لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڙي آخاڻ

پھاڙي ٻولي، گهڻي ڀاڱي، پاڪستاني پنجاب جي ڪجهہ علائقن سميت، آزاد ڪشمير ۽ ڀارت جي انتظام ھيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سوڌو ھماچل پرديش ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، ۽ ڄڻ تہ ٻن ملڪن ۾ پکڙيل آھي. عبدالوھاب سھتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ھيءُ ڪتاب جوڙڻ ۾، ڊاڪٽر محمد صغير خان جي ڪتاب ”پہاڑي کہاوتيں: آخان“ (۲۰۰۲ع) ۽ محبت حسين اعواڻ جي ڪتاب ”مري، گليات ني پہاڑي بولي چ ’آخان‘ متان، ٹچکراں طہ سياننيان“ (۲۰۰۹ع) تان مدد ورتي آھي.

Title Cover of book پھاڙي آخاڻ

س

س
397. ساٹھا تے پاٹھا۔ (کہاوت)
ساٹھا؛ ساٺو، سٺ سالن جو. پاٹھا؛ پاٺو، پاٺي جھڙو ٺوٺ ۽ بنا پاڻيءَ جي.
سَٺ سالن کي پھچندي، جوانيءَ واري جوت موڪلائي ويندي آ. نه اکين ۾ دھو، نه ڏندن ۽ ڏاٺن ۾ ھڏي ڪرٽڻ جي طاقت. نه پيٽ جو ھاضمو درست، نه ڄنگھن ۾ پنڌ جي طاقت. ھر عضوو، سھارو وٺڻ کان سواءِ ڪم نه ڪري. سڪل پاٺي جيان، سيٽيو آڪڙيو ھلندو، سھندو ٿوري سٽ به ڪو نه.
مطلب؛ ۱. ساٺو ته پاٺو.

398. سادوآں کی، کئہ سوادے نال۔ (کہاوت)
ساڌو، دنيا مان بيزار ھئڻ سبب، لذتن کي تياڳي ڇڏيندا آھن. سواد ۽ لذت ڏانھن ڌيان نه ھوندو اٿن. اگر ڪو ساڌو سڏائي ۽ وري دنيا جي شين سان شغف، رغبت ۽ لاڙو رکي ته کيس ساڌو نه مڃبو.
مطلب؛ ۱. ساڌن جو ڇا سواد سان.

399. سارے چٹ کپڑئیے، پلے مانس نئے ہونیں۔ (کہاوت)
سارے چٹ؛ اڇا اجرا. کپڑئیے؛ ڪپڙا. پلے مانس؛ ڀلومانس، عزتدار. نئے ہون؛ نه ھوندا.
آدمي ھڪ نور، ڪپڙو ست نور آ. تنھن ھوندي به چڱا ڪپڙا لڱن تي اوڍڻ سان، علم اندر ڪاھي نه پوندو آ. جيئن گڏھ تي ڪتابن جو ٻورو سٿبو ته عالم نه ٿيندو، تيئن ڀلا لٽا پائڻ سان ماڻھو، داناءُ نه ٿيندو.
مطلب؛ ۱. ڪپڙا اجرا پائڻ سان، اندر اجرو نه ٿو ٿئي.
۲. تن ڌوتي، من اجرو نه ٿئي.
۳. اڇي پڳ مَ پسُ، اندر مڙيوئي اڳڙيون.

400. سارے دن ہکے جئے نئے رہنیں۔ (کہاوت)
ھر ڏينھن ڌرتيءَ تي نئون سج اڀري ٿو. نوان خيال ۽ نيون امنگون ساڻ کنيو اچي ٿو. ڪالھ کي اڄ جھڙو ۽ اڄ کي سڀان جھڙو نه سمجھجي. ھر ڏينھن کي گھارڻ لاءِ، نئين تدبير ڪجي. نئين رٿا ۽ نئين سوچ سان ھلجي.
مطلب؛ ۱. سڀ ڏينھن ھڪجھڙا ناھن.

401. ساریاں گلاں حیاتی نال۔ (کہاوت)
مامرا، جيئرن سان آھن. مُئن سان ڪو به مامرو ناھي. ماڻھو مئو، دنيا مري وئي. ھڙ رٿون، اڻ-رٿيون رھجي وينديون. حياتي آ ته دنيا به آ. ان جا مزا ۽ رونقون به آھن. حياتي ختم، ھر شيءِ دُڦُ.
مطلب؛ ۱. سموريون ڳالھيون زندگيءَ سان آھن.
۲. مُئن ڪھڙا مامرا، چرين ڪھڙا چت.

402. سانجے ببے، کن دبے۔ (کہاوت)
سانجے؛ ڀائيواريءَ جا، شراڪت وارا، جنھن جا وارث گھڻا ھجن. ببے؛ بابي، بابا، ابا. کن؛ ڪو نه. دبے؛ دٻيا، دفنايا، پوريا.
گھڻ-ڀائيواريءَ جو معاملو، نبرڻ/ سنورڻ بجاءِ بگڙندو آ. جنھن فوتيءَ جا وارث ججھا، تنھن جي ملڪيت تي ڦڏا ڦشاد به جام. وارث، لاش دفنائڻ بجاءِ، پنھنجن حصن پتين وٺڻ جي ويڙھ ۾ لڳا پيا ھوندا آھن. لاش، سرد خانن منجھ پيو ڪنو ٿيندو آ.
مطلب؛ ۱. گھڻ-وارثيا بابا، ڪير دفنائي.
۲. گھڻن-وارثيي جو لاش، منھن ڏسڻ جي بھاني، دير سان دفن ٿئي.
۳. گھڻ-پٽاڻ ابي جو لاش، دفنائڻ لاءِ لاوارث.

403. سانون پہادھرے نی چہڑی ناں کئہ وساہ۔ (کہاوت)
سانون؛ سانوڻ، مھيني جو نالو. پہادھرے؛ بڊو، مھيني جو نالو. چہڑی؛ برسات، وٺو. وساہ؛ ويساھ، اعتبار، پت.
مندائتي مينھن جي موسم آ، جولاءِ-آگسٽ (سانوڻ ۽ بڊو). ھر ھنڌ ھڪجھڙو مينھن نه پوي. مال جي ھڪ سڱ تي پوي، ٻئي تي نه. پيو ته انڇر ڇنڇر. نه پيو ته قحط-سالي. ٻنھي صورتن ۾، مٿس اعتبار نه.
مطلب؛ ۱. سانوڻ ۽ بڊي جي بارش جو ڪو ڀروسو ناھي.

404. سانے ناں چھرا، ٹہڈے چ ناویں ہوناں۔ (کہاوت)
سانے ناں؛ سون جو، سونو. چھرا؛ ڇرو، خنجر، چاقو. ٹہڈے؛ ڍڍ، پيٽ.
سون، قيمتي ڌات ته آھي پر في نفسہٖ پيٽ جي بک ختم نه ڪري سگھي. سون جو چڪو کائڻ سان، نه پيٽ ڀرجي، نه بک لھي. وڍڻ جي حساب سان، جھِڙو سونو چاقو وڍي، تھڙو لوھ جو. پيٽ ۾ ھڻڻ سان، ٻئي وڍين.
مطلب؛ ۱. چاقو سونَ جو ھوندو ته پيٽ ۾ ته نه ھڻبو.
۲. ڪاتي ٿي سوني، پيٽ ۾ ته نه ھڻبي.

405. ساہ ناں کئہ وساہ۔ (کہاوت)
ساھ، دم يا پل، دنيا اندر اوترا کڻي سگھبا، جيترا قسمت ۾ لکيل ھوندا. لوح ۾ لکيو، ڪير پڙھي نه آيو آ. قدرت وارو ئي ڄاڻي ٿو. انسان کي دنيا جي عارضي ھئڻ جي خبر آ، منجھس ڪيترو رھندو، ان جي خبر نه آ.
مطلب؛ ۱. ساھ تي ڪھڙو ويساھ.
۲. ساہ ناں وساہ کوئی نا۔ (کہاوت)
۳. ساھ تي ڀروسو ناھي.
۴. دم تي ڪو ڀروسو ناھي.

406. سپاں اگیں دیوے نئے بلنے۔ (کہاوت)
نانگن جي فطرت آ؛ ڦوڪون ڏيڻ. انھن جو ٻين تي اثر پوي يا نه پوي، کين ان سان ڪو سروڪار ناھي. ڦوڪن تي حياتيءَ جو اجھاميل/ وساميل ڏيئو يا دونھون ڪندڙ ڪاٺي، ٺڙڪو ڏيئي، ٻري نه ٿا سگھن.
مطلب؛ ۱. نانگن آڏو ڏيئا نه ٻرندا.
۲. عادي نانگن جي ڦوڪن تي، ڏيئا ڪو نه اجھامندا آھن.
۳. نانگن جون شاديون/ فاتحائون؛ ڦوڪون ئي ڦوڪون.
407. سپاں نے پتر سپ ژے ہونیں۔ (کہاوت)
اولاد، فطرتًا پيءُ ماءُ تي اَڍ چڪيندو آ. سندس جبلتي لاڙا، رنگ روپ، طبعي ميلان ۽ رجحان ساڳيا ھوندا، جيڪي وڏڙن جا ھوندا.
مطلب؛ ۱. نانگن جا ٻچا به نانگ ئي ٿيندا.
۲. ڪانءَ جو ٻچو ڪانءُ ٿيندو.
۳. بگھڙ جو وياءُ، بگھڙ ٿيندو.

408. سپے ڈھنگناں چھوڑیا، سوکناں نئیں چھوڑیا۔ (کہاوت)
ڦوڪون ڏيڻ ۽ ڏنگ ھڻڻ، نانگ جي جبلت ۾ رکيل آ. عادت مٽجي سگھي ٿي، جڏھن ته جبلت، سيکارڻ يا سڌارڻ سان به نه مٽبي آ. نانگ جي ڏنگ کي منڊ لڳي، پر ڦوڪن کي نه. کير پيئارجيس ته به عادتًا ڏنگ ھڻندو. نه ھنيائين ته به فطرتًا/ جبلتًا ڦونگارو ضرور ڏيندو.
مطلب؛ ۱. نانگن ڏنگڻ ڇڏيو آ، ڦوڪون ڏيڻ ته ڪو نه ڇڏيو آ.
۲. ڪنھن کان به فطرت/جبلت، نه وسرندي آ.

409. سپے نا‎ کھادا ناں سوتریا کولا وی ڈرنا۔ (کہاوت)
انساني فطرت اندر، خوف (ڊڄ، ڊپ) ۽ خشيت (ڀؤ) پڻ وديعت ٿيل آھن. اوچتي کڙڪي تي، ڀؤ ۾ ٽاھ کائڻ، ھر ساھدار اندر رکيل آ. اچانڪ نانگ اچي، ڀؤ ۾ سمورا اٿي پوَن. اھو فطري عمل آ. جڏھن ته موت، اٽل آ ۽ ھڪ ڏينھن اچڻو آ. ان کان ڊڄڻ، بزدليءَ (ڀاڙيائپ) جي نشاني آ.
مطلب؛ ۱. نانگ جو کاڌل، سوتليءَ کان به ڊڄي.
۲. سپے ناں ڈنگیا رسی کولا وی ڈرناں۔ (کہاوت)
۳. نانگ جو ڏنگيل، رسيءَ کان به ڊڄي.
۴. نانگ جو ڏنگيو، نوڙيءَ کان ڇرڪي.

410. سپے ناں کھادا بچی گشناں، پر نظری ناں کھادا ناں بچناں۔ (کہاوت)
نظر/ بدنظر، ھُوس سبب ٿئي ۽ کاري ويھاري ڇڏي. جنھن کي احساس محرومي گھڻي ٿيندي، سو ٻين جي ھر شيءِ ۾ نگاھ وجھندو، جنھن سببان اڳلو ان نعمت کان محروم ٿي ويندو آ. نانگ جو ڏنگيل، علاج سان بچي. نظر جو گھايل، نه بچي. بد نظريءَ سبب پھتل گھاٽو، ڀوڳڻو ئي پوندو آ.
مطلب؛ ۱. نانگ جو کاڌل بچي وڃي، نظر جو کاڌل نه بچي.
۲. بدنظر؛ يا ماري، يا کاري.
۳. ڀيٽيو؛ نظر پتھر پھاڑی شوڑنی۔ (کہاوت)

411. ست چوہے کھائی، بلی حجے رٹری۔ (کہاوت)
ٻليءَ جي مرغوب ۽ گھربل غذا؛ يا ڇيڇڙا، يا ڪُوئن جي گرم ۽ سڻڀي وَھَ آ. ڪوئن جي وھُ، گيدڙي کائين، تن کي اگھاڙي لڱين، سياري ۾ به سيءُ نه ٿئي. ٻليءَ کي جيترا به ڪوئا سامھون آيا، ليٽائي رکندن. پوءِ، معصوم منھن ٺاھي ويھندي ۽ به نه ڪندي. ڄڻ سڄي عمر پارسا رھي ھجي.
مطلب؛ ۱. ست ڪئا کائي ٻلي، حج تي ھلي.
۲. نو سو چوہے کھائی، بلی حجے رٹری۔ (کہاوت)
۳. نو سؤ ڪئا کائي، ٻلي حج ھلي.

412. ستا طہ مویا ہیک بروور۔ (کہاوت)
ڪيترن ماڻھن جو ساھ، ننڊ ۾ به نڪتو آ. ننڊ دوران، ساھ قبض ڪيا ويندا آھن. اٿڻ مھل ڪي موٽايا ويندا آھن، ڪي نه. جو ننڊ، موت جي ڀيڻ آ. ننڊ ۾ ستل ۽ موت جي بستري تي پيل، ٻئي دنيا جي ڪاروبار کان پري ۽ ٻين جي وس آھن. ان لحاظ کان ٻنھي ۾ ھڪجھڙائي آ.
مطلب؛ ۱. ستل ۽ مئل، برابر ناھن.

413. ستے شین کی ناں جاغاؤ۔ (کہاوت)
شین؛ شينھن.
شينھن، ڦاڙيندڙ درندو آ. پرائو شڪار نه کائي. ان جانور جو ماس کپيس، جيڪو پاڻ شڪار ڪيو ھجائين. اھڙي کي ستل ئي رھڻ ڏجي. اٿيو ته ھڪ ڌڪ ڪندو. کانئس ٽري پاسو ڪرڻ کي، سڀڪو ترجيح ڏئي.
مطلب؛ ۱. ستل شينھن کي نه جاڳائجي.
۲. شينھن جي آڏو لڪڙي اڇلڻ سولي، ورائي کڻڻ اولي.

414. سجن اوئے، جہڑا اوخے ویلے کم اچھے۔ (کہاوت)
اوکو وقت، سھڻ ڏکيو آ، وس ويندي ڪير به پاڻ تي اچڻ نه ڏيندو آ. ٻئي مٿان آيل تڪليف جو احساس گھٽ ٿيندو آ. اگر ٿئي ۽ مدد لاءِ اٿي پئجي ته ان لاءِ چئبو؛ ’دل جو ڳانڍاپو اٿن ۽ ھڪٻئي جا سڄڻ آھن.‘
مطلب؛ ۱. سڄڻ سو، جيڪو اوکي ويلي ڪم اچي.
۲. سکا اوئے آ، جہڑا اوخے ویلے کم اچھے۔ (کہاوت)
۳. سڳو مٽ اھو، جو اوکيءَ ويل ڪم اچي.
۴. یار اوئے آ جہڑا اوخے ویلے کم اچھے۔ (کہاوت)
۵. يار اھو آ جيڪو اوکيءَ مھل ڪم اچي.

415. سجن اوئے، جہڑا موئیں ر سچ آخے۔ (کہاوت)
عيب، جسم يا اخلاق جو، ٻين کان ڏور ڪندو ويندو آ ۽ زندگي گھارڻ، اھنجي ٿيندي ويندي آ. عيب يا غلطي پرکي، پاڻ کي آجو ڪرڻ ۾ سھنجائي آ. اھو تڏھن ممڪن آ، جڏھن پاڻ ۾ عقل ھجي يا ڪو سڄڻ، منھن سامھون عيب جي نشاندھي ڪري ۽ ان جو حل به ٻڌائي.
مطلب؛ ۱. سڄڻ اھي، جيڪي منھن تي سچ چون.

416. سجناں سوائیں کئہ عیزاں۔ (کہاوت)
سجناں؛ سڄڻن. سوائیں؛ کان سواءِ. کئہ؛ ڪھڙيون. عیزاں؛ عيدون.
عيد، خوشيءَ جو نالو آ، جيڪا تن سان گڏجي ملھائبي آ، جن کي ڏٺي پڻ خوشي ٿئي. جن کي ڏسڻ سان دل کي راحت اچي، سي جيڪڏهن دور ھجن ته اھا عيد مزو يا خوشي نه ڏيندي.
مطلب؛ ۱. سڄڻن کان سواءِ، ڪھڙيون عيدون!

417. سجناں نیں کتے وی پیارے ہونیں۔ (کہاوت)
جن سان دل لڳندي آ، تن جي ھر ادا/ شيءِ پياري لڳندي آ ۽ منجھانئن خوشبوءِ ۽ طراوت پئي ايندي آ. اساسي شاعر، حمل فقير لغاريءَ سڄڻ جي پار جي ڪاري ڪتيءَ تان سڀ لغاري قربان ڪري ڇڏڻ جي دعويٰ ڪئي آ.
مطلب؛ ۱. سڄڻن جا ڪتا به پيارا.
۲. محبت واري جي ھر شيءِ پياري لڳندي آ.

418. سچ ساریاں کی پہڑا لگناں۔ (کہاوت)
پہڑا؛ ڪؤڙو، برو.
ڪي رٿائون، واءِ واءِ ڪرڻ سان، کري پونديون آھن. اھڙي قسم جو سچ يا واءِ واءِ اگرا لڳندا آھن. جيتوڻيڪ، سچ سان وقتي ڏکيائي ايندي آ، آخر فائدو رسندو آ. تنھن ھوندي به ھر ڪو، سچ چوڻ کان پيو ڪيٻائيندو آ.
مطلب؛ ۱. سچ مڙني کي برو لڳندو آ.
۲. ڀيٽيو؛ سچ کوڑا ہونا آ.

419. سچ کوڑا ہونا آ۔ (کہاوت)
سچ، اندر ۾ ڪؤڙو آ ۽ مٿس مٺاس جو روغن چڙھندو ئي ناھي. وقت گذرڻ کان پوءِ ان جا فائدا ضرور ظاھر ٿيندا آھن. وقتي، ڏاڍو ڏکيو ۽ برداشت کان چڙھيل ھوندو آ.
مطلب؛ ۱. سچ، ڪؤڙو آ.
۲. الحق مر، ولو کان در. (عربي)
۳. سچ ڪؤڙو آ، ڀلي موتي ھجي.
۴. سچ؛ وات کي مِٺو، ڪنن کي ڪؤڙو لڳي.

420. سچی گلے ر پہائی والی ترٹنی، طہ پئی ترٹے۔ (کہاوت)
پہائی والی؛ ڀائيواري. ترٹنی؛ ٽٽي، ڇڄي.
سچ، ان ڪري نه وڻندو آ، جو پت وائکي ٿيڻ سبب، نقصان جو انديشو ھوندو آ. ڪُوڙ يا لِڪُ، وقتي فائدو ڏيندڙ آ، پر پڇاڙي بڇڙي اٿس. ڪوڙ جي سھاري سان، وقتي فائدا وٺڻ کان، سچ جو پاسو وٺجي. پوءِ ڀلي ڀائيواريون ڦٽي/ ٽٽي وڃن. ليکو ڪبو ته ان ۾ ايڏو حرج ناھي.
مطلب؛ ۱. سچ چوندي ڀائيواري ٽٽي ته پئي ٽٽي.
۲. ڏندڻ ڏيندي ڏند گَسي، ته گَسڻ ڏينس،
ڦڻي ڏيندي وار کُسي، ته کُسڻ ڏينس،
دال روٽي کاڌي ڌن کُٽي، ته کُٽڻ ڏينس،
حق سچ چوندي يار رُسي، ته رُسڻ ڏينس.

421. سخے ناں ہر کوئی یار۔ (کہاوت)
سکيو، پنھنجي پيرن تي بيٺل ھوندو آ. ٻين کان، اوڌر پاڌر نه گھرندو آ. اگر گھرندو ته ستت، ڪنھن ٿوري سان، موٽائڻ جي ڪندو. اميد جي آسري، ھر ڪو مٿس ٿورو ڪرڻ ۽ تعلق رکڻ جي ڪوشش پيو ڪندو آ.
مطلب؛ ۱. سکيي جو ھر ڪو يار.
۲. سڃي کان ھر ڪو پيو ڪترائيندو آ.
۳. سکيي منجھان، سؤ سک.

422. سخیے کولا شوم چنگا، جہڑا ترت دے جواو۔ (کہاوت)
ترت جواب ڏيڻ سان، اڳلي جو آسرو ٽٽو ۽ ويھي وقت وڃائڻ کان بچي ويندو ۽ وڃي ڪو ٻيو بلو ڪندو. سخي، جو آسرا ڏئي وقت وڃائي، تنھن کان اھو ڪنجوس بھتر، جو ترت جواب ڏئي، وقت نه وڃائي.
مطلب؛ ۱. سخيءَ کان شوم ڀلو، جو ترت ڏئي جواب.

423. سدا کوئی نا جیناں۔ (کہاوت)
دنيا ۾ ھر ڪو مسافر آ. مقرر ڪيل، عرصي لاءِ آيو آ ۽ پنھنجو وارو وڄائي، مداءَ تي ھليو ويندو. دنيا، عارضي آ. وقت، ھٿن مان کسڪندڙ واريءَ وانگر، زوريءَ وھندو ٿو وڃي ۽ خبر به نه ٿي پوي. اوچتو ھليو وڃبو.
مطلب؛ ۱. سدائين لاءِ ڪير به جيئرو نه رھندو.
۲. موت ھر ساھدار تي اچڻو آ.

424. سدھیاں انگلیاں نال کہئے نا نکلناں۔ (کہاوت)
سڻڀيون شيون ۽ فائدي وارا ڌنڌا، سولائپ سان ھٿ نه ايندا آھن. ڏک ڏاکڙا ڏسڻ کان علاوھ، دنياداري به ڪرڻي پوندي آ. سڌو ھلڻ سان، تاڪائو کائي ويندا. پنھنجو وجود برقرار رکڻ لاءِ، ٽيڏي سان ٽيڏو ٿيڻو پوندو آ.
مطلب؛ ۱. سڌيءَ آڱر سان، گيھ نه نڪرندو آ.
۲. گيھ، ٽيڏي آڱر سان نڪرندو آ.

425. سر آئی قضا، نئی ٹلنی۔ (کہاوت)
تڪليف، جا قسمت ۾ لکيل آ، سا ڀوڳڻي پوندي. اھا اصل نه ٽرندي آ. دنيا جون سختيون، ڀڄائڻ، ٽاھڻ، نستو ۽ ڀاڙي ڪرڻ لاءِ نه ھونديون آھن، بلڪ پڪو پختو ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ ھونديون آھن. منھن ڏيڻ ۾ عافيت آھي.
مطلب؛ ۱. سر تي آيل قضا، مور نه ٽرندي آ.
۲. سر آئی، سہنی پہنی۔ (کہاوت)
۳. سر آئي، سھڻي پوندي.
۴. سر پئی، پونتنی پہنی۔ (کہاوت)
۵. سر تي آيل، ڀوڳڻي پوندي آ.
426. سر بڑے سرداراں نے، پیر بڑے گنواریں نے۔ (کہاوت)
سردارن کي قوم لاءِ سوچڻو ويچارڻو آ، تنھنڪري قدرت وارو سندن دماغ، وڏا ڪري ٿو. ڳنوارن ۽ مال چاريندڙن کي مال پويان ڀڄ ڊڪ ڪرڻي آ، جنھن لاءِ کين دماغ نه پر پير وڏا کپن. تن جا پير وڏا ٿين ٿا.
مطلب؛ ۱. سر وڏا سردارن جا، پير وڏا ڳنوارن جا.
۲. سر وڏو سپوٽ جو، پير وڏو ڪپوٽ جو. (ٿر)
۳. ڀيٽيو؛ پیر بڑے لہاراں نیں، طہ سر بڑے سرداراں نیں۔ (کہاوت)

427. سر پینی فر پتا چلناں، کتنے وئیاں ناں سو آ۔ (کہاوت)
ٻاھران بيھي، مصيبت بابت ڳالھيون ڪرڻ سوليون آھن. مصيبت جي اندر ويھي، حوصلي ۽ مت کي قائم رکڻ، اھنجو/اوکو آ. اصل ۽ بي اصل جي پرک، اتي ٿيندي آ.
مطلب؛ ۱. سر تي اچڻ کان پوءِ پتو پوندو آ ته؛ گھڻين ويھين سؤ آ.
۲. ڪم پِئي ٿي، ڪل پوي.

428. سر سلامت، جتیاں بہوں۔ (کہاوت)
سر/ جان جي قيمت، ھر شيءِ کان وڌ آ. تڪليف اچي، اتان پھرين جان جي خلاصائيءَ جا اپاءَ وٺجن. ٻيون شيون وري به ٿي پونديون. شيءِ خاطر، جان نه وڃائجي، چوندا آھن؛ ”مال صدقو، جان جو ۽ جان صدقو شانَ/مانَ جو.“
مطلب؛ ۱. سر سلامت، جتيون کوڙ.
۲. يار سلامت، صحبت باقي.
۳. سر بخت ڏي خير ھجي، باقي معاملا پيا نبرندا.

429. سراں نال سرداریاں۔ (کہاوت)
عزت ۽ شان، وجاھت ۽ دٻدٻي جو مزو آ، صحت ۽ سرير سان. لاغر جسم وارو پنھنجي بت مان ئي بيزار ھوندو. سرداري يا وڏيرپ مٿي جو سور آ. سر سلامت ھوندو ته سرداريءَ لائق ٿي پئبو ۽ پراوا معاملا پنھنجي مغز ۾ کڻي سگھبا.
مطلب؛ ۱. سرن سان، سرداريون.
۲. جان آ ته سرداري به قائم آ.
۳. جان آ ته جَھان آ.
430. سر ہویں تہ ٹوپیئں نے کہاٹے۔ (کہاوت)
سر؛ سر، مٿو. ہویں؛ ھجن. ٹوپیئں؛ ٽوپي، تاج. کہاٹے؛ گھاٽو، کوٽي. ٹپیاں؛ ٽوپيون. کال؛ ڪال، کوٽي.
ٽوپي، مٿي تي پائبي آ. مٿو ئي نه ھوندو ته ٽوپيءَ جو ڪھڙو ڪم؟ مال ملڪيت ڪٺي ڪبي آ اولاد ۽ جان جي سک لاءِ. جيڪڏهن نه اولاد رھي ۽ نه ڄمار وڌي، ته ڪٺي ڪيل ملڪيت ڪھڙي ڪم جي؟
مطلب؛ ۱. سر/ مٿو ھجي ته ٽوپين جو ڪھڙو ڪال.
۲. ضرورت واري شيءِ جو گراھڪ ھوندو آ.
۳. اھليت ۽ صلاحيت ھجي، ڪم لاءِ موقعو (چانس) ملي ويندو آ.
۴. سر ہون طہ ٹپیاں نیں کال نئے۔ (کہاوت)
۵. مٿو ھجي ته ٽوپيءَ جو ڪال ناھي.

431. سرے ناں پہار، پیراں ناں اشناں۔ (کہاوت)
سرے؛ سر، مٿي تي. ناں؛ جو، تي رکيل. پہار؛ ڀار، بار، وزن. پیراں؛ پيرن. اشناں؛ اچڻو آ.
پاڻان وڏي کي تڪليف ۾ وجھڻ خاطر، اگر ننڍا ويھي ڪڌا ڪم ڪندا ته انھن جو نتيجو وڏن سنئين کين به ڀوڳڻو پوندو. جيڪا ڀري، مٿي تي کڻجي ٿي، تنھن جو وزن، جسم ۽ پيرن ذريعي، زمين تي پھچي ٿو.
مطلب؛ ۱. مٿي تي رکيل بار، وري به پيرن تي اچڻو آ.
۲. وڏن تي آيل آزمائش جو مزو، ننڍن کي به چکڻو ئي پوندو.

432. سس ناں ننان، بنی پھرے پردھان۔ (کہاوت)
پردھان؛ وڏو، سردار.
سس جو نونھ سان، نڻان جو ڀاڄائيءَ سان، ڏيرياڻيءَ جو ڄيٺياڻيءَ سان، پھاڄ جو پھاڄ سان، ويرپو ھوندو آ. زور، زور کي جھلي بيھي، جنھن سبب، مرد جي زندگي سکي گذرندي. جڏھن ته نونھ چاھيندي آ؛ سس موراڳو ھجي ئي نه. ڀاڄائي، نڻان کي ڏائڻ ۽ ڏيرياڻي، ڏيرياڻيءَ کي ويرياڻي پئي سمجھندي آ. پھاڄ، مکڻ جي به گھوري. جيڪا انھن رشتن کان آجي آ، سا پاڻ کي سڀاڳي پئي سمجھندي آ.
مطلب؛ ۱. سس نه نڻان، گھمي ڦري پرڌان.
۲. نه سس، نه نڻان؛ ويٺي موجان ماڻ.

433. سستا روئے وار وار، مینغا روئے ہکے وار۔ (کہاوت)
سستي شيءِ، اگھ ۾ گھٽ، چوڙڻ ماڻڻ ۾ اڻ-جھالائو ھوندي آ. جلد ڀڄندي، ٺھڻ تي ورجائي خرچ/ خفو ڪرڻو پوندو ۽ بيزار ٿي پئبو. پائدار شيءِ مھانگي ھوندي آ پر پھرئين خرچ ڪرڻ پڄاڻان، دلجاءِ ھوندي آ.
مطلب؛ ۱. سستو روئي وار وار، مھانگو روئي ھڪ وار.
۲. مہنگا/ مینغا روئے ہک/ ہکے بار، سستا روئے بار بار۔ (کہاوت)
۳. مھانگو روئي ھڪ وار، سستو روئي وار وار.

434. سکھن، سودا طہ کچھی،
سوچی سمجھی طہ کریں تاں ژے ہار نہ اچھی۔ (کہاوت)
سکھن؛ سخن، وچن، رشتو ڪرڻ. سودا؛ سودو، واپار. کچھی؛ ورو، منھ/ ڪوٺي جي ڇت ۾ وڌل ڪام، ڊگھي ڪاٺي. ہار نہ اچھی؛ نقصان نه پوي.
رشتو ھڪ دفعو پر سڄي عمر لاءِ ڪجي ٿو. سودو بيٺي ڪبو آ پر پئسي ڏني کان پوءِ ڦربو ناھي. منھ اندر ڪاٺ جو ورو اھڙو وجھجي جيڪو وزن کڻي سگھي. اگر ٽٽو ته ڇت وئي. ٽئي ڪم، اڳواٽ سوچي سمجھي، تڪي توري، پوءِ ڪجن.
مطلب؛ ۱. مائٽي، سودو ۽ ورو؛ سوچي ڪجن، جيئن نقصان کان بچجي.
۲. ٽڪي جي دانگي وٺجي ته به وڄائجي وٺجي.

435. سکی نال، سنی وی بلنی/ سڑی گشنی۔ (کہاوت)
سائو ڪاٺ/ٻارڻ، آلو ھئڻ سبب، ٻرڻ جي صلاحيت گھٽ رکندو آ. سُڪي منجھ صلاحيت ھوندي آ. آلو جڏھن، ٻرندڙ سڪي جي صحبت ۾ ھوندو ته جلد خشڪ ٿيندو ۽ ٻرڻ جي صلاحيت وڌائڻ شروع ڪندو.
مطلب؛ ۱. سڪي سان گڏ ساوا به ٻرن/ سڙي وڃن.
۲. چورن سان چاھ پئي، جي من ميڙ ڪيائين،
پوندو ته ڪاٺ، نه ته ڪوٺائبو ته سھي.
۳. چڱن سان چاھ پئي، جي من ميڙ ڪيائين،
رڱجي ته لال ٿيندو، نه ته ڪڪوربو ته سھي.
۴. صحبت جو اثر جلد ٿئي ٿو.

436. سمندرے نی ما تریہی ہوئی۔ (کہاوت)
تریہی؛ ترسايل، اڃايل، اساٽيل.
سمنڊ جو پاڻي، اگر مٺو ھجي ته بيٺي بيٺي ڌپ ڪري وڃي. کارو ھئڻ سبب، ھيئت برقرار رکيو اچي ٿو. جڏھن ته کاري پاڻيءَ ۾ اڃ لاھڻ جي صلاحيت نه ھوندي آ. پي پي پيٽ ڦوڪجي وڃي، تاس نه مرندي.
مطلب؛ ۱. سمنڊ جي ماءُ، اڃياري ھوندي.
۲. ھوندي مال، برا حال.
۳. گھڻي کي، بک به گھڻي.
۴. گھڻا اوڇڻ، گھڻو سيءُ.
۵. گھڻي ملڪيت وارن کي، ملڪيت مان ڍؤ نه ٿيندو آ.

437. سنڈیاں ناں پیڑھ، جنڈاں نی خراوی۔ (کہاوت)
سنڈیاں؛ سانَ. پیڑھ؛ ويڙھ، جھيڙ. جنڈاں؛ جھُنڊ، ٻوٽا. خراوی؛ خرابي.
سانَ، طاقت وارا آھن. پاڻ ۾ وڙھندا ته ھڪٻئي سان پڄي کائيندا. جتي وڙھندا، اتي ڌوڙ اڏائي ڇڏيندا، وڻ ڀڃي ڇڏيندا، ٻوڙا پٽي ناڙ ڪري ڇڏيندا. سندن ويڙھاند، ڀر وارن ڪمزور ٻوڙن تي شامت ٿي ايندي آ.
مطلب؛ ۱. سانن جي ويڙھ، جھنڊ/ ٻوڙن جي خرابي.
۲. سنڈیاں نی لڑائی، جنڈیں نی خراپی۔ (کہاوت)
۳. سانن وڙھندي، ٻوڙن جوکو.
۴. سنڈیاں نی لڑائی، طہ بوٹیاں ناں ناس۔ (کہاوت)
۵. وڙھيا سان، پٽيا ٻوٽا.

438. سنگیاں نال، سنگت۔ (کہاوت)
زندگي، اڪيلي رھڻ لاءِ ناھي، بلڪ ماڻھن سان گڏجي رھڻ لاءِ آ. سٿ ۾ رھڻ ئي زندگي آ ۽ ان ۾ ئي زندگيءَ جو مزو آ. ٻي صورت ۾ جانورن واري زندگي آ، جيڪا بي مقصد ۽ اجائي ھلي وڃي ٿي.
مطلب؛ ۱. سنگتين سان، سنگت.
۲. سنگت سان مزا آھن.
۳. سنگت آھي ته مزا به آھن.
۴. اٿڻ ويھڻ جا مزا، سنگت ساٿ جي ھئڻ سان آھن.

439. سنگئے نی سنگت کی دھیکھو، اسنے عیباں کی ناں دھیکھو۔ (کہاوت)
جنھن سان سنگت رکجي، تنھن جا عيب صواب نه جاچجن. کيس عيبن صوابن سميت اکين تي رکجي. دوستي، تڏھن نڀجي سگھندي. اگر موٽ ۾ اڳلي به عيب صواب ڍونڍڻ شروع ڪيا ته سنگت نه رھندي.
مطلب؛ ۱. يار جي ياريءَ کي ڏسو، يار جي عيبن کي نه ڏسو.
۲. سنگئے نی سنگت نال کم، اسنے عیباں نال کئہ کم ۔ (کہاوت)
۳. يار جي ياريءَ سان ڪم، خواريءَ سان ڪھڙو ڪم.
۴. یار نی یاری نال غرض، اس نے عیباں نال کئہ غرض۔ (کہاوت)
۵. يار جي ياريءَ سان غرض، خواريءَ سان نه.
۶. یار نی یاری نال مطلو رکھناں۔ (کہاوت)
۷. يار جي ياريءَ سان ڪم رکجي.

440. سنو ساریاں نی، کرو اپنی مرضی۔ (کہاوت)
ڪنھن به معاملي ۾ ھٿ وجھڻ کان اڳ، صلاح صواب گھڻن سان ڪجي. جڏھن معاملي جا ھڙ پاسا اکلي ۽ ھيٺ-مٿانھيون نروار ٿي پون ته پنھنجي منھن ويھي، اندر سان آچار ويچار ڪجي، تھان پوءِ جيڪي من ۾ ويھي، تنھن تي وت ۽ وس، ضرورت ۽ کيسي آھر عمل ڪجي.
مطلب؛ ۱. ٻڌو ھر ھڪ جي، ڪيو پنھنجي مرضيءَ جي.
۲. کرو اپنی، سنو ساریاں نی۔ (کہاوت)
۳. ڪيو پنھنجي، ٻڌو سڀني جي.

441. سو تہڑے چور نیں، ہک تہڑا ‎شاد ناں۔ (کہاوت)
چور، لِڪي لڪي پرائو مال چورائي ٿو. ڌڻي/ شيءِ جو مالڪ، وس آھر پنھنجي مال جي سنڀال ڪري ٿو. جيستائين کيس سڌ پوي يا چور پڪڙڻ جا رستا ذھن ۾ اچن، تيستائين چور پيو جاوا ڪندو آ. نيٺ ساڌ کي به وارو ملندو آ، ۽ چور جا اڳيان پويان ليکا پورا ٿي ويندا آھن.
مطلب؛ ۱. سؤ ڏينھن چور جا، ھڪ ڏينھن ساڌ جو.
۲. اوڻٽيھ راتيون چور جون، ھڪ رات ساڌ جي به آ.
۳. اوڻويھ راتيون چور جون، ويھين ساڌ جي به آ.

442. سو داندے والا وی ہک داندے والے کول گینا‎۔ (کہاوت)
سو؛ سؤ، ۱۰۰. داندے والا؛ ڏاندن وارو. کول؛ وٽ. گینا؛ ويندو آ.
ھر ھڪ سان معاملا آھن ئي آھن. ھڪ ڏاند واري سان به آھن ته سؤ ڏاند واري سان به آھن. سڃو توڙي سکيو، ٻين جي مدد کان آجو ناھي. ٻين سان ربط ۽ واسطي کان سواءِ زندگي گذارڻ آسان ناھي.
مطلب؛ ۱. سؤ ڏاند-وارو به ھڪ ڏاند-واري وٽ اچي.
۲. ھڪ-رڇي، ست-رڇيءَ وٽ اچي ته ست-رڇي ھڪ-رڇيءَ وٽ اچي.
۳. غريب جو امير منجھ ۽ امير جو غريب منجھ، ڪم پيو پوندو آ.

443. سو سنیارے نی، ہیک لہارے نی۔ (کہاوت)
سوناري کي ذري سونَ منجھان زيور ٺاھڻو آ. ننڍڙا ڌڪڙا ھڻي ٺاھي سگھندو. لوھر کي، وڏي لوھ-ٽڪر مان اوزار ٺاھڻو آ. وڏاڻ سان سنداڻ تي رکيل لوھ مٿان، وڏا ۽ تڪڙا ڌڪ ھڻندو ته واھ، نه ته ھڙ ويس.
مطلب؛ ۱. سؤ سونار جا، ھڪ لوھار جو.
۲. سؤ ڌڪ سوناري جا، ھڪ ڌڪ لوھر جو.

444. سوٹے ماریاں پانی نیئں بچھڑنا۔ (کہاوت)
پاڻيءَ جا ڦڙا پنھنجي لطافت سبب ھڪٻئي سان چنبڙيل ھوندا آھن. لڳل لٺ، پنھنجي وچان پار ٿيڻ ڏيندا، ھم آھنگي/ رفاقت ختم نه ڪندا. ٻه ڀائر جدا گھرن ۾ رھندي به ڀائر ئي سڏائيندا، دشمن نه سڏائيندا.
مطلب؛ ۱. لٺ ھنئي، پاڻي نه ڇڄي.
۲. سٹے ماریاں، پانی جدا نا ہوناں۔ (کہاوت)
۳. سوٽو ھڻڻ سان، پاڻي جدا نه ٿيندو آ.
۴. پانئے چ سٹے ماریاں دونئے ہونے۔ (کہاوت)
۵. پاڻيءَ ۾ لٺ ھنئي، ڪجھ نه ٿئي.
۶. نھن تان ماس نه ڇڳو آ.
۷. رت جا رشتا، حالتون ڦرڻ سان به، نه ٽٽندا آھن.

445. سوچیں پیا، بند اگا۔ (کہاوت)
ھر ڪم سوچي سمجھي شروع ڪجي. شروع کان مڪمل ٿيڻ تائين، وچ ۾ ٻيا خيال دل ۾ نه آڻجن. ڌيان ھيڏانھن ھوڏانھن ٿيو ته رٿيل ڪم اڻپورو رھجي ويندو ۽ ڪيل محنت رائگان ھلي ويندي.
مطلب؛ ۱. سوچن ۾ پيو، بند اڳيان آيس.
۲. وھمن ۾ پيو، رڪاوٽ ۾ اٽڪيو.

446. سورے ٹاکو کہہ کرسی۔ (کہاوت)
سورے؛ سوئر، خنزير، ساھدار. ٹاکو؛ بيماريءَ جو قسم. کہہ کرسی؛ ڇا ڪندي.
سوئر خود بيماري آ، جنھن سبب کيس نجس، پليد ۽ حرام ڪيو ويو آ. ان کي ٻيون بيماريون لڳي/ چنبڙي، ڇا ڪنديون!
مطلب؛ ۱. سوئر کي ٽاڪو جي بيماري ڇا ڪندي؟

447. سورے نے یار باہرے۔ (کہاوت)
پليد جا يار به پليد. ھر ڪنھن جي سڃاڻپ، ياريءَ ۽ سنگت مان پوندي آ. سوئرن جا ساٿي به سوئر. پنھنجا پاڻ ۾ ھڪڙو غول ٺاھي پيا ھلندا. ڪو جھلڻ پلڻ وارو نه ھوندو اٿن.
مطلب؛ ۱. سوئر جا يار، ٻاھر وارا.
۲. سوئر جا يار به سوئر.

448. سویلے نیں پہلیا سناں کہر مڑی اچھے، اس کی پہلیاوا نئے آخنے۔ (کہاوت)
خطا/ ڀل چڪ، انساني فطرت اندر رکيل آ. نه ڪو ماءُ-پيٽان سکي آيو آ ۽ نه وڏي دماغ سان ڄائو آ جو ھر معاملو، انت کان اڳ، سمجھي وڃي. ڀلئي کي سمڪ اچي ۽ موٽ کائي ته ڀليل نه چئبس. جو سندس نيت ۾ خلل ناھي. اگر خطا تي ڳت ڏئي بيھي ته ڀليل چئبس.
مطلب؛ ۱. ساجھر جو ڀليو، سنجھي جو گھر موٽي اچي ته ڀليل نه چئبس.
۲. فزریں ناں پہلیاوا سناں مڑی اچھے، اس کی پہلیاوا نئے آخنیں۔ (کہاوت)
۳. صبح جو ڀُليو، سانجھيءَ جو موٽي اچي، تنھن کي به ڀليو نه چئبو.

449. سوئے کھوتی، کلے کمہار۔ (کہاوت)
سوئے؛ سوئا ٿئي، ويامي، ڦر ڏئي. کھوتی؛ کوتي، مادي گڏھ. کلے؛ تڪليف برداشت ڪري، سور-ڦيٽون کائي. کمہار؛ ڪنڀار، ڪنڀر.
ڪنڀر، ڪچا پڪا ٿانءَ، گڏھ تي ڍوئيندو آ. گذر سفر لاءِ گڏھ جي ضرورت ڏيھاڙي پوندي اٿس. گڏھ ويامندي ته ڏينھن اڌ، بار ڍوئي نه سگھندي، جنھن سان ڪنڀر پريشان ٿيندو. گڏھ جي ويم جا سور، ڄڻ کيس ئي ڀوڳڻا آھن.
مطلب؛ ۱. ويامي گڏھ، سور سھي ڪنڀر.
۲. بار گڏھ تي، ٽٽ ڇڏي کودي.
۳. سور ساٽيءَ کي، ڏنڀجي گڏھ.

450. سیانا کاغ، گوئیں اپر بہنا۔ (کہاوت)
ڪانءُ، سياڻو ٿيندو آ. جان به بچائيندو آ، ٻارن جي ھٿان لولا به ڦريندو آ. ڊڄڻو، ٽھڻو ۽ ڇرڪڻو به حد جو آ. اولڙي يا ڪمان کان ونءُ پيو ويندو. وڃي گونھ تي ويھندو، ماڻھن جي ويجھو نه ايندو.
مطلب؛ ۱. سياڻو ڪانءُ، گونھ تي ويھي.
۲. سياڻو ڪانءُ، ٻه-ٽنگو ڦاسي.

451. سیرے کی سوا سیر وی ملی گشناں۔ (کہاوت)
دنياوي شين اندر، طاقت جو ڇيھ ڪنھن تي به ناھي. اور کان اور شيءِ پئي آ. حسن ھجي يا دولت، علم ھجي يا عقل. مڙني کي، ٿورو گھڻو منجھانئن ڀاڱو مليو وڃي. انھن جي حد، ڪنھن تي به ناھي.
مطلب؛ ۱. سير کي سوا سير، مليو وڃي.
۲. ڏاڍي کي اڃا ڏاڍو گڏجيو وڃي.
۳. سير مٿان سوا سير رکيو آ.

452. سیغا لبئی کرو، جئی او، تہ جئی او۔ (کہاوت)
ھڪجھڙا جڏھن پاڻ ۾ ملن ته ڏاڍا خوش ٿين. امير پاڻ ۾ ملي، سُڃن جي گلا ڪري، گد گد ٿين. سڃا ۽ سھڻا پاڻ ۾ مليا ته سڃائيءَ/ حسن تي ناز ڪندي، پيا پاڻ پڏائيندا. ڪوجھا پاڻ ۾ ملن ته حسينن جون گلائون ٿين.
مطلب؛ ۱. ڳوھ کي ملي ڳوھ؛ جھڙي ھوءَ، تھڙي ھوءَ.
۲. جيسي کي مليو تيسو.
۳. ڀيٽيو؛ جے روح اووہے جے فرشتے۔ (کہاوت)

453. سیک اتھی ژیے لگناں آ، جتھیں اگ لگی وے۔ (کہاوت)
باھ جي ويجھڙائي، ساڙي. کانئس ڏور ھجبو ته سيڪ جو تصور به ڪري نه سگھبو. لھس، جيستائين نه آئي آ، تيستائين تڪليف جو احساس نه جاڳندو. جن کي چپيٽ آئي آ، سور سببئون سيٽ، تن کان نڪتي ھوندي.
مطلب؛ ۱. سيڪ اتي اچي، جتي باھ لڳي.
۲. جاءِ اھا جلي، جت باھ ٻلي.

454. سیو سنگی چھوڑنا۔ (کہاوت)
سیو؛ شير، شينھن. سنگی؛ سنگھي، نوسي. چھوڑنا؛ ڇڏي ڏئي.
شينھن، نه مئل کي ماريندو آ، نه پرائي ماري کائيندو آ. مئل يا زخميءَ کي سنگھڻ بعد، شينھن ڇڏي ھليو ويندو آ. زخميل/ شڪار ٿيل کي، وڌيڪ زخمي ڪرڻ، سندس فطرت ۾ ناھي.
مطلب؛ ۱. شينھن (زخميءَ کي) سنگھي، ڇڏي ڏئي.