پھ
166. پھاتھی ناں کئہ پھڑکنا۔ (کہاوت)
ڪُڌي ڪم ڪرڻ سان، پڪڙ جو امڪان وڏو رھي. ان امڪاني تڪليف کان بچڻ لاءِ اپاءِ اڳواٽ وٺبا ته ڪم ايندا. اگر اڳواٽ نه ورتا ويا ته ڦاٿي کان پوءِ، ڪنھن ڪم جا نه ھوندا. پکي پڃري ۾، چور جيل ۾، مرون پنجوڙ ۾، ڏوھي مقدمي ۾ ڦاٿا ته پوءِ ڦٿڪڻ، سندن جان آجي نه ڪرائي سگھندو.
مطلب؛ ۱. ڦاٿي کان پوءِ ڦڙڪڻ ڪھڙو.
۲. پھاسیو نیانی کہہ پھڑکنی۔ (کہاوت)
۳. ڦاسي لڳڻ کان پوءِ ڦڙڪڻ، ڪنھن ڪم جو ناھي.
۴. ڦاسيءَ جي آرڊر ٿيڻ کان اڳ، ڦڙڦوٽ وجھجي ته چڱو.
167. پھلاں نال کنڈے وی ہونیں۔ (کہاوت)
جھان، شين جي اضداد ۽ مختلف النوع ڪيفيتن جي ملاوت سان جڙيل آ. خوشي ۽ غم، ڏينھن ۽ رات، روشني ۽ اوندھ، ڪوڙ ۽ سچ، ڪؤڙو ۽ مٺو، جھڙا اضداد ساڻ ساڻ رکيا ويا آھن ته جيئن دنيا پنھنجي قائم ڪيل محور تي ھلندي رھي. ھڪ-ڪرائيءَ سان نه منجھس مزو، نه رھڻ وارن کي چس. مزو ئي مٽ سٽ ۾ آ. اھڙيءَ طرح گل سان ڪنڊو به ساڻ رکيو ويو آ.
مطلب؛ ۱. گلن سان گڏ، ڪنڊا به ھوندا آھن.
168. پھلی پینڑیں طہ ککو چگی گشناں۔ (کہاوت)
پھلی؛ ڦلي، ڦري. پینڑیں؛ وڻ تي، پيڙ تي. ککو؛ ڪڪو، پکيءَ جو نالو. چگی گشناں؛ چڳي وڃي.
جھنگن منجھ، برساتي پاڻين تي پاڻ مُراديون وليون يا ٻوٽيون ٿين. منجھن ٿيندڙ وٽائتيون ڦليون، گھرجائن ۽ شوقينن کي ڳولئي نه ملن. البته جھنگ جا پکي جھڙوڪ ڪڪو، کين چڳيو وڃن.
مطلب؛ ۱. ڦلي جڏھن ٻوٽي تي چڙھي ته ڪڪو کائي وڃي.
۲. ڪا به شيءِ آسانيءَ سان نه ملندي آ.
169. پھنڈ پھنڈ لیلیئے؛ اوہے سیلی، اوہے کنڈ۔ (کہاوت)
پھنڈ پھنڈ؛ نچڻ ڪڏڻ، ٺينگ ٽپا ڏيڻ. لیلیئے؛ ليلو، ڇيلو، گھٽو. اوہے؛ اھو ئي، ساڳيو. سیلی؛ رسو، رسي، ٽوڙھو. کنڈ؛ ڪلو، ڪلي.
نچڻ ڪڏڻ واري کي گھور گھاٻور پوي. ٻڪري/ ڇيلو نچي ته مٿس ڪير به نه نوٽ گھوري، نه گاھ وڌائي ويجھو ڪري ڏئي. ويتر ساڳئي رسي سان، ساڳئي ڪلي ۾، ڪسي پيو ٻڌندس. تنھنڪري ھروبرو ٺينگ ٽپا نه ڏجن.
مطلب؛ ۱. ڀلي ٺينگ ڏئي ڇيلو! ھوندس اھو ئي رسو، اھو ئي ڪلو.
170. پھنڈے پھوکارنی کیاں دیئے، لوکیں ڈرانی دیس، ٹہناور کیا ہلانی دیئے، آپے ڈرنی دیس۔
پھنڈے؛ لومڙي. پھوکارنی؛ اوناڙ، چنگھاڙ. کیاں دیئے؛ ڇو ٿي ڏئين. لوکیں؛ لوڪن کي، ماڻھن کي. ڈرانی دیس؛ ڊيڄاريان ٿي. ٹہناور؛ پڇ، دم. کیا ہلانی دیئے؛ ڇو ٿي لوڏين. آپے ڈرنی دیس؛ پاڻ به ڊڄان ٿي.
جبلت/ ڪيفيت، پنھنجا ماڻَ مٽائيندي رھندي آ. ڪڏھن جبل جھاڳڻ ۾ مزو پيو ايندو، ڪڏھن گھر جي اڱڻ تي گھمندي به پئي بيزاري ٿيندي. ڪڏھن ٻين تي گجندي پيو کجڪارو پوندو، ڪڏھن پاسو ڪري ھلڻ ۾ به پيو ڀؤ ٿيندو. مليل جليل ڪيفيتون، رت پونءِ مان جڙيل ساھدار اندر وديعت ٿيل آھن. جن منجھان ھيءُ به آ؛ ’يا درياھ ٽپندو وتي يا اڏ تي بيٺو ھجي.‘
مطلب؛ ۱. ’لومڙي! اوناڙين ڇو ٿي؟‘ چي؛ ’ماڻھن کي ٿي ڊيڄاريان.‘ ’ڀلا پڇ ڇو ٿي لوڏين؟‘ چي؛ ’پاڻ به ڊڄان ٿي.‘
۲. گڏھ کان پڇيائون؛ ’پستيون ڇو ٿو ڇڏين؟‘ چي؛ ’ماڻھن تي رعب ٿو وجھان.‘ ’ڀلا ٽِٽُ ڇو ٿو ڇڏين؟‘ چي؛ ’ڪجھ ڪجھ ڊڄان به ٿو.‘
171. پھیرنیاں نے پھیر؛ کیدے میڑو، کیدے تیل۔ (کہاوت)
پھیرنیاں نے پھیر؛ ڦيريءَ جا ڦير، قسمت جا چڪر. کیدے میڑو؛ ڪڏھن داڻو. کیدے تیل؛ ڪڏھن تيل.
ڪا به شيءِ ساڳئي روپ ۾ وجود قائم رکڻ بجاءِ، مٽائيندي رھي ٿي. سرنھ جو تيل جسم کي ملڻ کان اڳ، ان جي سخت داڻي جي صورت ۾ موجود ھيو. گھاڻي ۾ پيسجڻ کان پوءِ سڻڀي تيل جي شڪل اختيار ڪيائين.
انساني وجود به ڪڏھن گندي قطري ۾ ھيو، منزلون طئي ڪندو؛ رت جي دڳ، گوشت جي لوٿڙي، ھڏڙين ۽ چمڙيءَ جي پوشاڪ ۽ عضون جي ٺھڻ بعد، صورت وٺي دنيا اندر آيو. ترقيءَ جي ڏاڪن تان، ھر جيوُ گذري ٿو.
مطلب؛ ۱. قسمت جا چڪر؛ ڪڏھن رائيءَ جو داڻو، ڪڏھن تيل جو ڦڙو.
۲. حالات سدائين ساڳيا نه ٿا رھن.
۳. دنيا، ھڪ-ڪري نه رھي آ.