م
599. ماخیں کھان سوخا پر اوخا ڈنگ مخیاری ناں۔ (کہاوت)
دنيا جي ھر نعمت، تڪليف جي ڍڪ سان، محفوظ ڪيل آ. تڪليف جو ڍڪ لٿو، نعمت ضايع ٿي. گل ڇنڻ لاءِ، ڪنڊي جو ڍڪ اورانگھڻو پوندو. ماکيءَ تائين پھچڻ لاءِ، ماکيءَ جي ڏنگ کان، پاڻ بچائڻو پوندو.
مطلب؛ ۱. ماکي کائڻ سوکي، ڏنگ سھڻ اوکو.
۲. سور سھڻ بعد، سک ماڻجي ٿو.
600. مارنے والے کولا، بچانے آلا ڈاہڈھا۔ (کہاوت)
مارڻ ۽ جيئارڻ وارو، ساڳيو ئي الله آ. ٻنھي صورتن ۾ ويجھو آ. ھتي ويجھڙائيءَ مان مراد؛ سندس رحم، سندس غضب تي غالب آ. موت مان بچائڻ لاءِ، سندس رحمت جلد پھچيو وڃي.
مطلب؛ ۱. مارڻ واري کان، بچائڻ وارو ڏاڍو آ.
601. مارے کولا دھبکانا چنگا۔ (کہاوت)
جھيڙو ڳچيءَ پوي ته اُن مان جان ڇڏائڻ جي ڪجي. اٻھر ڪري، ڌڪ باٺو نه وھائجي. پڇاڙيءَ ۾ پڇتائڻ کان سواءِ ڪي حاصل ڪو نه ٿيندو.
مطلب؛ ۱. ماريي کان ڌمڪايو چڱو.
۲. ماريي کان پڏايو ڀلو. (ساھتي)
۳. ڏڏو ڪجي، ڏيکر ڪجي، تلوار کڻي، تر تر به ڪجي،
تنھن ھوندي به اڳلو نه ڀڄي ته پاڻ ئي ڀڄجي.
۴. ھا ھا ڪجي، ھوئڙ ڪجي، ترار کڻي تر تر ڪجي،
ٺڙ ڪجي، ٺڪاءُ ڪجي، اڳلو نه ڀڄي ته پاڻ ڀڄي وڃجي.
602. ماری کولا ہر کوئی ڈرناں۔ (کہاوت)
پئسي جي سَٽ برداشت ڪرڻ ڏکي آ. جسماني مار برداشت ڪرڻ، ان کان به ڏکي آ. نٺر کي مار موچڙي جو ڀؤ ڏجي، ڇو جو مار برداشت ڪرڻ، ھر ھڪ جي وس جي بات ناھي. اڳلي کي سڌو ڪرڻ ۾ جلد اثر ڏيکاري ٿي.
مطلب؛ ۱. مار کان ھر ڪو ڊڄي.
۲. مار، جن ڀوت به ڀڄائو ڇڏي.
603. مال مالکان، کھیئہ دلالاں۔ (کہاوت)
مال مٿان ھسواري، ان جي ھوندي آ، جنھن مٿس لاڳت ڪئي آ. وڪڻڻ ۽ اگھ مقرر ڪرڻ جو وٽس اختيار آ. دلال، ڪميشن خاطر، ڳالھائڻ جو مجاز ھوندو آ، جڏھن ته اگھ پاگھ ۾ لاھي گاھي جو مختيار، وري به مالڪ ئي آ.
مطلب؛ ۱. مال مالڪن جو، ڌوڙ دلالن کي.
604. ماء راضی طہ رب راضی۔ (کہاوت)
رب جو راضپو، ابي ۽ امڙ جي راض سان مشروط آ. اھي راضي ته رب راضي، اھي ناراض ته رب به ناراض. پيءُ ماءُ جو راض، رب جي راض جي ڪسوٽي آ. رب جو راضپو ڏسڻو آ ته والدين جو راضپو ڏسجي.
مطلب؛ ۱. امڙ راضي، رب راضي.
۲. اب راضي، رب راضي.
605. ماء ماتریئی، پے قصائی۔ (کہاوت)
ويڳي ماءُ، پيءُ جي زال آ، ماسي سڏبس، پر سڳي ماءُ جھڙي آسيس منجھانئس نه ايندي. ويتر ماٽيلائپ وارو رويو اختيار ڪيائين ته ابو به سندس چوڻ آکڻ ۾ اچي، ڪاسائپ وارو رويو رکندو.
مطلب؛ ۱. ماءُ ماٽيلي، پيءُ ڪاسائي.
۲. ماسي نه ٿئي ماءُ، توڙي ڪڍي ڏئي ساھ.
606. ماؤ نال نانکے، پیئو نال دادھکے۔ (کہاوت)
ھر ڪو پنھنجي وڏن کي پڏائي، پيو سرھو ٿيندو آ. پيءُ آڏو ڏاڏاڻا، ماءُ آڏو ناناڻا پڏائبا، تڏھن ٻئي راضي ھوندا. اگر پيءُ آڏو ناناڻا ۽ ماءُ آڏو ڏاڏاڻا پڏائبا ته ٻئي رسي ويندا.
مطلب؛ ۱. ماءُ سان ناناڻا، پيءُ سان ڏاڏاڻا.
۲. جيڪو، جنھن ۾ راضي ٿئي، تنھن کي تنھن سان راضي ڪجي.
607. ماؤ نے ٹہڈھے چا کوئی نا سکھی اشناں۔ (کہاوت)
دنيا جو ڪاروھنوار، حالتن سارو، سکڻو پوي ٿو. جھڙا جھڙا حالات سامھون اچن ٿا، اھڙو اھڙو عقل، انسان جي مغز ۾ ڦڙو ڦڙو ٿي ڀرجندو وڃي ٿو. ماءُ-پيٽان، ڪو به علم عقل کنيو نه ٿو اچي.
مطلب؛ ۱. ماءُ جي پيٽان ڪير سکي نه آيو آ.
۲. زمانو، استاد آ.
۳. زمانو آ ڊکڻ، جو ڪپي ڪوري ۽ سيکاري ٿو.
608. مآ اگے تہی کہہ ننھیال پچھانسی۔ (کہاوت)
ناناڻن جي ڄاڻ جيتري ماءُ وٽ ھوندي، اوتري ڌيءُ کي نه ھوندي. ماءُ، ڌيءُ کان اڳي پيڪن ۾ ڄاول ۽ پليل آ. ڌيءُ پنھنجي پيءُ ماءُ جي گھر ۾ رھي ۽ پلي آ، تنھن کي وري انھن جي خبر ھوندي، ناناڻن جي نه ھوندي.
مطلب؛ ۱. ماءُ آڏو ڌيءُ، ڪھڙو ناناڻا سڃاڻندي؟
۲. ناننگ کي ڌيءُ کان وڌيڪ، ماءُ سڃاڻندي آ.
609. مآ مارسی تہ مارنے نہ دیسی۔ (کہاوت)
اولاد کي غلطيءَ تي، ماءُ نصيحت سان سمجھائيندي آ. ان سان نه سمجھيو ته کيس لڪڻ سان سمجھائيندي آ. ٻين ھٿارئون نه مارائيندي آ.
مطلب؛ ۱. ماءُ ماريندي، مارائيندي نه.
۲. ڪُھين ته آپ ڪُھ، آڇ مَ چوھيڙيان.
۳. امڙ پاڻ سرزنش ڪندي، ميڇ ڏئي ٻين ھٿان نه مارائيندي.
610. مآئو پیو نی کھٹ، بیغانیا نی لت۔ (کہاوت)
ابي امڙ جي گھر، کٽ تي سمھڻ ۾ آرام ھوندو آ. ڌارين وٽ تڪليف ۽ سھمن جو گذر ھوندو آ. اتي، لتون ئي لڳنديون. وس ويندي، ابي اما کان پري نه ٿجي. وٽانئن مليل سک، ٻئي ھنڌ نه ٿو ملي.
مطلب؛ ۱. ماءُ پيءُ جي کٽ، پراون جي لت.
611. مآئو کولا تہی سیانی، ردھے پکے بہائے پانی۔ (کہاوت)
اڄڪلھ جيڪو ٿو آني مان ڦٽي، سو عقل ۾ پُر لڳو پيو آ. اڳي سوشل ميڊيا نه ھئڻ سبب، ٻارن ۾ عقل گھٽ ھوندو ھيو ۽ ھر ڪم والدين کان پڇي پڇي ڪندا ھيا. ھاڻ وڏڙا ٿا، کانئن پڇي پڇي ھلن.
مطلب؛ ۱. ماءُ کان ڌيءُ سياڻي، وجھي رڌي پڪي ۾ پاڻي.
612. مآئیا کولا دائیا پیارا۔ (کہاوت)
ماءُ، ڏھ مھينا پيٽ ۾ ٻار کي سانڍي، ڦيٽون کائي، ڄڻي ٿي. ڄمڻ پڄاڻان ٻار، نيپاڄ واريءَ جي ھمدردي ڏسي ٿو. کيس ان لاءِ محبت ٿئي ٿي. ڄڻڻ واريءَ جا سور اکين سان نه ٿو ڏسي، کيس ان لاءِ ھمدردي نه ٿي ٿئي.
مطلب؛ ۱. ماءُ کان وڌيڪ، دائيءَ سان پيار ٿيندو آ.
۲. ڄڻڻ واريءَ کان وڌيڪ، جھٻو نپائڻ واريءَ لاءِ ايندو آ.
۳. ڄڻ کان نيپاڄ وڏو.
613. مٹی ککڑی، نکا انٹا دینی۔ (کہاوت)
ڪڪڙ جي آني جي ساخت ۽ سائيز، فطري طور تي ھڪ-ڪري ٿيندي آ. ڪڪڙ جو قد ڀلي ننڍو ھجي يا وڏو. ٿلھي ڪڪڙ جو کاڌو پنھنجي جسم تي ئي لڳي، جنھن سبب بيضي کي کاڌ خوراڪ جي ڪمي رھي، تنھنڪري سندس لاٿل آنو، ٻين ڪڪڙين جي لاٿل آنن جي ڀيٽ ۾، ننڍو ٿئي.
مطلب؛ ۱. ٿلھي ڪڪڙ، ننڍا آنا ڏئي.
614. مٹی ناں پہانڈا کھنکھنائی دھکھنیا۔ (کہاوت)
ٺڪر جي ٺھيل شيءِ به وٺڻ کان اڳ، کڙڪائي ڏسجي، پوءِ وٺجي. اکيون پوري، نه وٺجي. ٻاڙو وڄي ته ڀڳل ۽ سير-پيل ھوندس، جيڪو ڪنھن ڪم جو نه ھوندو. مٿس خرچ ڪيل پئسا، اجايا ويندا.
مطلب؛ ۱. ٺڪر جو ٿانءُ، وڄائي ڏسجي.
۲. ٺڪر جي دانگي به وڄائي وٺجي.
615. مرن جین، اللہ نیں ہتھ آ۔ (کہاوت)
دنيا اندر، انسان نه پنھنجي منشا سان آيو آ، نه مرضيءَ سارو حياتي گذاري ٿو ۽ نه وري خواھش خوشيءَ سان موٽي وڃي ٿو. اھو سڀ، رب جي حڪم تحت ٿئي ٿو. انسان جو مرڻ جيئڻ، رب جي اختيار آ.
مطلب؛ ۱. موت ۽ حياتي، رب جي ھٿ آ.
616. مرنا، حق ناں راہ۔ (کہاوت)
ھيءَ دنيا، دارالبقا نه بلڪ دارالفنا آ، جيڪو منجھس آيو آ سو ھڪ ڏينھن ھتان ھليو ويندو، رھندو فقط نالو الله جو. موت کان ڇوٽ، ڪنھن کي به مليل ناھي. ھر ھڪ کي ان جو ذائقو چکڻو آ.
مطلب؛ ۱. مرڻ، حق جي راھ آ.
۲. موت، بر حق آ.
۳. موت، اڻ ٽر آ.
617. مرناں جیناں، بندے نال آ۔ (کہاوت)
دنيا جي زندگي، اڪيلي سر ڪٽڻ اوکي، ميلي جھميلي اندر ڪٽڻ سھنجي. اڪيلي مرڻ سان ساھ ته ھليو وڃي ٿو، پر ماڻھن منجھ مرڻ سان پڇاڙي سرھي ٿيو وڃي. ڪفن دفن ۽ مذھبي رسمون پڻ پوريون ٿيو وڃن.
مطلب؛ ۱. مرڻ جيئڻ، ماڻھن سان آ.
۲. گھڻن سين موت، شاديءَ سمان.
618. مرنے مرنے جٹ، پھیں منجیں چھ ست۔ (کہاوت)
ڄٽ، بظاھر جاھل ۽ نڪما نظر ايندا آھن. جڏھن ته سندن ڪمائي، سندن مئي پڄاڻان ظاھر ٿيندي آ. مرندي مرندي به چڱي ملڪيتڙي ڇڏي ويندا آھن. وئِيءَ ۾ وئِي به، پنج ست مينھون ورثي ۾ ضرور ڇڏي مرندا آھن.
مطلب؛ ۱. مرندي مرندي ڄٽ، ورثي ۾ ڇڏي مينھون ڇھ ست.
619. مرنیاں نال، کوئی نا مرنا۔ (کہاوت)
ساھ سڀ کي پيارو آ. مرڻ ڏاڍو ڏکيو آ. پٽ، پيءُ بدران، ڌيءُ، ماءُ پاران مرڻ لاءِ تيار نه ٿيندا. مٽ مائٽ، ان گھڙيءَ ۾ ڇڏي ڀڄي ويندو آ.
مطلب؛ ۱. مرندڙن سان، ڪير نه مرندو آ.
۲. مئن لاءِ، ڪير نه مئو آ.
620. مریاں نی بعد وچ قدر اشنی۔ (کہاوت)
حياتيءَ اندر، ھر ھڪ جو قدر ان ڪري نه ٿو رھي جو ساڻ ھئڻ واري ھر شيءِ جو قدر نه ٿيندو آ. ھر نعمت جو قدر، کسجڻ پڄاڻان ئي ٿيندو آ. ھٿان نڪري ويل شيءِ لاءِ، ھر ڪو پار ڪڍي پيو روئندو آ. وڏڙن جو قدر به انھن جي ھن جھان ڇڏڻ پڄاڻان ئي ٿيندو آ.
مطلب؛ ۱. مرڻ پڄاڻان، قدر ٿئي ٿو.
۲. انسان ناں پتا مرے تھیں بعد لگناں۔ (کہاوت)
۳. انسان جي خبر، مرڻ پڄاڻان لڳندي آ.
621. مڑدا نیں بولے، جے بولے کھپن پھاڑی طہ بولے۔ (کہاوت)
مردو، زندھ نه ٿيڻو آ. جي اُٿي پيو ته ڀوَ ۾ گھڻن جا ساھ ھليا ويندا. جيئري کي مردو سمجھي، پوربو ته قبر ۾ لھڻ کان اڳ ضرور ڦٿڪندو. اھڙو ڦٿڪندو ۽ ڦڙڪندو جو گھڻن جا ساھ سڪائي ڇڏيندو.
مطلب؛ ۱. مردو نه ڳالھائي، جي ڳالھائي ته ڪفن ڦاڙي ڳالھائي.
622. مسلو کہسلو ات کریے، جت کوئی منے،
ات نہ کریے، جت کوئی بوتھا پھنے۔ (کہاوت)
جنھن ڪم مان فائدو ٿيڻ جي اميد ھجي، ان ۾ ھٿ وجھجي. جنھن مان ڪجھ ورڻ جي اميد نه ھجي، يا نقصان پوڻ جو انديشو ھجي، تنھن ۾ ھٿ وجھڻ بدران، ھر ڪو ڀؤ ڪندو آ.
مطلب؛ ۱. ڏکو ڏيکر ات ڪجي، جت ڪو مڃي،
ات نه ڪجي، جت ڪو ٻوٿ ڀڃي.
۲. ڏکو ڪجي، ڏيکر ڪجي، اڳلو نه ڀڄي ته پاڻ ڀڄجي.
623. مطلووا پورا، کھوتی سٹیا پہورا۔ (کہاوت)
ھر ڪم ۾ مطلب سارو ھٿ وجھبو آ. جتي ۽ جڏھن ان مان ڪارج سر ٿي ويو، اتي ۽ ان مھل منجھانئس ھٿ ڪڍبو آ. ھر وٿ جو قدر، ڪارج جي نڪرڻ تائين آ. ڪارج نڪتو، شيءِ اڇلي.
مطلب؛ ۱. مطلب پورو؛ گڏھ اڇليو ٻورو.
۲. مطلووا پورا؛ توں کن طہ میں کن۔ (کہاوت)
۳. غرض پوري، ھاڻ تون ڪير ته مان ڪير؟
۴. ندي پار ٿيڻ کان پوءِ؛ تون ڪير، مان ڪير؟
۵. ڪم نڪتو، ڪاڳر ڦاٽو.
۶. سيرو کاڌو، پاتل ڦاٽي.
624. مطلووے تے لوک گدھے کی وی باوا آخنے۔ (کہاوت)
غرض يا گتيءَ خاطر، حالتن سان ٺاھ ڪرڻو پوندو آ. غرض پئي، گڏھ-مھانڊي سان به واسطو رکبو آ ۽ ساڻس بي حجاب ٿي ڳالھائڻو پوندو آ. ھيٺانھين وٺي، منجھانئس ڪم به ڪڍبو آ.
مطلب؛ ۱. مطلب خاطر ماڻھو، گڏھ کي به بابو چوندو آ.
۲. پنھنجي گتيءَ، گڏھ کي به بابو ڪوٺجي.
625. مفت نی شراو قاضی اؤر وی نئے چھڑنے۔ (کہاوت)
مفت جو مال، ھر ھڪ کي پيارو لڳندو آ. ملندي ئي، ٻنھي ھٿن سان ٻک وجھندو اٿس. قاضي، انصاف ڪندڙ سان گڏ انساني گھرجن سان وڪوڙيل آ. شراب جھڙي حرام شيءِ به مفت ۾ ملندس ته ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿيندو.
مطلب؛ ۱. مفت جو شراب، قاضيءَ به نه ڇڏيو آ.
626. مکے گیاں کھوتا، حاجی نا بنی گشناں۔ (کہاوت)
اڳي سفر گڏھن تي ٿيندا ھئا. حاجي، احرام پائي، گڏھن تي چڙھي، حج جي ڏينھن، عرفات جي ميدان ۾ بيھندا ھيا. موٽي مزدلفو ۽ منيٰ به گڏھن تي ڪندا ھيا. اھي ارڪان بجا آڻڻ سان، مالڪ ته حاجي ٿيندو پر گڏھ نه.
مطلب؛ ۱. مڪي ويل گڏھ، حاجي نه ٿي ايندو.
627. ملا نی دوڑ، مسیتی توڑی۔ (کہاوت)
چاڪيءَ جي ڏاند وانگر، ھر ماڻھوءَ جي اڏام جي به ھڪ حد آ، جيڪا اورانگھي نه ٿو سگھي. اگر اورانگھڻ جي ڪوشش ڪيائين ته مرندو. حدن اندر رھڻ لاءِ، ھر ڪو محض مجبور آ.
مطلب؛ ۱. ملان جي ڊوڙ، مسيت تائين.
۲. مولہاں نی دوڑ مسیتی تک۔ (کہاوت)
۳. ملن جي ڊڪ، مسيت توڻي.
628. مندرے نی چچری کوئی نیئں بجنا۔ (کہاوت)
مندرے؛ بندرو، ڪوتاھ قد. نی؛ جي. چچری؛ فرياد، دانھن. بجنا؛ ٻڌڻ.
گوڙ گھمسان اندر، بندرو ڀلي کڙين تي بيھي قد وڌائي، ته به سندس آواز ٻڌڻ ۾ نه ايندو آ. قد جي ڪميءَ سبب، مٿس ڪنھن جي نه نگاھ ويندي آ، نه ڪير ڪَن ڌريندو آ.
مطلب؛ ۱. بندري جي دانھن، ڪير نه ٻڌي.
۲. جسماني ڪميءَ سبب، آوز به دٻجي ويندا آھن.
629. منگی کھادے کولا، پہکھ چنگی۔ (کہاوت)
پني کائڻ سان پيٽ کي ته ٻالنگھ ٿيندو، البته عزت النفس مجروح ٿئي ٿي، جيڪو وڏو نقصان آ. بکئي پيٽ، جسم مري. عزت وئي، روحاني مري. جسم سان جيئرو رھڻ کان، روح سان زندھ رھڻ چڱو.
مطلب؛ ۱. پني کائڻ کان، بکيو رھڻ چڱو.
۲. منگے کولا مرن چنگا۔ (کہاوت)
۳. پنڻ کان، مرڻ چڱو.
630. منگی موت وی نئی اشنی۔ (کہاوت)
بيزار ٿي اگر موت گھربو ته اھو به لکيل ھوندو ته ملندو، نه ته نه ملندو. موتين جھڙيون قيمتي وٿون، بنا گھرڻ ۽ بنا محنت جي ملڻ، ڪيئن ممڪن آھن؟! جڏھن موت جھڙي آسان شيءِ به گھرڻ سان نه ٿي ملي.
مطلب؛ ۱. گھريي موت به نه ٿو ملي.
۲. بن مانگي ملي موتي، مانگيي ملي نه موت.
631. منی؛ مرسی ٹبرے ہنی۔ (کہاوت)
منی؛ بيني نڪ واري. مرسی؛ مرندي. ٹبرے؛ ڪھول، آڪھ. ہنی؛ ھڻي، وڃائي.
جسماني عيب به ڪنھن کي نه ٿو وڻي. اخلاقي عيب، ڪيئن وڻندو؟ جسماني عيبدار ڏانھن ڪير نه نھاري ته پنھنجي ضرورت خاطر، عزت به وڃائي، ساھرن ۽ پيڪن جو ناموس به چٽ ڪرائي.
مطلب؛ ۱. بيني، مرندي ته به آڪھ جو ناس پتو ٻوڙي مرندي.
۲. مني، ڪوڀ ڪني. (سنڌ، چوڻي)
632. مہندو ناں کم برف سٹنا؛
یا کوٹھے سٹے، یا ڈوغے سٹے۔ (کہاوت)
ڪم جو ھيراڪ، پنھنجي ذمي لڳل ڪم، وقت سر پورو ڪري وڃي ٿو. ڪيتريون به رڪاوٽون اچنس، پار پئجيو، فرضن کان آجو ٿيو وڃي.
مطلب؛ ۱. مھندوءَ جو ڪم آ برف اڇلڻ؛
يا ڪوٺي تي اڇلي، يا ٻني تي اڇلي.
۲. پيل عادت کان، رڪاوٽ اچڻ بعد به، ڪير نه ٿو مڙي.
633. مہیڑا مہیڑے ٹھیلے، دوہے کھوے وچ۔ (کہاوت)
مہیڑا؛ ڪمزور، ڏٻرو. مہیڑے؛ ڏٻري کي. ٹھیلے؛ ٿيلھي، ڌڪي. دوہے؛ ٻئي. کھوے وچ؛ وڃي کوھ ۾ ڪرن.
ڏٻرو، ڏٻري کي ڪيرڻ جي ڪوشش ڪندو ته، ڪمزوريءَ سبب، ٻئي وڃي کڏ/ کوھ ۾ ڪرندا. ڪمزور ڪاوڙبو ته اڳلي کي نقصان پڄائڻ بجاءِ پاڻ کي پڄائيندو. ڪاوڙ جو انت، ھاٿاپائي آ، جيڪا نه ڪرڻ گھرجي.
مطلب؛ ۱. ھيڻو، ھيڻي کي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪندو ته ٻئي کڏ ۾ ڪرندا.
634. موت طہ گاہک ناں، کوئی ویلا نا۔ (کہاوت)
گراھڪ، دڪان تي اتان ايندو آ، جتان گمان به نه ھوندو آ. موت به سبب ڄاڻائڻ کان بغير، اوچتو اچي ڪڙڪندو آ. ٻنھي جي اچڻ جي وقت ۽ ويلي جي ڪا ڄاڻ نه ھوندي آ.
مطلب؛ ۱. موت ۽ گراھڪ جو، ڪو به وقت ناھي.
۲. موت ۽ ملاقات؛ اوچتا.
۳. ڀيٽيو؛ حیلے ناں روزی، طہ پہانے نال موت۔ (کہاوت)
635. موترے چ بٹا مارسو، چھٹکاں اپنے اپر پیسن۔ (کہاوت)
بٹا؛ وٽُ (جنھن ڀتر سان وٽ پچائجي)، وٽُ (جنھن سان تور ڪجي.)
پاڻيٺ تي وٽ اڇلڻ سان، ڦڻنگن جو اٿڻ فطري عمل آ. وٽ صاف شفاف پاڻيءَ تي لڳي يا موٽانگي تي، منجھانئس ڦڻنگون اٿنديون.
مطلب؛ ۱. مُٽَ ۾ وَٽُ ھڻندين، ڦڻگون پاڻ تي پوندئي.
۲. غلاظت سان، ھٿ-کينس نه ڪجي.
636. موترے ناں کہہ نگیار۔ (کہاوت)
موترے؛ مٽ، پيشاب. ناں؛ جي. کہہ؛ ڪھڙي، ڇا. نگیار؛ گرمي، تپش.
پيشاب نڪرڻ وقت ڪوسو محسوس ٿئي، جڏھن ته جسم اندر ڪوساڻ محسوس نه ٿيندي آ. اندر واري شيءِ جو احساس، ٻاھر نڪرڻ وقت ٿئي.
مطلب؛ ۱. مٽ جي ڪھڙي گرمي.
۲. پنھنجي لڱن جو وزن، محسوس نه ٿيندو آ.
637. موتو کہر دھیکھی کہندا۔ (کہاوت)
موت وٽ، ڀول سول ناھي. نه ھنڌ ڀلجي، نه وقت وسريس ۽ نه موقعو ھٿان وڃيس. برحق ۽ اڻٽر آ. کانئس ڪو به ساھدار، بچڻو ناھي. مقرر وقت ۽ جاءِ تي، پاڻ مرادو پھچي ويندو.
مطلب؛ ۱. موت، گھر ڏسي ڇڏيو آ.
638. موچیاں نے لارے ٹبر بہکھے مارے۔ (کہاوت)
موچي، مئل ڍور جي تاڙ ۾ ھوندا آھن. مري ته چمڙو لاھي گذر ڪن. ڍور، روز ڪو نه ٿا مرن، جو ھنن جو گذر ٿئي. سندن آسري تي، گھر ۾ ويٺل سندن ٻچا ئي بک مرندا.
مطلب؛ ۱. موچين جي آسري، ٻچا بک مرن.
639. مولے کولا بیاج پیارا۔ (کہاوت)
مور/ موڙي، اھو پئسو آ، جيڪو ڌنڌي ۾ گھران لڳائجي ٿو. وياج-خور، جيڪي پئسا وياج تي ڏئي ٿو، تن کي مُور سڏيندو آ. ڪوشش ھوندي اٿس، ته سود جا پئسا ھر مھيني موٽن، باقي مور سيڙيل ئي رھي.
مطلب؛ ۱. مور کان وياج پيارو.
۲. پيٽ-ڄڻيي اولاد جي ڀيٽ ۾، پوٽاڻ ڏوھٽاڻ لاءِ سڪ، وڌيڪ ٿئي.
640. موں پہڑا وے، گل چنگی کرنی چاہی نی وی۔ (کہاوت)
ٻين آڏو، منھن ئي نروار ڪجي ٿو. ڪا سھڻي صورت آ ته ڪا سادي. صورت سھڻي نه ھجي، پوءِ ٻُوٿ چِٻو ۽ بڇڙو ڪري، اُگرائپ سان ڳالھائبو ته ڌاريا ته ڪَن نه ڌريندا، پر پنھنجا به ڪو نه ورنائيندا.
مطلب؛ ۱. ٻوٿ بڇڙو ھجي ته ڳالھ چڱي ڪجي.
۲. شڪل چڱي نه ھجي ته ڳالھائڻ مھل ٻوٿ چٻو نه ڪجي.
۳. پٺاڻ کان پڇيائون؛ ”لالا! روتا ڪيون ھي.“ ويتر منھن ۾ گھنڊ وجھي چيائين؛ ”روتا ڪھان ھي، شڪل ايسا ھي.“
641. موئیاں نال کئہ گلہ۔ (کہاوت)
ليکي واري سان ليکو ڪبو آ. مئو، ٻين جي وس آ. نه ٻڌي، نه ورنائي، تنھن سان ڪھڙا ليکا؟ ھن جَھان جون ڳالھيون، ٻڌي ئي نه ٿو. معزول (لٿل) به مُئي جي آچار آ. ساڻس ڪھڙا ليکا؟ ڪھڙا ڏوراپا؟ ڪھڙا طعنا؟
مطلب؛ ۱. مُئن سان ڪھڙا ليکا.
۲. چرين ڪھڙا چِت، مُئن ڪھڙا مامرا.
۳. مئي کي مارڻ، سورھيه جو ڪم ناھي.
642. موئین ر ہتھ نا رکھیا گشناں۔ (کہاوت)
وھندڙ کي سرچشمي وٽان، زور ۽ طاقت ھوندي آ. اتي دٻائبس ته دٻجي. دل مان اٿيل اڌمو، وات تي پھچڻ کان اڳ روڪبو ته رڪندو، نه ته جھل جو نه ھوندو آ. بند کي پيل گھارو، رستي ۾ بند نه ٿئي پر منڍ وٽ بند ٿئي.
مطلب؛ ۱. ڳالھائيندڙ جي وات تي ھٿ رکي نه سگھبو.
۲. ماڻھن جا وات ڪنھن نه بند ڪيا آھن.
۳. ڀيٽيو؛ لوکاں ناں کن ڑ پوڑے۔ (کہاوت)
643. میاں بیوی راضی، کئہ کرسی قاضی۔ (کہاوت)
ٻن دلين جي رضامندي کي، ونگ وجھي، ميٽي نه ٿو سگھجي. قاضي به نياءُ ڪندو، ڊاھ ڊوھ نه ڪندو. پنھنجي غرض يا مفاد ۾ اھو به ھيٺ-مٿانھين نه ٿو ڪري سگھي.
مطلب؛ ۱. ميان بيوي راضي، ڪوھ ڪندو قاضي.
644. میسنی کھائے، موں ناں ہلائے۔ (کہاوت)
ميسڻو، ڳالھائڻ نه ڄاڻندو آ. پنھنجي اندر جي ڳالھ، زبان تي اچڻ سان آواز ئي ٻوساٽجي ويندو اٿس. کائڻ جي شيءِ به کائي ته چٻڪو نه ڏئي سگھي. ڏندن ۾ ڪرٽي، چپ نه چوري.
مطلب؛ ۱. ميسڻي کائي، چپ به نه چوري.
۲. گونگو ڳڙ کائي؛ نه کنگھي، نه کُڙڪي.
645. مینج نی پہن مینج اے ہوسی۔ (کہاوت)
رشتو ناتو، جنس جو جنس سان ٿئي، بي جنس سان نه ٿئي. ھر جنس پنھنجي ماحول ۽ وايومنڊل منجھ، ڪھول سان رھي ته ساڳائي. وايومنڊل/ ماحول مٽجندي، لھڪارڻ شروع ڪندي. ڪن حالتن اندر ته ناپيد ٿي ويندي.
مطلب؛ ۱. مينھن جي ڀيڻ، مينھن ئي ھوندي.
۲. مينھون، مينھن جون ڀيڻون.
۳. اٺان ۽ ميھان دا ڪيھا ميلا؛ او چرن ڊڀ، او چرن ٻيلا.