لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڙي آخاڻ

پھاڙي ٻولي، گهڻي ڀاڱي، پاڪستاني پنجاب جي ڪجهہ علائقن سميت، آزاد ڪشمير ۽ ڀارت جي انتظام ھيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سوڌو ھماچل پرديش ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، ۽ ڄڻ تہ ٻن ملڪن ۾ پکڙيل آھي. عبدالوھاب سھتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ھيءُ ڪتاب جوڙڻ ۾، ڊاڪٽر محمد صغير خان جي ڪتاب ”پہاڑي کہاوتيں: آخان“ (۲۰۰۲ع) ۽ محبت حسين اعواڻ جي ڪتاب ”مري، گليات ني پہاڑي بولي چ ’آخان‘ متان، ٹچکراں طہ سياننيان“ (۲۰۰۹ع) تان مدد ورتي آھي.

Title Cover of book پھاڙي آخاڻ

کھ

کھ
554. کھادا پیتا کوئی نا دھیکھیناں، لایا ہر کوئی دھیکھیناں۔ (کہاوت)
ھر ماڻھوءَ جي نگاھ، آند-نيند تي ھوندي آ، کاڌ-پيت تي نه ھوندي آ. ڪير ڇا ٿو کائي، ڇا ٿو پيئي، اھو ڪير نه ڏسندو آ. البته اٿا-ويٺي، لٽو-ڪپڙو، چوڙ-ماڻ، پئسي جي آمد پيو ڏسندو آ. کائڻ تي زور ڏيڻ بجاءِ اھي سڌارجن.
مطلب؛ ۱. کائڻ پيئڻ ڪير نه ڏسندو آ، ھر ڪو آمد ڏسندو آ.

555. کھادے پیتے چ، کئہ شرم۔ (کہاوت)
کاڌو کائڻ، ھر ساھدار جي ضرورت ۽ حق آ. ان ۾ شرم/ عار محسوس ڪبو ته بک مربو. ضرورت آھر، فضيلت سان، ننڍا ننڍا گرھ کڻي، پوريءَ طرح چٻاڙي، پنھنجو پيٽ قوت ڪجي ۽ لڄ نه ڪجي.
مطلب؛ ۱. کائڻ پيئڻ ۾، ڪھڙو شرم.
۲. اھاري، وھنواري، گھوٽ مھاري؛ لڄا ڪري ته ھاري.

556. کھانا من پسند، باناں جگ پسند۔ (کہاوت)
کاڌو، اھو کائجي جيڪو دل طلبي، جان کڻي، گرھ کڻندي ھٿ چيو ڪري، چٻاڙيندي ڏند نه ڪرڪن. وات ۾ لووڙيندي، زبان بيزار نه ٿئي، نڙيءَ مان لھندي اٽڪي نه پوي، آنڊن ۾ پھچي ته اھي پنھنجو ڪرڻ لاءِ تيار ھجنس. لٽو ڪپڙو اھو پائجي، جيڪو ٻيا ڏسن ته بُڇان نه اچين.
مطلب؛ ۱. کائجي من پسند، پائجي لوڪ پسند.
۲. لوڪ پسند پائجي، دل پسند کائجي.

557. کھاناں سان، پچانا مشکل ہونا۔ (کہاوت)
پچانا؛ پچائڻ. سنڌيءَ ۾ پچائڻ جون ٻه معنائون آھن؛ ۱. رڌڻ، ۲. ھضم ڪرڻ، ڦٻائڻ.
کاڌو اھڙو رڌجي، جو نه ڪچو ھجي نه سڙيل، سوادي ۽ لذيذ ھجڻ سان گڏ زود ھضم ۽ قوة بخش ھجي. کائيندي، بنيادي گھرجون پوريون ٿين. اھڙو کاڌو رڌڻ، ھر ھڪ کي هانءُ نه ايندو آ. جڏھن ته کائي ھر ڪو ڄاڻندو آ.
۲. پرائو مال، کائڻ وقت ته کائي وڃبو آ، پر ھضم ڪري وڃڻ يا ڦٻائي وڃڻ ايترو آسان ناھي. ان کان ڏھوڻ تي ۽ عذابن سان، اوڳاڇڻو پوندو آ.
مطلب؛ ۱. کائڻ آسان، پچائڻ/ رڌڻ مشڪل.
۲. کائڻ سھنجو، ڦٻائڻ/ ھضم ڪرڻ اھنجو.

558. کھاناں موں، شرمانی اکھ۔ (کہاوت)
اڌارو وٺي کائيندو ته وات آ، جڏھن ته منھن ڏئي ڳالھائڻ وقت زبان ۽ اک استعمال ٿيندي آ. زبان به ڪوڙ ڳالھائي وڃي پر اک پئي لڄائيندي. اگر پرائو وٺي به کائجي ته ڳائجي ۽ موٽائجي. ٻي صورت ۾ شرمساري آ.
مطلب؛ ۱. کائي وات، لڄائي اک.
۲. موں کھائے، طہ اکھ شرمائے۔ (کہاوت)
۳. وات کائي ته اک لڄائي.
559. کھاؤ دال، جہڑی نبھے نال۔ (کہاوت)
اُچا کاڌا کائي، پڇاڙي خراب ڪرڻ کان بھتر آ، سادا کاڌا کائي وقت ٽپائجي ۽ پڇاڙي سُرھي ڪجي. اُچن کاڌن تي ھريل زبان ۽ جسم، وقت بدلجڻ سان سادگيءَ ڏانھن اچڻ لاءِ تيار نه ھوندا آھن ۽ بيزار ڪري وجھندا آھن.
مطلب؛ ۱. کائو دال، جيڪا نِڀي اچي.
۲. دال ئي کائو، جنھن سان نباھي سگھو.

560. کھائی بے گانے ماں طہ کرنا ایں ناں۔ (کہاوت)
ٻين کان وٺي کائبو ته پوءِ انھن جي ھا ۾ ھا ملائڻي پوندي. کائڻ کان پوءِ اک ڏيکارڻ يا اک ملائي ڳالھائڻ ڏکيا آھن. اگر ڪو بيحيائي ڪري، اڳلي تي ڏاڏر ڪري يا ڏيکر ڪري ته پوءِ ساڻس ساڳي جُٺ ٿي سگھي ٿي.
مطلب؛ ۱. کائي پرائي-ماءُ، ڪري ٿي ”نھ“.
۲. کائي ٿي کير-پڙا، ڪوٺي ٿي؛ ”ادا پريا!“

561. کھٹیاں نے کھولے؛ ہیتھ ترپڑ، اپر پولے۔ (کہاوت)
کھٹیاں؛ ڪنجوس، مکي-چوس. نے؛ جا. کھولے؛ کولي، گھر. ہیتھ؛ ھيٺ. ترپڑ؛ ٽپڙ، ٿانءَ. اپر؛ مٿي. پولے؛ جوتا.
ڪنجوس، بچت جي چڪر ۾، شيءِ جو قدر، قيمت آھر ڪندا آھن. مھانگي ورتل ڪني شيءِ، ساھ سان پيا سانڍيندا آھن ۽ سستي ورتل چڱي شيءِ، بيگاني ڪري ڦٽي ڪندا آھن.
مطلب؛ ۱. ڪنجوسن جا گھر؛ مٿي جوتا، ھيٺ ٽپڙ.

562. کھرڈیا لے نیئں کھرڈیا نے پچھولے دکھنا پینا۔ (کہاوت)
کھرڈیا؛ منڊو. لے؛ کي. نیئں؛ نه. نے؛ جي. پچھولے؛ پوين کي، وڏن کي. دکھنا؛ ڏسڻو. پینا؛ پوندو آھي.
منڊي جي ھڪ رڳ واڌو ھوندي آ، جنھنڪري مڙني کي پيو تنگ ڪندو آ. منجھانئس ھر ڪو بيزارگي پيو ڏيکاريندو آ. ڪاروھنوار کي ھلائڻ لاءِ، منڊي جي وڏن ڏي نظر ڪندي، منڊي جا منڊ به پيا برداشت ڪبا آھن.
مطلب؛ ۱. منڊي کي نه پر منڊي جي وڏن کي ڏسڻو پوندو آ.
۲. ٻٽيھ منڊ منڊي ۾، اسيءَ ۾ ڪاڻو، گنجو ساماڻو، مڙني ماٺ ڪئي.

563. کھسریاں نیں کہر نکے نئے جمنیں۔ (کہاوت)
کسرو/ کدڙو، شادي ڪندو ئي ناھي. اگر مالڪن، بنا ڄاڻ جي، زوريءَ شادي ڪرايس ته به کيس گھر منجھ آسرو اميد نه ھوندو آ. بلڪ ڪو دعا ڏئيس، سا به دل سان نه لڳندي اٿس.
مطلب؛ ۱. کدڙن جي گھر، پٽ نه ڄمندا آھن.
۲. کدڙي کي دعا ملي؛ ”پٽ ڄمندئي!“ چي؛ ”اھا دعا دل سان ئي نه لڳي.“

564. کھسم واجا ساون وچ تہریاں۔ (کہاوت)
کھسم واجا؛ مڙس کان بغير. ساون وچ؛ سانوڻ جي مھيني ۾. تہریاں؛ اڃايو، تاس-وتل.
سانوڻ جي مند ۾، برساتيون پون. اڃايل ٻنين کي پاڻيءَ جا انڇر ڇنڇر ٿي وڃن. اساٽ ختم ٿي وڃين. ونيءَ جي اڃ، وني جي محبت سان لھي. سانوڻ جي پوري مند مينھن وسي، پر وني جي ھڪ رات جي محبت برابر نه ٿئي.
مطلب؛ ۱. مڙس کان بغير، سانوڻ به اڃيو.
۲. عورت جو سانوڻ، مڙس سان.

565. کھوپڑیں نے کہر گچھا؛
کھائی وی اچھا، ہنی وی اچھا۔ (کہاوت)
کھوپڑیں؛ بيوقوفن. گچھا؛ وڃجي. اچھا؛ اچجي. ہنی؛ ھڻي، کڻي.
بي مغزي کوپڙي، بيوقوف ھجڻ جي علامت. بيوقوف مان، چٽ ڏئي ڪم به ڪڍبو آ ته سندس مال به تڳائي وڃبو آ. آخر تائين، دھو ئي نه پوندو اٿس.
مطلب؛ ۱. بيوقوفن جي گھر پھچو؛ کائي به اچو، کڻي به اچو.
۲. انڌن جي خيرات؛ کائي به اچو، کسڪائي به اچو.

566. کھوتاں نیں کھوت طہ پہوتاں نیں پہوت۔ (کہاوت)
جنس منجھان جنس ڄاپي. ڪڻڪ منجھان ڪڻڪ، جوَن منجھان جوَ، اڪن مان اڪ ته جوئر منجھان جوئر ڦٽي. گڏھ مان گڏھ، گھوڙي مان گھوڙو، ڏاچيءَ مان اٺ ڄمي.
مطلب؛ ۱. کوتي جو ڄڻيو کوتو، ڀوت جو ڄڻيو ڀوت.

567. کھوتی شہرا ہوئی آئی، ہن کھوتیاں چ نئی رلنی۔ (کہاوت)
اڻ-سڌريل، سڌريلن سان ملن ته منجھن فوقيت اچي وڃي. ڦونڊ خاطر، پنھنجي ھمجنس کي به پاڻ جھڙو نه سمجھن. جنھن سببان ڪيڏانھن جا به نه رھن. بيوقوف ۽ کوتو، پنھنجن جي سڃاڻپ نه رکندا آھن.
مطلب؛ ۱. کوتي شھر گھمي آئي ته گڏھن سان رھڻ ڇڏي ڏنائين.

568. کھوتے کی گلقند نئی پچنی۔ (کہاوت)
گلقند، شڪر ۽ گلن مان جڙندو آ. کاڌي کان پوءِ، ھاضمي طور واپرائبو آ. گڏھ جيڪو کائي ئي سڪل ڪرفٽي، اھو گونھ کي گلقند تي ترجيح ڏيندو. سندس ھاضمو، ان سان درست ٿيندو. گلقند کائڻ لاءِ، چپ ئي نه چُرندس.
مطلب؛ ۱. گڏھ کي گلقند، نه جِورندو آ.

569. کھوئے نی مٹی کھوئے چ۔ (کہاوت)
کوھ کوٽڻ مھل، جيڪا مٽي نڪرندي آ، سا کوھ جي پڳ وٽ ڍير نه ڪبي آ. متان کوھ اندر ڪري پوي يا سندس وزن تي کوھ ڀڪ ڏئي. کوھ جي چوڌاري پٿاربي وڃبي آ. کوھ کڄي تيار ٿيڻ تائين اتي ڄمي ويندي آ.
مطلب؛ ۱. کوھ جي مٽي، کوھ کي لڳي.
۲. گمب جي مٽي، گمب کي لڳي.