تھ
192. تھاڑو نے کہر ماڑو جمیا، ماڑو نے کہر مرلی،
کھوڈے کانے جمنے لغے، پہرن گئی کھرلی۔ (کہاوت)
تھاڑو؛ ٿاڙو، اسم ذات، مرد جو نالو. ماڑو؛ ماڙو، مرداڻو نالو. جمیا؛ ڄائو، ڄميو. مرلی؛ مرلي، مرد جو نالو. کھوڈے کانے؛ منڊا ڪاڻا، انڌا منڊا. پہرن؛ ڀرڻ، ڀرجڻ. کھرلی؛ آھر، وٿاڻ.
ٿاڙو، ماڙو ۽ مرليءَ جھڙا نالا، اھڙا آھن جيڪي اڄ به اڻ پڙھيل ۽ ٻھراڙين جا ماڻھو پنھنجي ٻارن تي رکندا آھن. اھا ٻي ڳالھ آھي ته اھي نه ٻارن جي لٽي ڪپڙي تي ڌيان ڏيندا آھن، نه تعليم ۽ صحت تي، جنھن ڪري ڪنھن ٻار جا عضوا کري ويندا آھن ته ڪنھن جو مغز. بنا سوچ سمجھ جي شاديون ڪندڙن جي گھر ۾، انڌن منڊن جي فوج ٺھي ويندي آ.
مطلب؛ ۱. نڪمو اولاد، گھڻو ڄمي.
۲. گھڻو ڄمڻ وارو اولاد، نڪمو ئي ھوندو.
۳. ڄڻڻ تي زور رکبو ته پوءِ انڌا منڊا ۽ ٽنڊا ڪاڻا جام ڄمي پوندا.
193. تھڑے ناں کوئی ایماں نا ہوناں۔ (کہاوت)
تھڑے؛ ٿَڙو، ڏيوالو نڪتل، امير مان تازو غريب ٿيل.
سکيو ماڻھو، آسان زندگيءَ جو ھيراڪ ٿيندو آ. قضانئي سڃو ٿيو ته حوصلو وڃائي ويھندو، اڃا به بي ايمان ٿي پوندو. وھيون پيو واچيندو، پھتل نقصان جو ذميوار، ھر ھڪ کي پيو سمجھندو. ڪنھن کي ٺڳ ته ڪنھن کي ڦورو، ڪنھن کي پينو ته ڪنھن کي ناظرو پيو سمجھندو. نفعي نقصان جو مالڪ، رب بجاءِ ٻين کي پيو سمجھندو.
مطلب؛ ۱. ڏيوالي نڪتل جو ايمان به ھليو وڃي.
۲. واڻيو سڃو ٿئي ته وھيون سنڀالي.
۳ واڻيو تڏھن وھيون واچي، جڏھن؛ يا سڃو ٿئي، يا بي ايمان ٿئي.
194. تھڑے ناں لاج آ، تھڑے ناں کیں لاج نا۔ (کہاوت)
تھڑے؛ ڏيوالپڻو، ڏيوالو نڪتل. تھڑے؛ ٿِڙيل، ڪل ٿڙيل.
پھاڙي زبان جي ٿڙي لفظ منجھ آيل اکر ٿ تي زبر ڏيڻ سان ٿَڙو ٿئي ٿو، جنھن جي معنيٰ بيھي ٿي اھو ماڻھو جنھن وٽ ڌن دولت ھئي پر ٽوٽ پوڻ سان ھلي وئي اٿس. جڏھن ته ٿڙي جي ٿ تي زير ڏيڻ سان ٿيندو ٿِڙو، جنھن جي معنيٰ ٿِڙيل وانگر بيھي ٿي يعني اھو ماڻھو جنھن وٽ عقل ھيو پر ڪنھن اوچتي آيل تڪليف سبب ٿڙي ويو.
لٽجي ويل ڌن دولت جي موٽائڻ جو علاج آھي. (ڪَل) ٿڙئي جو علاج، مشڪل آ.
مطلب؛ ۱. ڏيوالي نڪتل جو علاج ٿئي، ڪل ٿڙئي جو نه ٿئي.
195. تھکی، کوئی نا چٹناں۔ (کہاوت)
ٿڪ؛ وات جو لعاب، کاڌي چٻاڙڻ ۽ ھضم ڪرڻ ۾ مدد ڪري. گھڻي ڳالھائڻ وقت زبان کي آلو/تازو رکي ته جيئن مسلسل ڳالھائيندي رھي. منجھانئس ٻيا به ڪافي ڪارج ۽ فائدا آھن. ايڏي فائدي واري شيءِ، جڏھن وات اندر ججھي ڪٺي ٿئي ته جھلي نه سگھجي، بلڪ اڇلي ڦٽي ڪجي. انساني جسم جي اندر واري شيءِ، ٻاھر نڪتي کان اڳ، وڏي ڪم جي. نڪتي کان پوءِ نڪمي. اڇليي کان پوءِ چاھيندي به نه موٽائي سگھجي. ڦٽي ڪيل لعاب سان، زبان آلي نه ٿيندي جو منجھس نه سواد آ ۽ نه عزت.
مطلب؛ ۱. ٿڪ اڇلي، ڪير نه چٽي.
۲. جنھن ڪم ۾ عزت ناھي، سو ڪير به نه ڪري.
196. تھوڑا کھانا، سکھی سونا۔ (کہاوت)
کاڌو کائڻ، جسم جي ضرورت. ھڪ ويلي تي کاڌل کاڄ، ٻئي ويلي تائين معدي جي اندر رھي ۽ جسم کي توانائي پھچائيندو رھي. واڌو کاڌل کاڌي کي ھضم ڪرڻ ۽ کڻڻ تي به معدو محنت ڪري. منجھانئس نڪتل رطوبتون ڳاري، جسم کي پھچائي. گھڻي کاڌي ھضم ڪرڻ تي محنت سوائي ڪرڻ سبب، معدو نڍال ٿئي ۽ ٻئن عضون کي توانائي پھچائڻ ۾ خلل پوي. ان جي ڀيٽ ۾ پورو پنو کاڄ، فائديمند رھي.
مطلب؛ ۱. ٿورو کائڻ، سکيو گذارڻ.
۲. ٿوري کائڻ ۾ صحت آ.
۳. نيم نان، صحت جان.
197. تھوڑی کھٹی، زیدے برکت۔ (کہاوت)
بغير ڌن دولت جي، زندگي گذارڻ اوکي. گھڻي دولت ڪمائڻ، گھڻي کاڌي وانگر پڻ جنجال. سڄو سڄو ڏينھن، پئسي جي آند نيند ۽ سنڀال سرڙيءَ ۾ گم. صحت ۽ رشتا ناتا، سڀ وسريو وڃن. ججھو مال، ٻين جي نگاھ جو نشانو ٿي، بي-برڪتو ۽ وبال بڻجي وڃي. ٿوري ڪمايل ڌن مان، ضروري ڪم ٿي وڃن، اولاد کرڻ کان بچي وڃي، دلي خوشي پڻ عطا ٿئي.
مطلب؛ ۱. ٿوري کٽيي، گھڻي برڪت.
۲. تنھنجو ڌن، تنھنجو دشمن.