لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڙي آخاڻ

پھاڙي ٻولي، گهڻي ڀاڱي، پاڪستاني پنجاب جي ڪجهہ علائقن سميت، آزاد ڪشمير ۽ ڀارت جي انتظام ھيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سوڌو ھماچل پرديش ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، ۽ ڄڻ تہ ٻن ملڪن ۾ پکڙيل آھي. عبدالوھاب سھتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ھيءُ ڪتاب جوڙڻ ۾، ڊاڪٽر محمد صغير خان جي ڪتاب ”پہاڑي کہاوتيں: آخان“ (۲۰۰۲ع) ۽ محبت حسين اعواڻ جي ڪتاب ”مري، گليات ني پہاڑي بولي چ ’آخان‘ متان، ٹچکراں طہ سياننيان“ (۲۰۰۹ع) تان مدد ورتي آھي.

Title Cover of book پھاڙي آخاڻ

ق

ق
475. قدر پھلاں ناں، بلبل جاننی۔ (کہاوت)
ھر ڪنھن کي پنھنجي گھرج، مقدم ھوندي آ. ان جو قدر به ڪندو آ ۽ مٿس خرچ ڪرڻ سان گڏ سنڀال به ڪندو آ. بلبل جو گذارو، گل جي خوشبوءِ تي آ. ان مان پيٽ ڀرجيس ٿو. ان جو قدر، وٽس آ.
مطلب؛ ۱. گل جو قدر، بلبل ڄاڻي.

476. قسمت نیاں ولیا؛ چاہڑی اے دال، بنی گیا دلیا۔ (کہاوت)
قسمت ۾ جو لکيل آ، سو ٿي ئي رھندو. نه چاھڻ تي آ، نه ئي ڏيک تي آ. سھڻي صورت مان نقصان ۽ ڪوجھيءَ مان فائدا به پھچندا آھن. ان ڪري ڪنھن به معاملي جي ظاھري شڪل تي نه وڃجي.
مطلب؛ ۱. قسمت چاڙھيو ولو؛ چاڙھي دال، ٿي پيو دليو.
۲. ڀاڳ ڏنو ڀيڙو، دال مان سيرو.
۳. ڀاڳ ڏني دٻ، سيري مان رٻ.

477. قسمتی ناں لخیاوا کن مٹائی سکناں۔ (کہاوت)
نفعو نقصان، صحت بيماري، تنگي فراخي، حالات واقعات، ھڪڙي لکيل ۽ سوچيل سمجھيل سٽاءَ تحت سامھون اچن ٿا. انسان کي عقل به ان سارو وديعت ٿيا آ. بيوس ھئڻ سبب، رب جي رضا تي راضي رھڻ گھرجيس.
مطلب؛ ۱. قسمت جو لکيو، ڪير مٽائي سگھندو؟
۲. مقدرے نال لخیا، پورا ہوئی طہ رہناں۔ (کہاوت)
۳. مقدر جو لکيو، پورو ٿي ئي رھندو.
۴. لخیاں نے لیخ، کن مٹائی سکنا۔ (کہاوت)
۵. لکيي جو ليک، ڪو نه مٽائي سگھبو.

478. قطرہ قطرہ ملی دریاہ بنناں۔ (کہاوت)
دنيا اندر جيڪا به شيءِ ٺاھجي ٿي سا ذرو ذرو ڪري ڳنڍڻ بعد جڙي ٿي. ھڪدم ڪنھن به شيءِ کي جوڙي ٺاھي نه ٿو سگھجي. ڦڙو ڦڙو ٿي ڪري، ڍنڍون ڍورا ۽ نيون نارا، آخر ۾ نديون ۽ درياھ ٿي وھن ٿا.
مطلب؛ ۱. ڦڙو ڦڙو ملي، درياھ ٺھي ٿو.
۲. ڦڙيءَ ڦڙيءَ، تلاءُ.
۳. روم، ھڪ ڏينھن ۾ نه جڙيو ھيو.

479. قورے چ سارے ہکے جئے ہونیں۔ (کہاوت)
قبر، مٽيءَ جي کڏ آ، منجھس ڪا به آسائش ناھي. نه در اٿس، نه دري. نه رنگ روشنيون اٿس. محض اونداھي ڪوٺي آ، جيڪا امير ۽ غريب لاءِ ھڪجھڙي آ. سڀ، منجھس ساڳي حالت ۾ سمھن ٿا.
مطلب؛ ۱. قبر منجھ، سڀئي ھڪجھڙا ھوندا.

480. قول قرار تھیں پھرناں، جواناں ناں کم نا۔ (کہاوت)
زبان ٿئي پڄاڻان، نقصان ۽ نفعا ڳڻبا ته پير تي بيھڻ ڏکيو ٿي پوندو. پير تي پختو بيھڻ لاءِ، نفعا نقصان نه ڳڻجن، ڇو جو پير تان ھٽي وڃڻ ۾ نامردانگي آ. مرد يا مڙس جو اھو وڙ ناھي جو ڪيل اقرار تان ڦري وڃي.
مطلب؛ ۱. قول اقرار ٿيڻ کان پوءِ ڦرڻ، جوانن جو ڪم ناھي.
۲. ڦرڻي گھرڻي نامردان دي، مردان دي اڪ اي. (سانجھ)
۳. ڦرڻي گھرڻي مڙسان دي، گانڊو دي اڪ اي. (ضد)