ع
466. عادت، دمے نال۔ (کہاوت)
عادت، جڏھن جسم اندر پوندي آ ته جسم جو حصو ٿي ويندي آ ۽ نڪرڻ جو نالو ئي نه وٺندي آ. اگر ڪا عادت اپنائڻي ئي آ ته ڪنھن چڱي عمل جي اپنائجي، بري جي نه. بري ڪم جي علت، سواءِ بدناموسيءَ جي ٻيو ڪجھ نه ڏيندي، جڏھن ته چڱي ڪم جي عادت مان گھڻا فائدا آھن.
مطلب؛ ۱. عادت، ساھ سان.
۲. عادت تيستائين، سريءَ ۾ ساھ جيستائين.
۳. عادت عضوو آ، مرڻ تائين ساڻ ھلي ٿي.
467. عزت کرسو، عزت کراسو۔ (کہاوت)
ڏي-وٺ جو جھان آ. عزت ڏبي، عزت ملندي. ٻين لاءِ پريشانيون کڙيون ڪبيون، پاڻ آڏو به اينديون ۽ ڀوڳڻيون پونديون. ھتي ئي ڪجي ٿو، ھتي ئي لوڙجي ٿو. ٻين سان ائين ھلجي جھڙي جي پاڻ لاءِ توقع رکجي.
مطلب؛ ۱. عزت ڪندؤ، عزت ڪرائيندؤ.
468. عزت، پینسے نال۔ (کہاوت)
پئسو، دنيا جو رائج الوقت، سِڪو آ. ان سان ھر شيءِ خريد ڪندي نظر اچي ٿي. جنھن سببان کيس عزت ڪمائڻ جو سر-چشمو تصور ڪيو ويندو آ. سڃي جي ڀيٽ ۾، پئسي واري کي ھر ڪو عزت جي نگاھ سان ڏسندو آ.
مطلب؛ ۱. عزت، پئسي سان آ.
469. عقل بڑی کیں منج۔ (کہاوت)
عقل کي جسماني صورت ناھي، جنھن سبب نظر نه ايندو آ، پر آھي وڏي ڪارائتي وٿ. انسان کي انسانُ، عقل ڪري. ھاٿي، اُٺ ۽ مينھن، عاقل انسان جي ڀيٽ ۾ ڪجھ به ناھن. بيوقوف کي، مينھن وڏي نظر ايندي آ.
مطلب؛ ۱. عقل وڏو ڪن مينھن.
۲. عقل وڏو ڪن پاڏو.
470. عیزاں طہ شبراتاں آئیاں، ملاں ٹہڈھ ودھائے۔ (کہاوت)
ملي کي، عيد تي مفت جي ماني ججھي، باقي سال بک. پيٽ پٺيءَ سان وڃي لڳندس. عيد تي آيل ججھي ۽ چڱي چوکي مال مان سال جي ڪسر ڪڍندو. ھٻڇ سان، پيٽ کوڙي جنبندس، پوءِ پاڻُ کڻڻ ۾ آذرت ھوندو آ.
مطلب؛ ۱. عيدون ۽ شب-براتون اچن، ته ملن جا پيٽ وڌن.