لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڙي آخاڻ

پھاڙي ٻولي، گهڻي ڀاڱي، پاڪستاني پنجاب جي ڪجهہ علائقن سميت، آزاد ڪشمير ۽ ڀارت جي انتظام ھيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سوڌو ھماچل پرديش ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، ۽ ڄڻ تہ ٻن ملڪن ۾ پکڙيل آھي. عبدالوھاب سھتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ھيءُ ڪتاب جوڙڻ ۾، ڊاڪٽر محمد صغير خان جي ڪتاب ”پہاڑي کہاوتيں: آخان“ (۲۰۰۲ع) ۽ محبت حسين اعواڻ جي ڪتاب ”مري، گليات ني پہاڑي بولي چ ’آخان‘ متان، ٹچکراں طہ سياننيان“ (۲۰۰۹ع) تان مدد ورتي آھي.

Title Cover of book پھاڙي آخاڻ

ٹھ

ٹھ
204. ٹھوکر لگنی طہ مت اشنی۔ (کہاوت)
سک، مت جو دشمن. سک آئي، مت موڙھجيو وڃي. ڌڪ ايندو آ، تڏھن دماغ، نقصان جي ازالي ۽ آئندھ بچڻ واسطي تدبيرون سوچڻ لڳندو آ. اک کلي ۽ مت ملي، سا يونيورسٽين ۾ اٺ ڪتابن جا پڙھڻ سان به نه ملي.
مطلب؛ ۱. ڌڪو کائڻ کان پوءِ مت اچي ٿي.
۲. تجربي جھڙو سٺو ڪو به استاد ناھي.