٻير.
۳. اڪن کان آما، ٻٻرن کان ٻير گھرڻ؛ بيوقوفي آ.

25. اکھلیا وچ سر دتیا مولے نہ کہہ ڈر۔ (کہاوت)
اکھلیا؛ اکري. وچ؛ منجھ، ۾. مولے؛ مھرلو، مھري. ڈر؛ ڊڄ، ڀؤ.
اکري؛ ان ڇڙڻ، مرچ مصالحو ڪٽڻ، ستي ڦڪي ڏڏرڻ واسطي استعمال ڪبي آ. وکر وجھي، مھرلي/ مھريءَ يا حمام دستي جا ڌڪ ھڻبا ته ڪٽجي پوندو. ان جا داڻا، مھريءَ جي ڌڪن تي، اکريءَ مان ورلي ٻاھر نڪرندا آھن.
ڪي ماڻھو اھڙا ثابت قدم ھوندا آھن، جو مٿان بيھي ڪٽجين، سَنڌُ سَنڌُ وڍجين ته به ٻڻڪ نه ڪڇندا آھن. ڪسندي ڪسي ويندا، اندر جو انت عام کي نه سليندا. اھڙي ثابت قدميءَ تي ائين ئي مثال ڏنو ويندو آ.
مطلب؛ ۱. جي اکرين ۾ منھن وجھن، سي مھرين ڀئه نه ڊڄن.
۲. جن اکرين ۾ مٿو ڏنو، سي مھرين جي ڌڪن کان ڪين ڪنبندا.
۳. جي ڪلھو ڏيندا آھن، سي توڙ به پھچائيندا آھن.
۴. اکھلی چ سر دتا طہ موہلیاں ناں کئہ ڈر۔ (کہاوت)
۵. اکرين ۾ منھن ڏنو، مھرين جو ڪھڙو ڀؤ؟

26. اگ طہ پائنیں ناں، کئہ ملاپ۔ (کہاوت)
پائنیں؛ پاڻي.
باھ ۽ پاڻي، ٻه متضاد بنيادي عنصر آھن. ھڪ جي خاصيت؛ ساڙڻ، ٻئي جي وسائڻ/ ٻوڙڻ آ. باھ سمورين شين کي ساڙي ٿي، جڏھن ته پاڻي پوڻ سان گم ٿيو وڃي. ٻوڙيندڙ/ وھندڙ پاڻيءَ جي آڏو، باھ وڃي نه ٿي سگھي، جو سندس خاصو، سڪين کي جلائڻ آ. ديڳڙي يا ڊرم ۾ پاڻي وجھي، باھ تي رکبو ته آھستي آھستي گرم ٿيڻ بعد، گم ٿيڻ شروع ٿيندو. ان صورت ۾ باھ، پاڻيءَ کي گم ڪيو ڇڏي.
پنھنجي ذات منجھ، ضديت جو خاصو رکندڙ ٻئي عنصر، ھڪ ٻئي ڀرسان پنھنجو وجود برقرار رکي نه سگھن. ٻنھي جو ميلاپ ته ممڪن ئي ناھي.
مطلب؛ ۱. آگ ۽ پاڻيءَ جو، ڪھڙو ملاپ.
۲. باھ ۽ پاڻيءَ جو، ڪھڙو جوڙ؟

27. اگے دوڑ، پچھے چھوڑ۔ (کہاوت)
اگے؛ اڳتي، اڳيان. دوڑ؛ ڀڄ، وڌ. پچھے؛ پوئتي، پويان. چھوڑ؛ ڇڏ، رھاءِ.
دنيا اندر، ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ جو سفر، انسان کي آھي ئي آھي. ھڪ ڏينھن ڄائو آ، موت جي منزل ڏانھن، ڏيھاڙي سندس پنڌ آ. اھو سفر ڪندي ڪندي، گھڻن ئي لاھن چاڙھن تان گذرڻو اٿس. منجھانئن سبق حاصل ڪندو، اڳتي وڌندو ته زندگيءَ جي سفر لاءِ، بھتر رھندس، نه ته ڊوڙڻ ڊڪڻ اجايو اٿس. بھتر آ ته اڳتي وڌڻ سان گڏ پوئتي ڇڏيل راھن تي به نظر ڦيريندو ۽ تجرباتي ڏاھپ ھٿ ڪندو، کيس مشعل راھ ڪندو اڳتي وڌي. ٿڙڻ ٿاٻڙڻ بجاءِ، باوقار نموني، منزل رسيد ٿيندو.
مطلب؛ ۱. ڀڄندو به وڃ، رھائيندو به وڃ.
۲. اڳتي کي اک ۾ رک، پوئتي جي پچر ڇڏ.
۳. مستقبل جي ڳڻتي ڪر، ماضيءَ کي وسار.
۴. اگیں ٹور، پچھیں ترٹی چوڑ.
۵. اڳتي ھلندو وڃجي، پوئتي ڇڏيندو به وڃجي.
۶. ڀڄندو به وڃجي، رھائيندو به وڃجي.
۷. پوئتي ڏسجي، اڳتي وک وڌائجي.
۸. ماضيءَ مان سبق حاصل ڪجي، مستقبل ۾ سوچي قدم رکجي.

28. اگی ناں سڑیا مولی رہناں، گلاں ناں سڑیا نا مولنا۔ (کہاوت)
مولی؛ مورجڻ، شيءِ جو ان جاءِ تان ٻيھر اٿڻ جتان وڍي/ سڙي ھئي.
انساني جسم، ايترو ڪمزور به ناھي جو زماني جي ھوا سان ختم ٿي وڃي، ايترو مضبوط به ناھي جو اھا مٿس اثر نه ڪري. ظاھري ڌڪ لڳندي، زخم رسي ٿو. دوا دارو ڪرڻ سان، ڦٽ جا چونئرا ورن ۽ مورجيو وڃي.
اندر جي ڌڪ کي، ٻاھرين ملم پٽي/ دوا دارو نه پھچي. ڳجھ ڳوھ ۾ ٿيلن جو علاج، ظاھري دواخاني ۾ ناھي. ويڻ، طعنا تشنا اھڙا زباني ڌڪ آھن جيڪي مورجي نه سگھندا آھن. جنھن واتان زخم رسيو آ، ان لاءِ ساري عمر نفرت ٿيڻ جو امڪان رھي ٿو. نه چاھيندي به دل تان ڌڪ ميساربو ناھي. زبان جي آفتن منجھان ھڪ آفت اھا به آ، جنھن کان پاسو ڪرڻ گھرجي.
مطلب؛ ۱. باھ جو سڙيو سڌري، زبان جو سڙيو نه سڌري.
۲. کواڑی ناں پھٹ مولی رہناں، جیرے ناں پھٹ نا مولناں۔ (کہاوت)
۳. ڪھاڙيءَ جو ڦٽ مورجي، ڄڀ جو ڦٽ نه مورجي.
۴. گلاں نے پھٹ، نئے مٹنیں۔ (کہاوت)
۵. ڳالھين جا ڦٽ، نه مِڙَندا آھن.
۶. جیوے ناں پھٹ، سانی نال نا مٹناں۔ (کہاوت)
۷. زبان جو ڦٽ، آسانيءَ نه ميٽجندو آ.
۸. تلوارے ناں پھٹ، مولی رہنا پر جیوے ناں پھٹ نا مولنا۔ (کہاوت)
۹. تلوار جو ڦٽ مورجي، زبان جو ڦٽ نه مورجي.

29. الارناں طہ مارناں؛ ہک بروور۔ (کہاوت)
ڌڪ ھڻڻ لاءِ، ھٿ يا ھٿيار، مٿي کڻي پوءِ ھيٺ آڻبو آ. مٿي کڻڻ کي اولارڻ چئبو آ. ڌڪ وھڻ کان اڳ، اولاريل سڏبو. اولارڻ، وھائڻ جو بنيادي محرڪ آ. اولاربو نه ته وھائي نه سگھبو. اولاريل ڌڪ، ذري تان ترڪي وھي به ويندو آ. ڪڏھن وھائڻ وارو ڌڪ، ويجھو اچي گسي به ويندو آ ۽ اولارڻ جي زمري منجھ رھجي ويندو آ. اڳلي کي ڊيڄارڻ خاطر، وھائڻ ته ڇا اولارڻ به چڱو ناھي، جو متان وھي وڃي. ٻنھي فعلن منجھ ذري جي وٿي آ، جنھن تان کسڪي به سگھجي ٿو. ان ڪري ٻنھي کي، ھڪجھڙو سمجھيو ويو آ.
مطلب؛ ۱. اولاريو ۽ وھايو؛ ھڪجھڙا.
۲. اولارڻ ۽ وھائي ڪڍڻ، ٻئي برابر آھن.
۳. اولاريندڙ؛ وھائيندڙ آ.
۴. اولارڻ واري کي وھائي ڪڍجي.

30. الٹا چور، کوٹوال/ کوتوالے کی ڈاٹے۔ (کہاوت)
الٹا چور؛ الٽو چور، ابتو چور، حصو ڏيندڙ چور، ڏن-ڀرو. کوٹوال؛ ٿاڻيدار.
چور، مجرم آ. مجرم، بزدل ٿيندو آ. منجھس ھٿ وجھڻ جي دير ھوندي آ. جيئن ئي قانون يا پوليس جو ھٿ پيس، تيئن ئي ڀاڙي ٿي ويھي رھندو ۽ پنھنجي پاڻ کي قانون جي حوالي ڪري ڇڏيندو. ’الٽو چور‘ يا ’ابتو چور‘، جيڪو چوڻ جي لحاظ کان چور جي ابتڙ آ، چور ھوندي به بزدل ناھي. اھا ڳالھ پريشان ڪندڙ آ. ان جو سبب اھو آ جو چور ھجڻ وارو اندر جو ڊپ، رکوالن کي خريد ڪري، پاڻ منجھان ڪڍي ڇڏيو اٿائين. چوريءَ جو مالُ کارائي، کين ڀاڙي/ ڀاڙيت ڪري وڌو اٿائين. اھي به ھن جھڙا ڏوھاري ٿي پيا آھن. ھيءُ پاڻ، ’الٽو چور‘ ٿي پيو آ، جنھن سبب اندر جو ڊپ ختم ٿي ويو اٿس. ٿاڻيدار، چوريءَ جي مال جو حصو کائي، بزدل ۽ ڍانڍو ٿي پيو آ. الٽو چور، کيس ڳٿڙ کان جھليندي، دير نه ٿو ڪري.
مطلب؛ ۱. الٽو چور، ٿاڻيدار کي ڏھڙي.
۲. حصو ڏيندڙ چور، زورآور ھوندو آ.

31. الٹیاں نے ککڑ، تہڑھ ہیٹھ تہ جنگاں اپر۔ (کہاوت)
الٹیاں؛ الٽيون، اونڌيون. ککڑ؛ ڪڪڙ، مرغي. تہڑھ؛ ڌڙ، ڍڍ. ہیٹھ؛ ھيٺ. جنگاں؛ ڄنگھان، ڄنگھون، ٽنگون. اپر؛ اوپر، مٿي.
ھلڻ چلڻ آسان ٿيندو آ، قانون فطرت تي ھلڻ سان. جيڪو سنئينءَ سڌيءَ واٽ تي، سنئين لڱين، سڌو ھلڻ سان ئي ممڪن آ. نه ته اوکو ۽ ناممڪن ٿيو پوي. فطرت جي اصول مطابق، ڳاٽ مٿي ھجي، جو ان کي جسم جي سنڀال لاءِ، ڏسڻو وائسڻو آ. ڏسڻ وائسڻ جو ڪم، مٿي رھي ئي چڱي نموني سان ڪري سگھجي ٿو. زمين تي ھلڻ لاءِ، پير ۽ ڄنگھون آھن، انھن کي زمين تي ئي رھڻو آ. ٻي صورت ۾ انھن جو ھجڻ ئي بيڪار ٿي ويندو.
الٽي قسم جا ماڻھو، ٻيا ته سمورا ڪم الٽا ڪن، پر قانون فطرت وارن معاملن کي به الٽائپ سببان، اونڌو ڪري پيا ھلن. فطرت کان ھٽي ھلڻ وارن منجھان، سنئين سڌي ھلڻ جي اميد ئي عبث آ.
مطلب؛ ۱. نڀاڳن جا ڪڪڙ؛ ڌڙ ھيٺ، ڄنگھان اُپر.
۲. الٽا ڌارين مرغيون؛ ڄنگھون مٿي، ھيٺ منڍيون.
۳. نڀاڳو ٻيڙيءَ تي چڙھي؛ ٻيڙي ڌوپڻ وڃي، لاريءَ تي چڙھي؛ لاري ليٽ.
۴ . نڀاڳن جا نار، واڍن چاڙھيا واٽ تي.

32. اللہ جس ویلے دیناں، چھپر پھاڑی دیناں۔ (کہاوت)
دنيا اندر رھڻ واسطي، دنياوي شيون خلقيون ويون آھن. اھي حاصل ڪرڻ لاءِ، خالق ڪائنات دنياوي طور طريقا خلقيا آھن، جن کي ورتائڻ سان، دنيا حاصل ٿيندي. ٻين طريقن ذريعي حاصل ڪرڻ، اھنجو ٿي پوندو. انسان کي، آزمائڻ خاطر، دنيا اندر موڪليو اٿائين. کيس نعمتون ڏئي به آزمائي ٿو ته کسي به. ھٿين خالي موڪلي، ھر نعمت جو بندوبست اڳي ڪري ٿو ڇڏي. نعمتون ڏئي، بيگانو ڪرڻ جو سلسلو به رکي ٿو ڇڏي. ڏيڻ ۾ ذريعن جو محتاج ناھي. محسوس ائين ٿيندو، ڄڻ ڪو ڇپر ڦاٽو آ ۽ نعمتون خاص ٿي، انسان تي لٿيون آھن. جتان ٿيڻ جو يقين ھوندو آ، اتان ذرو به حاصل نه ٿيندو آ، جتان ٿيڻ جو امان گمان به نه ھوندو آ، اتان پيو مال ملندو آ. اھي ان جا خاصا آھن، جن کي پنھنجي قدرت سان پاڻ ٿو ڄاڻي.
مطلب؛ ۱. الله جڏھن ڏيندو آ ته ڇپر ڦاڙي به ڏيندو آ.
۲. جداں دتے راشناں، چھت پھاڑی طہ دینا۔
۳. جڏھن ڏيڻ تي ايندو ته ڇت ڦاڙي به ڏيندو.
۴. رب دیناں، چھپڑ پھاڑی طہ دیناں۔ (کہاوت)
۵. رب ڏئي، ڇپر ڦاڙي ڏئي.
۶. ڏيڻ لاءِ، رب ڪنھن وسيلي جو محتاج ناھي.

33. اللہ رکھے کن ڑ چکھے۔ (کہاوت)
صحت ۽ بيماري، آسودگي ۽ تنگي، غربت ۽ اميري، حياتي ۽ موت، سڀ جا سڀ رب جي طرفان آھن. جن کي جيتري ڏيڻ چاھي، ان ۾ مرضيءَ جو مالڪ آ. حالات واقعات، جيڪي دنيا اندر رونما ٿين ٿا، تن جو خالق مالڪ پاڻ آ. جڏھن ته نظر اچڻ وقت، دنياوي شين مان ٿيندي نظر اچن ٿا. مصيبت اچي ٿي به ته سندس طرف کان، ٽري ٿي ته به سندس طرف کان.
ڪير ڪيترو به نفعو/ نقصان ڏيڻ چاھي، رب جي حڪم کان سواءِ نه ٿو ڏئي سگھي. ھر شيءِ جو خالق مالڪ اھو آ. نفعي جو به ته، نقصان جو به. ھر معاملي ۾، ڏانھنس رجوع ڪرڻ گھرجي.
مطلب؛ ۱. جنھن کي رب رکي، تنھن کي ڪير چکي.
۲. جس کی اللہ/رب رکھے، اس کی کن چکھے۔ (کہاوت)

34. اللہ گنجے ناں ناخن ناں دیئے۔ (کہاوت).
گنجے؛ گنجي، ٺوڙھي. ناں؛ کي. ناخن؛ نھن. ناں دیئے؛ نه ڏئي.
مٿي جي سونھن وارن سان رکي وئي آ. وار نه ھجن ته مٿو، روڏو/ لوٽو ٿيو پوي ۽ سونھين ئي نه. وار، آھن سيوا ۽ سنوار سان. ڌوءَ ڌپوءَ، ڦڻي ڦوڪاري ۽ تيل ميٽ کان سواءِ، منجھن خشڪي، ٻڦو ۽ جونءَ پئجي ويندا. ٻيو نه ته ڦڻي ڏيڻ ته ضروري ھوندو آ ته جيئن وار، وار کان جدا رھي ۽ چيڙھ نه پوين. چيڙھ پيو ته جونءَ پونديون ۽ مٿي ۾ رڳو سرڪو ۽ کنھ کنھان ھوندي. کنھي به اھو سگھندو، جنھن کي نھن ھجن، نه ته آڱرين ۾ سور پئجي وڃي ۽ مٿي جي خارش جھڪي نه ٿئي. وار ته ڦڻي، نه ته ڪوڙاءِ کڻي. ان سان ڌوءَ ڌپوءَ جي خفي کان ڇٽي پئبو.
وارن ڪوڙائڻ وارو ٺوڙھو، جنھن جا ڇڻن سو گنجو سڏائي. ٺوڙھ تي وار ڦٽن، گنج تي ڦٽڻ جو امڪان ئي نه. گنج تي خشڪيءَ سبب سرڪي جو انديشو ئي نه. جڏھن ته ڦڻي، گنجي جي کيسي مان ئي لڀندي آ. الائي ڇو، کيس کنھڻ جي ھير پئجي ويندي آ. اگر نھن ھجنس ته کنھي کنھي ٺوڙھ ئي رت ڪري ڇڏي. گنجي جا نھن، نعمت ھوندي، گنج لاءِ شامت ٿيو پون.
مطلب؛ ۱. الله گنجي کي، نھن نه ڏئي.
۲. خدا گنجے کی نوں نا دیناں۔ (کہاوت)
۳. گنجے کی، خدا نوں ناں دے۔ (کہاوت)
۴. گنجي کي خدا نُھن نه ڏئي.
۵. گنجي کي نھن، مٿي لاءِ شامت.

35. اللہ نیں گانوائے، پکھلی چھوڑ ہزارے آئے۔ (کہاوت)
پکھلی؛ پکلي، وسنديءَ جو نالو. ہزارے؛ ھزارھ، شھر جو نالو.
سک ۽ تڪليفون، ذريعن مان ٿيندي نظر ايندا آھن. سک جو سھوليت سان ڳانڍاپو ضرور آ، پر اصل ڪارڻ اھا ناھي. اھنج به نعمتن منجھان ئي پھچن ٿا. ماڻھو شاندار گاڏي وٺي ٿو ته جيئن سفر سکيو گذري ۽ ٻين جي نظرن ۾ به شانَ مانَ وارو ٿي پوي. اھا ئي گاڏي، حادثي جو شڪار ٿيڻ سان موت جو سبب ٿئي ٿي. شان مان ۽ موت جو ڳانڍاپو، گاڏيءَ جي سھوليت سان ته آھي پر حقيقت ان جي ابتڙ آھي.
ڪي ماڻھو ھڪڙين آبادين کي ڏکن ڏولاون جو آماجگاھ سمجھي، تياڳي ان ھنڌ ھليا ويندا آھن، جتي سھوليتن جا انبار ھوندا آھن. اتي پھچندي، لڪل تڪليفون نروار ٿي، مٿن راتاھو ڏينديون آھن.
مطلب؛ ۱. الله جا رلايا، پکلي ڇڏي ھزاري آيا.
۲. ڄاڻي ٻجھي، سک ڇڏي اوجھڙ ۾ اچي پيا.

36. امید نیں سرے دنیا قیم ای۔ (کہاوت)
تڪليف جي وقت، انسان دل شڪستو نه ٿئي، پر حالات واقعات سان مقابلو ڪرڻ واسطي، سينو سپر ڪري بيھي. ان اميد ۽ آسري تي ته آيل تڪليف عارضي آ ۽ زندگي اڃا ٻيا به امتحان طلبي ٿي. آيل اھنجن سان مھاڏو اٽڪائبو، تڏھن ئي حياتيءَ جا معاملا سلجھائي سگھبا.
بيمار، صحتياب ٿيڻ جي اميد تي، علاج ڪرائي ٿو. غربت ۾، امير ٿيڻ جي آسري تي، محنت مزدوري ڪجي ٿي. جھالت ۾، ڄاڻ وارو ٿيڻ لاءِ، تعليمي ادارن جا پنڌ ڪجن ٿا. ڏک ڏور ڪرڻ واسطي، سکن جي ڳولا ڪجي ٿي. اميدون ۽ آسرا ئي آھن، جيڪي عارضي زندگيءَ ۾ به ايترو محو ٿا رکن جو ايندڙ زندگي وسريو وڃي.
مطلب؛ ۱. اميد جي آسري تي دنيا قائم آ.
۲. دنيا اميدن تي قائم آھي.

37. ان ہلے کی ہلاژے ناں، ہلے ناں بنڈا گنواژے ناں۔ (کہاوت)
ھيرَ، جانَ جي عضوي وانگر چھٽي پوندي آ. کير، ٿڃ-پياڪ ٻار جي خوراڪ آ، عادت جسم جي خوراڪ آ. خوراڪ بند ٿيندي ئي، رڙيون نڪرن ٿيون، جيئن ٻار جي وات مان کير-ٻنڊ نڪرندي ٻالڪ ٻاڪارڻ لڳي. ڪنھن کي، ڪنھن معاملي ۾ عادي نه ڪجي. جيڪڏھن ڪجي، ته آخر تائين اھا نه ڀڃجي. ڀڃبس ته موٽ ۾ اھڙو ڌڪ ھڻندو، جو سھسائڻ ڏکيو ٿي پوندو.
مطلب؛ ۱. اڻ ھيريا نه ھير، ھيريا نه ڦير.
۲. ہلے کی ہور، ناں ہیلاو۔ (کہاوت)
۳. ھِريي جي ھير، نه ڀڃجي.
۴. اڻ ھيريا نه ھير متان ھرني، ھيريا نه ڦير متان وڙھني.

38. انا بنڈے ریوڑیاں، مڑی مڑی اپنے کہر- (کہاوت)
انا؛ انڌو. بنڈے؛ ونڊي، ورھائي. ریوڑیاں؛ ريوڙيون، مٺائي. مڑی مڑی؛ مڙي مڙي، موٽائي موٽائي، وري وري. کہر؛ گھر، مائٽن کي.
مال انڌي جي ھٿ اچي ته انڌو به سڄو ٿيو پوي. ڪن ته ائين به چئي ڇڏيو؛ مردي جي ڪفن ۾ پئسا وجھجن ته اھو به ساھ کڻڻ لڳي.
انڌو جڏھن مال ورھائڻ تي ويھندو آ ته پوءِ سڄن وانگر پنھنجن کي، بنا اکين جي به سڃاڻي وٺندو آ. ورائي ورائي پيو کين ونڊ ڪرائيندو. رشتا ناتا، جلد سڃاپجي وڃنس ٿا. مال ھٿ اچڻ تي چريو به گھر ۾ ٿمائڻ جي ڪري ٿو. ويجھن عزيزن جو سڃاپرو ٿي، مٿن مھرباني ڪرڻ لڳي ٿو.
مطلب؛ ۱. انڌو ورھائي ريوڙيون، وري وري پنھنجي کي ڏئي.
۲. جاجڪ چريو، لٽا لاھي گھر ڏانھن اڇلي.
۳. چانڊيا چريا، ڳڙ جا ڀينڊ گھر ڏانھن اڇلين.
۴. انھاں بنڈے ریوڑیاں، اپنیاں اپنیاں کی۔
۵. انھاں بنڈے سینویاں، اپنے اپنیاں کی۔
۶. انڌو ورھائي ريوڙيون، پنھنجن مٽن کي ڏئي.
۷. مٽ مائٽ، انڌو به سڃاڻندو آ.

39. انا/ انھاں کہہ لوڑے/ منگے دو اکھیں۔ (کہاوت)
انا؛ انڌو، نابين، حاوظ. لوڑے؛ گھري، گھجائو. دو؛ ٻه، ڏون. اکھیں؛ اکيون، ديد.
جيڪو دنيا اندر آيو آ، تنھن کي ڏسڻ لاءِ ٻه اکيون عطا ٿيل آھن، جن ۾ ڏسڻ جي روشني مھيا ٿيل آ. ڪنھن سببان اگر ڏسي نه، ته پوءِ اچڻ جو مقصد ئي فوت ٿي ويو. اھا ڳالھ مڃڻ لاءِ، ڪا به دل تيار نه ٿيندي.
انڌي کي اکيون ته ٻه ئي ھونديون آھن پر منجھن روشنائي نه ھئڻ سبب ديد نه پوندي اٿس. جڏھن ته سندس خواھش ھوندي آ؛ پنھنجي ديد سان دنيا جو ديدار ڪرڻ. گھرڻ تي کيس ٻن بجاءِ ھڪ ملي، جنھن ۾ ڪاڻي ھجڻ وارو عيب به آ، تڏھن به جھول جھلي وٺندو. نعمت جو قدر، ڀريلن جي ڀيٽ ۾، محروم وٽ ئي ھوندو آ.
مطلب؛ ۱. انڌو گھري الله کان؛ ٻه اکيون.
۲. معذور، پنھنجي ئي گھربل شيءِ جو گھورائو ٿيندو آ.
۳. انڌو گُھري ھڪ اک، ٻه ملنس ته باقي ڇا کپيس.
۴. انڌو ڇا گھري/ ڳولھي؛ ٻه اکيون.
۵. نعمت جو قدردان، محروم کان وڌيڪ ڪير نه ھوندو آ.

40. اندرے نی کند اندرے ٹہہ تہ چنگی ہونی۔ (کہاوت)
اندرے؛ اندر جي، اندرين. کند؛ ڪنڌي، ڀت، ديوار، عالم پناھ. ٹہہ؛ ڊھي، ڪري. چنگی؛ چڱي، سٺي، ڀلي.
گھر جي چوڌاري، پردي/ پناھ خاطر کنيل ديوار کي عالم-پناھ چئبو آ. عام ڀتين کان قد ۾ اوچي رکبي آ ته جيئن غلط نگاھ ۽ ھٿ کان، مڪين امن ۾ رھن. وقت گذرڻ پڄاڻان، ھر شيءِ ڊھڻ لڳندي آ. اول اوھر ڪندي، پوءِ ڏار پوندس، نيٺ پٽ اچي پوندي. پوڻ وار فائدا، ڊھڻ سان ختم ٿي ويندا.
ڀتي ڀت ٻاھر پاسي ڪرندي آ ته رستا-روڪ سان گڏ، لنگھندڙن جي مٿان ڪرڻ جي صورت ۾، وڏي نقصان جو سبب بڻجندي آ. پنھنجي نقصان سان گڏ، ٻين جا مامرا به ڳچيءَ پئجي ويندا آھن. گھر پاسي ڏانھن اوھر ڪري پٽ پوندي آ ته نقصان نسبتًا گھٽ ٿيندو آ. ڪِرڻ کان اڳ، گھر وارا مطلع ۽ محتاط ھوندا آھن. مٽيريل؛ سرون ۽ مٽي، گھر پاسي ڪرڻ سبب، ٻيھر جوڙجڪ ۾ استعمال ڪري سگھبا آھن.
مطلب؛ ۱. گھر جي ڀت، گھر ڏانھن اوھر ڪري ڊھي ته چڱي.
۲. گھر جي ڳالھ، گھر تائين محدود رکجي ته چڱي.
۳. گھر جو جھيڙو، گھر کان ٻاھر نه ڪڍڻ ڀلو آ.
۴. گھر ۾ پيل نقصان، ٻاھر جي پيل نقصان کان، گھاٽي ۾ گھٽ ھوندو آ.

41. انھے اگیں رونا، ڈورے اگیں گانا؛ ہیکے جیا۔ (کہاوت)
انھے اگیں؛ انڌي آڏو. ڈورے اگیں؛ ٻوڙي آڏو.
ڳائڻ ۽ نچڻ، تڏھن ڪارائتو آ، جڏھن فن پيش ڪندي واھ واھ ٿئي. ڳائڻ جي واھ واھ ٻڌڻ کان پوءِ ۽ نچڻ جي واھ واھ ناچ ڏسڻ کان پوءِ. روئڻ جو تدارڪ تڏھن، جڏھن ڪو ڳوڙھا ڏسي. جت ڏسڻ وارو ئي نه ھجي، ات روئڻ/ فن پيش ڪرڻ ۾ پشيماني ٿيندي آ.
راڳ ٻڌڻ لاءِ اڳلو تيار آ پر ڪن ڪم ئي نه ٿا ڪنس، جو ٻوڙو آ. ناچ ڏسڻ لاءِ اڳلو تيار آ پر اکين ۾ ديد ناھيس. اتان داد نه ملندو. روئڻ جي موٽ ۾، مٿي تي ھٿ گھمائڻ واري کي دل آھي پر اکين کان وڏو ھئڻ سبب، ڪجھ نظر نه ٿو اچيس. ان آڏو روئڻ اجايو آ. روئڻ ۽ فن جي مدعا آ؛ داد ملڻ. نه داد مليو ۽ نه واھ واھ ٿي ته فنڪار پيو شڪي ۽ شرمسار ٿيندو. انڌي آڏو نچڻ کي ۽ ٻوڙي آڏو ڳائڻ کي ھلاکي ۽ وقت جو ضياع پيو سمجھبو.
مطلب؛ ۱. انڌي آڏو روئڻ، ٻوڙي آڏو ڳائڻ؛ ساڳي ڳالھ.
۲. انھے اگیں نچنا، ڈورے اگیں گانا؛ ہیکے جیا۔ (کہاوت)
۳. انڌي اڳيان نچڻ، ٻوڙي اڳيان ڳائڻ؛ ھڪ ڳالھ.

42. انھی پینی گئی، کتے چٹنے گے۔ (کہاوت)
انڌيءَ کي جنڊ تي ويھاري، ان-پاٽي ڏئي، مڪڙي ڇڪي، تنئور ۽ ٻڪيءَ جي جاءِ سمجھائي، گھر-ڌياڻي ڏڌ ولوڙڻ، ٻھاري ڏيڻ ۽ سانجڻ کي وڃي لڳي. واندي ٿي، پيھڻ واريءَ جو ڌيان ڪيائين ته وائڙي ٿي وئي. ڀر ۾ ڪتي بيٺي ھئس. پاري ۾ ان ٿورو بچيو ھيو ۽ تنئور ۾ پيٺل اٽو ٿورو ھو، جنھن تي واتان نڪري ويس؛ ”انڌي پيھين، ڪتي چٽي.“
مطلب؛ ۱. انڌي پيھندي وئي، ڪتي چٽيندي وئي.
۲. انھی پیئے طہ کتے کھان۔ (کہاوت)
۳. انڌيون پيھن، ڪتا چٽين.
۴. انڌيون ٿيون رليون سبن، سڄيون ٿيون اوڍي سمھن.

43. انھے طہ کانے نی، ہیک رغ وادھو ہونی۔ (کہاوت)
رغ؛ رڳ.
جسم جي اندر، گھرج پوري ڪرڻ واسطي، کوڙ سارا عضوا رکيا ويا آھن. منجھانئن ھڪ اڌ کري پوي ته عيب ٿي پوي. کريل عضوا، ڪارڪردگي اوتري نه ٿا ڏيکارين، جيتري پورا عضوا ڏيکارين ٿا.
مشاھدو آ ته جنھن جو ھڪ اڌ لڱ نڪمو ھوندو آ ته ان جي بدلي ٻئي لِڱَ ۾ طاقت سرس اچي ويندي اٿس. جسماني طور ڪمزور ھوندو ته مغز طاقتور ھوندس. دماغ جو موٽو ھوندو ته بت ۾ سٻر ھوندو. ھڪ اک جي گھٽتائيءَ واري کي ڪاڻو ۽ ٻنھي اکين کان نه ڏسندڙ کي انڌو سڏبو. ان لَڱَ سبب، دماغي سوچ ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ھوندي اٿن.
مطلب؛ ۱. انڌي ۽ ڪاڻي جي، ھڪ رڳ واڌو ھوندي آ.
۲. رب ھڪ عضوو کسي ته بدلي ۾ ٻيو عضوو طاقت وارو ڏئي ڇڏي.
۳. ڀيٽيو؛ لولھے لنگڑے نی ہیک ریغ ودھ ہونی۔ (کہاوت)

44. انھیاں وچ کاناں؛ راجہ۔ (کہاوت)
ھڪ اک ڪم نه ڪريس؛ ڪاڻو. ٻئي اکيون ڪم نه ڪنس؛ انڌو. انڌو، ھر معاملي ۾ ٻين جو محتاج. ڪاڻو پنھنجو ڪم، ٻين جي مدد کان سواءِ ٽپايو وڃي. اٿا-ويٺيءَ ۾ جيڪو ٻين جو محتاج ناھي، سو محتاج جي ڀيٽ ۾، ڄڻ بادشاھ آ. بادشاھ، ڌن دولت جي ججھائيءَ سبب، ٻين جي اشارن جو محتاج ناھي، بلڪ مرضيءَ جو مالڪ آ.
مطلب؛ ۱. انڌن منجھ ڪاڻو؛ راجا.

45. اواسی، نندرے نی ماسی۔ (کہاوت)
اواسی؛ اوٻاسي، جمائي.
جسماني ضرورت، لڱن سان ڪم ڪار ڪئي، پوري ٿئي ٿي. ڪم پڄاڻان، لڱن منجھ ٿڪاوٽ اچي ٿي. جسم ٿڪجي، حرص نه ٿڪجي. ڪم ڪندي حرص وڌي. چست ۽ چوبند جسم سان شروع ڪيل ڪم جي رفتار ۽ ڪارڪردگي، حرص کي جوان ڪندي ايندي. ڪم وارو، ڪم مان ھٿ ڪڍڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. جسم ۾ توانائي آڻڻ واسطي، ڪم ڪار مان وقتي ھٿ ڪڍڻ گھرجيس، پر حرص سبب احساس گھٽ رھندو اٿس ۽ لڳو پيو ھوندو آ. ڪم ڪندي، جسم اندران ٿڪجي چور ٿي چڪو ھوندو آ، ڪارڪردگي ۽ رفتار ڍري ٿي چڪي ھوندي آ پر احساس نه ھوندو اٿس. اتي تڪويني نظام، عمل منجھ اچي ويندو آ. ڏينھن کي روشن، معيشت جي سڌاري، ننڊ کي جسم جي آرام ۽ رات کي اونداھو سمھڻ واسطي ڪيو ويو ته جيئن حريص، مجبور ٿي سمھي ۽ ڪم ڪار جو ڌيان ڇڏي.
جسم اندر، نياپا ٺھڻ شروع ٿيندا ۽ دماغ تائين پھچندا. جسم ٿڪيو آ، جنھن جو ذھن کي احساس ناھي پر وٽس اھو نياپو، اوٻاسين جي صورت ۾ پھچي ٿو ته جيئن ڪم مان ھٿ ڪڍي، آھلي پوي.
مطلب؛ ۱. اوٻاسي، ننڊ جي ماسي.
۲. ننڊ نياپو موڪليو، اوٻاسيون اھڃاڻ.
۳. اوٻاسي، ننڊ جو پيش خيمو آھي.
۴. اوٻاسي، ٿڪاوٽ جو اطلاع آھي.

46. اودھار کہنناں سان، طہ مکانا اوخا۔ (کہاوت)
اودھار؛ اوڌر. کہنناں؛ گھنڻ، گھرڻ، سوال ڪرڻ، وٺڻ. سان؛ آسان، سولي. مکانا؛ مڪائڻ، موٽائڻ، چڪتو ڪرڻ. اوخا؛ اوکي، ڏکي، اولي.
اوڌر، ٻئي کان مال جو سوال. مال سان محبت، ھر ھڪ کي آ. جنھن وٽ مال، تنھن کي حرص، جنھن وٽ ناھي، تنھن وٽ گھرج. مال مان ھٿ ڪڍڻ، ٻنھي لاءِ اھنجو. ڪي گھرجائو، وقت ۽ حالات آڏو، ايترا مجبور ٿي پوندا آھن جو اوڌر گھرڻ سواءِ، سندن گذارو نه ٿيندو آ. ٻئي کان مال، زبان سان گھري ھٿ ڪرڻ تڏھن سولو، جڏھن اڳلو مدعا ترت پوري ڪري. پنھنجي غرض مقدم ۽ اڳلي جو احساس گھٽ ھجي ته قرض موٽائڻ ڏکيو.
مطلب؛ ۱. اوڌر وٺڻ سھنجي، موٽائڻ اھنجي.
۲. اودھارے کولا، پہکھے چنگے۔ (کہاوت)
۳. اوڌر تي وٺي کائڻ کان، بک تي رھڻ چڱو.
۴. اوڌر تي ريل ملي، ته به ھر ڪو وٺي.

47. اوڑھی ایلے پھاواڑے، یاد رہیلے تہاڑے۔ (کہاوت)
اوڑھی؛ خالي، ختم. ایلے؛ ٿي ويندا. پھاواڑے؛ انجير. رہیلے؛ رھجي ويندا. تہاڑے؛ ڏھاڙا، ڏينھن، وقت.
انجير، مندائتو ميوو آ. پھرين گل جھلي، پوءِ ٻور ڪري. ٻور منجھان ننڍا ننڍا انجير اپڙن، جيڪي ماڻھن سان گڏ پکي پکڻ ۽ جيت جڻيي جو کاڄ ٿين. مند اڪري وڃي، پر مند جون يادگيريون رھجيو وڃن. وقت کي به درياھ وانگر ھڪڙو وھُ آ، جنھن تي وھندو ٿو وڃي. ڳالھيون جڙن ٿيون، ڊھن ٿيون. فصل ٿين ٿا، اڪري وڃن ٿا. موسمون اچن ٿيون، ھلي وڃن ٿيون. ھل ھلان جو اڻ-کٽ سلسلو آ، جنھن تحت دنيا جو ڪاروھنوار روان دوان آ. ٻک وجھي ڪو به روڪي نه ٿو سگھيس. البته گذريل وقت جون يادگيريون سينن اندر دفن ضرور ٿين ٿيون، جيڪي ڪڏھن دماغ تي واسو ڪري مانڌاڻ مچائين ٿيون ۽ وري ھلي به وڃن ٿيون.
مطلب؛ ۱. انجير ختم ٿي ويندا، ڏيھاڙا ياد رھندا.
۲. دنيا ھر ڪو ڇڏيندو، رھندو وڃي فقط واس.
۳. ويل وقت جي فقط ياد آ، جيڪا ستائيندي آ.
۴. اھو ڪم ڪجي جو آخر ۾ پڇتائڻو نه پوي.

48. اوخا ویلا لنگھی گشناں۔ (کہاوت)
ويلو يا وقت، اَ-جھَل آ. ڏانوڻ/ ونگ ڪو نه ٿا پئجي سگھنس. درياھ جي روَ وانگر، بيقراري، رواني ۽ اضطراريت اٿس. تڪليفده آ ته به گذريو وڃي، آسائش وارو آ ته به لنگھيو وڃي. ھر گھڙيءَ کي گذرڻو آ ۽ گذري ٿي وڃي.
ھڪڙي بادشاھ، وزير کي چيو؛ ”منھنجي منڊيءَ تي اھڙي اُڪَر ڪراءِ، جڏھن گھڻو خوش ھجان ته اُڪَر ڏسي، خوشي ڪافور ٿي وڃي. غمزدھ ھجان ته اُڪر ڏسندي، غم ختم ٿي وڃي.“
وزير، گھڻي ويچار کان پوءِ، منڊيءَ تي جملو لکرائي آيو ۽ اچي پيش ڪيائين؛ ”ھن تي اُڪَر، اوھان جي مدعا پوري ڪرڻ جي حساب سان ٿيل آ.“ بادشاھ ڏٺو، منڊيءَ تي لکيل ھيو؛ ”ھيءُ ويلو به وھي ويندو.“
مطلب؛ ۱. ڏکي مھل، لنگھي ئي ويندي آ.
۲. وقت، ڏک جو ھجي يا سک جو، گذري ئي ويندو.

49. اوخے ویلے کھوتے کی وی باوا آخناں پیناں۔ (کہاوت)
انسان کي ضرورتون ڏنيون ويون آھن ته انھن جي پوري ڪرڻ واسطي، وسيلا جھڙوڪ؛ مال ملڪيت، مٽ عزيز، پنھنجا ھٿ-پير ۽ اکيون وغيره پڻ مھيا ڪيا ويا آھن. ساڻ ساڻ، جيءَ اندر عزت نفس جو مادو پڻ تفويض ٿيل اٿس. غرض خاطر، ٻين کان مدد ته گھري پر عزت سان. عزت مجروح ٿيندي نظر اچيس، ان ڪم مان ئي ھٿ ڪڍي. ڪڏھن ڪڏھن ڪو ڪم اھڙو اچي منجھندو آ، جو عزت نفس جو خيال ڪرڻ سان گھڻو ڇيھو پوڻ جو انديشو ھوندو آ. ان صورت ۾ گڏھ-خيال/ گڏھ-شڪل سان به ھيٺانھين ڪري وقت ٽپائڻ ۾ عافيت سمجھبي آ. اتي عزت نفس کي مقدم رکڻ عقل/ تدبر جي خلاف سمجھبو. ھيٺاھين ڪرڻ ئي بھتر ٿيندي.
مطلب؛ ۱. ڏکئي وقت تي، گڏھ کي به بابو ڪوٺڻو پوي ٿو.
۲. پنھنجي ٿوري، پؤ گڏھ کي پيري. (ساھتي)
۳. پنھنجي گتيءَ، گڏھ کي به بابو ڪوٺڻو پوي ٿو. (سرو)

50. اولاد بڑی ہوئی گچھے، اس اپر ہتھ نیا چانیا۔ (کہاوت)
اولاد کي تاتڻ نپائڻ سان گڏ، مصيبتن کان بچائڻ به والدين جي ذميواري آ. نصيحت سان نه مڙي ته مار موچڙي سان، برائيءَ کان ڀڄائجيس. ٻار سورھن سالن جو نه ٿيو آ ته ٻار آ. مار موچڙي کي ٻارائپ سبب پيو برداشت ڪندو. وڏو ٿيو ته پاڻ کي ابي-اما کان وڌيڪ عاقل ۽ سمجھو پيو سمجھندو. کيس واعظ نصيحت سان سمجھائي، ضد تان ٽاري سگھبو. مار موچڙي سان، تيئن ضد پوندو. جو جسم ۾ مار کائڻ کان وڌيڪ، مار ڏيڻ جي قوت اچي وئي ھوندس. ساڻس ھاٿا-پائي ڪرڻ معنيٰ پادر گھري کائڻ.
مطلب؛ ۱. اولاد وڏي ٿئي ته مٿس ھٿ نه کڻجي.

51. اول خیشاں، بعد درویشاں۔ (کہاوت)
خیشاں؛ پنھنجا مٽ. درویشاں؛ پير فقير.
جسم سان، پيٽ ۽ غرض به ڏنا ويا آھن. مٽن مائٽن جي به پارت ٿيل آ. پير فقير جي عزت ۽ ضرورت به پوري ڪرڻي آ.
پنھنجو سر، ٻين جي سر کان وڌيڪ پيارو آ. اولاد ۽ والدين جي ڀيٽ ۾، پنھنجي گھرجن کي پورو ڪرڻ کي ھر ڪو مقدم رکندو آ. ٻئي نمبر تي مٽ مائٽ. ٽئين نمبر تي پير فقير. مٽ مائٽ مٿان، پير فقير کي فوقيت حاصل ناھي.
مطلب؛ ۱. اول خويش، بعد درويش.
۲. اول مٽ عزيز، درويش پوءِ.

52. اونٹھیں کنے یاریاں تہ در نیویں۔ (کہاوت)
اونٹھیں؛ اٺن، اٺ جو جمع. کنے؛ سان، ساڻ. یاریاں؛ ياري، سنگت. در؛ در، دروازا، ٻنڀا. نیویں؛ نميل، ننويل، جھڪيل، ھيٺانھون.
جھڪيل در جي، سر در ھيٺ رکيل ھوندي آ، جتان ڪو به ڊگھي قد وارو لنگھي نه سگھندو آ. اٺ، قدآور آ. کيس ان در مان گذاري سگھجي ٿو، جنھن جي سر در، يا نه ھجي، يا اٺ جي قد کان به مٿي رکيل ھجي.
جنھن جي ياري اوٺارن سان آھي، تنھن کي دروازي جو چؤنڪ وجھڻ وقت، اھو خيال ضرور ڪرڻ گھرجي. فقط پنھنجي گھرج آھر نه بلڪ آئي وئي جي حساب کي خاطر ۾ رکي، گھرن جا در وجھڻ گھرجن. جيئن، جڏھن اھي اچن يا وڃن ته ڪا روڪ ٽوڪ يا اھنجائي محسوس نه ٿئي.
مطلب؛ ۱. اٺن سان ياري ۽ دروازا/ در جھڪيل؟!
۲. رکي ٿو اٺن سان ياري، وري رکي ٿو در ننڍا!
۳. اوٺارن/ جتن سان ياري رکبي ته دروازا به اوچا رکڻا پوندا.
۴. ياري رکجي ته دل به اوڏي ڌارجي.
۵. جڏھن پاڻان وڏن سان اٿڻ ويھڻ رکجي ته گھر به اھڙا ڌارجن.
۶. اونٹھے آلیاں نال یاری وے طہ در اچے رکھنیں پینے۔
۷. اوٺارن/ جتن سان ياري رکبي ته دروازا، اوچا رکڻا پوندا.
۸. ٻين جي گھرجن کي ذھن ۾ رکي، سھوليتون ڌارجن.
53. اووی کوئی جناں آ، جہڑا جنے نی قدر ناں کرے۔ (کہاوت)
جناں؛ ڄڻيو، ڄائو. جنے؛ ڄڻيي، اولاد.
دنيا اندر، انسان کي قانون ۽ ترتيب تحت آندو ويو آ. سندس جوڙَ، ھڪ جوڙَي مان جوڙِي وئي آ. يا ھو ڪنھن مان ڄائو آ، يا ڪنھن کي ڄڻيو اٿائين. ان جوڙ ۾ ھر ھڪ سان ربط رھي ٿو. ڪڏھن ٻيا پيا کيس تاتين نپائين ته ڪڏھن پاڻ پيو ٻين جي ٽھل ٽڪور ڪري.
جنھن کي ٻين، بنا ڪنھن غرض جي، ڄڻڻ پڄاڻان پالي پوسي وڏو ڪيو، اھو جڏھن پرڻجي گھر وسائي ٿو ته کيس پنھنجي ڄاين جي پالنا ڪرڻي پوي ٿي. ائين ڪونھي ته ھڪڙي ڄڻيي کي ھڪڙن ته ڄڻيو ۽ نپايو، جڏھن سندس وارو آيو ته پوءِ فقط ڄڻيائين پر نپايائين نه. ڄڻيندو ويو ۽ ڍيرن تي اڇليندو ويو؛ اھو ممڪن ئي ناھي.
مطلب؛ ۱. اھو به ڪو ڄڻيو آ، جيڪو ڄڻين جو قدر نه ڪري.
۲. اھو به ڪو پيءُ آ، جيڪو اولاد جو قدر نه ڪري.
۳. سو ڪھڙو ڄڻيو، جو ڄڻيي جو قدر نه ڪري؟
۴. اھو ڪھڙو ڄائو، جو ڄاين جو قدر نه ڪري!؟