لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڙي آخاڻ

پھاڙي ٻولي، گهڻي ڀاڱي، پاڪستاني پنجاب جي ڪجهہ علائقن سميت، آزاد ڪشمير ۽ ڀارت جي انتظام ھيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سوڌو ھماچل پرديش ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، ۽ ڄڻ تہ ٻن ملڪن ۾ پکڙيل آھي. عبدالوھاب سھتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ھيءُ ڪتاب جوڙڻ ۾، ڊاڪٽر محمد صغير خان جي ڪتاب ”پہاڑي کہاوتيں: آخان“ (۲۰۰۲ع) ۽ محبت حسين اعواڻ جي ڪتاب ”مري، گليات ني پہاڑي بولي چ ’آخان‘ متان، ٹچکراں طہ سياننيان“ (۲۰۰۹ع) تان مدد ورتي آھي.

Title Cover of book پھاڙي آخاڻ

ذ

ذ
370. ذات اپنی ژیے چنگی ہونی۔ (کہاوت)
نالا، ذاتيون، ڪڙم قبيلا ھڪٻئي کي سڃاڻڻ لاءِ آھن. جڏھن ته سمورا، ھڪ ئي آدم جو اولاد آھن. برتري، اونچ نيچ، ذاتين کي ڪانھي. ان ھوندي به گھڻا، پنھنجي ذات ۽ نسل کي برتر سمجھي، پيا پاڻُ پڏائيندا آھن.
مطلب؛ ۱. ذات، پنھنجي ئي چڱي لڳندي آ.
۲. ذات پات تي ناھي، جيڪو وھي سو لھي.
۳. ذات، ھڪڙي رب جي آ.