لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڙي آخاڻ

پھاڙي ٻولي، گهڻي ڀاڱي، پاڪستاني پنجاب جي ڪجهہ علائقن سميت، آزاد ڪشمير ۽ ڀارت جي انتظام ھيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سوڌو ھماچل پرديش ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، ۽ ڄڻ تہ ٻن ملڪن ۾ پکڙيل آھي. عبدالوھاب سھتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ھيءُ ڪتاب جوڙڻ ۾، ڊاڪٽر محمد صغير خان جي ڪتاب ”پہاڑي کہاوتيں: آخان“ (۲۰۰۲ع) ۽ محبت حسين اعواڻ جي ڪتاب ”مري، گليات ني پہاڑي بولي چ ’آخان‘ متان، ٹچکراں طہ سياننيان“ (۲۰۰۹ع) تان مدد ورتي آھي.

Title Cover of book پھاڙي آخاڻ

ژ

ژ
396. ژاں کسے نے ہوئی گچھو، ژاں کسے کی اپنائی کہنو۔ (کہاوت)
جٽاءُ، ان ٻل/ طاقت کي آ، جيڪا رب طرفان وديعت ٿيل آ. زندگي، ٻل تي گھاري سگھبي. يا پاڻ ۾ وديعت ٿيل ھجي، يا جنھن ۾ ھجي، ان جو ساٿ ھجي. ٻي صورت ۾، ميٽجڻ/ ميسارجڻ جا امڪان گھڻا آھن.
مطلب؛ ۱. يا ڪنھن جا ٿي رھو، يا ڪنھن کي پنھنجو ڪري وٺو.
۲. يا مڙس ماڻھو ٿي رھجي، يا مڙس ماڻھوءَ وٽ رھجي.
۳. کسے کی اپناں بناؤ، ژاں کسے نیں بنی گشو۔ (کہاوت)
۴. ڪنھن کي پنھنجو ڪري وٺو، يا ڪنھن جا ٿي وڃو.