لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڙي آخاڻ

پھاڙي ٻولي، گهڻي ڀاڱي، پاڪستاني پنجاب جي ڪجهہ علائقن سميت، آزاد ڪشمير ۽ ڀارت جي انتظام ھيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سوڌو ھماچل پرديش ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، ۽ ڄڻ تہ ٻن ملڪن ۾ پکڙيل آھي. عبدالوھاب سھتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ھيءُ ڪتاب جوڙڻ ۾، ڊاڪٽر محمد صغير خان جي ڪتاب ”پہاڑي کہاوتيں: آخان“ (۲۰۰۲ع) ۽ محبت حسين اعواڻ جي ڪتاب ”مري، گليات ني پہاڑي بولي چ ’آخان‘ متان، ٹچکراں طہ سياننيان“ (۲۰۰۹ع) تان مدد ورتي آھي.

Title Cover of book پھاڙي آخاڻ

د

د
329. دال سمارے کہیوہ ناں، بڑیا ناں مائو ناں۔ (کہاوت)
دال؛ دال، ڀاڄيءَ طور ڪم ايندڙ سادو ان. سمارے؛ لذيذ ڪري. کہیوہ؛ گيھ، مکڻ. بڑیا؛ بڙا، وڏو. ناں؛ نانءُ، نالو، نام. مائو؛ ماءُ، وڏي امان، ڏاڏي، ناني. ناں؛ جو.
ٻوڙ ڀاڄي رڌڻ لاءِ به ڪاريگري گھرجي. ڪي ماڻھو، مکڻ ۽ مصالحن جي زور تي ڪاريگر ٿي ويندا آھن. ان کي ڪاريگري ڪو نه سڏبو.
مطلب؛ ۱. دال کي لذيذ ڪري گيھ، نالو ٿئي وري وڏي امان جو.
۲. ڪاميابيءَ جو سبب ھڪڙو، شابس ٻئي کي پئي ملي.

330. داں بیڑیاں نی سواری مینغی پینی۔ (کہاوت)
انسان جو وت ٿورو آ. کائڻ لاءِ ھڪ ماني، سمھڻ لاءِ ھڪ کٽ ۽ چڙھيءَ لاءِ ھڪ سواري گھرجيس. ٻن گھوڙن، ٻن خچرن يا ٻن اٺن تي ويھي، سواري ڪري نه سگھندو. ائين ٻن ٻيڙين منجھ سواري ڪرڻ به ناممڪن آھي.
مطلب؛ ۱. ٻن ٻيڙين جي سواري، مھانگي پوندي.
۲. ٻن ٻيڙين ۾ جو چڙھي، ڄنگھان تنھن جون چيرجن.
۳. داں بیڑیاں ناں سوار ڈبناں آ۔
۴. ٻن ٻيڙين جو سوار، ٻڏندو آ.
331. داں پیساں نی کٹوی گی، کتے نی ذات پچھانی غئی۔ (کہاوت)
ڪتي جي عادت آ؛ کاڌي جي شين ۾ اچي ٻوٿ ھڻڻ. خوامخواھ، رڌي پڪي نرھ ڪرڻ، تنھنڪري، اڳواٽ ٽڪر وجھجيس ته جيئن زيان نه ڪري. ٽڪر وجھڻ ۾ ايترو نقصان ناھي، جيترو ڪتي جي زيان سان آ.
مطلب؛ ۱. ٻن پئسن جي ڪني وئي، ڪتي جي ذات سڃاپجي پئي.
۲. ٽڪي جي دانگي ڀڳي، ڪتي جي ذات پرکي.

332. داں کہراں ناں مزمان پہکا رہناں آ۔ (کہاوت)
ٻن گھرن جو مھمان، يا ٻئي آسرا رکي، يا ٻئي آسرا پلي. ٻئي ميزبان، مونجھاري جو شڪار ٿي، مانيءَ جو بندوبست، دل سان نه ڪندا. نتيجي طور، مھمان يا بک تي ھوندو يا ٻن گھرن جي ماني کائي بيمار ٿيندو.
مطلب؛ ۱. ٻن گھرن جو مھمان، بک مري.
۲. ٻن گھرن جو مھمان؛ يا بک مري، يا ڦاٽي مري.

333. دانے دانے ر مہر ہونی۔ (کہاوت)
اناج، پيٽ قوت واسطي خلقيو ويو آ. ھر داڻي تي، کائڻ واري جي نالي جي مھر لڳل آ. داڻو ان جي ئي پيٽ ۾ وڃڻو آ، جنھن جو مٿس نالو لکيل آ. ڪير ڪنھن جي نصيب جو داڻو، چڳي به نه ٿو سگھي.
مطلب؛ ۱. داڻي داڻي تي مھر لڳل آ.
۲. ھر ڪو پنھنجو نصيب ٿو کائي.

334. دائی کولا ٹہڈھ نا چھپھنا۔ (کہاوت)
دائيءَ جو ڪم آھي ئي ٻار ڄڻائڻ. ويم جا مکيه ڪم، کانئس نه ڳجھا ھوندا آھن، نه وسريل. ٻار جو دن، ناڙي کان جدا ڪرڻو آ. ويم جو اھم ڪم ناڙو وڍڻ آ. اھو ياد ڏيارڻ، کيس اڻڄاڻ ڪوٺڻ جي برابر آ.
مطلب؛ ۱. دائيءَ کان دن/ پيٽ، ڳجھو ناھي.
۲. جنھن جو جيڪو ڪم آ، ان جي جزئيات جي خبر به ان کي آ.

335. دتا اگیں اشناں آ۔ (کہاوت)
ڏيڻ؛ آ چڱائي ڪرڻ. چڱائي، ڪرڻ واري ڏانھن موٽي ايندي آ. ھتي ئي ڪر، ھتي ئي لوڙ وانگر، ھتي ئي نيڪيءَ جو بدلو ملي ٿو. آخرت ۾ بھرا تنھن کان سواءِ آھن.
مطلب؛ ۱. ڏنو، اڳيان اچڻو آ.
۲. ڏنو، ٻنو آ.
۳. دتا کہندا کم اشناں۔ (کہاوت)
۴. ڏيڻ گھنڻ، ڪم اچي ويندو آ.
۵. ڏنو وتو، ڪم اچي ويندو آ.
۶. دس دنیا، ستر آخرت۔/ دس دنیا طہ ستر آخر۔ (کہاوت)
۷. ڏھ دنيا، ستر آخرت.

336. درد ہور، دارو ہور۔ (کہاوت)
درد/ سور، جسم کي ٿيندو آ، ۽ سور واري کان رڙيون نڪري وينديون آھن. دارو يا دوا، پڻ ڪؤڙا ھوندا آھن. پيئڻ واري کان اندر نه لھندا آھن. درد جي ڀيٽ ۾ دوا جي ڪڙاڻ محسوس نه ٿيندي آ. درد کي دفع ڪرڻ خاطر، ڪؤڙي گوري ڳھڻي پوندي آ.
مطلب؛ ۱. درد ٻي شيءِ آ، دوا ٻي شيءِ آ.
۲. ڦرجڻ جو ٽيم ٻيو، ڦر ڄڻڻ جو ٽيم ٻيو. (ٿر، پھاڪو)

337. دریا اگیں بن نئے بنن ہونیں۔ (کہاوت)
درياھ ۾ پاڻي انڇر ڇنڇر وھي، جنھن کي منڍئون وڏو زور ٿئي. جيڪا شيءِ سامھون اچيس، تنھن کي اٿلايون، اڇلايون ۽ روليون ھليو وڃي. آڏو رڪاوٽ کڙي ڪبس ته ان کي به سٽيون ۽ ڊاھيون ھليو ويندو.
مطلب؛ ۱. درياھ اڳيان بند ٻڌي ڪو نه سگھبو.
۲. درياھن ۽ ماڻھن جا منھن، ڪنھن بند نه ڪيا آھن.

338. دریاہ چ رہناں طہ مگر مچھ نال بیر۔ (کہاوت)
واڳون يا سيسر جي رھائش گاھ آھي ئي درياھ، جتي ھو پنھنجي مستي ۽ موج سان رھي ٿو. اتي ساڻس وير وجھبو ته پنھنجي طاقت جي زور تي کائي ويندو. مصلحت ان ۾ آ ته ساڻس، اتي کينس نه ڪجي.
مطلب؛ ۱. درياھ منجھ رھي، وجھجي نه واڳونءَ سان وير.
۲. رہنیں دریاہ چ، مگر مچھے نال ویر۔ (کہاوت)
۳. رھي درياھ وچ ۾، وجھي مانگر مڇ سان وير!

339. دل بے ایمان تہ حجتیں ناں ٹہیر۔ (کہاوت)
اٿڻ ويھڻ، دل سان منسلڪ آ. دل خراب ته جسم بي چيو، رويا اڍنگا ۽ نڪما. بي دليو ماڻھو، نڪمائيءَ کي لڪائڻ لاءِ، دليئون دليل گھڙي پيو ھلندو. دل خوش ته ڪم تي ارواح به ورندو ۽ ٻين سان ورتاءُ به چڱو ھوندو.
مطلب؛ ۱. دل بي ايمان، حجتون ھزار.
۲. من حرامی، حجتاں بہتیر۔ (کہاوت)
۳. من حرامي، حجتون ھزار/ دليل گھڻا.

340. دلے چ چاہ، لکھاں راہ۔ (کہاوت)
من سڪون ۾ آ ته ٻين جا ڪم به پيا ڪبا ۽ ڪرڻ جي لاءِ سوين راھون به پيون نڪري اينديون. دل بي ايمان ته سڀ دڳ بند ٿيو وڃن. ڪا راھ/ واٽ ئي نه سُجھندي.
مطلب؛ ۱. دل ۾ چاھ، لکين راھَ.
۲. دل ۾ چاھ آ ته راھ ئي راھ آ.
۳. دلاں کی دلاں نال راہ ہونیں۔ (کہاوت)
۴. دلين کي دلين سان دڳ ٿين.

341. دلے نی گل، موئے دا اچھی گشنی۔ (کہاوت)
ڳالھائڻ وقت، ھزار دليل گھڙي، اندر جي ڳالھ کي لڪائجي، پر واتان نڪتل گفتن منجھان، دل جي منسا جي بوءِ ضرور ايندي. زبان، دل جي ڳالھ سلڻ ۾، مجبور ھوندي آ.
مطلب؛ ۱. دل جي ڳالھ زبان تي اچي ئي ويندي آ.

342. دمے ناں کیں وساہ نا۔ (کہاوت)
دنيا اندر، انسان کي، محدود حياتي ڏئي موڪليو ويو آ، جنھن جي ميعاد جي کيس اڳواٽ خبر ناھي. ساھ کڻڻ دوران، اندر آيل دم، ٻاھر نڪري يا نه؟ ٻاھر نڪتل دم، اندر موٽي الائي نه. دم تي ڪنھن کي به ڀروسو ناھ.
مطلب؛ ۱. دم تي ويساھ ڪونھي.

343. دندھ گے، سواد گا، اکھیں گیاں، دنیاں گی۔ (کہاوت)
کاڌي جو سواد، چٻاڙڻ ۾ آ. چٻڪو، ڏندن سان ايندو آ. ڏند ڀڳا ته کاڌي مان ذائقو نه ايندو. دنيا جو چاھ به، ان کي ڏسڻ ۾ آ. ڏسجي انھن اکين سان ٿو، جن ۾ نظر ھجي. نظر وئي، دنيا ئي مري وئي.
مطلب؛ ۱. ڏند ويا، سواد ويو، اکيون ويون، دنيا ئي وئي.

344. دندیں چہڑیں نے ماس لبنے تہ کس کاری۔ (کہاوت)
دندیں؛ ڏندن. چہڑیں؛ ڀڳي، وئي. نے؛ کي. ماس؛ ماس، گوشت. لبنے؛ لڀي، ملي پوي. کس؛ ڪھڙي. کاری؛ ڪم جو.
شيءِ جو مزو، ان جي استعمال ۾. جيڪا شيءِ استعمال ڪري نه سگھجي، ان مان آسيس به نه ملي. گوشت کائڻ جو مزو، ڏندن سان ھڏن ڪرٽڻ ۾. ڏندن ڀڳي کان پوءِ، گوشت مان ڄڻ مزو نڪريو وڃي.
مطلب؛ ۱. ڦدي کي گوشت لڀي ته ڪھڙي ڪم جو!؟
۲. کدڙي کي سھڻي زال ملي ته ڪھڙي ڪم جي!؟

345. دنیاں چار تہڑیاں ناں میلا۔ (کہاوت)
دنيا، عارضي آ. ھڪ ڏينھن ختم ٿيڻو اٿس. ھر ڪو مقرر وقت لاءِ آيو آ، نيٺ ھليو ويندو. چئن ڏينھن جو چٽڪو ۽ ميلو آ. جلد گذري ويندو. مٿس نه ايترو ڀروسو ڪجي، نه بانور.
مطلب؛ ۱. دنيا، چئن ڏينھن جو ميلو آ.
۲. دنيا، گھڙي سوا جو چٽڪو آ.

346. دھکھنی جائی اپر ژے ٹھوکر لگنی۔ (کہاوت)
ڏکندڙ عضوو، ٿوري به سٽ سھڻ جي قابل نه ھوندو آ. پَيو ڏکندو آ. ڀر ۾ رکيل ڪنھن شيءِ جي چرپر ٿي، يا ٿوري ھوا لڳس ته سور واري جاءِ ڏُکي پوندي. مٽ مائٽ/ دوست يار کي پھتل تڪليف جو ٻڌي، پنھنجا اڻ-ڇٽل ڦٽ، اُکلي پوندا آھن ۽ ڏُکڻ لڳندا آھن.
مطلب؛ ۱. ڏکندڙ جاءِ تي ئي ٺوڪر لڳندي آ.
۲. جيڪا لڳي لٽ، سا ڪاڻي اک ۾.
۳. ڏکندڙ رڳ تي ئي چوٽ ايندي آ.

347. دھیکھے سنے چ فرق ہوناں آ۔ (کہاوت)
اکين سان ڏٺل ڳالھين/ معاملن بابت ذھن ۾ جڙيل خاڪو، رچي پڪو ٿيل ھوندو آ. ان کي ورجائي بيان ڪرڻ وقت ڪا ھٽڪ يا بيزاري نه ٿيندي آ. اڻ ڏٺل يا ڪنين ٻڌل ڳالھ، نه مغز ۾ ويھندي آ، نه ئي وري ھوبھو بيان ڪري سگھبي آ. ٻڌل ڳالھ، ٻڌندي ٻڌائيندي، ڦير کائي وڃي.
مطلب؛ ۱. ڏٺي ٻڌي ۾، فرق ھوندو آ.
۲. ڏٺل ۽ ٻڌل ۾، فرق آ.

348. دھیں اگے دیوے نئے بلنیں۔ (کہاوت)
سج جي روشني، پوري ڌرتيءَ کي روشن ڪرڻ واسطي خلقيل آ. تڪويني عمل سبب، ڳڙکين مان ٽپي به اونداھن غارن ۽ ڪمرن کي روشن ڪندي آ. ڏيئي جي روشني، ان جي اڳيان ڪجھ به ناھي.
مطلب؛ ۱. سج آڏو ڏيو، اجالو ڪري نه سگھندو.
۲. وڏي شيءِ سان، ننڍيءَ جي ڀيٽ ئي ناھي.

349. دو پہلوان کہلن، ہیک ضرور ٹیہناں۔ (کہاوت)
کہلن؛ وڙھن، مقابلو ڪن. ٹیہناں؛ ڊھي، دسجي.
ٻن ڌرين جي چٽاڀيٽيءَ ۾، ھڪ ڌر کي سرسي حاصل ٿيندي آ ۽ ٻي ڌر ھارائيندي آ. ھڪڙو دسيندو آ ۽ ٻيو دسجي پوندو آ. ھڪڙو مٿي ٿيندو آ ته ٻيو ھيٺ ٿيندو آ.
مطلب؛ ۱. ٻه پھلوان وڙھن، ھڪڙو ضرور ڊھي.

350. دو ملاں، مرغی رہام۔ (کہاوت)
ساڳي شيءِ جا ٻه تاڪائو، حلال کي به حرام ڪري ڇڏين. سندن زور آزمائيءَ ۾، شيءِ ئي ڇيھون ڇيھون ٿي ويندي آ. مفت جي مال تي، ھر ڪو پنھنجو حق سمجھندو آ ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ حرام حلال جون پيو فتوائون ڏيندو آ.
مطلب؛ ۱. ٻه ملا، مرغي حرام.
۲. ٻن ملن ۾، ڪڪڙ حرام.

351. دوترمان ستیں پڑہیں بہری۔ (کہاوت)
دوترمان؛ ڏوھٽاڻ، ڀيڻ يا ڌيءُ جو اولاد. ستیں؛ ستين، ستن. پڑہیں؛ پيڙھي، پشت. بہری؛ بري، خراب، ويري، دشمن.
ڌيءُ يا ڀيڻ جو اولاد، پرايو باغ آ. مٿن، نه وارثي ھلندي، نه مرضي. پنھنجي سوچ تي ھلندا يا پنھنجي پيءُ ڏاڏي جي پر ڪندي، سندن چئي آکيي تي ھلندا. نياڻيءَ جو اولاد سمجھي، مٿن فقط شفقت جو ھٿ رکجي.
مطلب؛ ۱. ڏوھٽاڻ، ستين پيڙھيءَ تائين ويري.
۲. دوترمان کوٹھے نے سامنے اینا تہ چارے چوکاں کمبنیاں۔ (کہاوت)
۳. ڏوھٽاڻ، ڪوٺي/ گھر جي سامھون ھجي ته چار ئي ڪنڊون ڪنبن.
۴. ڏوھٽاڻ، وڌندي جا ويري.

352. دووے نے مونڈے اپر آکھوڑ پہننا سوخاوا۔ (کہاوت)
دووے؛ ٻئي. نے؛ جي. مونڈے؛ ڪلھي، ڪنڌ. اپر؛ تي، مٿئون. آکھوڑ؛ اخروٽ. پہننا؛ ڀڃڻ. سوخاوا؛ سوکو آ، سولو آ.
اکروٽ جو مغز، نرم ۽ ذائقيدار ٿئي پر مٿس چڙھيل کوپو، سخت ٿئي، جيڪو ڀڃڻ ۾ ڏکيو لڳي. ڌڪ ھڻي، ڀڃڻو پوندو آ. اگر اھو ڌڪ، ٿڙي پاڻ کي لڳي ته احساس ٿئي. ٻئي کي پھتل تڪليف جو احساس نه ٿيندو آ، تنھنڪري ٻئي جي ڪلھي تي رکي ڀڃڻ سولو آ.
مطلب؛ ۱. ٻئي جي ڪلھي تي اخروٽ ڀڃڻ سوکو آ.
۲. ڪاٺ پرائي بونڊ ۾، ڪپھ کان ڪونئرو.
۳. دوئے نی سول، نئی چبھنی۔ (کہاوت)
۴. ٻئي جي زخم جو چڀڪو (سور جي سوٽ) پاڻ کي نه ٿئي.
۵. ھنڌ اھو سڙي، جتي باھ ٻري.
۶. دوئے نی اگنی چ کن سڑناں۔ (کہاوت)
۷. ٻئي جي باھ ۾، ڪير سڙندو آ؟!

353. دووے نے ہتھے وچ دوگاہ پہارا دسناہ۔ (کہاوت)
دووے؛ ٻئي. نے؛ جي. ہتھے؛ ھٿ. وچ؛ منجھ، ۾. دوگاہ؛ گراھ، نوالو. پہارا؛ ڀاري، ڳؤرو. دسناہ؛ ڏيکارجي.
پنھنجي شيءِ، ليکي ۾ نه آڻڻ ۽ ٻئي جي تي ساھ ڏيڻ. جيئن ھڪ ملي، ڪن ماڻھن کي ديڳ سان ايندي ڏٺو ته چيائين؛ ”ھڻ! ايترو ڀت ڪاڏي ٿا کنيو وڃو!؟“ چيائونس؛ ”اوھان جي گھر.“ يڪدم چيائين؛ ”اسان جي ھيڏي ساري آڪھ، ان لاءِ بس اھو گرھڙو!؟“
مطلب؛ ۱. ٻئي جي ھٿ ۾ گرھ، وڏو نظر ايندو آ.
۲. پرائو ڌن دولت، وڏا نظر ايندا آھن.
۳. پرائي مينھن جو اوھ، وڏو نظر ايندو آ.

354. دوئے ناں موں رتا دھیکھی، اپنا چنڈاں ماری ماری رتا نیا کرنیا۔ (کہاوت)
انساني فطرت آ؛ ٻين کي ڪو ڪم ڪندو ڏسي، پاڻ کي به شوق جاڳي پوندو آ. ٻئي کي ڳاڙھو ڳٽول ڏسي، ھر ڪو اھڙو ٿيڻ جي خواھش ڪندو آ. ان خواھش ۾ پنھنجو پاڻ کي به ڦٽي ھلاڪ ڪندو آ.
مطلب؛ ۱. ٻئي جو ٻوٿ رتائون ڏسي، پنھنجو چنبا ھڻي ھڻي رتائون نه ڪر.
۲. ڪانءُ ھليو مور جي ٽور، کنڀ کھائي نه رهيو ڪانءُ، نه رھيو مور.
۳. ھڪڙيءَ رت ڪڍايو، ٻيءَ کي اوٻر آيو.

355. دوئیاں نیں محل دھیکھی، اپنی چہگی نئی ٹہانی چائی نی۔ (کہاوت)
پنھنجي شيءِ، ڀلي کڻي سادي ھجي پر استعمال ۾ سھنجي ۽ منجھانئس کوڙ فائدا. پرائي شيءِ ڀلي ڪارائتي ھجي پر منجھانئس فائدو وٺڻ ڏاڍو ڏکيو. پرائي اوچي شيءِ ڏسي، پنھنجي سادي شيءِ کي نه حقير سمجھجي، نه وري زيان ڪجيس.
مطلب؛ ۱. پراوا محل ڏسي، پنھنجي ڀونگي نه ڊاھجي.
۲. پنھنجي سادي شيءِ ڇڏي، پرائي اوچي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ نه پڇاڙجي.

356. دیغے چا ہکے چاول دھکھینیا۔ (کہاوت)
ديڳ ڀت جي رڌي، دم تان لاھڻ کان اڳ، تسلي ڪبي آ ته چانورن ۾ ھڏ ناھي ۽ مصالحي ۾ پورا آھن. ان لاءِ رانڌو، سڀ چانور نه کائيندو آ، بلڪ ھڪ ڪڻو چکي، بوءِ يا رنگ جاچي، ديڳ جو اندازو ھڻي ويندو آ.
مطلب؛ ۱. ديڳ منجھان ھڪ چانور ئي چکي ڏسبو آ.
۲. جنس جي پرک لاءِ، نموني جي مٺ ئي ڪافي ھوندي آ.
۳. وڻ ڏٺا، جُوءِ ڏٺي.

357. دین گنوایا، دنی نے، دنی ناں چلی ساتھ،
سارے تھو گانوائی طہ ٹریا ایں خالی ہاتھ۔ (کہاوت)
دنيا، سراب/ خواب آ، منجھس ھر شيءِ پڻ عارضي آ. سمورو ٺاٺ پاڻيءَ تي ڦوٽي مثل آ. ھاڻي ٺھيو، ھاڻي ڊھي ويو. خواب ۾ ڏٺل ڌن دولت جي انبار وانگر، جيڪو جاڳ ٿيندي ئي گم. ان خاطر دين وڃائڻ، گھاٽي جو سودو آ.
مطلب؛ ۱. دين وڃايس دنيا، دنيا ھليس نه ڪٺي،
سڀ ساٺ وڃائي، ھليو سکڻي ھٿين.
۲. دين وڃايو دنيا خاطر، دنيا ھلي نه ساڻ، ٺاٺ پيو ھوندو، ھلڻو آ خالي پاڻ.
۳. دنيا خاطر دين، وڃائجي نه ھٿان.

358. دیوے ہیٹھ، انھیرا۔ (کہاوت)
سج، جسم مان چؤڦير شعاع ڇڏي ۽ سراسر روشن رھي. خلا ۾ معلق رھي. ڏيئو، منھن مان روشني ڪڍي، وھڪ واري جاءِ تان اونداھو ۽ بي نور رھي ته جيئن ڪنھن جاءِ تي ويھي ۽ ٽڪي سگھي.
مطلب؛ ۱. ڏيئي ھيٺ، اوندھ.