لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڙي آخاڻ

پھاڙي ٻولي، گهڻي ڀاڱي، پاڪستاني پنجاب جي ڪجهہ علائقن سميت، آزاد ڪشمير ۽ ڀارت جي انتظام ھيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سوڌو ھماچل پرديش ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، ۽ ڄڻ تہ ٻن ملڪن ۾ پکڙيل آھي. عبدالوھاب سھتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ھيءُ ڪتاب جوڙڻ ۾، ڊاڪٽر محمد صغير خان جي ڪتاب ”پہاڑي کہاوتيں: آخان“ (۲۰۰۲ع) ۽ محبت حسين اعواڻ جي ڪتاب ”مري، گليات ني پہاڑي بولي چ ’آخان‘ متان، ٹچکراں طہ سياننيان“ (۲۰۰۹ع) تان مدد ورتي آھي.

Title Cover of book پھاڙي آخاڻ

ٹ

ٹ
198. ٹاس وی لوک کھنکائی طہ کہئیں۔ (کہاوت)
ٹاس؛ ٺڪر جو پاٽوڙو. کھنکائی؛ کڙڪائي، وڄائي. کہئیں؛ ڳنھين، وٺين.
خريداري، پڇا ڳاڇا کان پوءِ ڪجي. شيءِ جي فائدن نقصانن کان علاوه، پائداريءَ ۽ اگھ پاگھ تي نگاھ پڻ رکجي. پڪائيءَ سان شيءِ جي لڱائيءَ چڱائيءَ تي چٽي نظر وجھي، سودو طئي ڪجي.
مطلب؛ ۱. ٺڪر به، ماڻھو وڄائي وٺي.
۲. ڪا به شيءِ، اکيون پوري نه وٺجي.

199. ٹرنیں داندے کی پھاٹھ نیا مارنیا۔ (کہاوت)
ٹرنیں؛ وھندڙ، ھلندڙ. پھاٹھ؛ پٺي، چيلھ. نیا مارنیا؛ نه مارڻ گھرجي.
ڏاند جو ڪم آ؛ ھر، گاڏي، ڳاڌي، چيچڙي، گھاڻي يا ڳاھ ۾ ڳھڻ. جيئرو ساھ آ، ٿڪاوٽ پڻ ٿيندس. اڃ بک لڳڻ به فطري عمل آ، جنھن سبب نستو ٿي، ڪم ۾ ڍرو ٿيندو. ان حالت ۾ به اگر ھلي پيو ته کيس لڪڻ ھڻي تيز ڪرڻ بي واجبي آ. سگھو متارو، تازو توانو ھجي ۽ نه وھي ته کيس ڪوڙو سمجھبو. ان حالت ۾ لڪڻ ھڻڻ ته ٺيڪ آ. وھندي وھٽ کي ڌڪ ھڻڻ، کينس ڪري کارڻ آ.
مطلب؛ ۱. وھندڙ ڏاند کي، لڪڻ نه ھڻجي.
۲. ھلندڙ وھٽ کي، سوٽا نه ھڻجن.

200. ٹکے نی گھتڑی، پیسہ بائی اتڑی۔ (کہاوت)
ٹکے نی؛ ٽڪي جي، سَستي. گھتڑی؛ ڳوٿري. پیسہ؛ پئسو، ڏوڪڙ، سِڪو. بائی؛ پاتو، وڌو. اتڑی؛ اڊڙي، ڦاٽي.
پئسو، لڪائي کڻڻ لاءِ، ڪپڙي مان جڙيل ڳوٿرين ۾ وجھبو آ. ڳوٿري، جھالائو ۽ مھانگي ڪپڙي مان جوڙبي آ ته سٽ سھي. پراڻي ڪپڙي جي ڳوٿري، ڪلدارن جي وزن تي ئي ڦاٽي پوندي.
مطلب؛ ۱. ٽڪي جي ڳوٿري، پئسو پيو، اڊڙي.
۲. پراڻي ڳوٿري، بربلا ٽڪا پيس، اڊڙڻ شروع ٿيندي.
۳. سستي روئي سؤ وار، مھنگي روئي ھڪ وار.


201. ٹہاناں سان، طہ چاڑھنا اوخا۔ (کہاوت)
تعميراتي ڪم لاءِ ٽي شيون گھرجن؛ مٽيريل، محنت ۽ مايا. ٽئي استعمال ٿيڻ بعد، اڏاوت ۾ فقط مٽيريل نظر ايندو آ، جيڪو ھڪ جاءِ تان نه ملندو آ، بلڪ ھتان ھتان ڏانءَ، محنت، جستجو ۽ پئسي سان ڪٺو ڪرڻو پوندو آ. لڳائڻ لاءِ ھنر، ڪاريگري ۽ ڄاڻ کپي. جڙي راس ٿيڻ لاءِ، وقت کپي.
ٺھيل کي ڊاھڻ لاءِ، ھڪڙو لوڏو ڪافي آ، جنھن لاءِ نه محنت، نه ڏانءُ، نه وقت کپي.
مطلب؛ ۱. ڊاھڻ آسان، ٺاھڻ اوکو.
۲. چاڑھنا اوخا، ٹہانا سکلا۔
۳. چاڙھڻ اوکو، ڪيرائڻ سوکو.
۴. پھاڑناں سان، طہ سیڑناں اوخا۔ (کہاوت)
۵. ڦاڙڻ آسان، سبڻ اوکو.

202. ٹہڈ تو ساریاں نال لگا وا۔ (کہاوت)
ٹہڈ؛ ڍڍ، کائڻ وارو پيٽ.
پيٽ، ھڪ ويلي کان ٻئي ويلي تائين، کاڌي کي ڪٺي رکڻ ۽ ٿورو ٿورو ڪري جسم کي خوراڪ پھچائڻ واسطي، گودام جو ڪم ڪندو آ. خالي ھوندو ته جسم نستو ۽ عضوا نڍال ٿيندا. حلال يا حرام سان، ان جو ڀريل ھئڻ لازمي آ. نتيجي طور، ھر ساھدار، ان جي ڀرڻ جي چڪر ۾ آ. جائز رستا ڪٽبا ته ناجائز اختيار ڪندو.
مطلب؛ ۱. پيٽ ته مڙني سان لڳل آ.
۲. پيٽ ۾ نه پيان روٽيان، سڀ ڳالھيان کوٽيان.
۳. پيٽ ڀر، پٺي لڏ.

203. ٹہنگا کہسے ڈومنی تہ گائے ساری رات۔ (کہاوت)
ٹہنگا؛ موقعو، مھل. کہسے؛ گسي، گسائي، نه وڃي سگھي. ڈومنی؛ ڏومڻي، مڱڻھارڻ، نچڻ ڳائڻ واري، لوٽي واري. گائے؛ ڳائي، نچي ڳائي.
مڱڻھارڻ کان موقعو گسي وڃي ته گھر ويٺي گھڻو وقت نچي ڳائي. انساني فطرت آ؛ جڏھن وقت تي ڪو ڪم نه ٿي سگھندو آ ته بي مھلو به پيو ان لاءِ ويچاربو ۽ وقت وڃائبو آ.
مطلب؛ ۱. مڱڻھارڻ کان ٽاڻو گسي، ساري رات ڳائي.