گ
570. گجر نا کہیہ عذر۔ (کہاوت)
گجر، پنجاب جي ھڪ ذات، طبعًا ضدي، نٺر ۽ ويڙھاڪ قوم. ڪشمير تي سندن راڄ آ. ٻئي ڪنھن سان وڙھڻ ۽ ھٿ پائي کائڻ لاءِ کين ڪنھن عذر جي ضرورت نه ھوندي آ. ويٺي ويٺي چڙي پوَن ۽ وڙھي پون.
مطلب؛ ۱. گجر کي ڪھڙو عذر.
۲. گجر کي جھيڙي لاءِ، ڪو به بھانو نه گھرجي.
571. گشناں اپنے بس، اشناں پرائے بس۔ (کہاوت)
مھمان ٿي اچڻ ته مھمان جي وس ۽ مرضيءَ جي اختيار آ. واپس موٽڻ ميزبان جي مرضيءَ ۽ اجازت سان ٿيندو. نڪرڻ ۾ اگر مھمان مرضي ھلائيندو ته خرابي ۽ شڪ پيدا ڪندو.
مطلب؛ ۱. وڃڻ پنھنجي وس، اچڻ پرائي وس.
۲. پر-گھر وڃڻ مھمان جي مرضي، موٽڻ ميزبان جي مرضي.
572. گل پیا ٹھول، بجاناں پیناں۔ (کہاوت)
دھل کي مٿي جھلبو ته مٿس ڏونڪا ھڻڻ آسان ٿيندا. دھلاري، بک کئون، ڳچيءَ ۾ ھار طور وجھي، وڄائيندا آھن. عام ماڻھو، وڄائي نه سگھندو. بک جي ڀؤ کان دھل ڳچيءَ پئجي وڃي ته وڄائي جان ڇڏائڻي پوندي آ.
مطلب؛ ۱. ڳچيءَ پيل دھل، وڄائڻو ئي پوندو آ.
۲. تڪليف، ڳچيءَ پوي ته ڳلي جو ھار سمجھي پائجي.
۳. سر تي آيل تڪليف سان مڙس ٿي منھن ڏجي.
573. گل موئیں چا نکلی، بغانی ہوئی۔ (کہاوت)
گفتو، خيالن جي ڏي وٺ جو ذريعو آ. واتان ڪڍجي، ته سوچي سمجھي ڪڍجي. واتان نڪتي کان پوءِ موٽي ماڳ نه ايندو. مگر اثر رکندو. جيئن بندوق مان نڪتل گولي، يا ٿڻن مان نڪتل کير واپس ساڳئي ماڳ نه ٿا موٽن تيئن گفتو به موٽي نه ٿو. اڻ سوچي ڳالھايل گفتي جو، ٻڌندڙ ڪھڙو مطلب ٿو وٺي ۽ موٽ ۾ ڪھڙو ٿو ورتاءُ ڪري، سو سندس راض.
مطلب؛ ۱. واتان نڪتل ڳالھ، پرائي ٿيو وڃي.
۲. موئیں چا نکلی گل، نئی مڑنی۔ (کہاوت)
۳. واتان نڪتل گفتو، موٽي نه اچي ماڳ.
۴. موئیں ر آئی گل، نئی رہنی۔ (کہاوت)
۵. واتان نڪتل ڳالھ، ھڪ ھنڌ بيھي نه ٿي.
۶. واتان نڪتل گفتو ۽ ڏڌل کير، موٽي ماڳ نه اچي ڇٽل تير.
574. گلیار راٹھ ناں، سندھوار کاٹھ ناں۔ (کہاوت)
گلیار؛ ھڪ ذات جو نالو. راٹھ؛ سٺو، چڱو. ناں؛ نه ناھي. سندھوار؛ اڪ وانگر ھڪڙو جھنگلي ٻوٽو. کاٹھ؛ ڪاٺ.
چوٽيءَ ڏانھن ويندڙ پير-چارن کان علاوھ وچٿرا رستا به ھوندا آھن، جن تي وھٽن ذريعي چڙھبو آ، تن کي گلي سڏين ٿا. انھن گلين تي آباد گھرن وارن کي گليار سڏين ٿا. ڏکي زندگي گذارڻ سبب، ٻين جو آڌرڀاءُ نه ڪري سگھندا آھن. جنھن ڪري کين چڱو نه چيو ويندو آ. سنڌوار جو ٻوٽو به ٻرڻ ۾، اڏاوت طور ۽ فرنيچر منجھ ڪم نه اچي، جنھنڪري سنڌوار، ڪاٺ ۾ شمار نه ٿئي. اھڙيءَ طرح سرنھ ۽ ڪھو به ڪاٺ ۾ شمار نه ٿين.
مطلب؛ ۱. گليار راٺ ناھي، سنڌوار ڪاٺ ناھي.
۲. سرنھ کوئی کاٹھ نئیں، سہو کوئی راٹھ نئیں- (رچناوی)
۳. سرنھ ڪاٺ ناھي، سھو راٺ ناھي.
۴. کاہو کوئی کاٹھ نہی، گجر کوئی راٹھ نہی۔ (رچناوی)
۵. ڪھو ڪاٺ ناھي، گجر راٺ ناھي.
575. گنجی نہاسی کہہ تہ چنوڑسی کہہ۔ (کہاوت)
نہاسی؛ نھائيندي، وھنجندي. چنوڑسی؛ نچوڙسي، نچوڙيندي، نپوڙيندي.
مٿي جو وار، ڌوءَ ڌپوءَ ۽ سينگار سان آ. ور نه ته ڄوون، جونئون، ٻڦو پيو پوندن. کنھندي، پيا کارس ڪندا. گنجي جو مسئلو ئي حل آ. وارن نه ھئڻ سبب، نه ھر ھر وھنجي، نه ھر ھر لٽو نپوڙي. خفي کاٻار کان بچيل آ.
مطلب؛ ۱. گنجي وھنجندي ڇا، نپوڙيندي ڇا.
۲. گنجی تہوسی کئہ طہ نچوڑسی کئہ۔ (کہاوت)
۳. گنجي؛ ڌوئندي ڇا، نچوڙيندي ڇا؟
576. گنگے نیں اشارے، گنگے نی ماء جاننی۔ (کہاوت)
ٻولي، زبان يا اشارن جي، سکڻ کان سواءِ نه ايندي. مادري زبان/ ٻولي ننڍي ھوندي وڏن-واتان ٻڌي سکجي ٿي. گونگو، مجبور آ. اشارن جي ٻولي ڳالھائڻي پويس ٿي. جيڪا ويجھا عزيز/ گونگا، سمجھي وڃنس ٿا.
مطلب؛ ۱. گونگي جا اشارا، گونگي جي ماءُ ڄاڻندي.
۲. گنگے نیں شارے، گنگا جاننا۔ (کہاوت)
۳. گونگي جا اشارا، گونگو سمجھي.
۴. گنگے نیاں رمزاں، گنگا جانے۔ (کہاوت)
۵. گونگن جون رمزون، گونگا ڄاڻن.
۶. اشارے سمجھے کلھے نی ما۔ (کہاوت)
۷. اشارا، سمجھي گونگي-ماءُ.
۸. گونگن جا اشارا، مائٽ سمجھن.
۹. گونگن جون آڃون؛ يا گونگا ڄاڻن، يا مائٽ ڄاڻن.
577. گوئیٹیاں نال، سائے نئے مرنیں۔ (کہاوت)
گوئیٹیاں؛ ڇيڻا. سائے؛ سھا، سھڙ.
گھريلو سھي يا سيھڙ جا دنيا اندر ۳۰۵ نسل موجود آھن. ڏاڍو ڪمزور ۽ ڊڄڻو ساھدار آ. ايترو به نه جو کيس ڇيڻي جي جنب سان ماري سگھجي.
مطلب؛ ۱. ڇيڻن سان، سھا نه مرندا آھن.
۲. ڇيڻن ھنئي، سھا شڪار ٿيا آھن ڇا؟
578. گیئی عزت، ہتھ نئی اشنی۔ (کہاوت)
عزت، وڏا جھد پٽڻ ۽ ڪشٽ ڪاٽڻ کان پوءِ پلئه پوندي آ. وڃڻ ۾ ويرم نه ڪندي آ ۽ اھڙو ڪمزور ڪري ويندي آ جو نه چيلھ سڌي ٿئي، نه ڳاٽو اڀو ٿئي. موٽي ھٿ به نه ايندي آ. سر تي سھي به عزت سلامت رکڻ گھرجي.
مطلب؛ ۱. وئي عزت، ھٿ نه ايندي.