ر
371. راجے ناں پہرن، دھوبے ناں ہٹھیرن۔ (کہاوت)
راجے؛ ڍاون، ڍايلن. ناں؛ جي. پہرن؛ پوشاڪ، لباس. دھوبے؛ سڃي. ہٹھیرن؛ ھٺ.
امير، پنھنجي پاتل پوشاڪ يا لٽي ڪپڙي مان ئي سرنديءَ وارو معلوم ٿيندو آ. سڃو، سٺو سڦرو ورتائي نه سگھي. ھٺ، وڏائي، ھٺيلائپ ۽ ٻانھن-لوڏ ۾ پنھنجي ھڏ ڪاٺ کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪندي، پاڻ کي پيو پڌرو ۽ خوار ڪندو آ.
مطلب؛ ۱. ڍائو پوشاڪ مان ۽ سڃو ھٺيلائپ مان سڃاتو ويندو آ.
۲. اصل نسل ته پوشاڪ مان ئي پڌرو ھوندو آ.
372. راہ پیا یا واہ پیا پتہ چلنا۔ (کہاوت)
اڳلي بابت تڏھن سربستي سڌ پوندي آ، جڏھن ساڻس راھ رسم رکبي آ. معاملات ۾ ساڻس رابطو رکجي يا ڪنھن سفر تي ساڻس گڏجي نڪرجي. ان جي ھلڪڙائپ يا ڀريل مٽ ھئڻ واري خاصيت، اتي ظاھر ٿي پوندي آ.
مطلب؛ ۱. راھپ ڪندي يا واھپ ڪندي، ڄاڻ ملندي آ.
۲. راہ پیا جانے یا واہ پیا جانے۔ (کہاوت)
۳. راھ پيو ڄاڻي، يا واھ پيو ڄاڻي.
۴. ژا راہ پیا جانڑے، ژا واہ پیا جانڑے۔ (کہاوت)
۵. يا راھ پيو ڄاڻي، يا واھ پيو ڄاڻي.
۶. راہ پئے جانئے، ژاں واہ پئے جانئے۔ (کہاوت)
۷. راھ پئي ڄاڻجي، يا واھ پئي ڄاڻجي.
373. رٹی سمی گچھے، کہرے آلیاں نیں قصور،
لین سمی گچھے مزمانے نیں قصور۔ (کہاوت)
اوطاق تي آيل مھمان وٽ، ميزبان جي گھران آيل ماني کائيندي، اگر روٽي کُٽي ته ميزبان جي ميزباني تي حرف. اگر ٻوڙ کُٽي پوي ته مھمان جي اڍنگي رويي ڏانھن ڏوھ ته؛ ’ٻوڙ-چٽو آ، مانيءَ جي طلب ناھيس.‘
مطلب؛ ۱. روٽي کٽي ته ميزبان جو قصور، ٻوڙ کٽو ته مھمان جو قصور.
374. رجے نے کہرے ناں کتا پہکھا۔ (کہاوت)
رجے ؛ ڍايل، سکيا ستابا. نے؛ جي. کہرے؛ گھر. ناں؛ جو. کتا؛ ڪتو. پہکھا؛ بکيو.
سکين ستابن جي گھر ۾ ماني ٽڪي جڙندي آ ته گھر-ڀاتين جي گھرج پوري ڪرڻ کان مٿي ٺھندي آ. کائڻ پڄاڻان، ايتري بچندي آ جو منجھانئس اوچتو آيل مھمان مڙو، گھر يا گھٽيءَ جو ڪتو ٻلو به پيو رڄ ڪندو آ.
مطلب؛ ۱. ڍاون جي گھر جو ڪتو، اڻ-ڍائو! اڻ-ٿيڻي ڳالھ.
۲. سکين ستابن جي در تي ويٺل ڪتا، بک ئي مرندا آھن.
375. رسی سڑی غی، بل نا گا۔ (کہاوت)
نوڙي/ واڻ، سر يا مڃ کي آلو ڪري، ڪٽي/ وٽي منجھانئن ٺاھي ويندي آ. سڪڻ پڄاڻان، سندن وڪڙ، ويتر پڪو ٿي ويندو آ. ھلڪي ڦلڪي زور تي نه کلندو آ. بلڪ رسيءَ جي سڙڻ بعد، خاڪ ۾ به وڪڙ ٺھيو پيو ھوندو آ.
مطلب؛ ۱. رسي سڙي وئي، وٽ نه ويس.
۲. رسی سڑی غی، پر گنڈ ناں کھلی۔ (کہاوت)
۳. رسي سڙي، پر ڳنڍ نه کلي.
۴. ڪچي عمر ۾ پيل عادت، پڪي عمر ٿيڻ کان پوءِ نه وڃي.
376. رکھی سکھی کھائی طہ ٹھڈا پانی پی،
ناں دیکھ پرائیاں چپڑیاں طہ نیں ترسا اپنا جی۔ (کہاوت)
ٻين جا سڻڀا ٽڪر ڏسي، پنھنجي اڻڀي ٽڪر مان ھٿ نه ڪڍجي، پر جيڪو ميسر آ، تنھن تي شڪر ڪجي. ھر شيءِ وقتي ۽ ختم ٿيڻ واري آ. شڪرگذاري ڪجي جو اھا ئي پائدار ۽ سڪون بخش آ.
مطلب؛ ۱. رکي سڪي کاءُ، ٿڌو پاڻي پيءُ،
نه تڪ پراوا پراٺا، نه سڪاءِ پنھنجو جيءُ.
377. رناں کی رن توارے، واوی چہخاں مارے۔ (کہاوت)
عورت وٽ وڏا مڪر آھن، پر مرد لاءِ. ھڪ عورت، ٻيءَ کي بيوقوف بنائڻ لاءِ مڪر ڪندي ته ٻي جلد سندس ڍؤنگ تاڙي/ سڃاڻي ويندي. جڏھن ته مرد، عورت جي مڪر کي سمجھي ئي نه سگھندو آ.
مطلب؛ ۱. رن کي رن تاڙي، ڀلي چيخي ۽ واويلا ڪري.
۲. عورت، عورت کي ڌوڪو نه ٿي ڏئي سگھي.
۳. ھڪ عورت، ٻي عورت کي بيوقوف نه ٿي ٺاھي سگھي.
378. رنڈیاں وی رونیاں، سواگنیں وی رونیاں۔ (کہاوت)
دنيا اندر، انسان آيو به روئندو آ، ويندو به روئندو/ روئاريندو. بکيو/ ڏکيو ته بک/ ڏک سببان روئي پر سکيو ستابو کوڙ حسرتون کنيو ويٺو جھڄندو جُھرندو. رنڙ، جنھن کي مڙس ناھي، سا مڙس خاطر روئي. سھاڳڻ، جنھن کي مڙس ۽ ٻار ٻچا آھن، سا مڙس ۽ ٻارن جي آزار کان روئي.
مطلب؛ ۱. رنڙيون به روئن، سھاڳڻيون به روئن.
۲. روڄ جنھن جي نصيب ۾ ھوندو، تنھن کي روئڻو ئي پوندو.
۳. ڏک جو اچڻ، مڙس ڇڏڻ سان ناھي. سک جو اچڻ، مڙس ڪرڻ سان ناھي.
379. روناں کیا ایں، شکل ژیے اژے جئی۔ (کہاوت)
ھڪڙي ھمراھ کان، جيڪو روئڻي شڪل ٺاھيو ويٺو ھيو، ٻئي پڇيو؛ ”روئين ڇو ٿو؟“ ان تي ھمراھ ويتر شڪل خراب ڪندي چيس؛ ”اڙي روئان ڪاٿي ٿو؟! منھنجي ته شڪل ئي اھڙي آ.“
مطلب؛ ۱. روئين ڇو ٿو؟ چي؛ شڪل ئي اھڙي آ.
۲. شڪل روئڻي ھجي ته ڳالھائيندي، رويو کلڻو رکجي.
380. رویا ہویئے تہ کانیا آکھی وچا وی آتھر اینی اوٹھی۔ (کہاوت)
رویا؛ روئڻو. کانیا؛ ڪاڻي. آکھی؛ اک. وچا وی؛ منجھئون. آتھر؛ آنسو، ڳوڙھا. اینی اوٹھی؛ اچي ويندا آھن.
ڪاڻي اک ۾ نه پاڻي ھوندو آ، نه منجھانئس ديد پوندي آ. انساني مزاج ايترو ته ڳوڙھو ۽ منجھيل آ جو جڏھن دل سان روئندو آ ته ٻين کي روئاري ڇڏيندو آ پر ڪاڻي ۽ سڪل اک به اشڪ-بار ڪري ڇڏيندو آ.
مطلب؛ ۱. روئڻو ھوندو آ ته ڪاڻي اک مان به ڳوڙھا وھي پوندا آھن.
۲. ڪم ڪرڻ واري ماڻھوءَ لاءِ، کوڙ رستا آھن.
۳. Where there is will, there is way.
381. روئے سوائیں ما دھدھ وی نئی دینی۔ (کہاوت)
طلب/ ضرورت وارو، رڙ واڪو ضرور ڪندو. ري-گھرجائو، چپ ڪيو ويٺو ھوندو. ٻچڙو، جيستائين بکائبو نه، تيستائين کير لاءِ روئندو نه. رنائين ته ٿڃ ڏبس. بنا روئڻ جي، گد گدان ڪبس ته واڌو کير بيمار ڪندس.
مطلب؛ ۱. روئڻ کان سواءِ، ماءُ به کير نه ٿي ڏئي.
۲. بنا گھرڻ جي ماءُ به پٽ کي ٿڃ نه ڏئي.
۳. گھرج ڌاران ڪا شيءِ ڏيڻ/ وٺڻ نقصانڪار آ.
382. ریڑیں چیڑیں کنی پانی دینا۔ (کہاوت)
ریڑیں چیڑیں؛ پھاڙي چيڙ، پھاڙي چيل، پھاڙي وڻ جو قسم. کنی؛ ڪنھن. پانی دینا؛ پاڻي ڏنو آھي.
ھڪڙا ٻوٽا/ وڻ، قدرت جي طرفان پاڻ مرادو ڦٽندا آھن. قدرت واري تن کي، پنھنجي ڪامل قدرت سان اتي پاڻي پھچائڻ جو ڳجھو نظام رکيو آ، جنھن تي اھي تازا توانا رھن ٿا. کين پاڻي ڏيڻ جي ضرورت نه پوندي آ.
مطلب؛ ۱. پھاڙي چيڙ کي ڪنھن پاڻي ڏنو آ.
۲. جھنگلي جيوت، الله جو چراگاھ آ، ان جي پرگھور اھو پاڻ ٿو لھي.
383. رکھی چیز کم اشنی۔ (کہاوت)
وقت تي ٻيا ڪم اچن نه اچن، پر گھر ۾ رکيل پنھنجي شيءِ ضرور ھٿ ايندي. ان ڪري ضرورت کان واڌو شيون به سنڀالي رکجن. جڏھن وقت پوي ته ساري سڪاري ڪڍجن ۽ منجھانئن گھربل فائدو حاصل ڪجي.
مطلب؛ ۱. رکيل شيءِ ئي ڪم ايندي آ.
۲. کڏ! چي؛ جيءُ سڏ!
384. رہامے ناں مال وی رہامے چ ژیے گشناں۔ (کہاوت)
رہامے؛ حرام.
ڪا به شيءِ حاصل ڪرڻ لاءِ، مٿس جان ۽ مال، پئسو ۽ وقت جي لاڳت ڪبي آ. حرام ذريعي سان آيل شيءِ تي ڪا به لاڳت ٿيل نه ھوندي آ، جنھن ڪري منجھانئس فائدو ته نه پوي پر پونيرن جي جھيڙي جو سبب بڻجي.
مطلب؛ ۱. حرام جو مال، حرام ۾ ئي ويندو آ.
385. روز روز نیں مرے کولا، ہیکا وار مرناں چنگا۔ (کہاوت)
موت بر حق آ. ايندو ضرور، جو ھيءَ دنيا بي بقا آ ۽ ھڪ ڏينھن ڊھڻي آ. موت کان لڪڻ اجايو آ. بيعزتيءَ واري زندگي، روز روز مري وڌائڻ کان، عزت جو ھڪ دفعو وارو آيل موت بھتر آ.
مطلب؛ ۱. ڏيھاڙيءَ ڏيھاڙيءَ جي مرڻ کان، ھڪ دفعو مرڻ چڱو.
386. راتیں گھس دیو، کہر اجھڑی گشنان۔ (کہاوت)
گھس؛ ٻھاري
رات جو گھر کي ٻھاري، فقط چور ئي ڏيندو. گھر-ڀاتي ڏئي ته کيس، چور وارو طعنو ھڻي، ٻھاري ڏيڻ کان روڪبو آ. جڏھن ته صفائي سٿرائيءَ ۾ قرار ايندو آ ۽ گندگيءَ ۾ نه. ان وھم ۾، اھو چڱو ڪم به رھجي ويندو آ.
مطلب؛ ۱. رات جو ٻھاري ڏيڻ سان، گھر اجڙي ويندو.
۲. راتیں گھس دیو، برکت اڈری گشنان۔ (کہاوت)
۳. رات جو ٻھاري ڏيڻ سان، برڪت نڪري وڃي.
۴. جمعي ڏينھن بصر کائبو ته ڪفن ۾ ڌپ ٿيندي.
387. رب نیاں، رب جانے۔ (کہاوت)
زندگيءَ اندر ڪيئي معاملا، مشيت ايزديءَ تحت، اسرن ۽ نسرن ٿا. اڄ سمجھ ۾ نه ٿا اچن. سڀاڻي سمجھ ۾ اچن ته واتان نڪريو وڃي؛ ”رب جي ڪرڻي، رب ڄاڻي، جو سوچي سمجھي، عام ڀلائيءَ لاءِ ڪري ٿو.“
مطلب؛ ۱. رب جي، رب ڄاڻي.
۲. رب جون ڳالھيون، رب ئي ڄاڻي.
388. رب کول دیر ای، انھیر نا۔ (کہاوت)
اللهﷻ، ڪائنات، وڏي حڪمت سان جوڙي آ ۽ ھلائي ٿو. ڪٿي به ڪا تڪڙ ۽ تيزي ناھي. ھر معاملو پنھنجي رٿا ۽ مصلحت تحت رونما ٿئي ٿو. انسان اٻھرو ۽ تڪڙا نتيجا طلبيندڙ آ. رب وٽ دير ٿئي پر ان ۾ ڀلائي رکيل آ.
مطلب؛ ۱. رب وٽ دير آھي، انڌير ناھي.
۲. رب جي ديڳ چپڙ آ؛ تپندي ناھي، تپندي آ ته ٺرندي ناھي.
389. رنگ مشکی؛ ناں کھنگ، ناں خشکی۔ (کہاوت)
چڱو رنگ روپ، جاذب نظر ھئڻ سبب، ھر ھڪ کي پسند ھوندو آ. اڇو/ ڳؤرو رنگ، ڪاري/ناسيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پرڪشش لڳندو آ. جڏھن ته چھري جو نکار، قدرت واري، رنگ ۽ سينگار جو محتاج نه رکيو آ.
مطلب؛ ۱. رنگ مشڪي؛ نه کنگھ، نه خشڪي.
۲. ڪارو؛ رب جو پيارو.
۳. اڇو؛ ڪڪڙ جو پڇو.
390. روزے خور، خدا ناں چور۔ (کہاوت)
روزو، رب طرفان، انسان جي ڀلائيءَ لاءِ ھر مذھب ۾ فرض ڪيو ويو آ. منجھانئس، جسماني توڙي روحاني، گھڻا فائدا آھن. رب طرفان مقرر ڪيل روزي ۾ اگر ڪو کائي پيئي ٿو، سو ڄڻ رب جي چوري ٿو ڪري.
مطلب؛ ۱. روزي-خور؛ خدا جو چور.
391. رونی مویاں کی، سنانی یاراں کی۔ (کہاوت)
پرائي سور جو احساس، پنھنجي اندر جي سورن تتان ٿيندو آ. پرائي پٿر تي اھو روئندو، جنھن کي پنھنجن جا پور پوندا. ٻڌائڻ خاطر، ڀل ڏاڍيان پار ڪڍي، ڪنھن کي ٻڌائي. پر روئڻو/ پٽڻو، پنھنجي اندر جو ھوندس.
مطلب؛ ۱. پار ڪڍي مئن لاءِ، ٻڌائي يارن کي.
۲. رونی یاراں کی، ناں مویاں ناں۔ (کہاوت)
۳. روئڻو روئي يارن جو، نالا وٺي مئن جا.
۴. جٹی روندی یاراں نوں، لے لے ناں بھراواں نوں۔ (پنجابی)
۵. ڄٽي روئي يارن ڪاڻ، نالا سڏي ڀائرن جا.
392. رجے کی دھیکھی ناں سکناں طہ پہکے کی دئی ناں سکناں۔ (کہاوت)
دنيا ڏانھن لاڙو، انساني سڀاءَ اندر وڌل آ، جنھن سبب، دنيا جي ڇِڪ ۽ مال، ميڙڻ جي سڌ ٿئي ٿي. ھوند واري مان اميد، سڃي مان سوال جو ڀؤ رھي ٿو. تنھنڪري سڀڪو، سُڃي کي ڇڏي، سکيي ڏي ڀڄي.
مطلب؛ ۱. ڍائي کي ڏسي نه سگھان، بکيي کي ڏئي نه سگھان.
۲. ڏاڍي تي ڪاوڙ چاڙھيي نه چڙھي، ھيڻي تان لاھيي نه لھي.