ح
314. حبا ناں ڈوڈو وی چنگا ہونا۔ (کہاوت)
حبا؛ حب، اڪير، سڪ. ناں؛ جو. ڈوڈو؛ آڱوٺو، ٺينگو. وی؛ ڀي، به. چنگا؛ چڱو، ڀلو، سٺو.
آيل کي گھربل شيءِ نه ڏبي ته دل ۾ ڪندو ۽ ڪاوڙجي اٿي ويندو. اگر کيس محبت/ دوستيءَ جو اعتبار آ ته مجبوري سمجھي، کل خوشيءَ سان، بنا ڪم ٿيڻ جي به واپس ھليو ويندو.
مطلب؛ ۱. حب جو آڱوٺو به ڀلو.
۲. محبت جو سڪو ڳڀو به ڀلو.
315. حق حق آ، ناحق، ناحق آ۔ (کہاوت)
حق، ستين پٿر ۾ به نه لڪي. ڪيترو به دٻائجيس/ ڌتارجيس، نڪري نروار ضرور ٿئي. حق، روشني آ. تڙي نه سگھجيس. اوندھ کي تڙي سگھجي. باطل/ ڪوڙ، بناپاڙ جي آ، لڪندو وتندو. حق آئي ڀڄي ويندو.
مطلب؛ ۱. حق حق آ، ناحق ناحق آ.
۲. حق حق ٿيندو، ناحق ناحق ٿيندو.
316. حکم سوائیں پتر وی نا ہلناں۔ (کہاوت)
ساري دنيا جو ڪاروھنوار، رب جي حڪم سان ھلي ٿو. ان جو امر نڪري وڃي ته سارو ڪارخانو ٺَپ ٿي وڃي، جو سندس حڪم کان سواءِ دنيا اندر پن به نه ٿو لڏي.
مطلب؛ ۱. حڪم سوا، پن به نه چري.
۲. حکم سوائیں تیلا نا ہلی سکناں۔ (کہاوت)
۳. رب جي حڪم کان سواءِ، پن/تيلو به نه ٿو لڏي.
317. حرکت ناں برکت۔ (کہاوت)
دنيا اندر، روزي رزق جو اچڻ، چرڻ پرڻ يا ھٿ پير ھڻڻ سان ڳنڍيل آ. حرڪت سان برڪت پوي. ٻنيءَ ونيءَ مان، واڌ ويجھ ان کي نصيب ٿئي، جيڪو چرپر ڪري. نڪمو، پڪيءَ ٻير ھيٺان به، بک مري.
مطلب؛ ۱. حرڪت ۾، برڪت.
318. حیا آلا حیا کرے، بے حیا آخے مہاڑے کولا ڈرنیں۔ (کہاوت)
ڪڏھن ڪڏھن، ڪو ماڻھو ٻئي جو حياءُ ڪندي، مٿس چڙ کائڻ جي باوجود، ھٿ نه کڻندو آ. اڳلو وري ان ۾ سندس بزدلي سمجھندو آ. اھڙي حيادار جو احسان مڃجي، خوامخواھ ساڻس آڪڙبازي نه ڪجي.
مطلب؛ ۱. حياءَ وارو حياءُ ڪري، بي حياءُ چوي؛ مون کان ڊڄي ٿو.
319. حیلے ناں روزی، طہ پہانے نال موت۔ (کہاوت)
حياتي، رزق سان آ، سو ضرور ملندو. دنيا اندر آيل تي، موت آھي ئي آھي، سو ضرور ايندس. موت ۽ رزق ايندا ڪيئن؟ ھڪڙو چرپر سان، ٻيو بھاني سان. روزيءَ لاءِ ڪيل حيلو، موت جو بھانو ٿئي. بھرحال روزي روٽي ۽ موت لاءِ، ڪو نه ڪو سبب، حيلو بھانو ٿئي ٿو.
مطلب؛ ۱. حيلي رزق، بھاني موت.
۲. موت آئی وے طہ کیں ناں کیں پہانا بنی گشناں۔ (کہاوت)
۳. موت اچي ته ڪو نه ڪو بھانو جڙي پوي.