لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڙي آخاڻ

پھاڙي ٻولي، گهڻي ڀاڱي، پاڪستاني پنجاب جي ڪجهہ علائقن سميت، آزاد ڪشمير ۽ ڀارت جي انتظام ھيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سوڌو ھماچل پرديش ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، ۽ ڄڻ تہ ٻن ملڪن ۾ پکڙيل آھي. عبدالوھاب سھتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ھيءُ ڪتاب جوڙڻ ۾، ڊاڪٽر محمد صغير خان جي ڪتاب ”پہاڑي کہاوتيں: آخان“ (۲۰۰۲ع) ۽ محبت حسين اعواڻ جي ڪتاب ”مري، گليات ني پہاڑي بولي چ ’آخان‘ متان، ٹچکراں طہ سياننيان“ (۲۰۰۹ع) تان مدد ورتي آھي.

Title Cover of book پھاڙي آخاڻ

ف

ف
473. فاتحہ ناں درود، مری غے مردود۔ (کہاوت)
مردود، بي درد ۽ ٻين جي درد جو احساس نه رکندڙ ھوندو آ، جنھنڪري ٻين کي پڻ سندس لاءِ احساس نه ھوندو آ. مٿس آيل تڪليف تي ڪنھن کي به جھٻو نه ايندو آ. مئي کان پوءِ ڪو فاتحه ۽ درود نه پڙھندو اٿس.
مطلب؛ ۱. نه فاتحه، نه درود؛ مري ويو مردود.
۲. مری غے مردود؛ ناں ختم، ناں درود۔
۳. مري ويو مردود؛ نه ختمو، نه درود.

474. فرزیں؛ ناں، سارا تہاڑا؛ ناں۔ (کہاوت)
فرزیں؛ ساجھر، صبح جو، سويري. ناں؛ نھ، نھڪر. سارا تہاڑا؛ سارو ڏيھاڙو، سڄو ڏينھن.
ڪن ماڻھن جو عقيدو آ؛ جنھن ڪم لاءِ صبح جو سوير نھ ٿي، ان لاءِ سارو ڏيھاڙو نھ ئي ٻڌڻي پوندي. اھو وھم پڻ اٿن ته جيڪو ڪم صبح سان ڪندي کريو، سو سارو ڏيھاڙو نه ڪجي جو اھو نيٺ کرندو ئي کرندو.
مطلب؛ ۱. صبحڙي؛ نھ، سڄو ڏينھن؛ نھ.
۲. صبح سان نھ ٿي، سڄو ڏينھن نھ ٻڌڻي پوندي.