ڈ
359. ڈاہڈا مارناں وی آ، رون وی نا دینا۔ (کہاوت)
ظالم جو اندر کاڌل ھوندو آ. مظلوم جي ڪوڪ، ٻڌندي ڦرڪڻي وٺي ويندي اٿس. کيس، مظلوم جو نه بلڪ پنھنجي اندر جو ڀؤ ھوندو آ، جيڪو مظلوم جي آھ و پڪار کي دٻائڻ ۽ ڌتارڻ تي ويتر مجبور ڪندو اٿس.
مطلب؛ ۱. ڏاڍو ماري، روئڻ به نه ڏئي.
۲. ظالم ظلم به ڪري، ظلم خلاف واويلا کي به دٻائي ھيٺ ڪري.
۳. ظالم جو اندر کاڌل، مظلوم جي ڪوڪ به ٻڌڻ جي سگھ نه ساري سگھي.
360. ڈاہڈے ناں، ہر کوئی یار۔ (کہاوت)
ڏاڍو، پنھنجي ٻانھن جي ٻل تي، پنھنجي محتاجي ٻين کان لڪائڻ جو فن ڄاڻندو آ. پيٽ قوت ڪرڻ سان گڏ، جان، مال ۽ عزت جي حفاظت ڪري سگھندو آ. ان ڪري ھر ڪو، حرص ۽ حسرت سان ڏانھنس رجوع ڪندو آ.
مطلب؛ ۱. ڏاڍي سان ھر ھڪ جي ياري.
۲. غريب جو ڀيڻيويو ٿيڻ لاءِ راضي نه، ڏاڍي جو سالو ٿيڻ ۾ خوش.
۳. يا مڙس ماڻھو ٿجي، يا مڙس ماڻھوءَ جي پاڙي ۾ رھجي.
361. ڈاہڈیاں اگے ستیں بیئں سو۔ (کہاوت)
آڳاٽي دور ۾، ڏيتي ليتيءَ ۾، ليکي جا اوزار نه ھوندا ھيا. آڱرين ۽ کوڙين تي حساب ٿيندا ھيا. پنج ويھون، سؤ ڪندا ھيا. ڏاڍا مڙس، ڏيندي وقت، سؤ ۾ پنج ويھون ۽ اڳاڙيءَ وقت، سؤ ۾ ست ويھون ڳڻيندا ھيا.
مطلب؛ ۱. ڏاڍن آڏو، ستين ويھين سؤ.
۲. ڈاہڈے ناں سو، ستاں ویہاں۔ (کہاوت)
۳. ڏاڍي جو سؤ؛ ست ويھون.
۴. زورے آلیاں ناں، ستاں ویاں ناں سو۔ (کہاوت)
۵. زورآورن جو، ستين ويھين سؤ.
362. ڈبنے آلے کی، تیلے ناں سہارا۔ (کہاوت)
ساھ، ھر ساھدار کي پيارو آ. سر تي آئي، ھر ڪو کرڙيون ھڻي. شھ رڳ ڪٽجڻ جي باجود، سير پيل ڇيلو به پيو تڙڦندو آ. ٻڏندڙ ماڻھو به، سر بچائڻ لاءِ، ٻوڙا يا ڪک جھليندو آ، من سر بچي پوي.
مطلب؛ ۱. ٻڏندڙ کي ڪکن جو به سھارو.
۲. ٻڏندي ٻوڙن کي، ڪي ھاتڪ ھٿ وجھن.
363. ڈٹھے کی، ان ڈٹھا ناں آخو۔ (کہاوت)
اٿيل معاملي کي، ڏسڻ کان پوءِ، سوچي سمجھي سلجھائڻ جي ڪوشش ڪجي. ڏسي، لنوائي وڃڻ، مسئلي جو حل ناھي. ان جي وجود کي تسليم ڪجي. ھلڪو سمجھي، نه ڇڏي ڏجي، نه ڪن لاٽار ڪجيس.
مطلب؛ ۱. ڏٺي کي، اڻ ڏٺو نه چئو.
۲. ڏٺي مان به ڏسجي.
364. ڈنڈا پیر، ساریاں مرضاں ناں لاج۔ (کہاوت)
سڌاري واسطي، واعظ نصيحت ڪبي آ. جڏھن ته ڪن حالتن ۾ اھي بي اثر ٿي وينديون آھن. لتن جا ڀوت، ڳالھين ۾ نه ايندا آھن ته ڏنڊو گھمائڻو پوندو آ. ٻين جي نصيحت ڪير وٺي يا نه وٺي، ڏنڊي جي ضرور وٺي.
مطلب؛ ۱. ڏنڊو پير، مڙني مرضن جو علاج.
۲. عرشاں لتھیاں چار کتاباں، پنجواں لتھا ڈنڈا، کتاباں اوہ نہ کیتا جو کیتا ڈنڈا۔
۳. عرشئون لٿا چار ڪتاب، پنجو ڏنڊو،
ڪتاب سو نه ڪن، جو ڪري ڏنڊو.
365. ڈنگر اپنی کھرلی نئے پہلنیں۔ (کہاوت)
ڈنگر؛ ڊنگر، ڍور، ڍڳو. کھرلی؛ آھر. نئے؛ نه. پہلنیں؛ ڀلجي، وساري.
مال متاع ڏيھاڙي رات جو، آھرين جي مٿان، ڪلن سان ٻڌبو آ. آھرين ۾ کڙ ڪتر پئي ملندي اٿن. ڏيھاڙي جھنگ چري، ھر ڍور شام ڌاري ساڳي آھر تي اچي بيھي. نه ٻي آھر ڏي تڪي، نه ٻئي کي پنھنجيءَ آھر تي بيھڻ ڏئي.
مطلب؛ ۱. ڍور، پنھنجي آھر نه وساريندو آ.
۲. ٿاڪ/ وطن، ڪنھن کان به نه وسري.
۳. ھر ڪو پنھنجي چلھ تي بانوربو آ.
۴. ڳوٺ جو دڳ ڏسي، ڏاند به ڏورڻا ڀڃندا آھن.
۵. ڪتي کي به گھٽيءَ جي سکين جا گھر سجھندا آھن.
۶. جتان کائڻ لاءِ ملي، اھو ھنڌ جانور به نه ٿو وساري.
366. ڈوم چڑھے ڈنگے، جیڑا کی دکھے اوہے منگے۔ (کہاوت)
ڈوم؛ ڏوم، لنگھو، مڱڻھار، منگتو. ڈنگے؛ رانگي تي، ڇيڏڪ تي، نخري تي.
مڱڻھار، پنھنجي فن سان، راڄ مان گھور گھاٻور جي، دل تي طلب ڪندو آ. ڏسندو ته گھور جي مھل ويجھي ٿي آ ته نخرا ڪندو، ٽوري جو بھانو ڪري لڪي ويندو، ائين ڇيڏڪ ڪري پئسا وڌيڪ وٺندو آ.
مطلب؛ ۱. ڏوم چڙھي چنگ/ ڇيڏڪ تي، جيڪي ڏسي سو منگي/ گھري.
۲. چنڊي مڱڻھار کي، گھور مھل ٽورو اچي.
367. ڈوم، کتی قوم؛ لایا پیاز، جمیا تھوم۔ (کہاوت)
مڱڻھار، لنگھا يا ڀٽ ڀان، راڄ جي در تي اچي، دان وٺندا آھن. ڍورڻي طور تي ڪا سادي شيءِ کڻي ايندا آھن ۽ موٽ ۾ دل گھري ۽ مھانگي شيءِ طلبيندا آھن. مَڇڏ ٿي بيھندا آھن. گيگھ ڪري ڪري پوندا آھن. منسا مڃائڻ کان سواءِ، در تان نه ھٽندا آھن.
مطلب؛ ۱. ڏوم، ڪتي قوم؛ پوکين بصر، ڦٽي ٿوم.
368. ڈوہل رت، کھا پہت۔ (کہاوت)
روزي روٽي ڪمائڻ خاطر، محنت ڪرڻي ٿي پوي. بنا محنت جي مليل ۾؛ نه برڪت، نه ڍؤ. مفت مليل شيءِ، اکين کي نظر اچي، ھٿن کي لڳي، پيٽ منجھ پوي، پر تاس نه ماري. بک اھا پلي، جا رت ولوڙي حاصل ڪجي.
مطلب؛ ۱. رت ولوڙ، ڀت کاءُ.
۲. عزت جي روزي روٽي ڪمائڻ لاءِ، رت ولوڙڻو ٿو پوي.
369. ڈین وی ہیک کہر چھوڑی دینی۔ (کہاوت)
ڏائڻ، جيڪا ماڻھوءَ جو ماس کائي، تنھن جي ڪُکِ به محدود آ. ڪجھ کڻي کائيندي آ، ڪجھ ڇڏي ويندي آ. ڪي ماڻھو، ڏائڻ کان به وڌيڪ رھزن ٿيندا آھن. پنھنجي ضرورت جي پورائي کان وڌيڪ، زيان ڪندا آھن.
مطلب؛ ۱. ڏائڻ به ھڪ گھر ٽاريندي آ.
۲. ست کہر، ڈین وی چھڑ دینی۔
۳. ست گھر، ڏائڻ به ٽاري.
۴. ڏھون گھر، ڏائڻ به اورانگھي.