لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڙي آخاڻ

پھاڙي ٻولي، گهڻي ڀاڱي، پاڪستاني پنجاب جي ڪجهہ علائقن سميت، آزاد ڪشمير ۽ ڀارت جي انتظام ھيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سوڌو ھماچل پرديش ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، ۽ ڄڻ تہ ٻن ملڪن ۾ پکڙيل آھي. عبدالوھاب سھتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ھيءُ ڪتاب جوڙڻ ۾، ڊاڪٽر محمد صغير خان جي ڪتاب ”پہاڑي کہاوتيں: آخان“ (۲۰۰۲ع) ۽ محبت حسين اعواڻ جي ڪتاب ”مري، گليات ني پہاڑي بولي چ ’آخان‘ متان، ٹچکراں طہ سياننيان“ (۲۰۰۹ع) تان مدد ورتي آھي.

Title Cover of book پھاڙي آخاڻ

گھ

گھ
579. گھلی کس نی، طہ گہنڑاں کس ناں۔ (کہاوت)
گھڻو؛ ڳھڻو يا ڳھ، سونو زيور، عورتن جو مرڪ آ. عورت، آزاد يا ٻانھي، زيور سندس ڏاج آ. ڪنن ۾ والي، نڪ ۾ ڪوڪو، ٻانھن ۾ چوڙي يا آڱر ۾ منڊي، ضرور پاتل ھوندس. ٻانھپ ۾ آيل سان زيور به ٻانھپ ۾ ايندو.
مطلب؛ ۱. جنھن جي ٻانھي، ڳھ به ان جو.
۲. عزت وڃي ته چيلھ ڀڃي ۽ مڻڪو ٽوڙي رکي.