مھاڳ: رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي پھاڙي ٻولي
رياست
ڄمون ۽ ڪشمير، بر اعظم ايشيا جي وچ واري ڌرتي آھي. پاڪستان ۽ ھندستان جي بلڪل سر
اتر ۾ موجود ھيءَ رياست، ۰۵-۳۷ ڊگھائي ڦاڪ ۽ ۳۵-۷۲ کان ۲۰-۸۳ ويڪرائي ڦاڪ جي وچ
وارو حصو آھي. جيڪو پنجاھ ھزار چورس ميلن ۾ پکڙيل آھي. اتر ۾ تاجڪستان ۽ چيني
ترڪستان (سنڪيانگ) جو علائقو اٿس. اتر-اولھ ۾ افغانستان ۽ خيبر پختون خواھ
(پاڪستاني)، اوڀر ۾ تبت (چيني)، ڏکڻ ۾ ڀارت ۽ پاڪستان اٿس. پنجن ملڪن؛ چين،
پاڪستان، ھندستان، افغانستان ۽ تاجڪستان سان رياست ڄمون ۽ ڪشمير جون سرحدون ملن
ٿيون. سرڪاري پيمائشي رڪارڊ موجب، ڄمون ۽ ڪشمير جي ايراضي ۲۲۲۲۳۶ چورس ڪلوميٽر
آھي. ايراضيءَ جي لحاظ کان، دنيا جي ۱۱۵ رياستن کان وڏي رياست آھي. ڄمون ۽ ڪشمير
جو علائقو، گھڻو تڻو پھاڙي آھي. رياست ڄمون ۽ ڪشمير پنجن اڪاين (يونٽن) تي مشتمل
آھي؛ ۱. آزاد ڪشمير (زير انتظام پاڪستان) ۲. ڄمون ۽ ڪشمير (مقبوضه ڀارت) ۳. حلقه اقصائي
چن (چين جي ڪنٽرول ھيٺ) ۴. ناردرن ٽيريٽريز (ھاڻي) گلگت-بلتستان. ۵. لداخ (ڀارت جي
قبضي ھيٺ). آزاد ڪشمير جا ڏھ ضلعا آھن. ڀارت جي قبضي ۾ ڪشمير جا ڇھ ۽ ڄمون جا ڇھ
ضلعا ملائي ٻارھن ضلعا آھن.
ڄمون ۽
ڪشمير جي طبعي ۽ لساني تقسيم ھيٺين طرح آھي:
۱.
ٻاھريون ميداني علائقو: کٽوعه، ميويلي، رنڀيرسنگھ پوره، ڄمون، اکنور، سانڀا ۽
نوشھره.
۲.
ٻاھريون پھاڙي علائقو: راوي، چناب، لوي درياھن وارا علائقا بسويلي، رام، اڌم پور
(مقبوضه ڀارت) ۽ ميرپور (آزاد ڪشمير).
۳. وچون
پھاڙي علائقو: ڪشمير ويلي، ڪشتواڙ، ڀدرواه، رياسي، راجوري، رام بن ۽ ڍوڍه بارڊر جا
علائقا اچن ٿا، جيڪي ڀارت جي قبضي ھيٺ آھن. ڪشمير ويلي، ڪشتواڙ، ڀدرواه، ڍوڍه ۽
رام بن ۾ اڪثريت جي ٻولي ڪشميري آھي. ليڪن ڍوڍه، ڀدرواه، ڪشتواڙ، راجوري ۽ رياسي ۾
پھاڙي ٻولي ۽ گوجري ٻولي پڻ ڳالھايون وڃن ٿيون.
۴.
واديءِ ڪشمير ۾ ضلع باره مولا جي علائقي سيري ڍوڍه، چڪ فيروزپور، چڪ ترين، ضلع
سرينگر جي علائقي ولي ناڙ، ڪھگن، دره ڪاريل، ضلع پلوامه ۾ ڪريوه، مانڪوزوڙه، چڪ
شھيدپور ۽ اننتناگ پھاڙي علائقن ۾ پھاڙي،
ڪشميري ۽ گوجري ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون.
۵.
اندريون پھاڙي علائقو: اوڀر طرف ۾ زانڪار کان شروع ٿي اتر طرف ۾ قراقرم ۽ ھندوڪش
جا پھاڙي سلسلا به انھيءَ علائقي ۾ واقع آھن. دنيا جون بلند ترين چوٽيون ڪي-ٽو،
نانگا پربت، راڪا پوشي، گوڊون آسٽن سان اھو علائقو گھيريو پيو آھي.[1]
پھاڙي ٻوليءَ جي نالي جو سبب:
ڪتابن ۾
۽ ٻولي ڳالھائيندڙ، پڙھيل توڙي اڻ-پڙھيل ماڻھو، سيني به سيني، اھا روايت پڪي ڪيون
ٿا اچن ته؛ پھاڙي ٻوليءَ تي نالو پھاڙن جي ڪري پيو آھي. ليڪن مستند محقق ڊاڪٽر
نصرالله خان ناصر جي مقالي (رياست جمون اور ڪشمير ڪي پھاڙي زبان اور اردو ڪي لساني
روابط) ۾ نالي جي انھيءَ سبب کي رد ڪيو ويو آھي. ھيءُ مقالو (Thesis) مڃيل مقالو
آھي. اڃا تائين ڪو ٻيو نظريو يا نالي جو سبب اڳيان به نه آيو آھي. ڊاڪٽر سھيل
بخاري پنھنجي ڪتاب ’اردو ڪھاني‘ ۾ لکي ٿو:
”پاليءَ
کي ڪي ماڻھو پنگت (قطار) جي معنيٰ ڏين ٿا. منھنجي سمجھ مطابق، پاليءَ جو روپ پاڙي/
پھاڙيءَ مان جڙيو آھي ۽ پھاڙي اھا ٻولي آھي جيڪا پوٺوھار جي ويجھو ڳالھائجي ٿي.“
معروف
محقق، جناب عين الحق فريدڪوٽي، پنھنجي ڪتاب ’قديم اردو‘ ۾ لکي ٿو ته:
”روس جي
ھڪ ماھر شرقيات، مسٽر جوزف اورانسڪيءَ (Josef
Oraunisky) وچ ايشيا ۾
آباد، چند اھڙن قبيلن کي ڳولي لڌو آھي، جيڪي اڄ به اھڙي ٻولي ڳالھائين ٿا، جنھن جو
پنجاب جي مختلف ٻولين سان گھرو تعلق آھي.“
ڊاڪٽر
نصرالله خان ناصر صاحب لکي ٿو ته؛ ”پھاڙي، گوجري، ھندڪو، سرائيڪي، پنجابي، سنڌي،
پشتو، ڪشميري، پوٺوھاري ٻولين جا گھڻا تڻا لفظ ھڪجھڙا آھن. گوجري ۽ پھاڙي ۽ ھندڪو
جا ته ۹۰ سيڪڙو لفظ مشترڪ/سانجھ آھن. ائين ئي گوجري ۽ ھندڪو کي يا پنجابيءَ کي
پھاڙي ڇو نه ٿا چون.“ ڊاڪٽر نصرالله خان ناصر، ھزارين لفظن تي مشتمل پنھنجي ڪتاب
’پھاڙي زبان ڪي ملفوظي اعتراضات و نوادرات‘ ۾ لکيو آھي ته؛ ”انگريزي، جرمن، سنسڪرت،
يوناني، چيني، اسڪينڊينيوين ۽ برصغير پاڪ و ھند جي گھڻين زبانن جا لفظَ، پھاڙي لفظ
آھن.“ ھيءَ پھاڙن جي پيداوار ناھي، البته انھن پھاڙن جي اڃا تائين اھا ٻولي، جيڪا
پالي ٻوليءَ جو ھڪڙو روپ آھي، محفوظ آھي. اھا کاشا قبيلن جي ٻولي آھي.
گلگت-بلتستان
سميت، بشمول آزاد ڪشمير، رياست ڄمون ۽ ڪشمير (مقبوضه ڀارت) ۾ ست معروف ۽ اھم
ٻوليون موجود آھن. جيڪي پھاڙي، ڪشميري، ڊوگري، بلتي، دردي، پنجابي ۽ لداخي جي نالن
سان مشھور آھن. انھن ٻولين کي ڄمون ۽ ڪشمير جي
آئين ۾ تحفظ حاصل آھي.
گوجري به
رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي اھم ٻولي آھي. جيڪا ٻھراڙين ۾ ڳالھائي وڃي ٿي. اترين علائقن
۾ بروشسڪي، شينا، بلتي ۽ کُوار ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون.
اتر
قبائلي علائقن (ناردرن ٽرائيبل ايرياز) منجھ نرانڪا، لداخ جو پورو علائقو، اسڪردو،
ڪارگل، دراس، گلگت، ھنزه، سرينگر، پونيال، اشڪون ۽ بلتستان جا علائقا شامل آھن.
لداخ، آرين ۽ منگولن جي گڏيل نسل کان علاوه، ٻين آباد ٿيلن سميت، جملي ۳۵ ھزار
چورس ميلن تي مشتمل حلقو آھي. پوريگ کي ڇڏي، سڄي حلقي جي ٻولي لداخي آھي. پوريگ،
ڪارگل جي ڏکڻ ۾ وادي ڪشمير جي سرحدن تائين ڦھليل آھي. ھتي پوريگي ٻولي ڳالھائي وڃي ٿي. باقي اترين علائقن جي
حلقن کي ماھرن دردستان جو نالو ڏنو آھي. وري دردي ٻوليءَ کان علاوه، بشاچه گروھ پڻ
ڳولي لڌو ويو آھي. اتي شينا، بروشسڪي ۽ کوار ٻولين جو واھپو آھي. ڪشمير جي اساس،
بروشسڪي ٻڌائي وڃي ٿي. کوار، آڳاٽي ٻولي شمار ٿئي ٿي. اھي ئي اھي دردي ٻوليون آھن،
جن جي باقيات (کمبشا ٻولي) وادي جھلم (جھلم دريا جي کاٻي ڪناري) دريافت ڪئي وئي
آھي. اھا ئي پشاچي پراڪرت آھي، جنھن جا اثر وادي سنڌ، خاص طور لھندا جي ٻولين،
ھندڪو، ڌني، سنتاني، سرائيڪيءَ کان علاوه اولھ پنجابيءَ ۽ پوٺوھاريءَ ۾ به ملن ٿا.
ڪن لسانيات جي ماھرن، پھاڙيءَ کي پشاچي گروھ جي ٻولي شمار ڪيو آھي. [2]
رياست
ڄمون-ڪشمير جي، ۱۹۴۱ع جي آدمشماريءَ ۾، ڪل آبادي ۴۰۲۱۶۱۶ ھئي. ان آباديءَ ۾ وڏن
لساني گروھن (Major Linguistic Groups) جو تعداد ھيٺ ڏجي ٿو. [3]
ٻولي |
ڄمون-ڪشمير |
صوبو ڪشمير |
صوبو ڄمون |
لداخ/ گلگت ايجنسي |
گلگت ايجنسي/ استور
وغيره |
ڪشميري |
۱۵۴۸۴۶۰ |
۱۳۶۹۵۳۷ |
۱۷۸۳۹۰ |
۱۱۷۴ |
۳۲۳۳۳۶۹ |
ڊوگري/پنجابي |
۱۰۷۵۲۷۳ |
۷۳۴۷۳ |
۱۰۰۰۰۱۸ |
۴۵۳ |
۱۳۲۹ |
راجسٿاني/گوجري |
۲۰۳۷۴۰ |
۹۲۳۹۲ |
۱۸۷۹۰۰ |
|
۳۳۶۹ |
پھاڙي |
۵۳۱۳۱۹ |
۱۷۰۴۳۲ |
۳۰۰۸۷۰ |
۵ |
۴۲ |
اردو/ ھندي |
۱۷۸۵۲۸ |
۱۰۶۳۱ |
۱۶۷۳۶۸ |
۲۲ |
۵۰۷ |
لھندا/پوٺوھاري |
۸۲۹۹۳ |
۸ |
۹۲۹۷۵ |
۵ |
۵ |
بلتي |
۱۳۴۰۱۲ |
۳۵۲ |
۱۸۴ |
۱۳۳۱۶۳ |
۳۱۳ |
لداخي |
۴۶۹۵۳ |
۲۳۰ |
۲۹۹ |
۴۶۴۲۰ |
۴ |
شينا |
۸۴۶۰۴ |
۷۸۸۸ |
۱۱۴ |
۱۳۵۶۲ |
۶۳۰۴۰ |
بروشسڪي |
۳۳۱۳۲ |
۰۳ |
|
۲۴۴ |
۳۲۸۸۵ |
۱۹۴۱ع جي
آدمشماريءَ ۾ (۱) ڪشتواڙي ٻولي ڳالھائڻ وارا ۱۱۱۷۰، (۲) سراجي ۱۷۶۱، (۳) رام بني
۱۲۰۲، (۴) پولڪي ۵۸۱۲، (۵) بنجوائي، ۷۴۷. جملي ۳۶۵۴۸ ڄڻن کي ڪشمير ۾ شمار ڪيو ويو
ٿي. انھيءَ سينسس ۾ ڊوگريءَ کي پنجابيءَ جي ماتحت رکندي، پنجابي ۴۴۱۳۷۵۳ ڄڻا، اھي
شمار ٿيا جيڪي ميرپور ۾ وسيل ھيا. جيتوڻيڪ ميرپوري ٻولي، پنجابيءَ جي اثر ۾ ضرور آھي، پر نج پنجابي ڳالھائڻ
وارن منجھان مظفر آباد (آزاد ڪشمير) ۾ ۴۸۱۵۳ افراد ڄاڻايا ويا آھن. اھڙيءَ طرح
راجسٿاني گروپ ۾ ئي گوجرن کي درج ڪيو ويو آھي. ھندستاني اردو، ھندي ڳڻپ ۾ مظفرآباد
۾ ۱۵۵۵۹۵، ڄڻن کي ھندستاني (اردو، ھندي) ڳالھائڻ وارا شمار ڪيو ويو آھي. جڏھن ته
اھي پھاڙي ڳالھائڻ وارا ماڻھو آھن. آڳاٽن، منظوم ڪتابن منجھ پھاڙي ٻوليءَ جي شعرن
کي (اشعار بزبان ھندستاني) لکيو ويو آھي. انھيءَ رستي ۱۵۵۹۹۳ پھاڙي ٻولي
ڳالھائيندڙن کي ھندستاني ٻولي ڳالھائيندڙ شمار ڪيو ويو آھي.
۱۹۴۱ع جي
آدمشماري ۾ ۸۲۹۹۳ ڄڻن کي لھندا (Luhanda) ڳالھائڻ وارن ۾ شمار ڪيو ويو آھي. جن
منجھان ۸۲۸۸۷، ميرپور (آزاد ڪشمير) ۾ ظاھر ڪيا ويا آھن. جڏھن ته اھي پھاڙي ٻولي
ڳالھائڻ وارا فرد آھن. دراصل پھاڙي، پوٺوھاري، ھندڪو، لھندا، سرائيڪي ۽ پنجابي پاڻ
۾ ملندڙ جلندڙ ٻوليون آھن. ھندڪو-پنجابي، سرائيڪي ۽ پنجابي پاڻ ۾ ملندڙ جلندڙ
ٻوليون آھن. ھندڪو، پنجابي، سرائيڪي ۽ پوٺوھاريءَ کان پھاڙي آڳاٽي ٻولي آھي. شينا
ٻولي، گھڻو تڻو گلگت جي علائقي ۾ ڳالھائي وڃي ٿي ۽ بروشسڪي، ياسين، ھنزه ۽ نگر ۾
رائج آھن. ھندستان جي اھتمام ھيٺ ۱۹۷۱ع ۽ ۱۹۸۱ع جي آدمشماريءَ ۾ لنگئسٽڪ پاپوليشن
(Linguistic Papulation)
گروھن (Groups)
جي تحت گوجريءَ کي ھندڪو ۾ شمار ڪيو ويو آھي ۽ پھاڙيءَ کي لھندا، پوٺوھاري،
پنجابي، ڊوگريءَ ۾ شامل ڪري شمار ڪيو ويو آھي. ھمالين ريسرچ ائنڊ فائونڊيشن
(انڊيا)، تحقيقي ڪتاب جمون-ڪشمير ائنڊ لداخ لنگئسٽڪ پريڊڪامينٽ (Linguistic Predicament)
۾ آڳاٽن ۽ تازن مستند حوالن خاص طور تي 307-8PP
IBID جي حوالي سان لکيل آھي:
Gujari, the language of Gujars and Bakarwals (now declared as Scheduled
Tribes) was included as a dialect under Rajasthani due to its close affinities
with that language. Gut Pahari, which is closely connected with Gujari and
continues to be spoken in much the same areas, was enumerated separately. Thus
i.e. have 283741 Gujari speakers and 531319 western Pahari speakers, Reasi,
Jammu, Poonch, Haveli, Mahndar, Baramula, Anantnag and Muzaffarabad districts
were shown as the main concentration points of Gujari and western Pahari
speakers. The 9161 Census, which does not mix up Hindi with Gujari points the
number of Gujari speakers at 209327 and that of Hindi speakers at 22323. Urdu
is placed next with only 12445 persons claiming it their mother tongue. [4]
(نوٽ: ڊوگري
ٻوليءَ کي الڳ ڳڻيو ويو آھي. ڊوگري ڪرناھي، پونڇي، ميرپوري، دواربدوي ٻوليون، ٻين
ٻولين جي ويجھڙائيءَ سبب، مختلف لھجن جي حامل پھاڙي زبان آھن.)[5]
ھندستاني
مقبوضه ڪشمير اندر ۱۹۴۴ع ۾ نيو ڪشمير پروگرام (شيخ عبدالله مرحوم جي قيادت ھيٺ) جي
تحت ڪشميري، ڊوگري، بلتي، دردي، پنجابي، ھندي ۽ اردوءَ کي قومي ٻوليون تسليم ڪندي
ڪشميري، ڊوگري، بلتي، دردي، پنجابي، پھاڙي ۽ لداخي ٻولين کي علائقائي ٻولين جو
درجو ڏنو ويو ۽ اردوءَ کي رياست جي دفتري ٻولي تسليم ويو. ڀارت جي مرڪزي حڪومت، ۱۹
اپريل ۱۹۹۱ع تي گوجرن کي شيڊولڊ قبائلي سٽيٽس (Scheduled Tribe Status) ڏيندي، کين
رياست جي ٽين وڏي آباد قرار ڏنو.
انھيءَ
تي پھاڙي ٻوليءَ وارن احتجاج ڪيو ته کين گوجري قبائل ۾ ڳڻيو وڃي، پر کين ان رعايت کان
محروم رکيو ويو. رياستي گورنر، انھن پھاڙي ٻولي ڳالھائيندڙ قبيلن جي ڳوڙھن اگھڻ
واسطي ۱۷ مئي ۱۹۹۲ع تي پھاڙي بورڊ قائم ڪيو. ڄمون-ڪشمير اڪيڊمي آف آرٽ ائنڊ ڪلچر (سرينگر)
جي اھتمام ھيٺ اردو، انگريزي، ھنديءَ کان سواءِ علائقائي ٻولين جي لوڪ ادب ۽ تخليقي ادب کي باضابطه
ڪتابي شڪل ۾ محفوظ ڪرڻ لاءِ اڃا باقي ڪم ڪرڻو آھي. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ جديد
سائنسي بنيادن تي لسانياتي تحقيق جو اھتمام ۽ ھڪ لنگئسٽڪ ليبارٽري پڻ موجود آھي.
ڊاڪٽر ابوالليث صديقي مرحوم، ڊائريڪٽر جنرل ريسرچ کان پوءِ ڊاڪٽر يونس حسني جي
نگرانيءَ ۾ ”رياست جمون-ڪشمير ڪي پھاڙي زبان اور اردو ڪي لساني روابط“ جھڙي اھم
موضوع تي ريسرچ کان پوءِ ۹۵-۱۹۹۴ ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ پي ايڇ ڊي (Ph D) جي ڊگري،
پروفيسر نصرالله خان ناصر کي الاٽ ڪئي آھي، جنھن ۾ ڄمون-ڪشمير جي مختصر پر جامع
جاگرافي ۽ تاريخ موجود آھي. پاڪستان ۾ شايع ٿيڻ وارن ھندڪو، پنجابي، سرائيڪي ۽
پوٺوھاري ٻولين جي جرنلن ۾ آزاد ڪشمير جي اھل قلم محققن ۽ شاعرن جي قلمي پورھيي جي
اشاعت ٿيندي رھندي آھي. اردو آزاد ڪشمير جي مختلف قبيلن جي وچ ۾ ”لنگو-فرانڪا“ (Lingua franca)
جي حيثيت رکي ٿي. آزاد ڪشمير جي محققن انگريزي، اردو، عربي ۽ فارسيءَ ۾ مختلف
موضوعن تي تحقيقي ۽ تخليقي ڪتاب لکي شايع ڪرائڻ جو سلسلو جاري رکيو آھي. انھن
علائقائي ٻولين ۽ اردو ٻولي جي ادب ۾ علم و ادب، تاريخ، سائنس، سياست، انتظاميه، عدليه، رزم
بزم ۽ تعمير و ترقيءَ جي باري ۾، آزاد ڪشمير ريڊيو مظفر آباد ۽ تراڙکل تان مختلف
پروگرام نشر ٿين ٿا، جيڪي وڏي آباديءَ ۾ مقبول آھن. ڪن ڪاليجن جي مئگزينن ۾، مٿي
ڄاڻايل ٻولين جو ادب، شايع ٿيندو رھي ٿو. آزاد ڪشمير جي يونيورسٽي اندر قائم شعبي
”ڪشمير اسٽڊيز“ منجھ به رياست ڄمون-ڪشمير سان وابسته اھم موضوعن تي تحقيق، تحرير ۽
اشاعت جو اھتمام موجود آھي. (ماخوذ)[6]
پھاڙي
ٻولي دراصل، انھن قبيلن جي ٻولي آھي، جيڪي وچ ايشيا کان نڪري، پوري دنيا ۾ پکڙيون
آھن. اھو ئي سبب آھي جو سڄيءَ دنيا جي ٻولين جا لفظَ، خاص ڪري جڳھين جا نالا، آڳاٽي ۽
جھوني پھاڙيءَ منجھ موجود آھن، جن کي ڊاڪٽر نصرالله خان ناصر پنھنجي ڪتاب اندر ظاھر
ڪيو آھي. کاشا قبيلا، ڪنھن دور ۾ ڪشمير، ڪاشغر، چترال (ڪاشغر) جا حاڪم ھيا. مظفر
آباد، آزاد ڪشمير ۾ اھم مقام آھي، جيڪو ٻڌ درسگاھ جي طور تي رھيو. ان کي پوءِ، ٻڌ
يونيورسٽي به سڏيو ويو. ٻڌ بکشو، ھتان تبليغ لاءِ نڪرندا ھيا ۽ پنھنجي ٻوليءَ،
جيڪا پوءِ پھاڙي سڏي وئي، ۾ مذھب جو پرچار ڪندا ھيا. ائين ٻولي پکڙجندي رھي آھي.
ٻڌ، پنھنجي تبليغ پالي ٻوليءَ ۾ ڪندا ھيا، جيڪا پوءِ پھاڙي سڏي وئي. جنھن جنھن
علائقي سان رياست ڄمون-ڪشمير جو علائقو لڳو پئي، اتي ان ٻوليءَ جو اثر موجود آھي.
مظفر آباد جي پھاڙي ٻوليءَ تي ساڻس لڳندڙ علائقي ھزاره جي ھندڪو جو اثر آھي.
پونڇ، مري ۽ پوٺوھاريءَ جو پڻ اثر آھي. ميرپوري پھاڙيءَ تي پنجابيءَ جو اثر آھي، پر پھاڙي ھڪ مڪمل ۽
ادبي ٻولي آھي.
مھر افتخار
وينس
چيئرمين
رچناوي ادبي بورڊ (رجسٽرڊ)
جھنگ
[1] ناصر، نصرالله خان،
ڊاڪٽر؛ ڪتاب ”آزاد ڪشمير ڪي پچاس سال“.
[2] ناصر، نصرالله خان، ڊاڪٽر؛
رياست جمون ڪشمير ڪي پھاڙي زبان اور اردو ڪي لساني روابط.
[3] PN Pushup - KWarko;
Linguistic Predicament of Jammu and Kashmir Ladakh
[4]
PN Pushup - KWarko; Linguistic Predicament of Jammu and Kashmir Ladakh
[5]
PN Pushup - KWarko; Linguistic Predicament of Jammu and Kashmir Ladakh
[6] محمود احمد خان،
رپورٽ؛ آزاد جمون و ڪشمير ريڊيو مسودات، ريڊيو مظفر آباد.