لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڙي آخاڻ

پھاڙي ٻولي، گهڻي ڀاڱي، پاڪستاني پنجاب جي ڪجهہ علائقن سميت، آزاد ڪشمير ۽ ڀارت جي انتظام ھيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سوڌو ھماچل پرديش ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، ۽ ڄڻ تہ ٻن ملڪن ۾ پکڙيل آھي. عبدالوھاب سھتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ھيءُ ڪتاب جوڙڻ ۾، ڊاڪٽر محمد صغير خان جي ڪتاب ”پہاڑي کہاوتيں: آخان“ (۲۰۰۲ع) ۽ محبت حسين اعواڻ جي ڪتاب ”مري، گليات ني پہاڑي بولي چ ’آخان‘ متان، ٹچکراں طہ سياننيان“ (۲۰۰۹ع) تان مدد ورتي آھي.

Title Cover of book پھاڙي آخاڻ

پ

پ
123. پانی چھیلے نال کیں نا لبھناں۔ (کہاوت)
ولوڙ ان شيءِ ۾ وجھبي آ، جنھن منجھان ڪا لڪل قيمتي شيءِ جي ملڻ جو امڪان ھجي. ڌونئري کي لسي حاصل ڪرڻ لاءِ نه بلڪ مکڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ولوڙبو آ. پاڻيءَ منجھ ڪا به مکڻ جھڙي قيمتي شيءِ لڪل ناھي، ان ڪري ڪو بيوقوف به ڪو نه ولوڙيندو اٿس.
مطلب؛ ۱. پاڻي ولوڙڻ سان ڪي ڪين ھٿ اچي.
۲. پانی چھیلے نال مکھن نا نکلناں۔ (کہاوت)
۳. پاڻي ولوڙڻ سان، مکڻ ڪين نڪرندو.

124. پانئے نیں، ہتھ پیر نئے ہونیں۔ (کہاوت)
چرڻ پرڻ سان، ھر شيءِ، ھڪ ھنڌان ٻئي ھنڌ پھچي ٿي. چؤپايا، ڄنگھن پيرن سان ھلن، پکي پکڻ پرن سان اڏامن، سرندڙ جيت، پيٽ تي ريڙھيون ڏئي سرن. جڏھن ته بي ساھي شيءِ، ڪنھن سھاري جي زور تي ھلي ۽ ان جي ھٿ وس رھي.
پاڻيءَ کي ھٿ پير نه آھن، جنھن سان ھلي. لطافت سبب، لاھين تان لھندو، وھَ سان تارئون تار وھڪرا ٺاھيندو، ھيٺانھين ڏانھن وھندو وڃي ٿو. بند ٻڌي به روڪي نه سگھبو اٿس ۽ زور سان گھارا ٺاھيون پيو ويندو آ.
مطلب؛ ۱. پاڻيءَ کي ھٿ پير نه ھوندا آھن.
۲. پاڻي لطيف مادو آ، ساري ڪائنات جو وجود مٿس اڏيل آ.

125. پائیوالی چ چغڑہ ہوناژیے ہونا۔ (کہاوت)
پائیوالی؛ ڀائيواري، شراڪت. چ؛ وچ، منجھ، ۾. چغڑہ؛ جھڳڙو، جھيڙو جھٽو.
ڀائيواري؛ مال، ملڪيت ۽ جان جي شراڪت سان ٿئي ٿي. ڌنڌي/ ڪاروبار ۾، اڪيلي سر ڌنڌو نه ڪري سگھندڙ، شراڪت جي حساب سان، مال جي موڙي سيڙائيندا آھن. شراڪت جو ڌنڌو اھي ڪندا، جيڪي ساڳيو ڌنڌو ڪرڻ چاھين پر مال، پئسي يا مئن پاور مان ڪا ڪمي ھجين.
ڪنھن ھڪ شيءِ جي کوٽيءَ کان علاوھ منجھن اعتبار جي کوٽي پڻ ھوندي آ. ھڪ ٻئي تي ڪڙي نظر ۽ تاڙ پيا رکندا. اعتماد ۽ اعتبار، ساک ۽ پَت ۾ گھاري پوندي، وڌندي ويندي آ ۽ ڇڄڻ جو سبب ٿي پوندي آ.
مطلب؛ ۱. ڀائيواريءَ منجھ، جھيڙو ٿئي ئي ٿئي.
۲. شراڪت جي ديڳ، ڌڻي تپائي.
۳. شريڪت ۾ مريڪت ٿئي ئي ٿئي.
۴. ڀائيچارو، ڀاءُ سان به ٺيڪ ناھي.

126. پتر چھجے وچا سئی اینا اوٹھی۔ (کہاوت)
پتر؛ پٽ. چھجے؛ ڇڄو، پردو. وچا؛ وچان، منجھئون. سئی اینا اوٹھی؛ نظر ايندو آ.
اولاد مڙيئي مٺو آ. پٽ، پيريءَ منجھ سھارو ٿئي ۽ گھر ۾ ساڻ رھي. ان ڪري، ھر ڪنھن جو قورانڀو، ڌيءُ جي ڀيٽ ۾، پٽ ڏانھن گھڻو ھوندو آ. ڄڻيي اولاد کي ھلڻيءَ، ڳالھائڻ ۽ لوڏ مان سڃاڻي وٺبو آ، پوءِ ڀلي اھو پردي ۾ ڇو نه ھجي.
مطلب؛ ۱. پٽ، پردي مان به نظر ايندو آ.
۲. پٽ، پڇيرڻ/پردي ۾ پڌرو.

127. پتھرے پانی کہہ کرسی۔ (کہاوت)
پتھرے؛ پٿر کي. پانی؛ پاڻي. کہہ؛ ڇا. کرسی؛ ڪندو.
پٿريلي زمين منجھ، نرمي نه ھئڻ سبب ڪيترو به پاڻي پوي، اوڀڙ نه اڀري، جو پاڻي چوھڻ ۽ سانڍڻ جي منجھس صلاحيت ناھي. مٿس ڇٽيل ٻج، سلي جي صورت اختيار ڪري نه سگھندو.
مطلب؛ ۱. پٿر تي پئي پاڻي، ڇا ڪندو؟
۲. بي حيا ماڻھوءَ کي نصيحت ڪھڙو اثر ڪندي؟
۳. سخت زمين، سنڍ آ، مٿس ٻج ڇٽڻ ۽ پاڻي ھارڻ اجايو آ.

128. پٹیا پہاڑ، لکھتا چوہا؛ او وی ادھ موا۔ (کہاوت)
پھاڙ/ جبل، پنھنجي ساخت ۾ سخت ۽ کوٽڻ ۾ ڏکيا ھوندا آھن. ڪئو، منجھس ڏر ڪو نه کوٽي سگھندو. ڪنھن قدرتي چر منجھان، لنگھي به ويو ته زندھ رھڻ لاءِ ڪا شيءِ نه ملندس. جبل کي کوٽيندي، ڪو ساھدار ملڻ بجاءِ، مئل ڪئو ھٿ آيو ته ڏونگر کي ڏارڻ واري محنت جو اھو اجورو ناھي، جنھن تي ڪير مطمئن ٿئي.
مطلب؛ ۱. کوٽيو پھاڙ، نڪتو ڪئو؛ سو به اڌ-مئو.
۲. پٹیا پہاڑ، نخشا چوہا؛ او وی مریا وا۔ (کہاوت)
۳. کوٽيو پھاڙ، نڪتو ڪئو؛ سو به مئل.

129. پچھیں مڑی کسے نا ڈٹھا۔ (کہاوت)
پنھنجا ڪيل ڪڌا ڪم/ عيب ڪير به نه ڏسندو آ. باقي ٻين جي عيبن تاڙڻ ۾ ھر ڪو ٽارزن ھوندو آ. عيب جاچي، وڪڙ چاڙھي، پيو کيس تنگ ڪندو آ ۽ پنھنجا ابتا سبتا مطلب پورا ڪندو آ.
مطلب؛ ۱. پوئتي مڙي، ڪنھن نه ڏٺو آ.
۲. پنھنجي پُٺ ورائي ڪنھن نه ڏٺي آ.

130. پد بیٹھے کھانے، چج بیٹھے چہورنے۔ (کہاوت)
پد؛ بد، نالائق، نڪمو. بیٹھے؛ ويٺا، ويھي. کھانے؛ کائن پيا. چج؛ سڌريل، لائق، سيبتا. چہورنے؛ گھوري ڏسن، سيڏائن.
روزي رزق، ھر جيوَ کي، رب پھچائي ٿو. وٽس پنھنجا ماڻ ماپا آھن، جن تحت ڪن کي گھٽ ته ڪن کي وڌ پھچائي ٿو. ڪن کي صورت سھڻي ڏنائين، ته رزق جي تنگي ڏئي ڇڏيائين. ڪن کي صورت ۽ سرير چڱا نه ڏنائين ته بخت جا دروازا کولي ڇڏيائين. سندس ورھاست عجيب آ.
مطلب؛ ۱. ستيون پيون سيڏائين، لنڊيون پيون لاڏ ڪن.
۲. سھڻيءَ کي سنڍ ڪيائين، ڪاريءَ کي ٻارن واري ڪيائين.
۳. سھڻيون وانجھ ويٺيون ھجن، ڪاريون ٻارن واريون ھجن.

131. پراراں سوائیں، کنڈھ ننگی۔ (کہاوت)
ڪو به ڪم اڪيلي سر نبيرڻ اھنجو. گھر جي سنڀال به اھو ڪري سگھندو، جنھن کي ڀائرن جي مدد شامل ھجي. اڪيلي سر، گھر جي سنڀال نه ٿئي. ڀائرن جي مدد سان، گھر جي چوڌاري ڪوٽ کڄي وڃن.
مطلب؛ ۱. ڀائرن کان سواءِ، گھر جي ڪنڌي اگھاڙي.
۲. ڀائر ڪوٽ جا ڪنگرا، پُٽ گهر جي سونھن،
ويٺا ڪن ورونھن، ڏڄڻ ڏورئون ڏري.

132. پراہ اوئے جہڑا پہار چہلے۔ (کہاوت)
وقت، ھر ڪنھن تي اچڻو آ. مشڪل پوندي ويرم ئي نه لڳي. ڏکي گھڙيءَ ۾ ڀائر ڀرجھلو ٿين. سڳا ڀائر وقت پئي ڪنڌ ڪڍائي وڃن ته سندن ڀاءُ ھجڻ ۾ شڪ آ.
مطلب؛ ۱. ڀاءُ سو، جو بار جھلي.

133. پرچھاواں، ہتھ نا اشناں۔ (کہاوت)
جسم، روشنيءَ جي روڪ ٿئي ته پاڇو جڙي. روشني پويان ھٽي ته پاڇو به گم. پنھنجي جسماني حيثيت ناھيس. نه پڪڙي سگھبس، نه منجھانئس ڇانءَ کان علاوھ ڪو ٻيو ڪارج سري. ٻئي جو پاڇو، ساڻ ھلڻو ناھ. پنھنجو پاڇو سر سان آ، جنھن جي ڇانءَ پنھنجي ڪم اچڻي ناھ.
مطلب؛ ۱. پاڇو، ھٿ نه اچي.
۲. پاڇي پويان، ڪيترو ڊوڙبو.

134. پکھا رن بیچے، رجیا اودھاری منگے۔ (کہاوت)
بکيو مجبوريءَ تحت، پنھنجي گھر جا ٽپڙ ٽاڙي کپائيندو ته پئسي وارو چوندو؛ جيڪر اھي به مفت ۾ وٺانس. واپاري، مجبور ماڻھوءَ کان شيءِ کڻندو ته اگھ ماري کڻندو.
مطلب؛ ۱. بکيو رن وڪڻي، ڍائو اھا به اوڌر تي وٺي.
۲. بکيو زال کپائي، ڍائو اھا به نه ڇڏي.

135. پکھے کولا کسے پچھیا؛ دو طہ دو؟ اس آخیا؛ چار روٹیاں۔ (کہاوت)
ھر انسان سان، پيٽ لڳل آ. جيڪو بک تي خالي رھندو ۽ ان جو اثر سڄي جسم ۽ دماغ تي پوندو. بکيي کي سواءِ مانيءَ جي ٻي ڪا شيءِ نگاھ ۾ ئي نه ايندي. ھر شيءِ کي ماني پيو سمجھندو.
مطلب؛ ۱. بکيي کان ڪنھن پڇيو؛ ”ٻه ۽ ٻه؟“ چيائين؛ ”چار مانيون.“
۲. پيٽ ۾ ناھن روٽيان، سڀ ڳالھيان آھن کوٽيان.
۳. پکھے کولا پچھیا؛ ہک طہ ہک؟ اس آخیا؛ دو روٹیاں۔ (کہاوت)
۴. بکيي کان پڇيائون؛ ”ھڪ ۽ ھڪ؟“ چيائين؛ ”ٻه مانيون.“

136. پلے وے کہوڑ، چولہے بیجی چہور،
پلے وے سچ، کوٹھے اپر چڑھی نچ۔ (کہاوت)
پلے وے؛ پلو ۾، پاسي ۾. کہوڑ؛ ڪوڙ. چولہے؛ چلھ، سگري. بیجی؛ ويجھو، ساڻ، گڏ. چہور؛ جھور، روءُ.
ڪوڙو، پنھنجي مدعا مڃرائي نه سگھي. ڪوڙو سمجھي، ڪير عزت ئي نه ڏيندس، جنھن سببان گھر جي چلھ تي پيو روئندو. سچو، پنھنجي پت قائم رکي ٿو، ان سبب نروار ٿيو ڪوٺي تي پيو گھمندو.
مطلب؛ ۱. پلو ۾ ڪوڙ، چلھ وٽ ويھي روڙ، پلو ۾ سچ، ڪوٺي چڙھي نچ.
۲. دلے چ سچ، کوٹھے چڑھی نچ۔ (کہاوت)
۳. دل ۾ سچ، ڪوٺي تي چڙھي نچ.
۴. اندر سچ، کوٹھے ر چڑھی نچ۔ (کہاوت)
۵. اندر ۾ سچ؛ ڪوٺي تي چڙھي نچ.
۶. ڪوڙ جي منھن ۾ ڌوڙ، سچ ته ڪوٺي تي بيٺو نچ.

137. پنجے انگلیاں بروور نئیاں ہونیاں۔ (کہاوت)
ھڪ ھٿ ۾ پنج آڱريون، ننڍ-وڏائيءَ سان رکيون ويون آھن ته جيئن مُٺ ڀيڙڻ ۽ شيءِ کي پڪڙڻ ۾ آساني ٿئي ۽ ھٿ جي خوبصورتي پڻ قائم رھي. ھڪجيڏيون ھجن ته نه منجھن ڪارڪردگي رھي، نه خوبصورتي. خالق جي جوڙ مان انساني ھٿ به، عجيب جوڙ آ، جنھن کان ٻي مخلوق وانجھيل آ.
ڀائرن منجھ پڻ سنڌو رکيل آ. صورت ۽ بخت، ھڪ-ڪرو عطا ٿيل ناھين.
مطلب؛ ۱. پنج ئي آڱريون برابر ناھن.
۲. پنج ئي آڱريون ڀائر آھن، برابر ناھن.

138. پہاڑی/ پہیڑے یار کس کے، پہتا کھائی کھسکے۔ (کہاوت)
پہاڑی؛ پھاڙي، پھاڙن اندر رھندڙ. پہیڑے؛ برا، خراب. پہتا؛ ڀتو، ڀت، کاڌ-خوراڪ. کھسکے؛ کسڪيا، رونا ٿيا.
جابلو ماڻھو، مسافرن وانگر آھن. روزي روٽي ھٿ ڪرڻ لاءِ جبلن تان ھيٺ لھن ٿا. پنھنجي روزي روٽي ھٿ ڪري وري، پنھنجي ماڳ موٽن ٿا. مھمان ٿيندا يا رستو رکندا ته وقتي ۽ فقط غرض جي پورائي تائين.
مطلب؛ ۱. پھاڙي/ برا يار ڪنھن جا، کائي پي کسڪيا.

139. پہانڈاوے تہ خیر پٹی گینی۔ (کہاوت)
پہانڈاوے؛ ٿانءُ ساڻ ھئڻ، ڪستو ھجي. خیر؛ گداءُ، فقر. پٹی؛ جلدي. گینی؛ ملي وڃي.
ھر ڌنڌو، مخصوص اوزارن سان ڪرڻ آسان آ. تيشِي، شاھل جھڙا اوزار ساڻ ھجن ته رازڪو ڪم آسان. ڀاني ساڻ ھجي، ته حجامت سولي. گداگريءَ وارو وٽو ساڻ ھجي، ته فقر مليو وڃي.
مطلب؛ ۱. ٿانءُ ھجي، خيرات ملي ئي ويندي.
۲. صلاحيت سان گڏ، جستجو ڪبي ته منزل ماڻي سگھبي.
140. پہریا میلا چھوڑنا چنگا۔ (کہاوت)
وقت ۽ درياھ کي ھڪ وھ آ، جنھن سان ھر شيءِ کي کنيو، وھايون ٿا وڃن. جيڪو ساڻن نه ٿو وھي، تنھن کي رندن تي روليون، پنھنجا گس ڪيون نڪتا ٿا وڃن. وقت سان جو گڏ وھي نه ھليو، سو رليو. ميلا ملھالا، ڪيترا ئي پيا واقع ٿيندا. منجھن اٽڪي بيھڻو ناھي. اٽڪيو، رليو. ھلنديءَ سان گڏ ھلجي. ميلا متا، ياريون باشيون پرتيون ڇڏجن. ھلندي ھلندي ھٿ ڍرا ڪجن ۽ منجھانئن جان به ڇڏائي وڃجي.
مطلب؛ ۱. ڀريو ميلو ڇڏجي.
۲. ميلو متو ڇڏجي.
۳. رنگ رتو، ميلو متو، يار پرتو ڇڏجي.

141. پہڑ موں وے، گل چنگی کرنی چائی نی وی۔ (کہاوت)
شڪل صورت، جيڪا ملي آ، ان جي سھڻي/ ڪوجھي ھجڻ ۾ ھر ڪو بيوَس آ. ڳالھائڻ جي به گھڻن کي خبر نه پوندي آ. سکڻ سان، مٿس ٿورو گھڻو ڪنٽرول ٿي ويندو آ. جنھن سان کوڙ ساترا عيب ڍڪجي ويندا آھن. گفتو ڪڍڻ کان اڳ، سوچ ويچار ڪرڻ گھرجي.
مطلب؛ ۱. شڪل چڱي نه ھجي ته گفتو ته چڱو ڪڍجي.
۲. جيڪو ڪم پنھنجي وس ۾ ھجي، سو ٺاھي ٺاھي ڪجي.

142. پہڑا پتر طہ کھٹا پینسا کسے ویلے کم اچھی گشنیں۔ (کہاوت)
ھر شيءِ جو ڪو نه ڪو ڪارج آ. سھڻي شيءِ جو ھڪڙو ڪارج آ ته ڪوجھيءَ جو ٻيو. اڪارت، ڪا به خلقيل ناھي. نڪمو پٽ يا کوٽو ڏوڪڙ وڻندا ناھن. البته خير جي ڪمن ۾ قربان اھي ئي ٿيندا آھن. اگر اھي به سھڻا ھجن ته ھوند، نيڪيءَ جا ڪم ڪري نه سگھجن.
مطلب؛ ۱. نڪمو پٽ ۽ کوٽو ڏوڪڙ، اوکيءَ ويل ڪم اچي ويندا آھن.
۲. کدے کدے کھٹھا پینسہ وی کم اچھی غشناں۔ (کہاوت)
۳. ڪڏھن ڪڏھن کوٽو پئسو به ڪم اچي ويندو آ.
۴. کھٹا پینسا وی کم اچھی گشناں۔ (کہاوت)
۵. کوٽو ڏوڪڙ به ڪم ٽپائي ويندو آ.

143. پہڑے پہڑے یار پھتو نیں۔ (کہاوت)
ماڻھو، ماڻھوءَ جي صحبت کان سواءِ رھي نه سگھي. ھمخيالن سان، ڳولي ڳولي ملي. ڪچھريون ڪري، دل کولي اندر جا راز سلي. بري کي برن جي صحبت ڇڪي وٺي. بڇڙي ڦتوءَ کي بڇڙا يار مليو وڃن.
مطلب؛ ۱. برا برا يار، ڦتوءَ جا.
۲. پہڑی پھتو نے پہڑے پہڑے یار۔ (کہاوت)
۳. بڇڙي ڦتوءَ جا، بڇڙا بڇڙا يار.
۴. پہڑیاں نیں یار، چندرے۔ (کہاوت)
۵. بڇڙن جا يار، چنڊا.

144. پہڑے کی وی، موئیں ر پہڑا ناں آخو۔ (کہاوت)
پر-پٺ عيب ڪڍڻ؛ گلا آ. منھن سامھون چوڻ اڃا وڌيڪ خراب آ. تعريف، منھن تي وڻي، عيب جوئي مور نه وڻي. برو، اڳي ئي برو آ ۽ راڄن تي مڇريو ٿو وتي، تنھن کي منھن تي برو چئي ويتر چيڙائڻو آ.
مطلب؛ ۱. بري کي منھن تي به برو نه چئجي.
۲. ڪاڻي کي منھن تي ڪاڻو نه چئجي.
۳. چور کي منھن تي چور نه ڪوٺجي.
۴. عيب جوئي چڱي شيءِ ناھي.

145. پہکھ نہ لوڑے ساغ، عشق نہ پچھے ذات۔ (کہاوت)
ضرورت، ماڻھوءَ کان، مرضيءَ جا ڪم ڪرائيندي آ. بک ۽ ننڊ، جسم جون ضرورتون آھن، جن لاءِ سڪو ٽڪر ۽ وڇاڻو گھرجن. کاڌي يا بستري جي اوچي ھجڻ کي ننڊاکو جسم نه پڇندو آ. عشق به دل جو آر آ. اونچ نيچ نه ڏسندو آ. ضرورت پوري ٿيڻ لاءِ، گھربل شيءِ گھرجيس.
مطلب؛ ۱. بک نه ڳولھي ساڳ، عشق نه پڇي ذات.
۲. پہوکھ نہ لوڑے لین، نیندر نہ لوڑے چھاوو۔ (کہاوت)
۳. بک نه ڳولي ڳنڌڻ، ننڊ نه ڳولي ڇانءَ.
۴. عشق ناں پچھے ذات۔ (کہاوت)
۵. عشق نه پڇي ذات/ ڪذات.

146. پہلا کرو، کھوئے چ سٹو۔ (کہاوت)
نيڪي، خود ڳالھائيندي آ. جتائڻ جي ضرورت نه ھوندي آ. ممنون، محسن آڏو اک کڻي ڳالھائڻ جي ھمت نه ساري سگھندو آ. جتائبس ته اڳلو ويتر پاڻ کي دٻجندي محسوس ڪندو. ساھ پيو منجھندس. يا برداشت ڪري، يا ابتي موٽ ڏئي. احسان جي موٽ، اڪثر چڱي نه ملندي آ. عافيت ان ۾ آ ته نيڪي ڪري، وساري ڇڏجي.
مطلب؛ ۱. ڀلائي ڪري کوھ ۾ اڇلجي.
۲. نیکی کرو، کھوئے چ سٹو۔ (کہاوت)
۳. نيڪي ڪيو، کوھ ۾ اڇليو.
۴. نیکی کری کھوئے چ باناں۔ (کہاوت)
۵. نيڪي ڪري کوھ ۾ وجھ.
۶. چڱائي ڪر، وساري ڇڏ.
۷. نيڪي ڪر، درياھ ۾ اڇل.

147. پہلے سال چٹی، دوئے سال ہٹی، ترئے سال کھٹی۔ (کہاوت)
دڪان ۾ پھرئين سال چٽي پوندي. مال آڻڻ نيڻ ۽ اچڻ وڃڻ جا رستا معلوم نه ھئڻ سبب. ٻئي سال، سکڻ پڄاڻان، ھٽ نه ته ھٽڙي پيو معلوم ٿيندو. ٽئين سال، کٽي ڪمائي نظر ايندي. يا دل ئي کٽي ٿي پوندي.
مطلب؛ ۱. پھرئين سال چٽي، ٻئي سال ھٽي، ٽئين سال کٽي.
۲. پہلیاں چٹی، فر ہٹی، فر کھٹی۔ (کہاوت)
۳. اول چٽي، پوءِ ھٽي، پوءِ کٽي.

148. پہلیں بونڑیں، یا اللہ برکت۔ (کہاوت)
دڪاندار وٽ، دڪان کولڻ ويل، آيل پھريون گراھڪ، وڏي نعمت آ. اھو موٽيو، سڄو ڏينھن پئي موٽ ٿيندي. ان چڱو سودو کنيو، سڄو ڏينھن برڪت ڀريو گذرندو. سندس خريداري، پھرين ٻوھڻي/ نر-ٻوھڻي سڏجي. دڪاندار، نر-ٻوھڻيءَ کي برڪت وارو ڀانئين.
مطلب؛ ۱. پھرين ٻوھڻي، برڪت جي.

149. پہنوں نیں کہر پراء مندا، سوہریاں نیں کہر جانوائی مندا۔ (کہاوت)
ھر ھڪ، پنھنجي گھر ۾ سھڻو لڳي ٿو. نياڻو، ساھرين گھر جو والي وارث ناھي، نه ڪي سندس گھر واري. سندس سالا گھر جا مالڪ آھن. جوڻس ڀلي بادشاھ جي ڌيءُ ھجي، پر پيڪي گھر، ان لاءِ لولو ناھي. ڀاءُ، ڀيڻ جي گھر وڃي ۽ ڀيڻيويو ڀلي خيال به ڪريس پر وڻندو/ٺھندو ڪو نه.
مطلب؛ ۱. ڀيڻ جي گھر ڀاءُ برو، سھري جي گھر نياڻو برو.
۲. سوہریاں نیں کہر جنوائی، چھری ہیٹھ قصائی۔
۳. ساھرين گھر نياڻو، ڇريءَ ھيٺان قاصائي.
۴. سوہریاں نیں کہر جنوائی، کتے نی جائی۔
۵. ساھرين گھر نياڻو، ڪتي جي جاءِ تي (آچار).
۶. سوہریاں نیں کہر جانوائی برا، پہنوں نیں کہر پراء برا۔ (کہاوت)
۷. ساھرين گھر نياڻو بڇڙو، ڀيڻ جي گھر ڀاءُ بڇڙو.
۸. کہر جنوائی، کتے نی جائی۔ (کہاوت)
۸. گھر-ڄاٽو، ڪتي جي آچار.

150. پوہسی اگ پھوکاں سوائیں نئی بلنی۔ (کہاوت)
باھ جو قوت/ ٻارڻ، ڪاٺيون. ڪاٺي سا ٻري، جنھن ۾ جلڻ جي صلاحيت ھجي. صلاحيت آ، سوڪھڙي منجھ. پاڻيءَ ۾، ناھي. گاسليٽ يا پئٽرول ۾، جلڻ جي جوت سڪين ڪاٺين کان وڌيڪ. نھرين شين ۾ صلاحيت تڏھن اچي، جڏھن سڪي ٺوٺ ٿين. نه ته ڦوڪن ڏيڻ ۾ مغز ساڻو ٿيو پوي.
مطلب؛ ۱. آلين ڪاٺين جي باھ، ڦوڪن کان سواءِ نه ٻري.

151. پیٹ نہ پئیاں روٹیاں، سبھے گلاں کھوٹیاں۔ (کہاوت)
پيٽ، ھر ساھدار سان لڳل آ. پيٽ ۾ ڪا شيءِ ھوندس ته ٻل ھوندس، خالي ٿيس ته نستو ٿيندو. ڪا به ڳالھ نه وڻندس، جو ان کي ڪوڙي ۽ بيڪار پيو سمجھندو. کائڻ لاءِ مليس ته پوءِ اک کلندس، کلندو ۽ ڳالھائيندو.
مطلب؛ ۱. پيٽ نه پيون روٽيون، سڀ ڳالھيون کوٽيون.
۲. پیٹ نیئں روٹیاں، سب گلاں کھوٹیاں۔ (کہاوت)
۳. ٹہڈھ ناں پیاں روٹیاں، سبھے گلاں کھوٹیاں۔ (کہاوت)
۴. پہلیاں پیٹ پوجا، فیر دوآ کم۔ (کہاوت)
۵. پھرين پيٽ پوڄا، پوءِ ٻيو ڪم.
۶. پھرين پيٽ پنجوءَ جو، ٻار ٻچا پوءِ.

152. پیٹے ناں پکھا رجی گشناں،
اکھاں ناں پکھا نا رجناں۔ (کہاوت)
انسان جي پيٽ اندر، ماني سانڍڻ جي صلاحيت، ويلي کان ويلي تائين جي آ. وڌيڪ کائيندو ته پيٽ ڦاٽندس. اڃ ۾ به ھڪ ٻه گلاس پاڻيءَ جا ڏوڪي سگھندو. الي سو نه ھجيس، باقي پيٽ ڀرڻ آسان آ.
اک، فقط ڏسي سگھي. ڏسڻ سان ڍءُ نه ٿئي. ٿورو ۽ نامڪمل لڳي. ٻه واديون ھيرن جواھرن جون ھجن، ٽينءَ جي تانگھ ٿيندي. تاس، نه مرندي.
مطلب؛ ۱. پيٽ جو بکيو ڍاپي وڃي، اکين جو بکيو نه ڍاپي.
153. پیر بڑا کیں زقین۔ (کہاوت)
اعتقاد/ ويساھ، شل نه ڪنھن شيءِ تي ويھي. ڀلي منجھس اھا صلاحيت فطرتي طور نه به ھجي، پر منجھانئس ٿيندي نظر ايندي. ماڻھوءَ جو ويساھ، جڏھن مادي شين تي ٿي ويندو آ تڏھن وقتي، کيس اتان ٿيندي نظر به ايندو آ، جنھن جو وشواس، سندس جيءَ اندر گھر ڪري ويندو آ.
مطلب؛ ۱. پير وڏو يا ويساھ؟

154. پیر بڑے لہاراں نیں، طہ سر بڑے سرداراں نیں۔ (کہاوت)
جسماني عضون تي، اندر جي ڪيفيت، لکيل يا نمايان نه ھوندي آ، جو نڀاڳ/ سڀاڳ پڙھي وٺجي. زماني جي تجربن سان، ڪن سياڻن، انساني عضون جي بيھڪ جي حساب سارو، انومان ڪڍيا آھن ته؛ ’وڏي مٿي واري جو دماغ وڏو ۽ سوچ ڊگھي ھوندي. ٻين مٿان سرداري ڪرڻ جي صلاحيت ھوندس.‘ ۲. ’ڊگھن پيرن وارو، لوھرن وانگر محنتي ھوندو.‘
مطلب؛ ۱. پير وڏا لوھارن جا، سر وڏا سردارن جا.
۲. ڀيٽيو؛ سر بڑے سرداراں نے، پیر بڑے گنواریں نے۔ (کہاوت)

155. پیر پتر ناں دیسی، ستھن طہ ناں لواسی۔ (کہاوت)
اڻونڍ ۾ ڪم پوي ته وٽس ويندي ھر ڪو لھرائي. دل ٻڌائڻ خاطر، دليل گھڙي، ڪنھن کي چئبو آ؛ ”ڊڄ نه! اڳلو ڇا ڪندو؟ وڌ ۾ وڌ ڪم نه ڪندو، سو ته نه وڃڻ جي ڪري ٿئي ئي نه پيو. وڃڻ سان اگر ڪا راھ کلي پوي ته ويٺي کان چڱي ھوندي.“
مطلب؛ ۱. پِيرُ پُٽ نه ڏيندو، سُٿڻ ته نه لھرائيندو.
۲. پير پٽ نه ڏيندو، زال ته نه کسيندو.

156. پیلے کیا موترے نا ہڑوہی بہوں دا۔ (کہاوت)
پیلے؛ ڪول، ماڪوڙي. کیا؛ جي لاءِ. موترے نا؛ مٽ چڪو، پيشاب. ہڑوہی؛ جو ھجڻ. بہوں دا؛ گھڻو ھوندو آھي.
ھر ساھدار کي پنھنجي جسم سارو تڪليف اڳيان اچي ٿي. وڏي جسم واري کي آيل تڪليف ننڍي جسم واري تي آيل تڪليف جي ڀيٽ ۾ وڏي ھوندي. تنھن ھوندي به کين پھتل تڪليف، کين پھاڙ پئي نظر ايندي.
مطلب؛ ۱. ماڪوڙيءَ لاءِ، مٽ جو ٽيپو ئي گھڻو ھوندو آ.
۲. ڪوِل جي لاءِ، مٽ اورانگھڻ به ڏکيو ڪم.
157. پینسا اپنا کھٹاوے، دوئیاں کئہ دوش۔ (کہاوت)
پرائي/ کوٽي شيءِ ڪم نه اچي. وقت تي، پنھنجي/سچي شيءِ ڪم اچي. ٻئي جي شيءِ کي ھٿ لائي نه سگھجي. پنھنجي رکيل دولت، سڪو رائج الوقت ثابت نه ٿئي ۽ کوٽي نڪري پئي ته پوءِ ھڙ ھلي وئي. ان ۾ ٻين کي قصور وار نه ٿو ٺھرائي سگھجي.
مطلب؛ ۱. پئسو پنھنجو کوٽو ھجي ته ڏوھ ٻين کي نه ڏجي.

158. پینسا اچھنی گشنی چیز ای۔ (کہاوت)
ڌن دولت تي ڪو ڀروسو ناھي، جو اھا بيوفا آ. اڄ مون وٽ، سڀاڻي تو وٽ آ. پاڻيءَ جي درياھ وانگر، ھل ھلان اٿس. ڪٿي به ٽڪاءُ نه اٿس. مٿس جو بيوقوف بانوريو، سو سٽيو.
مطلب؛ ۱. پئسو اچڻي وڃڻي شيءِ آ.

159. پینسا اوئے جہڑا جیویچ، کڑی اوئے جہڑی ہیٹھ۔ (کہاوت)
وقت تي، اھو پئسو ڪم اچي ٿو، جيڪو کيسي/ ھٿ ۾ آ. ٻين وٽ رکيل، ڪم نه ٿو اچي. زال به اھا آ، جيڪا مڙس جي زيردست ٿئي. جيڪا مڙس کي ھيٺان ڪيون ويٺي ھجي، سا زال نه بلڪ حڪمران چئبي.
مطلب؛ ۱. پئسو اھو جو کيسي ۾ ھجي، زال اھا جا ھيٺئون ھجي.
۲. رن ران سان، ناڻو جان سان.
۳. ناڻو سو جو ڳنڍ، ٻاڻي سا جا ڪنٺ.

160. پینسا ناں وے پلے، باءرا پینیں کھلے۔ (کہاوت)
پئسي سان خريداري ڪجي ٿي بلڪ ڪي ڏکيا معاملا به طئي ڪري سگھجن ٿا. پئسي بنا، ماڳ نه پھچجي بلڪ مار موچڙي جو کاڄ ٿي وڃجي.
مطلب؛ ۱. پئسا ناھن ويجھڙا، ٻاھران ئي پون موچڙا.
۲. پئسو ناھي پاس، جيئڙو آ اداس.
۳. پئسو ناھي پلي؛ ھار ڳنھان ڪه ڇلي.

161. پینسا ہتھ نی میل ہونا۔ (کہاوت)
ڪم ڪار ھٿن سان ڪجي ٿو، جنھن سبب ھٿ ميرا ٿين ٿا. وري ساڳين ھٿن سان کاڌو کائڻ سبب، ھٿ صاف به رکڻا پون ٿا. اھڙيءَ طرح آيل پئسو به جلدي جلدي ٺڪاڻي لڳائڻو ٿو پوي، جو ان جي سار سنڀار پڻ ڏکي آ. اڻھوند کان ھوند وارا سور ۽ سنڀالڻ واريون ڳڻتيون ڳؤريون.
مطلب؛ ۱. پئسو، ھٿ جي مير آ.

162. پینسے کی پینسا، چھکناں۔ (کہاوت)
بنا پئسي، پيٽ قوت لاءِ فقط مزوري ٿي سگھندي، جنھن سان ٻن ويلن جي کاڄ جو بندوبست ٿي سگھندو. ٽئين ويلي لاءِ، واڌو محنت ڪرڻي پوندي. پئسو گھڻو ڪمائڻو ھجي ته گھڻو پئسو سيڙائجي. جان ۽ مال به ان سان گڏ سيڙائجي، تڏھن لڪشمي ڇڪجي ايندي.
مطلب؛ ۱. پئسي کي پئسو ڇڪيندو آ.
۲. پئسو، پئسي کي ڪمائيندو آ.
۳. گھڻو پئسو، ٿوري کي به ڪمائي وٺندو آ.

163. پیو اٹھے پتر بہہ، دیوان نہ خالی رہ۔ (کہاوت)
پیو؛ پيءُ، ابو، گھر جو وڏو. اٹھے؛ اٿي، جنازو اٿي، گذاري وڃي. پتر؛ پٽ، اولاد. بہہ؛ ويھي، جاءِ والاري. دیوان؛ گھر، جاءِ، رھائش گاھ. نہ خالی رہ؛ خالي نه رھي، ويران نه ٿئي.
پيءُ جي مئي کان پوءِ اولاد ئي جاءِ نشين ٿئي ٿو. زندگيءَ جو سلسلو ايامن کان ائين ھلندو پيو اچي. ھڪڙن مئي، ٻيا سندن جاءِ والارين ٿا. جھان، ماڻھن کان، خالي رھڻو ناھي.
مطلب؛ ۱. پيءُ وڃي پٽ ويھي، ديوان خالي نه رھي.
۲. ادي مئي، ادو ڄائو، اسان اوتري جا اوترا.

164. پیو کا ماؤ نال، مان پراؤ نال۔ (کہاوت)
پيءُ جي گھر، نياڻيءَ جي عزت تيستائين، جيستائين امڙ جيئري اٿس. امڙ جي مئي يا ڏھاڳ وتي، اولاد رليو وڃي. ٻاھر جو شان مان، ڀائرن جي ڏڍ تي. اڪيلي کي نه ڪير ليکي، نه ٻين جي دوستيءَ تي ڀروسو رھي.
مطلب؛ ۱. پيءُ جو گھر؛ ماءُ سان، شان مان؛ ڀاءُ سان.

165. پیئو نے مرن بعد نکا جمیا، کس کاری؟۔ (کہاوت)
ماڻھو، اولاد جي خاطر، شاديون ڪري ٿو، زالن جا نخرا برداشت ڪري ٿو. جيڪڏهن اولاد مئي پڄاڻان ڄمي ته ڪھڙي آسيس. حياتيءَ ۾ ڄمي ته ھوند، اکيون ٿڌيون رھن.
مطلب؛ ۱. پيءُ مئي پڄاڻان پٽ ڄائو، ڪھڙي ڪم جو؟
۲. پیو مرے نے پتر جمے، پیو ناں کس کاری۔ (کہاوت)
۳. پيءُ مئي کان پوءِ پٽ ڄائو، پيءُ جي ڪھڙي ڪم جو.