لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڙي آخاڻ

پھاڙي ٻولي، گهڻي ڀاڱي، پاڪستاني پنجاب جي ڪجهہ علائقن سميت، آزاد ڪشمير ۽ ڀارت جي انتظام ھيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سوڌو ھماچل پرديش ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، ۽ ڄڻ تہ ٻن ملڪن ۾ پکڙيل آھي. عبدالوھاب سھتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ھيءُ ڪتاب جوڙڻ ۾، ڊاڪٽر محمد صغير خان جي ڪتاب ”پہاڑي کہاوتيں: آخان“ (۲۰۰۲ع) ۽ محبت حسين اعواڻ جي ڪتاب ”مري، گليات ني پہاڑي بولي چ ’آخان‘ متان، ٹچکراں طہ سياننيان“ (۲۰۰۹ع) تان مدد ورتي آھي.

Title Cover of book پھاڙي آخاڻ

غ

غ
471. غریباں روزے رکھے، تہڑے بڑے ہوئی غے۔ (کہاوت)
روزي ۾، ڀنڀرڪي کان سانجھيءَ تائين، کائڻو پيئڻو نه ھوندو آ. سحريءَ ۾ ڍءُ ڪري کائڻ واري کي سانجھيءَ تائين ٻالنگھ ھوندو. غريب کي کائڻ لاءِ ٿورو ملي، سو ويٺو سج کي تڪيندو ته ڪيڏي مھل ٿو لھي. کيس، اھو ڏينھن وڏو ۽ ڊگھو پيو معلوم ٿيندو.
مطلب؛ ۱. غريبن رکيا روزا، ڏيھاڙا به ٿيا وڏا.

472. غیب نیاں خدا ژے جانے۔ (کہاوت)
غيب يا ڳجھ جون سموريون ڳالھيون، سواءِ خلقڻھار جي، ڪير به نه ٿو ڄاڻي. جيڪو خلقيو اٿائين، تنھن مان ٿورڙو، انساني اک آڏو ظاھر ڪيو اٿائين، باقي سمورو ان کان اوجھل رکيو اٿائين.
مطلب؛ ۱. غيب جون خبرون، خدا ئي ڄاڻي.
۲. غيب جي گدو چوي؛ خبر خاوند کي.