ج
205. جاغنیاں نیاں کٹیاں، ستیاں نیں کٹے۔ (کہاوت)
ھڪڙا ڌنار مال ڪاھي سانگ تي ويا. رات ٿي، ھڪڙا سماع تي ويٺا، ٻيا آرام لاءِ، ننڊ پئجي ويا. رات پيٽ ۾ ڪجھ مينھون ويامي پيون. جاڳندن ڏٺو ته سندن مينھن پاڏا ۽ ستلن جي مينھن وڇون ڄڻيون آھن. مادي ڦر مان ڌڻ وڌڻ ۽ مالڪ جو سکيو ٿيڻ جو گھڻو امڪان ھوندو آ. جيسين ستا جاڳن، تيسين ڦر مٽي ڇڏيائون. ستل اٿيا ته پاڏا ڏسي ارھا ٿيا. تنھن تي کين ڪنھن چئي ڏنو؛ ’ستلن جا پاڏا، جاڳندن جون وڇون.‘
مطلب؛ ۱. جاڳندڙن جون وڇيون، ستن جا ڪونھان.
۲. ستیاں نے کٹے، جاگنیاں نیاں کٹیاں۔
۳. ستن جا ڪونھان، جاڳندن جون وڇيون.
206. جان ای طہ جہان آ۔ (کہاوت)
جَھان جو جشن، وجود سنئين آ. وجود نه ھيو، جھان جو خواب خيال به نه ھيو. جيءُ مليو، جھان ڏٺو ۽ پسيو. اک ٻوٽبي ته جھان ئي گم. وري جان آ صحت سان. صحت وئي، جھان ويو.
مطلب؛ ۱. جان آ ته جھان آ.
۲. جانی نال جہان آ۔ (کہاوت)
۳. جان سان ئي جھان آ.
207. جان ساریاں کی چنگی لگنی۔ (کہاوت)
جان/ جيءُ/ ساھ، ھر ڪنھن کي پيارو آ. ھن جھان ۾ اچڻ لاءِ، موقعو ھڪ دفعو ملي ٿو. ڊٿي کان پوءِ، ٻيھر ٻئي جھان ۾. جيتري سنڀال ڪجيس، اوترو ٿوري. مون کي جان پياري آ، تيئن ٻين کي به پياري آ. ٻين جي پويان پئبو، ٻيا به سر کڻندا. ٻين جو خير گھربو، ٻيا به گھرندا.
مطلب؛ ۱. جان، مڙني کي چڱي لڳي.
۲ . جان ہر کسے ای پیاری ہونی۔
۳ . ساھ، سڀني کي پيارو آ.
208. جان مارے ناں کیں لبھناں۔ (کہاوت)
انساني جسم، فقط کائڻ کپائڻ لاءِ نه بلڪ ڪمائڻ ڪرتڻ لاءِ پڻ آ. جيسين جستجو نه ڪبي تيسين کائڻ واسطي مانيءَ-ڳڀو، پيئڻ واسطي کير-ڍڪ به نه ملندو. رھڻ لاءِ اجھو، پائڻ لاءِ ڪپڙي-ليڙ، بنا محنت جي نه ٿا حاصل ٿين.
مطلب؛ ۱. جان جي ھڻ وٺ کان سواءِ ڪجھ به ناھي ملڻو.
۲. ڏينھن رات محنت ڪجي ٿي تڏھن ٻيو ڏينھن چڱو گذري ٿو.
209. جان مردے منہ کو ہاڑیئے جاں رواس۔ (کہاوت)
جان؛ جڏھن به. مردے؛ مڙدي، لاش، جنازي. منہ کو؛ منھن تان. ہاڑیئے؛ ڪفن ھٽائجي، لٽو لاھجي. جاں؛ تڏھن. رواس؛ روڄ، راڙو، روئڻ شروع.
فطرتي طور؛ جسم جا عضوا به ڳالھائيندا آھن. انھن جي ٻوليءَ کي ’باڊي لئنگئيج‘ چئبو آ. چڱي شيءِ ڏٺي، چھري تي سرھائي، عجيب شيءِ ڏٺي، وات ڦاٽي وڃڻ. اھڙيءَ طرح جنازو ڏسي، روئڻ اچڻ، فطري عمل آ.
مطلب؛ ۱. مردي جي منھن تان لٽو لٿو، روڄ شروع.
۲. پٿر پرائو، سور سڀڪو روئي پنھنجا.
210. جانی ناں صدقہ مال۔ (کہاوت)
جان، ھر ڪنھن کي سڳي ڀاءُ، پٽ يا پيءُ کان وڌيڪ پياري آ. مال ملڪيت وئي کان پوءِ، وري ٺھي سگھي. جان، وئي کان پوءِ نه موٽي. اڙي اڌي، بيماري بڙي، کڙڪي خطري کان، جان بچائڻ واسطي جتن ڪجن. پئسو پنجڙ، دوا درمل، مال متاع، جيترو به لڳي، لڳائي سار سنڀار ڪجيس.
مطلب؛ ۱. جان جو صدقو، مال.
۲. مال صدقو جان جو، جان صدقو شان جو.
211. جائیں کنیں کن وی رغڑنونے۔ (کہاوت)
جائیں؛ ان، داڻا، داڻن. کنیں؛ گڏ، ساڻ. کن؛ گھُڻا، گھُڻو، سُرو. وی؛ ڀي، به. رغڑنونے؛ رڳڙجي وڃن، پيسجي وڃن.
مٿان آيل مصيبت، سڀني تي ھڪ-ڪري پوي. ڪوشش ڪري چڱي ماحول ۾ رھجي. چونڊي، چڱن جي پاڙي ۾ جاءِ وٺجي. جنڊو جنڊي ۾ ڏئي گھر اڏجي. برن مٿان آيل مصيبت، پاڙيسري ھئڻ سبب، پاڻ تي ايندي.
مطلب؛ ۱. ان سان گڏ، گھڻا به پيسجي وڃن.
۲. دانیاں نال کہن وی پیٹھے گشنیں۔ (کہاوت)
۳. داڻن سان، گھڻا به پيسجي وڃن.
۴. کنکے نال کہن وی پیٹھا گشناں۔ (کہاوت)
۵. ڪڻڪ سان گڏ، گھڻا به پيسجي وڃن.
۶. سڪن سان گڏ، ساوا به سڙي وڃن.
212. جتنا زور وے اتنا ژیے پہار چاہژے۔ (کہاوت)
جان، رب جي ڏنل نعمت آ. غلط حرڪت سبب وئي ته موٽندي ڪا نه. سھنديءَ آھر ٻوجھ وجھجيس. وت کان وڌ بار وجھي، ڇني نه رکجيس.
مطلب؛ ۱. جيترو جان ۾ زور آ، وزن اوترو کڻجي.
۲. وت آھر وزن کڻجي.
213. جتنا گڑ باسو، اتنا مٹھا ہو سی۔ (کہاوت)
ڪن کاڌي جي شين ۾ جيستائين مٺاڻ نه ملائبو، تيستائين ذائقو نه ڏينديون. ڀت يا چانھ ۾ مٺاس پيدا ڪرڻ واسطي ڳڙ يا کنڊ ملائبي آ. جيترو مٺاڻ ملائبو، اوترو مٺاس پيدا ٿيندو.
مطلب؛ ۱. جيترو ڳڙ وجھبو، اوترو مٺو ٿيندو.
۲. جتنا گڑ، اتنا مٹھا۔ (کہاوت)
۳. جيترو ڳڙ، اوترو مٺو.
214. جتنی چادر وے اتنے ژیے پیر پھلاؤ۔ (کہاوت)
ڊگھي ماڻھوءَ وٽ، سيءَ کان بچاءَ لاءِ لُنڊي سوڙ آ. ان کي ڪارج لائق بڻائڻ لاءِ، منجھس ڪرينڊڙو ٿي پاڻ ماپائڻو پوندس. ور نه سيءَ ۾ مرندو. چادر ڊگھي ۽ سمھڻ وارو قد جو بندرو آ ته کيس پنھنجي قد آھر چادر ڊگھيڙڻ گھرجي. قد کان وڌيڪ ڊگھيڙيندو ته پئي لِووڙبي ۽ ميري ٿيندي.
مطلب؛ ۱. جيتري چادر ھجي، پير اوترا پسارجن.
۲. جتنی چادر وے، اتنے ژے پیر لانو کاژے۔ (کہاوت)
۳. جيتري چادر ھجي، پير تيترا ڊيگھارجن.
۴. سوڙ/چادر آھر، پير ڊيگھارجن.
۵. چادر اتنی ژیے کھلارنی چائی نی وی، جتنی گنجیش وے۔ (کہاوت)
۶. چادر اوتري ڦھلائجي، جيتري گنجائش ھجيس.
215. جتنی گوڈی، اتنی گڈی۔ (کہاوت)
ٻنيءَ جي لاءِ کيڙي، ريج، ٻج، سار سنڀار ۽ جھار ھڪلڻ سان گڏ، گُڏَ ڪڍڻ به اشد ضروري آ. زمين اندر، پاڻ مرادو ڦٽندڙ نباتات کي اپائڻ جي صلاحيت، فطرتي طور موجود آ. اجايو سجايو گاھ گند پيو پاڻ مرادو ڦٽندو. گڏ ڪڍي صاف نه ڪبو ته زمين جي طاقت چوھي، فصل کي ڪمزور ڪري ڇڏيندو. جيتري گڏ ڪبي، اوترو گند نڪرندو ۽ اوترو فصل سٺو ڄاپندو.
مطلب؛ ۱. جيترو گڏ ڪبي، اوترو گُڏي ٿيندي.
216. جتنے موں، اتنیاں گلاں۔ (کہاوت)
ھر ماڻھوءَ منجھ، سوچڻ ۽ ڳالھائڻ جي صلاحيت رکيل آ. ڏٺل/ ٻڌل ڳالھ ھينئين سان ھنڍائي، ٻئي ھنڌ ويچاري ٿو. ھڪ کان ٻئي وٽ پھچندي، ڳالھ جي شڪل ۽ ھيئت ٿورو مٽجيو وڃي. جيترن واتن تان اڳتي ھلندي، اوترو شڪل تبديل ڪندي ويندي. بلڪ ڳالھ مان ڳالھوڙو ٿيندو ويندو. تان جو جيترا ماڻھو، اوتريون ڳالھيون ٿي وينديون.
مطلب؛ ۱. جيترا وات، اوتريون ڳالھيون.
217. جتنیاں گائیں، اتنیاں بلائیں۔ (کہاوت)
ڳئون مينھون، رڍون ٻڪريون، سک وٺڻ خاطر پالجن ٿيون. منجھانئن کير مکڻ، ڦر ڦروٽا ۽ ڏاس حاصل ڪري، زندگي آسان ڪجي ٿي. جڏھن ته اھي فائدا، بنا تڪليف جي حاصل نه ٿا ٿين. انھن لاءِ مسلسل محنت آ. گاھ پٺي ۽ پاڻي ڪانجھيءَ کان علاوھ مال جي سيوا. ڇيڻو مٽ صاف ڪرڻ کان علاوھ چور چڪار ۽ گرمي سرديءَ کان بچاءَ لاءِ، وٿاڻ ٺاھڻ، ڪتو/ بندوق ڌارڻ، ڌراڙ، رکوالا، گوال رکڻ ۽ انھن جي ٽھل ٽڪور ڪرڻ.
مطلب؛ ۱. جيتريون ڳئون، اوتريون تڪليفون.
۲ . جيترو مال، اوترو خفو/ کاٻار.
218. جتھیں اگ، اتھیں تہوں۔ (کہاوت)
دونھون، باھ جو پيش خيمو آ. اول دود ٿئي، پوءِ دونھون نڪري، پوءِ ڀڙڪي سان ڀڀڪا ڏئي شعلا مٿي اڏامن. ڪاٺي آلي اچي وڃي ته ٿمجي وڃي. وري دونھون. وري ڦوڪون ۽ دود. اھو فطري عمل، باھ جي سڃاڻپ آ.
مطلب؛ ۱. جتي باھ، تتي دونھون.
219. جتھیں ککڑ نیئں اوتھیں وی لوہوئی اینی۔ (کہاوت)
جتھیں؛ جنھن جاءِ، جتي. ککڑ؛ ڪڪڙ، ٻانگو، مرغو. نیئں؛ ناھي. اوتھیں؛ اتي، ان ھنڌ. لوہوئی؛ روشني، پرھ، باک. اینی؛ ايندي آھي.
سج جو اڀرڻ، روشنيءَ جو زمين تي اچڻ؛ فطري ۽ تڪويني عوامل آھن، جن کي ڪير نه روڪي ٿو سگھي ۽ نه ئي منجھن ڪو عمل دخل ڏئي ٿو سگھي. ڪڪڙ، ڀنڀرڪي ويل بانگ ڏيندو آ. اگر ڪڪڙ بانگ نه به ڏئي ته ڀنڀرڪو سندس بانگ جو محتاج ناھي، اھو ٿي ئي رھندو.
مطلب؛ ۱. جتي ڪڪڙ ناھي، اتي به پرھ ڦٽندي آ.
۲. ڪڪڙ ٻانگ نه ڏيندو ته صبح نه ٿيندو ڇا؟
۳. تڪويني عوامل، رونما ٿيڻ ۾، دنياوي شين جا محتاج نه ھوندا آھن.
۴. ڀيٽيو؛ ککڑ بانغ ناں دے، طہ سویل نئی ہوسی۔ (کہاوت)
220. جتھیں گڑ، اتھیں مکھیاں۔ (کہاوت)
ھر جيوت، پنھنجي ماحول اندر، پلبي، وڌندي ۽ پروان چڙھندي آ. مک، گند گار تي ڄمي ۽ پلجي. لامارا، کاڌي جي شين تي ڏئي. مٺاڻ تي آر رکي. مکين جو ڀونڀٽ/ جھڳٽو، مٺاڻ/ ڳڙ جي ھاريل ھئڻ جي نشاني آ.
مطلب؛ ۱. جتي ڳڙ، اتي مکيون.
۲. گڑ وے طہ، مکھیاں وی اشنیاں۔ (کہاوت)
۳. ڳڙ ھوندو ته مکيون به اينديون.
۴. گڑ ہوسی، مکھیاں ایسن۔ (کہاوت)
۵. ڳڙ ھوندو، مکيون اينديون.
۶. مکھی گڑے اپر ژے اشنی۔ (کہاوت)
۷. مک، ڳڙ تي ئي ايندي.
۶ . مک، ڏيھ ڇڏي، اچي ڦٽ تي ويھي.
221. جتھیں وے پیار، اتھیں نہ کریئے اودھار۔ (کہاوت)
اوڌر تي مال، مجبوريءَ تحت، ڏبو وٺبو آ. وڪڻندڙ کي مال نيڪال ڪرڻو آ، جو رکڻ سان خراب ٿيڻ جو ڀؤ اٿس. وٺندڙ کي، ضرورت ته سخت آ، پر کيسي ۾ پئسو ڪونھيس. وڪڻندڙ، وقت جو فائدو وٺي، ڪسو مال مھانگي ملھ کپائي ٿو. اوڌر تي وٺندڙ، بنا پئسي ضرورت پوري ڪري ٿو.
اوڌر تڏھن موٽائيندو، جڏھن ھٿ کليو ٿيندس. جڏھن ته قرضيءَ کان دير برداشت نه ٿي سگھندي آ. ھڪ ٻن پنڌن ۾ بيزار ٿي، رستو ڇني ويندو.
مطلب؛ ۱. جتي دوستي ۽ پيار ھجي، اتي واپار يا اوڌر نه ڪجي.
۲. سوڙھيءَ سياندريءَ واپار نه ڪجي.
222. جٹھے نے سپے کولا کن کھاواں نا۔ (کہاوت)
جٹھے؛ ڏٺل وائٺل، ڄاتل سڃاتل، ڏٺو وائٺو. نے؛ کان. سپے؛ سپ، سانپ، نانگ. کولا؛ کئون. کن؛ ڪون، ڪير. کھاواں؛ کارائڻ. نا؛ ناھي.
موذي جيت، تڪليف-ده. سک ۽ ڏک، تڪليف ۽ فرحت جھڙن جذبن جي ھر ڪنھن سڌ آ. ايذائيندڙ کان ھر ڪو ٽاھ کائي، پري ڀڄي. نانگ جو ڏنگيو، پاڻي نه گھري. وس ويندي نانگ سامھون، ڪير نه وڃي.
مطلب؛ ۱. ڏٺو وائٺو، نانگ کان ڪير به نه ڏنگائيندو آ.
۲. ڄاڻي ٻجھي ڪير به نانگن جي ٻِرڙن ۾ ھٿ ڪو نه وجھندو آ.
223. جداں توڑی دم، ادھوں توڑی غم۔ (کہاوت)
ڏک/ غم، عارضي ھوندي، وقتي ڳاري ڇڏي. اڻ لکو کٽڪو/ اڊڪو، بيدار ۽ بيزار ڪري. اڄ جو سُڪونُ، سڀاڻي ڪافور. ڊڪي ڊوڙي، ٿورو سڪون ملي ته وري ڪا نه ڪا مصيبت اچي منھن ڪڍي. قبر تائين، ائين ھلي.
مطلب؛ ۱. جڏھن تائين دم، تڏھن تائين غم.
۲. جيسين توڻي دم، تيسين توڻي غم.
۳. جڏھن دم ويندو، تڏھن غم به ويندو.
224. جداں گدڑے نی موت اشنی، او گرائیں واخ ٹری پیناں۔ (کہاوت)
موت، اڻٽر آ. ڪيڏو به لڪجي، ڳولي اچي لھي. بھانا، تراشي ۽ تلاشي مٿان اچي بيھي. جتي لکيل ھجي، اتي وٺي پھچي. بکيي گدڙ کي کاڌي جي لالچ ڏئي، شڪارين جي گھر پڄائي اچي.
مطلب؛ ۱. گدڙ کي جڏھن کُٽي کڻي، تڏھن ڳوٺ ڏانھن رخ رکي.
۲. ڇيلي-ماءُ، ڪيستائين خير ملھائيندي.
225. جس بوٹے نی چھاوا بینو، اسنی نیکی یاد رکھو۔ (کہاوت)
سک ڏيندڙ، حيوانات توڙي نباتات/ جمادات، قدر لھڻو. ناقدري، نعمتن کي دور ڪري. ڪڇندڙ جي ڀيٽ ۾ نه ڪڇندڙ ۽ نستي شيءِ، قدردانيءَ جي وڌيڪ مستحق آ. وڻ ٻوٽا، ساھ کڻن، وڌن ويجھن، ڇانءَ ۽ ڪاٺ ڏين. کانئن مليل سک جو قدر، ضرور ڪجي. نه ڪبو ته کسجي ويندو.
مطلب؛ ۱. جنھن وڻ ھيٺان آساس وٺجي، تنھن جي نيڪي به ياد رکجي.
۲. جنھن مان ٿورو به سک ماڻجي، تنھن کي نه وسارجي.
226. جس پہانڈیچ کھانیں، اسیچ موترنیں۔ (کہاوت)
ٿانءُ، ٺڪر يا ڌات مان جڙي ٿو. ان جوڙجڪ/ بيھڪ پويان، رب جو امر آ. کاڌو وجھي کائڻ جھڙا، منجھانئس کوڙ فائدا آھن. ان بي زبان/ نه ڪڇندڙ مخلوق جو قدر اھو آ جو منجھس گندگي نه ڪجي.
مطلب؛ ۱. جنھن ٿانءَ ۾ کائجي، ان ۾ نه مُٽجي.
227. جس پیٹ لایا، اوئے روزی وی دیسی۔ (کہاوت)
انسان کي پيدا ڪري، زمين تي وارثي ڏيڻ وارو، رب آ. روزي رزق زمين تي ڦھلائي، حاصل ڪرڻ لاءِ ھٿ پير، وات ۽ پيٽ ڏنا اٿائينس. اھڙي حڪمت سان، جھان جوڙيو اٿائين، جو منجھس ڪنھن شيءِ جي کوٽي ناھي.
مطلب؛ ۱. جنھن پيٽ ڏنو آ، سو روزي به ڏيندو.
۲ . ڏٿ نه کٽو، ڏوٿي کٽا.
228. جس داخا ہتھ نہ پجے تھو کڑکی۔ (کہاوت)
جس؛ جنھن. داخا؛ ڊاک، انگور. ہتھ؛ ھٿ. نہ پجے؛ نه پڄي. تھو؛ ٿؤ. کڑکی؛ ڪؤڙي.
انسان، جتي پڄي نه سگھي، اتي عيب ڪڍي ۽ کسڪڻ جي ڪري. گدڙ به ڊاک جي گوڇن تي، ٺينگ ٽپن سان پڄي نه سگھيو ته پنھنجو مرم پرچائڻ لاءِ، مٿس کٽي ھجڻ جو الزام ڌري، پنھنجي راھ ويندو رھيو.
مطلب؛ ۱. جنھن ڊاک تي ھٿ نه پڄي، تنھن لاءِ چوڻ؛ ٿؤ ڪؤڙي.
۲. گدڙ ڊاک نه پڄي، آکي؛ ٿؤ ڪؤڙي. ناچو نچ ڄاڻي، آکي؛ ڀونءِ سوڙھي.
۳. داخے توڑی ہتھ ناں پوہچے تھو کوڑی۔ (کہاوت)
۴. ڊاک تائين ھٿ نه پھچي ته چي؛ ٿؤ ڪؤڙي.
229. جس دکھی نہ رجیئے، اس کھائی کہہ رجیئے۔ (کہاوت)
دنياوي شيون، ڏسڻ ۾ سھڻيون، ويجھي وڃڻ/ ھٿ لائڻ سان، دل ڀري ڇڏين. لذيذ کاڌو ڏسڻ شرط، بک جو احساس گھٽجندو آ. بي سوادي کاڌو، ڏٺي ته بک نه لھي پر کاڌي به نه لھي.
مطلب؛ ۱. جنھن جي ڏٺي ڍءُ نه ٿئي، تنھن جي کاڌي ڪھڙو ڍءُ ٿيندو.
۲. First impression is last impression.
۳. جنھن اڀرندي تاءُ نه ڪيو، سو لھندي ڪھڙو ڪندو.
۴. جس نیاں اکھیں نہ رجن، اسناں پیٹ نا رجناں۔ (کہاوت)
۵. جنھن جي اک نه ڍاپي، تنھن جو پيٽ پڻ نه ڍاپي.
230. جس کوتے نہ ٹہوئی، او مکوالیں ہوئی۔ (کہاوت)
جس؛ جنھن. کوتے؛ ڪٿي به. نہ ٹہوئی؛ ٺام ٺڪاڻو نه ھجي. او؛ سو، اھو. مکوالیں؛ مڪوالن وٽ. ھڪ ذات. ہوئی؛ ھوندس.
ھر ماڻھوءَ کي ٺام ٺڪاڻو ھوندو آ. دنيا جھان جي ڏڌيل تي، مڪوال رحم کائي مٿي تي ھٿ رکن. جيڪو ڪٿان جو نه ھجي، سو سندن جو ٿي وڃي.
مطلب؛ ۱. جنھن کي ٺڪاڻو نه ملي، تنھن کي مڪوالن ۾ ملي.
۲. جيڪو ڪٿي نه ھجي، سو مڪوالن ۾ ھوندو.
231. جس کی اپنا آخیا، اس نال کئہ حساو کتاو۔ (کہاوت)
پنھنجائپ ۾ ليکا ڪبا ته پنھنجائپ نه رھندي. ليکو ڪرڻ سان دل تي ٿورو بار ٿي پوندو آ، جنھن تحت پنھنجائپ جو احساس ختم ٿي ويندو آ. سؤ ڀيرا اڳلي کي محبت جو يقين ڏيارجي، پر نه ايندس.
مطلب؛ ۱. جنھن کي پنھنجو چيوسين، تنھن سان ڪھڙو حساب ڪتاب.
۲. پنھنجائپ ۾ حساب ڪتاب نه ڪبو آ.
۳. يارن سان، ڪھڙا ليکا.
232. جس کی اپنی عزتینی نئی، اے کی دوئے نی کئہ پرواہ۔ (کہاوت)
عزت النفس، ھر ھڪ کي آ. ڄمڻ وقت، حياءُ، شرم، رحمدليءَ وارا جذبا ھر ھڪ منجھ وديعت ٿيل ھوندا آھن. زماني جي گردشن ۾ ڦاسي، ھتي ھتي وڃائجي وڃن ٿا، سا ٻي ڳالھ آ. پئسي کي پيارو ڪري، عزت نه وڃائجي. ٻين کي عزت ڏئي، پنھنجي عزت قائم رکجي.
مطلب؛ ۱. جنھن کي پنھنجي عزت ناھ، تنھن کي ٻئي لاءِ عزت ناھ.
233. جس کی کنڈا چبھناں، درد اسے کی ہونا۔ (کہاوت)
ڪنڊو/ سئي، جسم ۾ لڳي ته سور ٿئي. سور جو چڀڪو، مسلسل جسم اندر رھي ۽ محسوس ٿئي. جنھن کي ڪنڊو لڳو ناھي، ان کي سور جو احساس نه ٿئي.
مطلب؛ ۱. جنھن کي ڪنڊو چڀندو، سور به تنھن کي ٿيندو.
۲. تڪليف جنھن کي ايندي، احساس به ان کي ئي ٿيندو.
234. جس کیں ناں ڈٹھا، اس پھپھڑ مٹھا۔ (کہاوت)
ڦڦڙ، جسم اندر عضوو آ. ان جو گوشت، عام گوشت جھڙو ناھي. رجھڻ وقت، شڪل ۾ جيري جھڙو پر کائڻ ۾ اھو ذائقو نه. اوجھري ۽ ڦڦڙ کي گوشت ۾ ڳڻيو نه ويندو آ. بلڪ چئبو آ؛ ’اوجھري/ ڦڦڙ نه گوشت.‘
مطلب؛ ۱. جنھن ڪجھ ناھي ڏٺو، تنھن لاءِ ڦڦڙ به مِٺو.
235. جس گرائیں نا گشنا، اس ناں راہ کئہ پچھنا۔ (کہاوت)
ڪنھن به ڳوٺ/ منزل تي پڄڻ لاءِ، پنڌ ڪبو يا سواري ڀاڙي ڪبي. پنڌ جا خفا ۽ سوارين جا خرچ، بنا نفعي جي ڪير به نه ڪري. ڪاڏي وڃڻو ئي ناھي ته واٽ پڇي وقت نه وڃائجي، جو وقت به قيمتي آ.
مطلب؛ ۱. جنھن ڳوٺ ڏي نه وڃجي، تنھن جي واٽ ڇو پڇجي؟
۲. جنھن سان رستو رکڻو ئي نه ھجي، تنھن جا احوال ڇو وٺجن؟
236. جس نا کھائیے، اس نیں گن گائیئے۔ (کہاوت)
کاڌ خوراڪ جي ھر شيءِ، ڳڌيءَ جي آ ۽ پئسي خرچڻ سان حاصل ٿئي ٿي. اگر مھمان ٿبو ته ميزبان کي خرچ/ خفو ڪرڻو پوندو. اھڙو احسان کڻجي ته لاھڻ کان نه ڪيٻائجي. لاھي نه سگھجي ته ڳائجي ضرور. ڳائڻ، کائڻ جو بدلو ناھي، پر اڳلي جي دل وٺجي ٿي، جيڪو پڻ چڱو عمل آ.
مطلب؛ ۱. جنھن جو کائجي، تنھن جو ڳڻ ڳائجي.
۲. جس ناں کھائو، اس نے گھن گاؤ۔ (کہاوت)
۳. جنھن جو کائو، تنھن جا ڳڻ ڳايو.
۴. جس ناں نمک کھائیے، اس نیں گھن گائیے۔ (کہاوت)
۵. جنھن جو ليمڪ کائجي، تنھن جو ڳڻ ڳائجي.
237. جس نال پہلائی کرو، اوئے اکھیں کڈھناں۔ (کہاوت)
چڱائي ڪرڻ واري جي اندر مان ڀؤ نڪري ويندو آ. جلدي ھجائتو ٿي پوندو آ. بي شرمو ٿي، پيو ھٿ پٽيندو ۽ تنگ ڪندو. تنھنڪري، جنھن سان ڀلائي ڪرڻي ھجي، تنھن جو اڳ پُٺ ضرور جاچجي.
مطلب؛ ۱. جنھن سان ڀلائي ڪر، سو ئي اکيون ڪڍي.
238. جس ناں کوئی نا ہونا، اس ناں خدا ہوناں۔ (کہاوت)
خدا تعاليٰ، سارو جھان، پنھنجي قدرت سان خلقيو آ. مالڪ به پاڻ آ ته ھلائڻ وارو به پاڻ آ. پيدا ڪرڻ کان پوءِ، ڪنھن کي به وساري نه ويٺو آ. ھر ھڪ تي نظر اٿس. انسان آيو به اڪيلو آ، ويندو به اڪيلو. ٻيا ڀلي وساري ڇڏينس، پر رب نه ٿو وساريس. بلڪ رب کان، ڪڏھن وسريو ئي ناھي.
مطلب؛ ۱. جنھن جو ڪو ئي ناھي، تنھن جو رب آھي.
239. جس نیں دلے کی لگی وے، اوئی جانناں۔ (کہاوت)
دل، جسم جي اندر آ. منجھس جيڪا ڳالھ آ، سا اندر جي ڳالھ آ. چپن تي آئي ته ٻاھر جي ٿي پئي. جڏھن اندر جي آ ته ڌڻي ڄاڻيس ٿو. ٻاھر جي ٿي، ٻين جي ٿي پئي. اندر جي ڳالھ سان، جو اندر ۾ سڙي ٿو ۽ ٻاھر ٻڙڪ نه ٿو ڪڇي، تنھن جي تنھن کي خبر. ٻين کي ڪا خبر نه پوندي.
مطلب؛ ۱. جنھن کي دل جي لڳل آ، سو ئي ڄاڻي.
۲. جس نیں سر گزرنی، اوئے جانناں۔ (کہاوت)
۳. جنھن سر تي گذري آ، سو ئي ڄاڻي.
۴. جس کی لگنی، اوئے جاننا۔ (کہاوت)
۵. جنھن کي لڳي، سو ئي ڄاڻي.
240. جمنی ناں بالا، دسی رہنا۔ (کہاوت)
ڪن ماڻھن کي ڄمڻ وقت، ڪنھن عضوي تي لسڻ ھوندو آ، جو ساري عمر رھندو آ، مٽجندو ناھي. ماءُ جي پيٽ مان اچڻ وقت، جيڪي عضوا ساڻ ھيا، سي ئي ساري عمر ساڻ رھڻا آھن. ڪٽجي گھٽجي سگھن ٿا، چاھيندي به، وڌي نه ٿا سگھن. لسڻ جو معاملو، عضوي جي ڀيٽ ۾ ٻيو آ. ماءُ پيٽان آندل لسڻ گھٽبا ته نه پر نقلي جيڪوز سان وڌي سگھن ٿا.
مطلب؛ ۱. ڄمڻ سان ئي ڀاڳ/نڀاڳ، نظر اچي ويندو آ.
۲. جمنیاں ناں بالا ندری اینا۔ (کہاوت)
۳. ايندڙ حالتن جا پروون، پئجي ويندا آھن.
۴. جمنیاں نیں بالے نظر اچھی گشنے۔ (کہاوت)
۵. ڄمندي ڀاڳ نڀاڳ، نظر اچي ويندو آ.
۷. نڀاڳو ٻار، پينگھي ۾ پڌرو.
241. جمنیاں نیں دند کسے نئے پٹی ڈٹھے۔ (کہاوت)
جانور جي عمر واچڻ واسطي، ڏند ڏسبا آھن. ٻڙند؛ ٻه-ڏند مان مراد سال جو. اڃا وڌيڪ ڏند، وڏي عمر جي نشاندھي ڪندا آھن. گھر جي ڄاول/ پليل جا ڏند، ڪير پٽي نه ڏسندو آ، جو ان جي ڄم کان گھر ڀاتي واقف ھوندو آ.
مطلب؛ ۱. جنھن جي ڄم جو واقف، تنھن جا ڏند پٽي ڪھڙا ڏسجن.
۲. کہرے نے بچھے کنی دند پٹی دکھے۔ (کہاوت)
۳. گھر جي پاڏي جا ڏند پٽي ڏسبا ڇا؟
۴. کہرے نیں بچھے نیں دند کوئی نا پٹی دھیکھیناں اس نے سال گنتے ہونڑیں۔ (کہاوت)
۵. گھرو ڏاند جا ڏند پٽي ڪير نه ڏسي، جو ان جي عمر ڳڻي پئي ھوندي آ.
242. جنجاں، بار بار نیژاں چڑھنیاں۔ (کہاوت)
ڄڃ، ڪنوار وٺڻ لاءِ، ھڪ دفعو ئي ايندي آ. جنھن گھر ۾ ڪنوار جي ڏولي ايندي آ، تنھن مان ھڪ دفعو ئي سندس کٽولي نڪرندي آ. بار بار شادي، بدناميءَ جو سبب ٿيندي آ. عورت، ان معاملي ۾، ڏاڍي حساس ٿيندي آ.
مطلب؛ ۱. ڄڃون، وري وري نه چڙھنديون آھن.
243. جنگت کرے بیاہ گھتی چھنڈی،
کڑی کرے بیاہ جتی چھنڈی۔ (کہاوت)
جنگت؛ ڇوڪرو، پٽ. بیاہ؛ پرڻو. گھتی؛ ٿيلھي، ھمياڻي، ڏوڪڙن جي خرزين. چھنڈی؛ ڇنڊي، خالي ڪري. کڑی؛ ڇوڪري، نينگري، نياڻي. جتی؛ جتي، سينڊل. چھنڈی؛ ڇنڊي، جھاڙي، صاف ڪري.
مرد، شادي ڌام ڌوم سان ڪندو آ. مٽ مائٽ به پرڻائڻ ۾، خرچ جو وس ڪندا آھن. پڄنديءَ آھر سون مين، ڳھ ڳٺو، لٽو ڪپڙو پڙي ۾ ڏيندا آھن. ڄڃَ ۽ مَڃَ کي به، گھر جي سُڃَ ڪري، جُڃَ ڪرائيندا آھن.
ان جي ڀيٽ ۾ نياڻيءَ جي شادي ٿئي ته ويچاري رڳو سينڊل جو کڙڪو ڪري نڪتي وڃي.
مطلب؛ ۱. ڇوڪرو شادي ڪري ته مائٽن جي ملڪيت پوري، نياڻي شادي ڪري ته رڳو جتي ڇنڊي ھلي وڃي.
244. جنگلے چ مور نچیا کس ڈھٹھا۔ (کہاوت)
عجيب ڪم يا ڪرتب تي شابس نه ملي، تنھن لاءِ جان جوکم ۾ نه وجھجي. مور جو ناچ، دلفريب، روح پرور ۽ ڏسڻ وٽان ھوندو آ. مور رھي به جھنگ ۾ ۽ نچي به اتي. شرميلي طبيعت سبب، ماڻھن آڏو نه نچي، جنھن ڪري شابس نه ٿي مليس. جو نمائش سان ئي شابس ملي ٿي.
مطلب؛ ۱. جنگل ۾ مور نچيو، ڪنھن ڏٺو؟!
۲. نمائش يا شو کان سواءِ، شاباس نه ٿي ملي.
245. جنہاں آسرا رب ناں، انہاں رزق ہمیش۔ (کہاوت)
رب تعاليٰ جَھان جوڙيو آ. منجھس روزي رزق جو به منجھس بندوبست ڪيو اٿائين. جن کي سندس آسرو آھي، تن کي رزق جي پريشاني نه ٿي رھي. ھر وقت الله ۾ آسرو رکجي.
مطلب؛ ۱. جنھن کي آسرو رب جو، تنھن وٽ رزق ھميشه.
۲ . جنھن جو رب، تنھن جو سڀ.
246. جنھاں کی پنے نی عازت پئی گچھے، او کمائی نئے کھانیں۔ (کہاوت)
پنے نی؛ پنڻ. عازت؛ عادت. گچھے؛ موٽي
مڙس کي زال جي بد پيشه ھئڻ جي سڻس پئي. کيس جھليائين. زال شرط وڌس؛ ”اٺ ڏينھن پني کاراءِ ته مُڙان.“ مڙس واعدي مطابق، اٺ ڏينھن پني کارايس. اٺين ڏينھن چيائينس؛ ”ھاڻي مُڙُ!“ زال چيس؛ ”تون پنڻ پچر ڇڏ ته مان به مُڙان.“ مڙس چيس؛ ”تون مُڙ نه مُڙ، مان پچر نه ڇڏيان.“
مطلب؛ ۱. جن کي پنڻ جي ھير پئجي وئي، سي ڪمائي نه کائيندا.
247. جہا/ جیا موں، اوئے جئی چپیڑ۔ (کہاوت)
ھر ماڻھوءَ سان واسطو ۽ ورتاءُ، سندس رخ رواج مطابق ڪرڻو پوندو آ. جيڪو جھڙي عزت لائق ھجي، کيس اھا ڏجي. ٻوٿ ڏسي، لپاٽ ھڻجيس.
مطلب؛ ۱. جھڙو ٻوٿ، تھڙي چپاٽ.
248. جہڈی اڈرنی اوئے پھسنی۔ (کہاوت)
پکين جو جڏھن شڪار ٿيندو آ، تڏھن لڪيل/ ٿميل پکي ته شڪار ٿيڻ کان بچي ويندا آھن. جيڪي ڦڙڪيون ھڻندا آھن ۽ پيا اڏامندا آھن، سي شڪارين جي ڪوڙڪين ۽ اڏيل آھين ۾ اٽڪي ڦاسي پوندا آھن.
مطلب؛ ۱. جيڪا اڏامندي، سا ئي ڦاسندي.
۲. اجائي اڏام به چڱي ناھي.
249. جہڈی رات قووریچ لخی ہوئی وی، اوہ باءر نئی اشنی۔ (کہاوت)
موت ۽ حياتيءَ لاءِ، وقت مقرر آ. نه گھڙي اڳ، نه پوءِ. انسان آيو به مقرر وقت تي آ، ويندو به مقرر وقت تي. جا رات قبر ۾ گذارڻي اٿس، سا ٻاھر گذاري نه ٿو سگھي. موت ۽ حياتيءَ جي معاملي ۾ بلڪل بي وس آ.
مطلب؛ ۱. جيڪا رات قبر ۾ لکيل آ، سا ٻاھر نه پوندي.
250. جہڑا اپنا ناں، او کسے ناں وی نا۔ (کہاوت)
سِرُ، سڀ ڪنھن کي پيارو آ. جنھن پنھنجي سر جو سانگو لاٿو، تنھن کي ٻئي جي سر جي پرواھ نه رھندي. انت چڱائيءَ جي، منجھانئس اميد نه رکڻ گھرجي، ڇو جو اھو، پنھنجي پياري جان جي به پرواھ نه ٿو ڪري.
مطلب؛ ۱. جو پنھنجي سر جو ناھي، سو ڪنھن جي سر جو ناھي.
251. جہڑا چڑھسی، اوئے ٹہسی۔ (کہاوت)
وھٽن تي سفر ٿيندا ھيا ته ھر ڪو مٿن سواري ڪندو ھيو. ڪي پاڻ سئيس ته ڪي ڪوچبان کڻندا ھيا. وھٽن جي ڪڏڪارن ۾ مٿن ويٺل ئي ڌڪو کائيندا ھيا. جيڪي وھٽن تي نه چڙھندا ھيا، سي ڌڪو نه کائيندا ھيا.
مطلب؛ ۱. جيڪو چڙھندو، سو ئي ڪرندو.
252. جہڑا دکھنا جال دکھے، ماچھی دکھے مری گچھے۔ (کہاوت)
جہڑا؛ جھڙو. دکھنا؛ ڏسڻي، نظارو، منظر. جال؛ ڄار، رڇ. دکھے؛ ڏسي. ماچھی؛ ماڇي، مڇيرو، ميو. مری؛ موت اچيس. گچھے؛ وڃي.
درياھ اندر، مڇين کي ڦاسائڻ لاءِ، ڄار، رڇ يا ڀن پوندو آ، جنھن ۾ ننڍيون وڏيون مڇيون ڦاسنديون آھن. ڄار ڇڪڻ وقت، ننڍيون مڇيون ڦٿڪندي، ڄار جي سوراخن مان نڪري وينديون آھن. وڏيون مڇيون رھجي وينديون آھن. ننڍين جي ڀيٽ ۾ وڏين جو تعداد گھٽ ھوندو آ. سو انگ، اگر ميربحر اکين سان ڏسي ته ڦاٽي مري.
مطلب؛ ۱. جيڪو ڏيک ڄار ڏسي، سو ماڇي ڏسي ته مري.
۲. جو ڏسي ڄار، جي ڏسي ميو ته ڦاٽي مري.
253. جہڑا دوئے تائیں ٹوآ کھنناں، او خد اس وچ ٹہناں۔ (کہاوت)
ٹوآ؛ ٽوڀو، کڏ. کھنناں؛ گھڙڻ، کوٽڻ. خد؛ خود، پاڻ. ٹہناں؛ ڊھڻا، ڊھندو، ڪرندو.
دنيا جو ڪار وھنوار، ھڪ ٻئي جي ربط تي، آزمائش خاطر رکيل آ. ٻين جو خيال رکڻ ۾، دنيا ۽ آخرت جي چڱائي آ. ٻين جا پير ڪڍڻ ۾ ٻنھي جھانن جو نقصان آ. ٻين سان برائي ڪبي، پاڻ سان ٿيندي.
مطلب؛ ۱. جو ٻئي لاءِ کڏ کڻندو، سو اوس پاڻ ئي ڪرندو.
۲. جیڑا دووے نی کھنناہ اس نی اپنی کھنن گینی۔ (کہاوت)
۳. جيڪو ٻئي لاءِ کوٽي ٿو، سو پاڻ لاءِ کوٽي ٿو.
۴. جہڑا دوئے ناں برا چاہناں، اس نے اگیں اشناں۔ (کہاوت)
۵. جيڪو ٻئي لاءِ ٻيائي سوچيندو، تنھن کي اڳيان ايندو.
۶. جہڑا کرسی، اوئے پہرسی۔ (کہاوت)
۷. جيڪو ڪندو، سو ئي ڀريندو.
254. جہڑا زندہ وے، کدے ناں کدے ملناں۔ (کہاوت)
حياتي آ ته ميل ملاقات، ڪڏھن نه ڪڏھن، ٿيو وڃي. ان ڪري معاملات ۾ اھڙو ورتاءُ ھلجي جو وري ڪڏھن مکا ميلو ٿئي ته منھن لڪائڻو نه پوي. چڱو ورتاءُ ڪبو ته اڳلو مرڪي ڳراٽڙي پائي ملندو. پيل ڪم، ڊڪي ڪندو. بڇڙو ورتاءُ ھلبو ته سواءِ شرمساريءَ جي ڪجھ به پلئه نه پوندو.
مطلب؛ ۱. جيئرا، ڪڏھن نه ڪڏھن ملن.
۲. جيئندا، ملندا.
255. جہڑا سیانے آپ نوں، سیانو اس نیں باپ نوں۔ (کہاوت)
سیانے؛ سڃاڻي، پھچان رکي، قدر ڪري.
دور انديشيءَ سبب، سڀڪو ٻين سان ورتاءُ چڱو رکي ٿو. پنھنجي واٽ سنوارڻ لاءِ، ٻين جو قدر ڪري ٿو ۽ سندن راھن ۾ رنڊڪون نه ٿو وجھي.
مطلب؛ ۱. جيڪو سڃاڻي تو کي، تون سڃاڻ ان جي پيءُ کي.
۲. جيڪو تو کي عزت ڏئي، تون تنھن جي ابي کي مانُ ڏي.
۳. تون گهر منھنجي ڄائي کي، مان گهران تنھنجي کٽ جي پائي کي.
256. جہڑا گڑ کھادیاں مرے، اس کی زہر دتے نی کئہ لوڑ ای۔ (کہاوت)
ھٿ پائي جھيڙو ڪرڻ ۾، جان جو نقصان آ. دشمن سان به چالاڪيءَ سان وڙھجي. جيئن ھڪ واڻيي، مسلمان کي نانگ مارڻ لاءِ لٺ ڏئي چيو ھيو؛ ”نانگ مئو ته به دشمن مئو، مشلو مئو ته به دشمن مئو.“
مطلب؛ ۱. ڳڙ کاڌي مري، تنھن کي زھر ڏيڻ جو ڪھڙو ضرور.
۲. جہڑا گڑے نال مرناں وے، اسکی زہر دتے نی کئہ لوڑ ای۔ (کہاوت)
۳. جيڪو ڳڙ سان مري، تنھن کي زھر ڇو ڏجي.
۴. جہڑا گڑے نال مرے، اسکی زہر ناں دیئو۔ (کہاوت)
۵. جيڪو ڳڙ سان مري، تنھن کي زھر نه ڏجي.
257. جہڑا مری غا، اس تائیں قیامت شروع۔ (کہاوت)
دنيا آ، ساھ سان. ساھ ويو، دنيا مري وئي. موت آئي، قبر ۾ پيو، اتان قيامت شروع. مينھن کان اڳ، ڪڪرن جا آثار، لڪڙ جھڪڙ، مٽيءَ جو طوفان، ڦڙ ڦڙ، پوءِ برسات. تيئن قبر جو جھان، برزخ جو جھان، منڪر نڪير وغيرھ، آھن. سمورا، قيامت جي کڙي ٿيڻ جا آثار آھن.
مطلب؛ ۱. جنھن تي موت آيو، تنھن تي قيامت شروع.
۲. سِر وئي کان پوءِ، ٻي جھاني.
۳. مرڻ سان، قيامت شروع آ.
258. جہڑا موئیں ر مکری گچھے، اس ناں کئہ لاج۔ (کہاوت)
جنھن کي منھن جي پڪائي گھڻي ھوندي آ سو منھن تي ئي ڪوڙ اھڙو ھڻندو جو ٻڌندڙ ويٺو لڄي ۽ شرمسار ٿيندو. اھڙي نرلڄي ۽ بي شرم سان منھن-پائي کائي نه سگھبو. ھٿ-پائي کائڻ کان علاوه ڪو رستو ناھي.
مطلب؛ ۱. جيڪو منھن تي ڦري وڃي، تنھن جو ڪھڙو علاج؟
۲. اھو زورآور آ؛ جو منھن تي ڦري وڃي/ درياھ پار کان بيھي گاريون ڏئي.
259. جہڑے ایتھیں بدو، اوہ مکے وی بدو۔ (کہاوت)
مڪي پاڪ ڏانھن وڃڻ سان؛ نه فطرت ۾ ڦير، نه طبيعت ۾ تغير ايندو آ. جھڙي مزاج سان وڃبو، تھڙو ئي ھجبو. پاڻُ پلڻ وارو، پاڻَ لاءِ گناھن ڌوپڻ جو فائدو ڪندو. جيڪو پاڻ تي ضابطو نه آڻيندو، سو پنھنجو نقصان ڪندو.
مطلب؛ ۱. جيڪي ھتي بدو آھن، سي مڪي به بدو ھوندا.
۲. جہڑے ایتھیں کوڑے، اوہ مکے وی کوڑے۔
۳. جيڪي ھتي ڪوڙا آھن، سي مَڪي به ڪوڙا رھندا.
۴. مَڪي وڃڻ سان حضرت عيسيٰ جو گڏھ حاجي ڪو نه ٿيندو.
۵. جہڑے ایتھیں چنگے، اؤ اس جہان وی چنگے۔ (کہاوت)
۶. جيڪي ھتي چڱا آھن، سي ھن جھان ۾ به چڱا ھوندا.
۷. ماڳ مٽڻ سان؛ نه جنس مٽجي ٿي، نه عادت.
260. جہڑے تنبی سیوانے، اؤ موترے نی وی جاء رکھنیں۔ (کہاوت)
ڪو به ڪم ڪرڻ کان اڳ، منجُھ لھڻ ضروري آ. بنا سوچ جي ڪيل رٿا، کري پوندي آ. محنت، پئسو ۽ وقت زيان ٿي ويندا آھن. ڪانئچ سبرائجي ته منجھس، اڳٺ وجھڻ ۽ پيشاب جي جاءِ جي سھوليت به رکبي آ.
مطلب؛ ۱. جي سٿڻون سبرائيندا آھن، سي مُٽڻ جون جايون به رکندا آھن.
۲. جہڑے ستھن سیوانے، اؤ نیفے نی وی جاء رکھنیں۔
۳. جي سٿڻ سبرائيندا آھن، سي ابداڻو به رکرائيندا آھن.
۴. ستھن سیوانیا، طہ نیفا وی رکھنیا۔ (کہاوت)
۵. شلوار سبرائجي ته ابداڻو به رکرائجيس.
261. جہڑے جوڑی غے، اؤ چھوڑی غے،
جہڑے کھائی غے، اؤ لائی غے۔ (کہاوت)
دنيا جو مال، جان جي ھئڻ تائين. جان تي استعمال نه ٿيو، پرايو/خراب ٿيو. جان تي چوڙيل، نيبھ ٿيو ۽ مزو ماڻيو. رکي ڇڏڻ ۾؛ نه مزو، نه سڪون. مال رکيو، رَکَ ٿيو، چوڙيو، سُکُ ٿيو.
مطلب؛ ۱. جو رکيائين، سو ڇڏيائين، جو کاڌائين، سو چوڙيائين.
۲. رکڻ، آھي رک.
۳. رکيو نالو، پٽ جو به چڱو ناھي.
262. جہڑے زیدے گرجنیں، اؤ برنے نئے۔ (کہاوت)
ڄاڻ وارو، چپ چپات ۾ پيو ڪم ڪندو آ. اڻڄاڻ، پاڻ ته نه ڪري سگھي، ھٿئون ٻين کي سيڙائي. جيڪي ڪڪر گھڻو گجندا آھن، سي وسندا ناھن. ڀريل تريل، گجگوڙ بنا، گھمسان جو مينھن وسائي ھليا ويندا آھن.
مطلب؛ ۱. جيڪي گھڻو گجن، سي نه وسن.
۲. جيڪي بر بڙ ڪندا آھن، سي ڪم ڪري نه سگھندا آھن.
۳. جنھن وٽ دليل نه ھوندو آ، سو ئي بڙ بڙ ڪندو آ.
263. جہڑی کرے کیئو؛ ناں کرے ما، ناں کرے پیئو۔ (کہاوت)
جيترو پنھنجي سرير مان ڪيل ڪم ۾ لطف، مزو ۽ ھڙ حاصل آ، تيتري ٻئي جي مدد منجھان ناھي. جسم؛ چست، چوبند ۽ چياڪ ھوندو ته ڪم جو اڪلاءُ ستت پيو ٿيندو. جسم جي چستي کاڌ خوراڪ/ گيھ مکڻ سان آ. ننڍي ھوندي جنھن گيھ جا ڍڪ ڀريا ھوندا، وڏي ھوندي ان جي سرير ۾ ٻل ھوندو. ڪم جو ھيراڪ ھئڻ سبب، جسم ايترو ڪارائتو ھوندس، جيترو پيءُ ماءُ به مددگار نه ھجن.
مطلب؛ ۱. جيڪي ڪري گيھ؛ نه ڪري ماءُ، نه ڪري پيءُ.
264. جہڑھی چھاننی، اوہے جاننی۔ (کہاوت)
ڪارائتا ۽ بيڪار، دنيا اندر گڏ گڏ آھن. عاقل جو ڪم آ، ڪارائتي کان بيڪار شيءِ ڇنڊي جدا ڪري. ڪارج لائق شيءِ جي چونڊ اھي ڪري سگھندا، جن مٿس ڇاڻڻ يا جدا ڪرڻ واري محنت ڪئي آ.
مطلب؛ ۱. جيڪا ڇاڻي، سا ڄاڻي.
۲. جیڑی چھاننی، اوئے جانڑیں۔ (کہاوت)
۳. جيڪا ڇڄ کڻي ان ڇنڊي ٿي، ٻھر ۽ محنت جي ان کي خبر آ.
۴. ڪم جي سختيءَ جي ڄاڻ، ڪرڻ واري کي ھوندي آ.
265. جہناں نیں پلے دانے، انہاں نیں کملے وی سیانے۔ (کہاوت)
جيڪي محنت ڪري انُ اپائين ٿا، سي سانڍي به رکن ٿا ته جيئن سڄو سال ٻين جي محتاجيءَ کان بچن. جيڪي پاڻ کي ٻين جي محتاجيءَ کان پاڻ کي آجو رکن ٿا، سي ئي سياڻا آھن.
مطلب؛ ۱. جنين جي پليءَ ۾ داڻا، انھن جا چريا به سياڻا.
۲. جس نے کلہوٹی دانے، اس نے کملے وی سیانے۔ (کہاوت)
۳. جن جي گنديءَ ۾ داڻا، تن جا چريا به سياڻا.
266. جہیا تواڑا لون پانی، اؤے جہیا ماڑا کم جانی۔ (کہاوت)
نيڪي ۽ بدي، ڪندڙ تائين موٽي اچن ٿيون. ٻين سان چڱائي/ برائي، پاڻ سان چڱائي/ برائي آ. دنيا جو ڪاروبار به وھنوار سان ھلي ٿو. جيترا مھمان ايندا، اوترو پنھنجو رزق کنيو ايندا، اوترو ميزبان به فائدو وٺندو.
مطلب؛ ۱. جيترو تنھنجو لوڻ پاڻي، اوترا تنھنجا ڪم ٿين.
267. جوان ہوئی ککڑ، بلئیں اپر پھرنا۔ (کہاوت)
بلئیں؛ ڪوٺي، گھر. اپر؛ مٿان. پھرنا؛ ڦري.
جوانيءَ ۾ مادي ڪڪڙ به ڀتين تي چڙھي پئي ڦڙڪيون ڏيندي آ. انسان، پڻ ائين آ. جوانيءَ چڙھيي، نر توڙي مادي، ھٿن مان نڪتا وڃن، جيسين جوڳو بندوبست نه ٿئين.
مطلب؛ ۱. جوان ٿئي ڪڪڙ، ڪوٺي تي ڦرڪا ڏئي.
۲. جواني اچڻ تي ڪڪڙ به نرا ڏئي ھلي.
268. جوانی وچ کھوتی وی سونی لگنی۔ (کہاوت)
جسماني سونھن، وصف ۽ ساخت کي آ. خد خال، جوانيءَ ۾ خوبصورت لڳن. ڪاري رنگ واري به پئي وڻندي. جواني اجاڙ ٿي ته اڇي رنگ تي به اوڪارا پيا ايندا. ھڏن جو ڍانچو پيو لڳندو.
مطلب؛ ۱. جوانيءَ ۾ گڏھ به سھڻي لڳي.
۲. جوانيءَ ۾ گونھ به ڦولاربو آ.
269. جوڑے اسماناں ر بننیں۔ (کہاوت)
شاديون سر انجام زمين تي ٿين، جڏھن ته جوڙا، آسمان تي جڙن. زمين تي جوڙا ملائڻ، رب جو ڪم آ. سڀڪجھ سندس حڪم تحت ٿئي ٿو.
مطلب؛ ۱. جوڙا آسمانن تي جڙندا آھن.
۲. شادي زمين تي ٿيندي آ، طئه آسمانن تي ٿيندي آ.
۳. شاديءَ جھڙا ٻنڌڻ، زمين تي به رب جي حڪم تحت سر انجام اچن ٿا.
270. جولائیاں نیں ٹھٹھے، ماواں پہناں نال۔ (کہاوت)
ڪوري بمشابه ڪمزور جي آ، جيڪو ٻين سان نه سينو ساھي سگھي، نه لٺ کڻي وڙھي سگھي. ڪمزور مِٽ تي، ڪوري به آڪريو آڪريو ايندو آ. ڪاوڙ، ڏاڍي تي چڙھندس ڪا نه، ھيڻي تان لھندس ڪا نه.
مطلب؛ ۱. ڪوريءَ جي ڪاھ، ماءُ ڀيڻ تي.
۲. کدڙي جي ڪاھ، ماءُ ڀيڻ تي.
۳. ڪمزور ماڻھو ئي، ماءُ ڌيءُ جي بي حرمتي ڪندو آ.
271. جے روح اووہے جے فرشتے۔ (کہاوت)
قبر جي اندر، پڇا ڳاڇا لاءِ، مقرر ڪيل مقرب ملائڪ ايندا آھن. انھن جو ورتاءُ، مردي جي عملن تحت ھوندو آ. نيڪ عمل واري سان ھمدردانه ۽ دوستانه ھوندو، بري عمل واري سان غير مشفقانه.
مطلب؛ ۱. جھڙا روح، تھڙا فرشتا.
۲. جھڙا روح، تھڙا ختما.
۳. ھر ھڪ سان، سندس رويي سارو ورتاءُ ٿئي ٿو.
۴. جینسے روح، وینسے فرشتے۔ (کہاوت)
۵. ڀيٽيو؛ سیغا لبئی کرو، جئی او، تہ جئی او۔ (کہاوت)
272. جے کئیں آخسو، اوئے کئیں سن سو۔ (کہاوت)
ٻين سان جھڙو ورتاءُ ھلبو، ٻيا به اھڙو ورتاءُ ھلندا. چڱو ھلبو، چڱو ھلندا. برو ھلبو، برو ھلندا. ڇڙٻون ڏبن، موٽ ۾ اھي به ڇڙٻيندا ۽ ڏاٻيندا.
مطلب؛ ۱. جھڙو چئبو، تھڙو ٻڌڻو پوندو.
۲. جی کی جی ہونی۔ (کہاوت)
۳. عزت ڪرڻ واري کي عزت ملندي.
۴. جيءُ ڪرڻ واري کي ھر ڪو جيءُ ئي چوندو.
۵. جيءُ چؤ تن کي، جن تو کي جيءُ سيکاريو.
273. جیا روح ناٹھیں نا، اوہے جا کہرا لیئے ناں وے تہہ کہہ لوڑیئے۔ (کہاوت)
جیا؛ جھڙو. ناٹھیں؛ مھمانن. کہرا لیئے ناں؛ گھر وارن جو، ميزبانن جو. لوڑیئے؛ گھرجي، ڳولجي، تلاش ڪجي.
مھمان جي دل، ميڻ وانگر نرم ھوندي آ. جڏھن ته ميزبان مٿان، آزمائش جي گھڙي ھوندي آ. رٿيل ڪم ڇڏي، مھمان جي خدمت ڪرڻي ھوندي اٿس. اگر اھي به ميڻ ٿي پون ۽ مھمان کي ڏسي پيا گد گد ٿين ته باقي ڇا کپي؟
مطلب؛ ۱. مھمانن جھڙو روح جي گھر وارن جو ھجي ته پوءِ ڇا گھرجي.
274. جیدہر گئیاں بیڑیاں، اودہر گئے ملاح۔ (کہاوت)
ھڪڙي مواليءَ کي روھڙيءَ کان ڪراچيءَ وڃڻو ھيو. اسٽيشن تان، ھلندي گاڏيءَ ۾ اٻھرو چڙھي پيو. ڀر ۾ ويٺل ھمراھ کان پڇيائين؛ ڪيڏانھن ٿو وڃين؟ تنھن ٻڌايس؛ لاھور. عجب کائيندي چيائينس؛ سائنس وڏي ترقي ڪئي آ. ھڪڙي سيٽ ڪراچيءَ ته ٻي لاھور پئي وڃي.
حقيقت ائين آ ته؛ جيڏانھن گاڏيءَ جي انجڻ ويندي آ، منجھس ويٺل ڊرائيور، مسافرن ۽ سامان سميت گاڏا، پڻ اوڏانھن پيا ڌڪبا آھن.
مطلب؛ ۱. جيڏاھن ٻيڙيون وينديون، ملاح به اوڏانھن ويندا.
۲ . جيڏاھن سواريءَ جو رخ، سوار جو به اوڏانھن ئي.
275. جیڑی بلا اشنی، بڑیں واخا اشنی۔ (کہاوت)
مصيبت، ڌماڪي سان ايندي آ ۽ ڌوڏي ڇڏيندي آ. اوچتو ۽ وڏي وويڪ سان اچڻ کان پوءِ، وڃڻ جو رخ ئي نه ڏيکاريندي آ. جيڪي ان وقت ھمت نه ٿا ھارين ۽ رب تي ٿا ڀاڙين، سي ئي منجھانئس نڪري پار پون ٿا.
مطلب؛ ۱. جيڪا مصيبت اچڻي ھوندي آ، سا وڏي واڪ ايندي آ.
۲. مصيبت، اچي ته وڏو وات ڦاڙي اچي.
۳. مصيبت، گھوڙي تي چڙھي، ھاڻو ھڻندي آ.
276. جیڑے کہاڑیاں کھائی نی رجے، انہیں سوبھیں کنے کہہ ہوسی۔ (کہاوت)
جیڑے؛ جيڪي. کہاڑیاں؛ کرو، کرا، دَنِ. کھائی؛ کائڻ پڄاڻان. رجے؛ ڍايا. سوبھیں؛ مٺ، ڪانبو. کنے کہہ ہوسی؛ سان ڇا ٿيندو.
جوئر جي ڪڙٻ جي ڪانن جون ڀريون، ھڪٻئي جي ٽيڪ تي رکبيون آھن، جنھن کي دن يا کرو چئبو آ. جن جانورن کرن مان کاڌو آ، سي ڏڪر اچڻ تي گاھ مٺ مان گذارو نه ڪري سگھندا آھن ۽ جلد مري ويندا آھن. انھن جي ڀيٽ ۾ گھٽ کائڻ جا ھيراڪ، اھو ڏکيو وقت ٽپائي ويندا آھن.
مطلب؛ ۱. جيڪي کرو کائي نه ڍاپيا، تن کي ڪانبو ڇا ڪندو؟
۲. جن آھرن ۾ کاڌو، سي پاٽوڙن ۾ ڪٿان ڍاپندا.
۳ . گھڻي جا ھيراڪ، ٿوري تي بک مرن.
277. جیں کیں کرنا ژا آئی کری کہنو کل کس ڈٹھی۔ (کہاوت)
لڱن ۾ ڪم ڪرڻ جي طاقت جا اڄ آ، سا سڀاڻي نه ھوندي. ڪم ڪرڻ جو موقعو جو اڄ ميسر آ، سو سڀاڻي نه ملندو. وقت ۽ موقعو نه وڃائجي. چست جو اڄوڪو ڏينھن ته نه کري، پر سڀاڻي به سستي لڱن تي نه چڙھيس.
مطلب؛ ۱. جيڪو ڪرڻو آ، سو اڄ ڪري وٺجي، سڀاڻي ڪنھن ڏٺي آ؟
278. جینسا دیس، وینسا بھیس۔ (کہاوت)
ھر ديس جو کاڌو ۽ پوشاڪ، سماجي ۽ جاگرافيائي ماحول جي مطابقت سان ھوندا آھن. اتان جو رھاڪو، ٻي کاڌ-پوش ڪرڻ سان اوپرو پيو لڳندو. البته جنھن ديس ۾ گھڻن ملڪن جا ماڻھو مڙن، تتي پنھنجي ديس جي پوشاڪ پھري، پنھنجي ديس جي نمائندگي ڪرڻ ئي بھتر آ.
مطلب؛ ۱. جھڙو ديس، تھڙو ويس.
279. جینسی کرنی، وینسی پہرنی۔ (کہاوت)
جيڪو ورتاءُ ٻين سان ڪبو، سو موٽي پاڻ سان ٿيندو. چڱائي ڪبي، موٽ ۾ چڱائي ٿيندي. برائي ڪبي، موٽ ۾ جوڳي جٺ ٿيندي.
مطلب؛ ۱. جھڙي ڪرڻي، تھڙي ڀرڻي.
۲. جہڑا کیں کرسو، اوئے کیں پہرسو۔ (کہاوت)
۳. جھڙي ڪندئو، تھڙي ڀريندئو.
۴. جہڑا برا کرسی، او اپنا کیتا پہرسی۔ (کہاوت)
۵. جيڪو برائي ڪندو، سو پنھنجو ڪيتو ڀريندو.
۶. اپنی کرنی، آپے پہرنی۔ (کہاوت)
۷. پنھنجي ڪرڻي، پاڻ ئي ڀرڻي.
۸. ڪرڻي، ڀرڻي آ.
280. جینسی نیت، وینسی مراد۔ (کہاوت)
ٻين سان ڪيل ورتاءَ منجھ، نيت کي وڏو عمل دخل آ ۽ انھن تي بھرا آھن. چت ۾ ٻيائي رکي، ٻين سان چڱائي ڪبي ته چڱائيءَ جو ڦل نه ملندو. نيت نيڪ رکي، ڪنھن تي سختي ڪبي ته بدلو، برائيءَ ۾ نه ملندو.
مطلب؛ ۱ . جھڙي نيت، تھڙي مراد.
۲ . عملن جو دارومدار نيت تي آ.
281. جینیاں چت ناں چتیا، مویاں تہرئے تہرئے پٹیا۔ (کہاوت)
ھر ماڻھوءَ جي پنھنجي قسمت آ. ڪن جو حياتيءَ ۾ قدر ٿئي ٿو، ڪن جو مئي پڄاڻان. ڪي گڏ ھوندي به پري لڳن. ڪي ڏور ھوندي به ساھان ويجھا محسوس ٿين، جنھن ڪري ساڻن ورتاءُ به ان نوعيت جو ڪيو ويندو آھي.
مطلب؛ ۱. جيئري چت تي نه چڙھيا، مئي دٻ دٻ پٽيا.
۲. جینیاں نہ لبنے گراہ، مرے نیاں چڑھیا گڑاہ۔ (کہاوت)
۳. جيئري گرھ نه لڌن، مئي پڄاڻان ديڳيون چڙھين.
282. جیو گل بائی اندر چلی گشنی، پچھیں ٹہنڈر کٹن ہونا۔ (کہاوت)
جیو؛ زبان. گل؛ ڳالھ، ڳالھؤُ، گار. بائی؛ ڪڍي. اندر چلی گشنی؛ اندر ھلي ويندي. پچھیں؛ پوءِ. ٹہنڈر؛ ٽنڊ، ٺوڙھ. کٹن ہونا؛ کنھڻ.
زبان گفتو ٻاھر ڪڍڻ کان پوءِ، وات ۾ واپس موٽي وڃي. پر منجھانئس نڪتل گفتو موٽي نه سگھي. شرمساريءَ کان ٻين آڏو ڪجھ ڪڇي نه سگھجي، سواءِ ٺوڙھ کنھڻ جي. زبان کي ضابطي اندر رکجي ته بھتر.
مطلب؛ ۱. زبان ڳالھؤ ڪڍي، اندر ھلي ويندي، پويان ٺوڙھ پئي کَنِھبي.
۲. شرمساريءَ کان بچڻ لاءِ، زبان تي ڪنٽرول ڪجي.
283. جیو ہلائے نال کم چلناں۔ (کہاوت)
گھرج واري شيءِ لاءِ جيستائين گھُرَ نه ڪبي، تيستائين ٻيا ڪو نه ڏيندا. ٻين جو ڌيان، گھرج تائين وڃي نه سگھندو، جيستائين زبان سان نه ٻڌائبن.
مطلب؛ ۱. زبان چورڻ سان، ڪم ھلندو آ.
۲. گگ مگ ٿي ويھڻ وارو، ٺھيل ڪم به وڃائي ٿو.
۳. بنا روئڻ/ گھرڻ جي، ماءُ به پٽ کي ٿڃ نه ٿي پياري.
284. جئی کپاء جئی سوت، جئی مآ جیا پوت۔ (کہاوت)
جئی؛ جھڙي. کپاء؛ ڪپاھ، ڪپھ، ڦٽيون. سوت؛ سٽ، ريشو. مآ؛ ماءُ، امڙ، ڄڻيندڙ. پوت؛ پٽ، ڄڻيو.
ڪپھ سٺي پُنبي ته منجھانئس ڌاڳو ڀلو ۽ مضبوط ڪتبو. مضبوط ڌاڳي مان جڙيل ڪپڙو، جھالائو ھوندو. اھڙيءَ طرح اولاد، منھن مھانڊي ۽ قد ڪاٺ ۾ والدين تي اڍ ڇڪيندو. ھلڻ جي ٽور، ڳالھائڻ جا ترناوَ، کائڻ پيئڻ جا انداز، لُڪُ تُڪُ ساڳيا ھوندس.
مطلب؛ ۱. جھڙي ڪپھ، تھڙو سُٽ، جھڙي ماءُ، تھڙو پُٽ.
۲. جئی ماء اوغے جئی تیہی۔ (کہاوت)
۳. جھڙي ماءُ، تھڙي ڌيءُ.