لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڙي آخاڻ

پھاڙي ٻولي، گهڻي ڀاڱي، پاڪستاني پنجاب جي ڪجهہ علائقن سميت، آزاد ڪشمير ۽ ڀارت جي انتظام ھيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سوڌو ھماچل پرديش ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، ۽ ڄڻ تہ ٻن ملڪن ۾ پکڙيل آھي. عبدالوھاب سھتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ھيءُ ڪتاب جوڙڻ ۾، ڊاڪٽر محمد صغير خان جي ڪتاب ”پہاڑي کہاوتيں: آخان“ (۲۰۰۲ع) ۽ محبت حسين اعواڻ جي ڪتاب ”مري، گليات ني پہاڑي بولي چ ’آخان‘ متان، ٹچکراں طہ سياننيان“ (۲۰۰۹ع) تان مدد ورتي آھي.

Title Cover of book پھاڙي آخاڻ

سادا اکر

ھر ٻوليءَ منجھ، ڳالھائيندڙن جي تقاضا ۽ گھرج آھر، پھاڪا ۽ چوڻيون جڙندا رھن ٿا. ڪي پاڻمرادو واقعن منجھان وجود وٺن ٿا ته ڪي وري ٻين ٻولين جي اثرن يا مطالعن پڄاڻان، ٻولين منجھ داخل ٿي پنھنجي جاءِ والارين ٿا. جنھن ٻولي ڳالھائيندڙن جو ڳاڻيٽو لاتعداد آھي، سا اھميت جي حامل ھوندي آ. منجھس پنھنجي خوبصورتي جڙندي ويندي آھي. اصطلاحن ۽ ورجيسن، پھاڪن ۽ چوڻين، لوڪ ڪھاڻين ۽ لوڪ قصن، لوڪ داستانن ۽ لوڪ راڳن ذريعي، ڦڙو ڦڙو ٿي ڪري ٻوليءَ جي محاوراتي ضخامت ۾ واڌارو پيو ايندو آھي. اھڙين ٻولين منجھان پھاڙي ٻولي پڻ آھي.

پھاڙي؛ پھاڙن واري، ھند-آريائي ٻولي، ھماليه پھاڙن جي ھيٺانھينءَ وارن خطن ۾ ڳالھائي وڃي ٿي. ڄمون ۽ ڪشمير جي خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳالھائي ويندڙ ٻولي پھاڙي آھي، جيڪا مختلف لھجن سان ان خطي اندر ڳالھائي وڃي ٿي. منجھس ڪيترا ئي شاعر ۽ اديب، حڪمران ۽ قلمڪار پيدا ٿيا آھن. سندس ڳالھائيندڙ ڪيترن ئي حڪمرانن، برصغير جي مٿان حڪومت پڻ ڪئي آھي. مثال طور؛ اشوڪ ۽ راجه پورس جي درٻارن جي زبان پھاڙي رھي آھي. ان کان علاوھ ڪشمير تي جن بادشاھن حڪمراني ڪئي آھي، منجھانئن سلطان مظفر خان، ھيبت خان، محمود خان، حسين خان، زبردست خان ۽ شير احمد خان جي دور جي سرڪاري توڙي درٻاري ٻولي، پھاڙي رھي آھي.

سرحدي لڪيرن يا ونڊ وراھ کي پاسي تي رکي ڏٺو وڃي ته پير پنجال جي ھيٺين علائقن (جن ۾ آزاد ڪشمير، جھلم، ھزارھ ۽ مريءَ جا علائقا اچي ٿا وڃن) کان وٺي ھماچل پرديش جي مٿانھن علائقن، اترکنڊ جي گڙھوال ۽ نيپال تائين جي وسيع خطي ۾ پھاڙي ٻولي ڳالھائي وڃي ٿي.

پھاڙي زبان کي ٽن شاخن؛ مشرقي پھاڙي، وسطي پھاڙي ۽ مغربي پھاڙي منجھ ورھايو ويو آھي. مشرقي پھاڙي، نيپال منجھ ڳالھائي وڃي ٿي، جتي مقامي ماڻھو ان کي ”خشورھ“ ٻولي سڏين ٿا. وسطي پھاڙي اترکنڊ ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، جتي ان کي ”گڙوالي“ يا ”ڪمائوني“ سڏيو وڃي ٿو. مغربي پھاڙي ڀارت جي رياست ھماچل پرديش، ڄمون ڊويزن، آزاد ڪشمير، پوٺوھار، مري، ھزارھ ۽ پشاور منجھ، مختلف لھجن جي فرق سان، ڳالھائي وڃي ٿي.

پھاڙي زبان جي قدامت جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته اتر ھندستان ۾ تحرير ٿيل پھريون ڪتاب ”ڀرت ڪٿا“ پھاڙي ٻوليءَ منجھ لکيو ويو ھيو. موجودھ تحقيق مطابق؛ پھاڙي، برصغير جي ٻولين منجھان آڳاٽي زبان آھي، جنھن جي پيدائش جو ھنڌ، گنڌارا جي سرزمين آھي، جنھن کي دردستان پڻ سڏيو ويو آھي. اھو خطو، درياءِ سنڌ کان جھلم تائين ڦھليل آھي. انھيءَ خطي ۾ لھجن جي فرقن سان، سدائين پھاڙي ٻولي ئي ڳالھائي وئي آھي، جنھن کي اڄ ڪيترن ئي ٻين نالن سان سڏيو وڃي ٿو. جھڙوڪ؛ پارمي، ھندڪو، ڊوگري ۽ پوٺوھاري وغيرھ.

صدين کان انسانن جي رابطي جو وسيلو رھڻ واري ھن ٻوليءَ ۾ اڄ سنسڪرت، ھندي، اردو، فارسي، ترڪي، راجسٿاني، ھرياڻوي، گجراتي ۽ ڪشميري ٻولين جا لفظ شامل ٿي چڪا آھن. جيستائين رسم الخط جو تعلق آھي ته مختلف خطن ۾، مختلف رائج رسم الخط ۾ لکي وڃي ٿي. جھڙوڪ؛ ٽاڪري، ديوناگري ۽ شاردا لپي کان علاوھ شاھ-مکي ۽ گرو-مکي لپين منجھ لکي وڃي ٿي.

ھماچل پرديش ۽ ڄمونءَ جا ھندو، ان کي ديوناگري لپيءَ ۾ لکن ٿا. ھماچل پرديش جي ھيٺين علائقن جا سک، ان کي گرو-مکي رسم الخط، جڏھن ته ڄمون، پيرپنجال ۽ پاڪستان ۾ رھڻ وارا مسلمان، ان کي عربي/ فارسي رسم الخط ۾ لکن ٿا.

ھماچل پرديش ۾ ڳالھائي ويندڙ پھاڙي کي ”مھاشو پھاڙي“، جڏھن ته ڄمون جي ھندن واري علائقن ۾ ڳالھائي ويندڙ پھاڙي کي ”گوجري“ سڏين ٿا. اڄ آزاد ڪشمير جي ۹۶ سيڪڙي حصي، والاريل ڪشمير جي ۲۶ لک انسانن کان علاوھ پوٺوھار ۽ مريءَ جي اندر وسندڙ لکين ماڻھن جي مادري ٻولي، پھاڙي آھي.

پھاڙي ٻولي جتي ڳالھائڻ ٻولھائڻ جو ذريعو آھي، اتي تخليقي صلاحيتون رکندڙ پڻ آھي. منجھس لوڪ ادب جو ڪافي ذخيرو موجود آھي، جنھن ۾ لوڪ گيت، لوڪ ڪھاڻيون، اخاڻ (قول)، متان (پھاڪا)، چٽڪران (چوڻيون)، سياننان (ورجيسون/ محاورا)، پھيليون (ڳجھارتون) ۽ لوڪ داستان موجود آھن.

جڏھن ته ھندستان واري ڪشمير اندر، قرآن مجيد جو ترجمو به ان زبان ۾ ٿي چڪو آھي. زبان جي وسعت جو اندازو، ان ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته شاعريءَ جون جملي صنفون، منجھس موجود آھن.

پھاڙي زبان منجھ پھاڪن ۽ چوڻين کان علاوھ ورجيسن / تلميحن جو پڻ چڱو خاصو ذخيرو آھي. جڏھن ته سنڌي ٻوليءَ جي پھاڪن چوڻين سان ملندڙ کوڙ ساتريون چوڻيون يا پھاڪا پھاڙيءَ ۾ پڻ موجود آھن. اھڙيون ورجيسون يا چوڻيون، جيڪي اڳواٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود يا مروج آھن، سي نموني جي طور ھيٺ ڏجن ٿيون.

پھاڙي تلميح/ محاوره

سنڌي ورجيس/ اصطلاح

اپنا نی ریا ککھ، کسے ناں نی چھوڑنا تیلا۔

منھنجو ڪک نه بچيو، ٻئي جو تيلو به نه بچي.

اتے بکریاں نی چر، اتے سہیہ ناں کہر۔

اتي ئي ٻڪرين جو چراگاھ، اتي ئي شينھن جو گھر.

اس پار ژاں اس پار۔

يا ھن پار، يا ھُن پار.

اس طرحے بیٹھے وے، جیاں انھے نی ماء مسیتی چ پہیالی گشنی۔

ائين ويٺو آھي، جيئن انڌي-ماءُ، ٻارن کي مسيت ۾ ويھاري وڃي.

اس ناں سر، اسے نیاں جتیاں

پنھنجو منھن، پنھنجو موچڙو.

اساں نی بلی، اساں کی ژے میاو۔

اسان جي ٻلي، اسان سان ميائو.

اساں نیں کہر ایسو، کئہ آنسو؟ اس تساں نیں کہر اچھاں طہ کئہ دیسو؟

اسان ڏي ايندئو ته ڇا آڻيندئو؟ اسان اچون ته ڇا ڏيندئو؟

اسے کہواڑیا دستا لانا۔

ساڳي ڪھاڙي، ساڳيو ڳن.

اکھاں تھیں انھی، ناں نور پہری۔

اکين کان انڌي، نالو؛ نورپري.

اگ منگن آئی، کہرے نی مالکن بنی بیٹھی۔

آئي ٽانڊي کي، بورچياڻي ٿي ويٺي.

اگاں چاں طہ ٹہڈہ ننگا، پچھاں چاں طہ کنڈھ ننگی۔

آڳو کڻ ته پيٽ ننگو، پيڇو کڻ ته پٺ ننگي.

۲. آڳو کڻ ته آڳو ڀاري، پيڇو کڻ ته پيڇو ڀاري.

انٹے ہودر، کڑ کڑ ہودر

آنا ھڪڙي ھنڌ، ڪڙ ڪڙ ٻئي ھنڌ.

اندر نیئں پھکی، اماں گئی نی چکی۔

گھر ۾ ٻڪي نه لڀي، امان وئي آ پنبڻ پيھڻ.

انگلی دیئے تہ بہاہ وی رڑکیا لوڑنا۔

آڱر ڏينس ته ٻانھن به رڙڪي وڃي.

انگلیا پچھے دیہوں چھوانا۔

آڱر پويان سج لڪائڻ. (تريءَ ھيٺان سج لڪي نه سگھندو.)

انہاں تلاں وچ تیل نا

انھن ترن منجھ تيل ڪونھي.

انی نگری، بے دالتا راجا۔

انڌير نگري، بي عدالتيو راجا.

انھیر نگری، چوپٹ راج۔

انھی نگری، کانا راجا

انڌير نگري، چوپٽ راڄ،

انڌير نگري، ڪاڻو راجا.

اوتہڑا ڈبا جداں کہوڑی چڑھیا کبا۔

ائين ٻڏو، جڏھن گھوڙيءَ چڙھيو ڪُٻو.

 اوٹھے تہ گٹھ، بیجے تہ مٹھ۔

اٿي ته گراٺ، ويھي ته مٺ.

اونٹھے نیں گلے چ بلی

اٺ جي ڳچيءَ ۾ ٻلي.

اونٹھے نیں موئیں چ جیرہ

اٺ جي وات ۾ جيرو/ زيرو.

اوہے سوٹی تہ اوہے پہروٹی۔

اھا ئي سوٽي، اھا ئي ڀروٽي.

ایتھیں بہوں کلغیں والے مرے اے، اکبر بادشاہے ناں کہہ دا۔

وڏا وڏا ڪلنگي خان ھليا ويا،

اڪبر بادشاھ نانءُ ڪھڙو؟

ایس طرح ڈرناں، جس طرحے کاغ گلیلے کولا ڈرنا

ائين ونءُ وڃڻ، جيئن ڪانءُ گليل/ڪمان کان ونءُ وڃي.

ایس طرحے دیکھناں آ، جیاں منجھ کٹے واخ دھیکھنی۔

ائين ڏسڻ، جيئن مينھن پاڏي کي ڏسي.

ایس طرحے غیب، جیاں کھوتے نیں سرے را سنگ غیب ہونیں

ائين گم ٿي وڃڻ، جيئن گڏھ جي مٿي تان سڱ.

آپ تپسی، آپ ٹھس کرسی۔

پاڻ ئي تپندو، پاڻ ئي ٺس ڪندو.

آپ جوغی جاغ نئیں، تے پنج پیر سادنی۔

گھر ۾ پاڻ نه ماپي، پنج پير ترسائڻ جون ڳالھيون ڪري.

آگے جولاں چک، پچھے جولاں لت۔

اڳتي ھلان ته ڪکجان، موٽان ته لتون لڳن.

آئیا نہ تے گئیا۔

نه آيو، نه ويو.

باہری ٹیپ ٹاپ، اندری حیدرآباد۔

ٻاھرئون شادباد، اندرئون حيدرآباد.

بچہ کچہ وچ، ٹہنڈورہ شہر وچ

ڇورو ڪلھي تي، ڍنڍورو شھر ۾.

بڈھی کہوڑی، لال لگانو

ٻڍي گھوڙي، لال لغام.

بڑی دکان، پھکا پکوان۔

وڏو دڪان، ڦڪو پڪوان.

بلاہ پانی نیئں پینا، بلاہ کہڑیاں کہساناہ۔

ڏاند پاڻي نه ٿو پئي، ڏاند وقت ٿو ٽاري.

بن مسیت تہ اپر گردوارہ۔

ھيٺ مسيت، مٿي گردوارو.

بہوں بہوں کھوڈے دکھے، ایہ جئی کہٹورینٹ نئیں دکھی۔

گھڻا ئي منڊا ڏٺاسين، پر اھڙي گھوم گھام نه ڏٺيسين.

بہوں گئی، تھوڑی رہی۔

گھڻي وئي، ٿوري رھي. (ھاٿي نڪري ويو، پڇ ڦاسي پيو.)

بوٹی بوٹی لہال، شوروا شوروا رہام۔

ٻوٽي ٻوٽي حرام، رھو رھو حلال.

بوئے ائی جنج سلو نکی نیں کن۔

ڄڃ اچي در تي بيٺي، جي؛ سبو ننڍڙيءَ جا ڪن.

بیجی تہ اوٹھے ناں، ناں تاولی۔

ويھي اٿي نه سگھي، نالو؛ تاولي.

پٹیہ پہاڑ طہ نخشا چوہا

پٽيو پھاڙ، نڪتو ڪئو.

پٹھے پرونے اپر پانی ٹہونا۔

پرڻ منجھ پاڻي ڍوئڻ.

پڑھیا ناں پاء، بنی بیٹھا علماء۔

ايمي نه پڙھيو، عالم بڻيو.

پڑھیا نی پاہ، تہ بنی بیٹھا علما۔

ايمي نه پڙھيو، پالڪيءَ چڙھيو.

پکو پکو ماں کی تاہ دا۔

پڪو ٿيڻ ڏجي، تڪڙ نه ڪجي.

پلے نیئں تہیلہ، کرنائی میلہ میلہ۔

کيسي ۾ لڀي نه آڌيلو، ڪري پيو ميلو ميلو.

مآں پو پھواڑے۔

مھيني پوھ ۾ انجير؟ (اڻ ٿيڻي ڳالھ.)

پہاریاں کھان جولنائیں ہولوئیا۔

”اي عزت وارا! ڪاڏي ٿو وڃين؟“ چي؛ ”بي عزتو ٿيڻ.“

پہو بولے نی بادشاہی۔

ھدھد جي حڪمراني. (اڻ ٿيڻي ڳالھ.)

پہویاں تہری کھادیا روح آخنا۔

اھڙو صاف سٿرو گھر، جو ماني پٽ تي رکي کائڻ تي دل گھري.

پہیڈا سوئیا کہہ دے ترویا کہہ۔

رڍ ڦر ڏئي ته ڇا؟ ڪچو ڇڏي ته ڇا؟

پونیا وچا پوٹھا۔

ڍير منجھ پوڻي.

پے پنے، پتر کہوڑے کہنے۔

پيءُ پني، پٽ گھوڙا ڳنھي.

پیسہ نہ پلے، سکھنی دمڑی ہلے۔

پائي کيسي ۾ نه، پٽڪي تي زور. (اڇي پڳ م پس، اندر مڙيوئي اڳڙيون. ۲. اڇا ڪپڙا کيسا خالي، ماڻھن ليکي ملڪ جو والي.)

پیو نہ مارے پھتنی، پتر گنٹھے/ سوٹے مار

پيءَ نه ماري پدڙي، پٽ گڊ ماري.

پھاواڑے ناں پھل ہونا۔

انجير ۾ گل! عجب آ. (انجير جو گل ورلي نظر ايندو آھي.)

پھتو کہاں جھمکیاں جوغی۔

ڦتو ۽ جھمڪيون؟ کوڙو ئي نه ٿو لڳي.

تساں نیاں جتیاں، تساں نیں سر۔

پنھنجو منھن، پنھنجو موچڙو.

تیل دھیکھو، تیلے نی تہار دھیکھو۔

تيل ڏسو، تيل جي ڌار ڏسو.

تھمے مکی لائے تہ گیریں گچھے۔

اھڙو طاقتور جو ٿڙ کي رڳو ھٿ لائي ته ٿڙ الڙي وڃي.

ٹکے لاغیں بادشاہیں نے، سکھے نی سراند۔

ٽڪا لڳن حڪومت جا، ھن جي مفت ۾ لئه.

ٹہائی بوٹیاں تہ پھتو باغے والا۔

اڍائي ٻوٽا، ڦتو باغن وارو. (اڍائي ٿڙ کجين جا، ڦتو باغن وارو.)

ٹہڈ کھوئی، منہ چوہی۔

ڍڍ کوھي، وات چوھي.

ٹہنگے اپر پھاواڑا۔

ٽھنگ مٿان انجير! عجب ڳالھ! (ٽھنگ؛ ڦلدار جھنگلي خودرو ٻوٽو.)

ٹھاریں ببیں سانجھا۔

ارڙھن مالڪين ۾ مشترڪ. (حصي ۾ ارڙھين پتي، مالڪيءَ ۾ اڌ.)

جاں برھے، جاں سیں۔

جڏھن وسي، تڏھن سيءُ. (جڏوڪا مينھن، تڏوڪيون چڪون.)

جاں کھوتا بیڑیا وچ حیران ہونا۔

ائين پريشان، جيئن گڏھ پاڻيءَ منجھ.

جان ناں پچھان، میں تواڑا میزمان۔

ڄاڻ نه سڃاڻ، مان تنھنجو مھمان.

جائیں نیاں راخیاں کھوتا۔ 

گاھ جو رکپال گڏھ. (جو ڍيري، گڏھ رکپال.)

جتنا اپر آ اتنا ژیے ہیٹھ آ۔

جيترو مٿي آ، اوترو زمين ۾ اندر آ.

جتھیں کھانا اتھیں ژے ہاغنا۔

جتي کائڻ، اتي ھنگڻ.

جتھیں نی کھوتی، اتھیں آن کھلوتی۔

جٿان جي کوتي، اتي اچي بيٺي. ۲. جتان جي ھوندي خاڪ، لوڙھ اتي اچي لٽبو.

جس مدرسے وچ تو پڑھیں اس نیاں کندا ہیٹھا میں وی لنگتھا نہس۔

جنھن مدرسي ۾ تون پڙھيئين، ان جي ڪنڌيءَ ھيٺان مان به لنگھيو آھيان. (جتي تون پڙھيو آھين، اتي اسان استاد ھياسين.)

جمے ناں جمائے، مائے مائے کرنے آئے۔

نه ڄڻيائين، نه نپايائين؛ امان امان ڪندو آيو.

جنجاہ چڑھی نی دیکھیا، کنے تے گیس۔

پرڻيا ناھيون ته ڄاڃي ته ٿيا ھونداسين.

جنجاہ وی تہ ڈولیا وی۔

ڄاڃين ۾ به، ماڃين ۾ به.

جنگت وی ڈہڈا تہ جرمن وی غوصیلا۔

ڇورو به ھٺيلو، جرمن به غصيلو.

جہڑا بولے اوئے بوآ کھولے۔

جيڪو ڳالھائي، سو اٿي دروازو کولي.

جہڑا کھاسی اؤوی پچھتاسی، جہڑا ناں کھاسی اؤوی پچھتاسی۔

جيڪو کائي سو به پڇتائي، جيڪو نه کائي سو به پڇتائي.

جولنیے بلائی مہاڑے دیئی آ۔

ٽرندڙ بلا، مون ڏي اچ.

جیتھیں نی کھوتی، اوتھیں آن کھلوتی۔

جتان جي کوتي، اتي آڻ کلوتي.

جیدہر چہولنی، اودہر پننا۔

جنھن رخ ھلي، اوڏانھن ڇاڻي.

جیڑا سریا، اوہے تہریا۔

جو آھي، سو حاضر آ.

جینیاں نہ لبنے گراہ، مرے نیاں چڑھیا گڑاہ۔

جيئري گرھ نه سنڀري، مئي پڄاڻان ديڳيون پيون لھن.

چار آنے نی کھوتی، باراں آنے ناں ٹہنگا

چئين آني جي گڏھ، ٻارھين آني جو پستنگ.

چاں چولیاں نی اگ۔

چئن چلھين جي باھ.

چپڑی نیاں تے دو دو۔

جھٻيل به، ٻه ٻه به. (ھڪ جھٻيل، ٻيو ٻه مانيون کپن. ۲. ھڪ الله جي نالي تي، ٻيو مکيل ماني.)

چٹا ٹہوسلا، عقلا خالی۔

اڇي ڏاڙھي، اٽو خراب.

چٹی داڑھی طہ آٹا خراو۔ 2۔ چٹا چہاٹا، طہ اقل ناں کہاٹا۔ 3۔ چٹی داڑھی طہ مٹی پلیت۔

اڇي ڏاڙھي، اٽو خراب.

چٹیں دندیں نی پریت۔

اڇن ڏندن جي پريت.

چڑی نی چت طہ چوداں حصے۔

چڙيءَ جي چت، چوڏھن حصيدار.

چڑھ کٹوئیے دریاں نئیں، طہ بینا ٹھا، چھے ماہینے ناں۔

چڙھ پاڏا درياھ تي، ويٺو رھ ڇھ مھينا.

۲. تپ دانگي ڇھ مھينا. چي؛ کپ مھمان ٻارھن مھينا.

چک چنالے منکا لبہ، گلے کھولی گٹے بدھا۔

چمڪندڙ موتي مليو، ڳچيءَ مان ڪڍي گوڏي تي ٻڌو.

چمڑی گچھے، پر دمڑی ناں گچھے

چمڙي وڃي، دمڙي نه وڃي.

چنگیاں نے پنگے، پنگیاں نے کہم تہاتورے۔

چڱن پويان چٽ، چٽن پويان چڱا.

چہل مل تارے، منہ منہ چھٹیاں۔

جھل مل تارا، زوردار بارش.

چور نالے چتر۔

چور به، چترو به.

چور وی تہ چترا وی۔

چور به، چالاڪ به.

چورے نی داڑیچ تیلا۔

چور جي ڏاڙھيءَ ۾ ڪک.

چولہے اٹھی، آولے۔

چلھ مان نڪري، بونبي تي پئي.

چھوڑوس منجھی ہیٹھ، گشناں کٹے ہیٹھ۔

ڇڏيس مينھن جي ھيٺان، وڃي پاڏي جي ھيٺان.

حشناک موچیانی، پہرکا تہوڑی ناں۔

موچياڻي سھڻي، برقعو پراڻو.

داڑیا کولا موچھاں بدھینیاں۔

ڏاڙھيءَ کان مڇ وڏي.

دالے چ کیں کالا کالا دساں۔

دال منجھ ڪارو ڪارو ڏسجي پيو.

داں بیڑیاں ناں سوار۔

ٻن ٻيڙين جو سوار.

داند رڑیا چنی کہنوس۔

ڏاند ڪريو، خصي ڪري وٺوس.

در آئی جنج، سلو کڑی نیں کن۔

در تي آئي ڄڃ، ٽوپيو ڪنوار جا ڪن.

دگے اپر تہس۔

ڍڳ مٿان ڍير. (نولي تي دھلو.)

دہیں چنے نی لو۔

اھڙو سھڻو، جھڙو چنڊ جي چانڊوڪي.

دو پکاساں تہس؛ ہک آپے، ہک اس۔

ٻه دس پچائيندس؛ ھڪ پاڻ لاءِ، ٻيو ھن لاءِ.

دو پیسے نی تہیلی تہ ولیتی ہنا۔

ٽڪي جي ٿيلھي، انداز ولايتي.

دوتریاں نی فوج تہ نانا نائیک۔

ڏوھٽن جي فوج، نانو نائڪ. (ناني رڌڻ واري، ڏوھٽا کائڻ وارا.)

دودھے نیاں راخیاہ بلا۔

کير جي رکواليءَ تي ٻلو.

دھدے نی رکھوالی بلی۔

2۔ دھدے ناں رخوالہ بلا۔

کير جي رکوالي، ٻلن حوالي.

دھیکھ یاراں نی پھیری، ما تیری کہ میری۔

ڏس يارن جي ڦيري، ماءُ تيري ڪ ميري.

ڈوبریں وچ دارو، تہ بادشاہیں کنے لڑائیاں۔

بارود ڪدوءَ ۾، جنگ بادشاھن سان.

ذاتی ناں جولایا، نخرے سرداراں نیں۔

ذات جو ڪوري، نخرا سردارن وارا.

ذاتی ناں کمیں، طرہ لماں۔

ذات جو ڪمي، پٽڪي ۾ طرو.

ذاتی ناں کوڑ کرلی، شاہتیراں نال جچھے۔

ذات جي ڪرڙي، شھتيرن سان ڀاڪر.

ذاتی ناں موچی، گلاں سرداراں آلیاں۔

ذات جو موچي، ڳالھيون سردارن واريون.

ڈھائی بوٹیاں طہ پھتو پہاگوان۔

اڍائي ٻوٽا، ڦتو ڀاڳوان/ باغائي.

ژوجیا کلے بدھا، ژوجیا چوراں کھڑیا۔

جھڙو ڪلي تي ٻڌل، تھڙو چورن جي ھٿ ۾.

ساری رات رونی رئی، مریا کوئی وی ناں۔

ساري رات روئندي رھي، مئو ڪو به نه.

ساہڑا ویلا انا، گہاہ پئی گنا۔

اسان جي واري اچي ته قحط پوي.

ساہڑے کولا گئییں گورژئے، پہانویں کھڑنی کالے چور۔

اسان کان وئي، ھاڻي کڻي ڪارو چور کڻيس.

ستی نی گھونس۔

ستل پر گھونس. (ڇپيل رستم.)

ستیں بیڑئیں لت تہرنا۔

ستن ٻيڙين ۾ لتون رکڻ. (ٻن ٻيڙين ۾ جو ڄنگھون رکي، تنھن جا چڏا چيرجن.)

سٹ لغے سیواجے، کھرکے میر واعظ۔

ڌڪ لڳي سيواج کي، روڙي مير واعظ.

سچ بولاں تہ ماں مرے، کہوڑ بولاں تہ کتا کھائے۔

سچ چوندي ماءُ مري، ڪوڙ ھڻندي ڪتو کائي.

سرا گنجی تہ کنگیئں ناں جوڑا۔

ھڪ گنجي، ٻيو رکي ڦڻين جو جوڙو.

سرے آگے سواں۔

اھڙو ڪمزور، جيئن سريي آڏو سئي.

سکھیں ٹمبی تہ کچہریا چڑھی۔

آرام تنگ ڪيو، ڪورٽ وڃي پھتو.

سنڈے والے نے کہرا لسی منگنا۔

سانَ واري جي گھر لسي ڳولڻ.

سوئے کھوتے کلے کمہار۔

ويامي کوتي، سور ڪنڀر کي. (بار گڏھ تي، ھينگي کوتي.

۲. سور ساٽيءَ کي، ڏنڀجي گڏھ.)

سوئی نہ ثہیر بلمی موئی۔

ٻار نه ڄڻيائين، رڳو ڍير سان لڙڪي مئي.

سوئی نیں نکے وچا ہاتھی کڈھے آلی گل ای۔

سئيءَ جي ناڪي/ پاکي مان ھاٿي ٽپائڻ واري ڳالھ آ.

سیریاں مٹھ سٹیئے پہویاں نہ پیئے۔

سرنھن-لپ اڇل ته داڻو پٽ تي نه پوي.

صرفہ کری ستی، آٹا ہنی گئی کتی۔

ڪنجوسي ڪري ستي، اٽو کڻي ويس ڪتي.

عقل ناں انھاں، گنڈھے ناں پورا۔

عقل جو انڌو/ ڇوٽو، قد جو پورو.

قدے اپر لد۔

جھڙو قد، تھڙو لباس.

کھانیا داڑھی ہلنی۔

کائيندي ڏاڙھي به پئي ڏڪيس.

کھائی کھسمے نے ماہ، ہن کرنیا ناہ۔

مڙس جو کائي، نه مڃيندڙ.

کائي مڙس جو، ڳائي ابي جو.

۲. کائي مڙس جو، چي؛ جيئي ابو.

کھائیں گگوتھاں، لاغیں ٹوٹراں۔

کائين گگوٿ، ڀوڳين ٽوٽر.

کائي گلو، وڃي ھيکلو.

کپیانیاں انگلیا اپر نہی موترنا۔

وڍيءَ آڱر تي به نه مٽي.

کتی چوراں نال رلی ہوئی۔

ڪتي چورن سان مليل آ.

کتی چوریں کنے ملی نی۔

ڪتي، چورن سان ملي وئي آھي.

کٹے ناں دکھ بچھے اپر کھڈناں۔

ڪونھين جو سور، پاڏي مان پلڻ.

کڑ کڑ اتھیں طہ انثے اتھیں۔

ڪڙ ڪڙ ھتي، آنا ھُتي.

کڑ کڑ بہوں، طہ انٹے تھوڑے۔

ڪڙ ڪڙ گھڻي، آنا ٿورا.

کھسریاں نیں کہر پتر جمیا۔

کدڙي جي گھر پٽ ڄائو!

کم ناں کار، رٹیاں ناں دشمن۔

ڪم نه ڪار، مانيءَ جو دشمن.

کنک کھیت، تہی پیٹ، آ جوائیا منڈے کھا۔

ڪڻڪ ٻار ۾، ڌيءُ پيٽ ۾، چي؛ ”آءُ نياڻا گڏجي کائون.“

کہاڑھی تہ سڑھی، چوہیا نی بر بر تہ مکی۔ 

کرو سو سڙيو، ڪئي جي بر بر ته بند ٿي.

گھر سو سڙيو، باقي حقا ڏاڍا ڇڪياسين.

کہاہ کہاڑھیا تہ روٹی لنگروں۔

گاھ ڍيرئون، مانيءَ لنگرئون.

کہاہلے کن تہ کانی پیڑھے مارے۔

ڪمائي ڀلي ڪير، ڪاڻي مکڻ-چاڻا کائي.

کہر آلا کہر نا، اساں کی کسے ناں ڈرنا۔

گھر وارو گھر ناھي، اسان کي ڪنھن جو ڏر ناھي.

کہر دانے نئے اماں پیٹھئے گی

گھر ۾ داڻو نه لٿي، امان وئي آھي پيھڻ.

کہر عذاب، باہر ثواب۔

گھر ۾ عذاب، ٻاھر ثواب.

کہر مہاڑا، بووا مہاڑا، میں کیا برا تہاڑا۔

گھر منھنجو، در منھنجو؛ ڏينھن برا به منھنجا.

کہر ناں باءر، پتر تھانے دار۔

نه گھر، نه ٻار؛ پٽ ٿاڻيدار.

کہڑا پجہی، اونہوں ہتھ۔

دلو ڀڄي، سينھون ھٿ اچي.

کہڑے نیئں پانی تے پیو نا ناں سمندر۔

دلي ۾ پاڻي نه لڀي، بابي جو نالو سمندر خان.

کہیو سمارے سالناں، ناں بڑھیا نہوں نا۔

ٻوڙ ٺھيو گيھ سان، نالو وڏي نُنھن جو.

کہیے کنے کنداں لبناہ۔

گيھ جي گاري سان ڀتين جي لپائي!

کھوتے نے گلے وچ لعل

گڏھ جي ڳچيءَ ۾ لعل.

کھوتے نے گلے وچ لعل۔

گڏھ جي ڳچيءَ ۾ لعل.

کھوڈیا کانیاں پتن میلہ۔

منڊيءَ ۽ ڪاڻي جي ملاقات، پتڻ تي.

کوڑیا اپر مسیت ٹہانا۔

ڪوڙيءَ لاءِ مسيت ڊاھڻ.

جيري لاءِ، ٻڪري ڪھڻ.

کھول کہلیس، پہیڑ نہسے پہیڑنی۔

ھڙ کائي ويندوسانءِ، بي ايماني اصل نه ڪندوسانءِ.

کوئی جمے تے کوئی پٹی لائے۔

ڪي خودرو، ڪي پوکيل.

ڪجھ مينھاڻي، ڪجھ ريجاڻي.

کوئی جندر ٹہلے کوئی دانڑیں گلے۔

ڪجھ جنڊ ڍلو، ڪجھ داڻا آلا.

کی کی دانے گیلے، کی کی جندر ٹہلے۔  2۔ ہک دانے گلے، طہ دوآ جنڈر ٹہلے۔

ڪجھ داڻا آلا، ڪجھ جنڊ اکڙيل.

کھیل ختم، پینسا ہضم۔

کيل ختم، پئسا ھضم.

گایا بہوں دل اینا، گیڑیں ماریوس۔

ڳائڻ لاءِ دل وڏو ٿي چوي، پر نڙيءَ-سور منجھايو آھي.

گدھا گھوڑا، ہیکے پہاء۔

گڏھ گھوڙو؛ ھڪ بھا.

گوالا وچا داند نہ دسنا۔

واڙي ۾ ڏاند نظر نه ٿو اچيس.

گولی اندر، دم باءر۔

دوا اندر، دم ٻاھر.

گئی بہار گلاباں والی طہ اک کنیرے کھلے

گلابن واري بھار وڃي ته اڪ ڪنيرا به کلن.

گھر عذاب طہ باءر ثواب

گھر عذاب، ٻاھر ثواب.

گھول گھمایاں ساٹھ گز، پاڑ نہ دیواں آدھ گز۔

گھمايان سٺ گز، ڏيان اڌ گز.

اللا پچھے نیئں، اللہ نیاں گلاہ پچھے رونی اس۔

اللا پويان نه، پر الله جي ڪرڻي لاءِ روئان ٿي.

لاڑیا سس، پلاڑیا جانوائی۔

لاڙي سس، اتراڌي ناٺي.

ڪٿي جي سس، ڪٿي جو ناٺي.

لگی غا تیر، ناں لگا تکا۔

لڳو ته تير، نه ته تڪو/ ڌڪو.

لندھی نے آلنے چ، ماس لوڑنا۔

سرڻ جي آکيري ۾ ماس ڳولڻ.

لنگ تہاڑیاں کہس کہڑیئے۔

ڏينھن گذريا، ڄڻ گھڙي گذري.

لہو لائی، شہیدوں وچ شمار ہونا۔

آڱر ڪٽائي شھيدن ۾ شامل ٿيڻ.

لوک پیسیاں کھیڑیں، میرو مہاڑا کھتیاں کھسے۔

لوڪ پئسا کيڙي، ميرو کتيون کيڙي.

لینا ہک ناں دینا دو۔

وٺڻ ھڪ نه، ڏيڻ ٻه ٻه.

ماء پنے، پتر کہوڑے کہنے۔

ماءُ پني، پٽ گھوڙا ڳنھي.

ماء مرنی رکھنی طہ تہوں ناں ناں مکھنی۔

ماءُ مري رکڻي، ڌيءُ جو نالو مکڻي.

ماءُ مري رکي سڪي، ڌيءُ جو نالو ڏھي.

مآ مراداں، یاد کراساں۔

ماءُ مرادان، مڙيئي ياد ڪرائجان.

مآ مرے رکھنیاں، تہیھو نا ناں تھندی۔

ماءُ کي اڻڀو گرھ نه لڀي، ڌيءُ جو نالو مکڻي.

مآ منگنی، پیر پنا؛ پتر کہھڑے ہننا۔

ماءُ پنڻي، پيءُ نکمڻو؛ پٽ گھوڙا ڳنھڻو.

مآ مولی، پیو پیاز؛ پتر شاہ نواز۔

ماءُ موري، پيءُ بصر؛ پٽ ٻنھي کان ڪسر.

مآئو نا دودھ یاد کرانا۔

ڇٺيءَ جو کير ياد ڏياري ڇڏڻ.

مدعی سست، گواہ چست۔

مدعي سست، گواھ چست.

منگے نے ٹکڑے، گہیلی ڈاکار۔

پن جي ماني، رستن تي ٽاڏ مٿي ٽاڏ.

منہ نہ متھا؛ جن پہاڑوں لتھا۔

نه منھن، نه مٿو؛ ڄڻ جن پھاڙن تان لٿو.

موراں نی ٹور سکھن گئی، اپنی وی بساری آئی۔

مور جي ٽور سکڻ وئي، پنھنجي به وساري آئي.

مولہاں نیئے بہڑیئے، تو کہہ لغے ہیڑے کول۔ /

ملاں نیئیں بہڑژے، توئی کئہ لگے بیغانے ہیڑے نال۔

ملان جي ڍڳي، تنھنجو جھيڙي سان ڇا؟

ٻين جي معاملن ۾ ٽنگ اڙائڻ مان ڇا حاصل.

میں تواڑیاں نمازاں پڑھاں، توں مہاڑے مصلے پھاڑ۔

میں تواڑیاں نمازاں پڑھاں، توں مہاڑے کوزے بھنیں۔

مان تو لاءِ نماز پڙھان، تون منھنجو مصلو ڦاڙ.

مان تو لاءِ نماز پڙھان، تون منھنجا ڪونرا ڀڃ.

ناں بڑے تے گراں اجاڑ۔

نانءُ وڏو، ديھ ويران.

ناں بڑے، گراں اوژاڑ۔

نانءُ وڏو، ڳوٺ اجاڙ.

ناں تریئاں چ، ناں تیراں چ۔

نه ٽن ۾، نه تيرھن ۾.

ناں رٹی، ناں کپڑا؛ کہلے کی تکڑہ۔

نه روٽي، نه ڪپڙو، جھيڙي لاءِ تڪڙو.

ناں کمیں ناں، ناں کاژے ناں؛ بھیری اناژے ناں۔

نه ڪم جو، نه ڪاڄ جو؛ ويري اناج جو.

ناں ہاڑھ سکی، ناں ساون ہری۔

نه ھاڙھ جو سڙيو، نه سانوڻ  جو سائو.

نسی نسی اوہے کسی۔

ڀڄي ڀڄي؛ اڳيان اھا ئي ڪسي.

نک نی ناساں، بیئھی ستی کھاساں۔

نه نڪ، نه ناسان؛ ويٺي ستي کائسان.

نکمی جٹی ان میلے/ بیلے۔

نڪمي ڄٽي، سٽ ڪتي.

نک وے طہ بو اچھے۔

نڪ ھجي ته بوءِ اچي.

نگ یرا پوڑو یا اورا پوڑو؛ ہیکے گل ای۔

نڪ کي ھيڏانھن پڪڙ يا ھوڏانھن پڪڙ، ڳالھ ساڳي آھي.

نمازاں بخشان گے، روزے گل پئی غے۔

نمازون بخشائڻ وئي، روزا ڳچيءَ پئجي ويس.

نہ رچھ مسیتی اچھے، ناں ملاں چہنگڑ گچھے۔

نه رڇ مسيت ۾ اچي، نه وري ملو جنگل ۾ وڃي.

ہانجا اپنا ہاسا جگے ناں۔

نقصان پنھنجو، کلي جڳ.

ہائے نی ماسی مہراں! جمے نو، پٹے تیراں۔

ائي ماسي مھران! ڄميا نو، پٽيا تيرنھن.

ہائے وو مہڑیا بختا، میں ہیر مڑی گچھاں کہ ہور مڑی گچھاں۔

اي بخت! ٻڌاءِ؛ يا ھيڏي وڃان، يا ھوڏي وڃان.

ہتھ لائیاں میلا ہوئے۔

اھڙو سھڻو جو ھٿ لاتي، ميرو ٿي پوي.

ہتھاں رسریاں جمانا۔

تريءَ تي سرنھن پوکڻ.

ہتھیں کنجی، پیریں جالا۔

ھٿن ۾ ڳڍڙيون، پيرن ۾ ڄارو.

ہتھیں نی الک، مچھیئں جات۔

ھٿ نه چوري، مڇي وات ۾ وجھي.

ہسی طہ پھسی۔

ھنسي ته ڦنسي. ۲. کلي ته ڦاٿي.

ہک آسمان پاڑنا، دوہا ٹاکی لانا۔

ھڪڙو اڀ ٽوڙڻ، ٻيو مٿس چتي ھڻڻ.

ہک تہ جھلی، دوہی جنے نی رن۔

ھڪ چري، ٻيو جنڙي.

ہک در بند ہوا، سو در کھلے۔

ھڪ ٻنڀو لنبيو، سوَ ٻنڀا کليا.

ہک کتا چکی چٹے، دوہا اس ناں پچھو چٹے۔

ھڪڙو ڪتو چڪي چٽي، ٻيو ان جي پٺي چٽي.

ہک ماریا، سو کہواڑیا۔

ھڪ کي ماريو، سؤ کي خوار ڪيو.

ہمیش، ہکے جئی نئی رہنی۔

وقت سدا، ھڪجھڙو نه ٿو رھي.

ہیر گئے، ہور گئے؛ چمچے کھڑچے کور گئے۔

ڪي ھيڏي ويا، ڪي ھوڏي ويا؛ چمچا ڪفگير گھر ويا.

ہیس چھواں، دوہے کھڈاں۔

ھڪ کي لڪائي، ٻيو کڻي ڪڍ.

وس نہ پوہجے، تھو کوڑی۔

وس نه پڄي، چي؛ ٿؤ ڪؤڙي.

یاری ناں اوئی، چھولیاں ناں بہڈ وا۔

یو دوستی ہوئی کہ چھولیاں نا بڈھ وا۔

ياري نه ٿي، ڄڻ چڻن جي ڀيل ٿي.

اھا ياري نه ٿي، پر چڻن جي ڀيل ٿي.

مٿي آيل ھڪ ورجيس جي وضاحت ھيٺ ڏجي ٿي، جنھن مان پھاڙي ٻولي جي وسعت جو اندازو آسانيءَ سان لڳائي سگھجي ٿو.

مآں پو پھواڑے۔ (کہاوت)

مآں؛ ماھ، مھينو. پو؛ پوھ، ڊسمبر-جنواري جي مند. پھواڑے؛ انجير.

ھر ڦل جي ٿيڻ جي ھڪ مقرر ٿيل مند آھي. جيڪو ميوو، سياري ۾ ٿيندڙ آھي سو گرمين ۾ نه ٿيندو ۽ جيڪو گرمين ۾ ٿيندڙ آھي سو سردين ۾ نه ٿيندو. پوھ جي سرد مھيني ۾، انجير جي وڻ تي انجير نه لڳندو آھي.

مطلب؛ ۱. پوھ جي سرد مھيني ۾ ٻوٽن تي انجير ڪٿي ھوندا آھن.

۲. اڻ-ٿيڻي ڳالھ ڏانھن اشارو ڪرڻ واسطي اھا ورجيس چئي ويندي آھي.

ڪي پھاڪا، متن اندر شامل ڪرڻ کان ان ڪري رھجي ويا، جو انھن ۾ استعمال ٿيل لفظن جي معنيٰ معلوم ٿي نه سگھي، جنھنڪري انھن جي تشريح ڪرڻ ۾ اوڻايون پئي رھيون. جڏھن ته خالي مفھوم سان متن ۾ شامل ڪرڻ، ڪتاب جي تقاضائن جي خلاف ھيو. مثال جي طور تي اھي ھيٺ ڏجن ٿا:

جسکی شریکے آخیا ککا، طہ او ٹرسی اپنی تکا۔ (کہاوت)

(دشمن کي طعنو ڏبو ته اھو پنھنجو پاسو بدلائيندو.)

جمے نو طہ پٹے تیراں، آوے مائی مہراں۔ (کہاوت) 

(ڄاوا نو، پٽيا تيرنھن، وا مائي مھران.)

دھیکھی دھیکھی چن چڑھیا، او وی ڈنگ پڑنگا۔ (کہاوت)

(نھاري نھاري چنڊ نظر چڙھيو، سو به وڪڙ سڪڙ.)

کسے تاپ، کسے تاپنی؛ ہر کسے آپو آپنی۔ (کہاوت)

(ھر ڪنھن کي نفسا نفسي ھوندي آھي.)

ان کان علاوھ، ڪي داخلائون جداريون ڏيڻ بجاءِ، سندن سانجھ (ھم-معنيٰ) پھاڪن/ چوڻين سان شامل ڪري، مطلب جي ننڍڙي عنوان ھيٺان شامل ڪيون ويون آھن. انھن جي لاءِ جداري داخلا سان تعداد ته وڌي ھا پر تشريح اندر ورجاءَ جو احتمال ھيو. ان خدشي کي دور ڪرڻ واسطي، پاڻ ۾ ڪٺا ڪري رکيا ويا آھن.

ڪشمير ۾ پھاڙي زبان، ڀارتي زير انتظام ڪشمير جي علائقن ڪٺوعه، ڄمون، اڌم پورھ، وادي چناب، ڊوڊھ، ڀدروا، ڪشتواڙ، راجوري، بارھ مولا، لري ڊورھ، چڪ فيروز پور، چڪ تمريرن، سرينگر جا علائقا ولي واڙ، واوھ، ناگن بل، پلوامه جي علائقن ڪربوھ، مانلوزورھ، چڪ سيدپورھ ۽ اننت ناگ جي ڪيترن ئي حصن ۾ ڳالھائي وڃي ٿي. جڏھن ته پاڪستان جي زير انتظام ڪشمير جي لڳ ڀڳ سمورن علائقن مظفر آباد، پونڇ ۽ ميرپور خاص ۾ اڪثريت سان ڳالھائي ۽ سمجھي وڃي ٿي.

ھن ڪتاب جي تياريءَ ۾ ڊاڪٽر محمد صغير خان صاحب جو لکيل ڪتاب ”پھاڙي ڪھاوتين: آخان“ ۽ محبت حسين اعواڻ جو ڪتاب ”مري ۽ گليات جي پھاڙين ۾ ڳالھايل ويندڙ آخان: پھاڪا، چوڻيون ۽ محاورا“ گھڻو معاون ۽ مددگار رھيا. انھن ٻنھي ڪتابن بابت، مھر افتخار وينس صاحب ڏس ڏنو. صغير صاحب وارو ڪتاب، فوٽو ڪاپي ڪرائي موڪليائين. جڏھن ته محبت اعواڻ صاحب بابت ٻڌايائين ته ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو. محبت اعواڻ صاحب فون ڪرڻ تي خوش ٿيو ۽ چيائين؛ ”اچي کڻي وڃو!“

مھر افتخار وينس صاحب صلاح مشورو ڏيڻ سان گڏ مھاڳ وارو مقالو پڻ لکي موڪليو، جنھن جو ترجمو شامل ڪيو ويو آھي.

انجنيئر عبدالمھيمن سھتو، ڪتاب جو ٽائيٽل ٺاھيو. ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو صاحب جن ڪتاب تي نظرثاني ڪري، بحيثيت پبلشر جي ٻه اکر لکيا ۽ اداري طرفان ڇپائڻ جي حامي واري. برادرم آفتاب احمد سھتو صاحب ڪراچيءَ جي گھماگھميءَ واريءَ زندگيءَ مان وقت ڪڍي، محبت اعوان کان ڪتاب وٺي ٽي سي ايس ذريعي موڪلي ڏنو. مڙني جي مھرباني.

انجنيئر عبدالوهاب سهتو

۸۹ پروفيسرس ڪالوني- ۲ 

قنبر روڊ- لاڙڪاڻو