لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڙي آخاڻ

پھاڙي ٻولي، گهڻي ڀاڱي، پاڪستاني پنجاب جي ڪجهہ علائقن سميت، آزاد ڪشمير ۽ ڀارت جي انتظام ھيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سوڌو ھماچل پرديش ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، ۽ ڄڻ تہ ٻن ملڪن ۾ پکڙيل آھي. عبدالوھاب سھتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ھيءُ ڪتاب جوڙڻ ۾، ڊاڪٽر محمد صغير خان جي ڪتاب ”پہاڑي کہاوتيں: آخان“ (۲۰۰۲ع) ۽ محبت حسين اعواڻ جي ڪتاب ”مري، گليات ني پہاڑي بولي چ ’آخان‘ متان، ٹچکراں طہ سياننيان“ (۲۰۰۹ع) تان مدد ورتي آھي.

Title Cover of book پھاڙي آخاڻ

ت

ت
172. تارو دریاہ وچ ڈبی مرناں۔ (کہاوت)
پاڻيءَ جي خاصيت آ؛ ٻوڙڻ. جيڪو به منجھس گھڙندو، تنھن کي ٻوڙيندو. منجھانئس پار پوڻ/ تري اچڻ لاءِ ڪو سھارو ھٿ ڪجي. جھڙوڪ ٻيڙي، ترھو يا سيڻاھ. ڪڏھن ڪڏھن واچ مينھن سبب يا وزن وڌي وڃڻ سبب، اھي سھارا به ٽٽي ويندا آھن. پنھنجو جسم به نستو ٿي پوندو آ. ان صورت ۾ درياھ حوالي ٿيڻ يقيني ٿي پوندو آ. ٻڏندو اھو، جيڪو درياھ اندر ھوندو. ٻاھر واري کي درياھ، اچي ڪو نه ٻوڙيندو. دنيا جا معاملا به ان جو سر کڻندا ، جيڪو سر جو آھو لاھي، منجھن ھٿ وجھندو.
مطلب؛ ۱. تارو ئي درياھ ۾ ٻڏندو آ.
۲. تارو ہمیش دریاہ چ ژے ڈبنا۔ (کہاوت)
۳. تارو ھميشه وچ درياھ ۾ ٻڏي.
۴. ہمیش، تارو ژے ڈبنیں۔ (کہاوت)
۵. ھميشه، تارو ئي ٻڏندو آ.
۶. جہڑا ترنا، اوئے ڈبناں۔ (کہاوت)
۷. جيڪو ترندو، سو ئي ٻڏندو.

173. تاڑی دو ہتھاں نال بجنی۔ (کہاوت)
ٻن شين جي ٽڪر سان آواز پيدا ٿيندو آ. ھڪڙي شيءِ ھوا ۾ ھلندي ته بي آواز ئي ھوندي. ھڪ ھٿ جي تاڙي جڏھن ٻئي ھٿ جي تاڙيءَ سان ٺھڪو اچي ڪندي ته پوءِ آواز نڪرندو. اگر ھڪ ھٿ لڳڻ لاءِ تيار ھجي ۽ ٻيو سور سببان ٺھڪڻ نه چاھي ته اھا تاڙي ھوا ٿي ويندي. ٺڪاءَ ٿيڻ لاءِ، ٻن مختلف جسمن جو، آمادھ ٿيڻ لازمي آ، پوءِ ئي وڃي ٺڪاءُ ٿيندو. مراد ته جو ٺڪاءُ ٿيو آ، سو ٻن جسمن/ لڱن جي پاڻ ۾ ٺھڪڻ سبب ٿيو آ.
مطلب؛ ۱. تاڙي، ٻه-ھٿي وڄندي آ.
۲. داں ہتھاں نال تاڑی بھجنی۔ (کہاوت)
۳. تاڙي، ٻن ھٿن سان وڄي.
۴. ہک ہتھے نال تاڑی نئی بجنی۔ (کہاوت)
۵. ھڪ سان تاڙي ڪين وڄندي.

174. تاولی کھوتی، ترپے چ ژے رہنی۔ (کہاوت)
تاولی؛ اٻھري، اتڪي. کھوتی؛ کوتي، مادي گڏھ. ترپے؛ چڙھائيءَ، چاڙھيءَ. چ؛ ۾، منجھ. ژے رہنی؛ ائين رھندي.
گڏھ بار ڍوئڻ واسطي ڪتب اچي. چڱو بار لڏيل ھوندس ته ڪنجھڻ ۾ پورو ھوندو. ان وقت تڪڙ ڪندو ته چاڙھيءَ وارن رستن تي، جيڪي ڀٽن يا جبلن تي ٿين ٿا، سندس چڙھڻ اوکو ٿي پوندو.
مطلب؛ ۱. اٻھري کوتي، چاڙھيءَ تي ٿيڙ کائي.
۲. تڪڙي ڪتي؛ انڌا گلر.
۳. تڪڙ؛ ڪم شيطان جو.

175. ترٹی باں اپنے گلے چ بانی پہنی۔ (کہاوت)
عضوا، کڻڻا به پاڻ کي ئي پوندا آھن. پنھنجو وزن کڻڻ جي جيڪڏھن جسم اندر صلاحيت نه ھوندي ته پوءِ زندگي عذاب ٿي پوندي. ٻين تي ٻوجھ سبب، سمورا بيزار ٿي ويندا. بيماريءَ ۾، بستري تي ليٽي وقت ٽپائڻو آ. ٽٽل ٻانھن جيستائين طاقت وٺي، تيستائين لڙڪائي ھلڻ نقصانڪار. ٻيا کڻي ھلي نه سگھندا. پاڻ کي ئي کڻڻي آ، جنھن جو آسان طريقو؛ جان سان ٻڌي، کڻي ھلڻ آ. محفوظ به رھندي، ٻين تي ٻوجھ به نه پوندو.
مطلب؛ ۱. ڀڳل ٻانھن ورائي ڳل سان ٻڌبي آھي.
۲. پہجی بھاہ، اپنے گلے چ بننی پینی۔ (کہاوت)
۳. ٽٽل ٻانھن، پنھنجي ڳچيءَ سان ٻڌڻي ئي پوندي آ.

176. تریا آیا طہ چہگا گلیا۔ (کہاوت)
اڪيلو، زندگي گذارڻ ڏکي. سماجي ربط سان رھڻ ۾، آساني. واپار وھنوار، ٻين جي ھٿ ونڊائڻ کان سواءِ اوکو. ھڪ ئي ھم خيال ملي ويو ته ٻيڙا پار. وري جي ٽيون گڏيو ته ڪم رليو. گھڻا ذھن، گھڻي سوچ، گھڻو جنجھٽ. ھر ھڪ کي پنھنجي ڳالھ ۽ پنھنجو عقل مقدم. ٻين جي مت تي پيو ڏمربو ۽ ويڻ ڪڍندو. اڳلا، پاڻ عقل جا اڪابر، سندس صلاح کي پٺتي ڌڪڻ ۾ پورا. اتان ڦيٽھڙو شروع ٿيندو. ٺھيل ڪم به پيو رلندو.
مطلب؛ ۱. ٽيون آيو، جھڳو ئي جھڻ.
۲. دو میں تیسرا، آنکھوں میں ٹھیکرا۔
۳. ٻن ۾ ٽيون، اکين ۾ ٺڪريون.
۴. تریہا رلیا، چھگا گلیا۔ (کہاوت)
۵. ٽيون گڏيو، جھڳو ٽٽو.
۶. سنگت/ ڀائيواريءَ ۾ ٽيون گڏبو ته ڏُڦيڙ پوندو.

177. تریہا کھوئے کول گشناں، کھوہ ترہئے کول نا اشناں۔ (کہاوت)
اڃيو، پاڻيءَ لاءِ واجھائي. رکيل دلا مٽ جاچي. نه مليس ته کوھ ڏانھن ڀڄي. کوھ نه مليس ته واھڙ، دٻا ۽ درياھ واچي. چپ ڪري نه ويھي جو سندس جياپو پاڻيءَ ۾ آ. اھو نه مليو ته حياتي پوري. ساھ، پيارو آ. ان کي بچائڻ لاءِ ھر ڪو ھٿ پير ھڻي. اڃيو، پاڻيءَ لاءِ کوھن جا پنڌ ضرور ڪري.
مطلب؛ ۱. اڃيو کوھ تي اچي، کوھ اڃيي وٽ نه اچي.
۲. کھوہ تریئے کول نا گشناں، تریہا کھوئے کول گشناں۔ (کہاوت)
۳. کوھ اڃيي وٽ نه اچي، اڃيو کوھ وٽ اچي.
۴. کھوئے را تریہا اشنا۔ (کہاوت)
۵. کوھ تي اڃيو ايندو آ.
۶. طالب ئي مطلوب کي ڳولي.

178. تغدیر ڈاہڈی چیز ای۔ (کہاوت)
تغدیر؛ تقدير، لکيو. ڈاہڈی؛ ڏاڍي، طاقت واري.
دنيا اندر، انسان مقرر وقت لاءِ اچي ٿو ۽ ستت موٽي وڃي ٿو. وچين وقت ۾، حياتي آسان گذارڻ لاءِ، جدوجھد ڪري ٿو. رٿائون رٿي ٿو. جان، مال ۽ وقت کپائي ٿو. خبر تڏھن پوي ٿي، جو مليل وقت جي موڙي، سندس ھٿن مان کٽي وڃي ٿي. سندس رٿيون، اڻ-رٿيون رھجيو وڃن. سندس تدبيرن تي، تقدير خنده-زن ٿئي ٿي. ڪپڙن جي دڪان تان ڀلا جوڙا چونڊڻ ۾ لڳو پيو آ، جڏھن ته ساڳئي دڪان ۾، سندس ڪفن جو ڪپڙو ڪٽجڻ جي انتظار ۾ آ، جيڪو انھيءَ وڳي سبجي اچڻ کان اڳ کيس اوڍڻو آ.
مطلب؛ ۱. تقدير، ڏاڍي شيءِ آ.
۲ . تدبير کند بنده، تقدير کند خنده. (فارسي)

179. تلق داری وچ ادھار نہ دیئو، جے دیو طہ پلی گچھو۔ (کہاوت)
تعلق داريءَ منجھ ھُج گھڻي ٿيندي آ. ھج اندر ڪڏھن ھڪ ڌر سھپ ڌاري معاملي جي ھيٺ-مٿانھينءَ کي برداشت ڪري سگھندي آ، ڪڏھن نه. جڏھن معاملو، ھج سبب بگڙندو آ ته ٻين کان به سلجھي نه سگھندو آ. جيتري سلجھائڻ جي ڪوشش ڪبس، تيترو بگڙجندو ويندو. پوءِ جي خرابيءَ کان بھتر آ ته منڍئون اھڙي قسم جو وھنوار نه ڪجي.
مطلب؛ ۱. تعلقداريءَ ۾ اوڌر نه ڏجي، جي ڏجي ته آسرو پلي ڏجي.
۲. مٽ مائٽ/ دوست يار کي اوڌر ڏجي ته سھائي ڏجي.
۳. سوڙھيءَ سياندريءَ وھنوار نه ڪجي.

180. تلی اپر سریاں نئی جمنی۔ (کہاوت)
فصل يا ٻي ڪا اوڀڙ ڦٽڻ لاءِ؛ نرم مٽي، پاڻي، ھوا، سج جي روشني يا اس، سٺو ٻج ۽ ڀاڻ ھئڻ ضروري آھن. انسانن جي ڪم اچڻ واري شيءِ، پاڻ مُرادو ڪا نه ڄاپندي آ. جنھن شيءِ مان فقط ٻيا ساھدار جھڙوڪ؛ پکي، جانور ۽ جيت جڻيا فائدو حاصل ڪن ٿا، سا مند سارو پاڻ مرادو اُپڙي. سرنھن مان نڪتل تيل، انساني ڪارج ۾ اچي. اھا بنا محنت، جان، مال ۽ وقت ڏيڻ جي نه ڦٽي.
مطلب؛ ۱. تريءَ تي سرنھن نه ڦٽي.
۲. فلاحي ڪم، بنا محنت جي ۽ ترت، نه ٿيندو.

181. تہی پیٹ، کنک کھیت؛ آ جانوایا منڈے کھا۔ (کہاوت)
تہی؛ ڌيءُ. پیٹ؛ پيٽ ۾. کنک؛ ڪڻڪ. کھیت؛ ٻنيءَ ۾. جانوایا؛ نياڻا. منڈے کھا؛ ونڊي کاءُ.
جيڪي شيون اڃا دنيا جي تختي تي آيون ئي ناھن، تن لاءِ اجايا پور پچائي، ڪھاڻيون جوڙيون وينديون آھن. جيڪي جوڙڻ نه گھرجن. جڏوڪا مينھن، تڏوڪا پاڻي. ڌيءُ ڄائي ته پنھنجو نصيب کڻي ايندي. فصل ڄائو ته پنھنجي کائيندڙن کي پاڻ ڪوٺي ايندو. پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناھي.
مطلب؛ ۱. ڌيءُ پيٽ، ڪڻڪ کيت، چي؛ آءُ نياڻا ونڊي کائون.


182. تو کن؟ میں خامخاہ۔ (کہاوت)
ھڪڙا واندا ماڻھو، وتندا آھن ٻين جي ھر معاملي ۾ ٽنگ اڙائيندا. جڏھن سبب پڇبو اٿن ته پوءِ ڏند ٽيڙي، بيشرمائيءَ جي ڦڪي کل کلي، لڄي به ٿيندا آھن ۽ پنھنجو پاڻ کي به اگھاڙو ڪري وٺندا آھن.
مطلب؛ ۱. تون ڪير؟ چي؛ مان خوامخواھ.

183. توکلے نیں بیڑے پار۔ (کہاوت)
دنيا جي تختي تي جيڪي به ڪم ڪجن ٿا، تن لاءِ ڪوشش اھا ھوندي آ ته اڳواٽ تياري ڪجي. ٻين جي تجربن مان سکي پوءِ ھٿ وجھجي ته نتيجا، چڱا نڪرندا. ڪن معاملن منجھ، توڪل ڪري گِھڙبو آ ته نتيجا اڃا به وڌيڪ فائديمند ٿي پوندا آھن. جيستائين توڪل نه ڪبي، تيستائين زندگي ڏاڍي ڏکي گذرندي. ھاري توڪل ڪري، کليل ٻنيءَ تي ان اڇلي نه ايندو ته فصل لڻڻ وقت، پاڻ ھٿين خالي ھوندو.
مطلب؛ ۱. توڪل جا ٻيڙا، پار.
۲. جن ستيا تي ڀاڙيو، تن جا گھر ويٺي معاملا سر ٿي ويا.

184. تولے کتے ہڈ جات۔ (کہاوت)
تولے؛ تاولے، اٻھرا، اتڪيا، ھوڙھيارا. کتے؛ ڪتي. ہڈ؛ ھڏي، ھڏو، گرھ. جات؛ وجھجي.
ڪتو، بک کان حملو ڪندو آ. پيٽڙو ڀريل ھوندس ته حملو نه ڪندو. جيڪو ڪتو رھڙ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري، تنھن کي جلد گراھ وات ۾ اڇلي ھڻجي.
مطلب؛ ۱. اٻھري ڪتي جي وات ۾، ھڏي اڇلي وجھجي.

185. تیتر میتر چہڑھ چڑیا طہ سمجھو بدل برس سی،
رنڈی رناں سرمہ پایا سمجھو خصم کرسی۔ (کہاوت)
برسات وسڻ کان اڳ، آسمان تي ٿوريون گھڻيون ڪڪريون نظر اينديون آھن. پوءِ ھلڪي ڦلڪي ھوا، جنھن ۾ ٿوري گھڻي مٽي، مٽيءَ کان پوءِ ھوا ۾ ٿڌڙائپ، ان کان پوءِ ڦڙ ڦر، جنھن کان پوءِ مينھن آيو ڪي آيو. مينھن لھڻ کان اڳ، ٽپڙ اندر ڪرڻ شروع ڪبا آھن.
ائين مُٺي؛ جنھن جو مڙس مري ويو آ، يا ڏھاڳڻ؛ جنھن کي مڙس ڇڏي ڏنو آ، ھار سينگار ڪري ته سوال اٿندو؛ ”ڪنھن وٽ پاڻُ وڻائڻ لاءِ ٿي ڪري؟“ انومان ڪبو آ؛ ’مڙس جو کپ اٿس.‘
مطلب؛ ۱. طوفان لڳو؛ ڪڪر وسندا، مُٺي سينگار ڪري؛ مڙس کپيس.
۲. ھر معاملي جو منڍ ھوندو آ. ان کي اتان جاچجي.

186. تیہاں اللہ نی دین/ رحمت۔ (کہاوت)
نياڻي، پيءُ ماءُ جي گھر ۾ پلجي وڏي ٿئي ٿي، جتان پرڻجي پرائي گھر وڃي ٿي. سندس پيٽ مان ڄاول اولاد به پرائو باغ ٿيو. مٿس ڪيل خرچ، خفو ۽ کاٻار ڪي پيڪا پاڻ تي چٽي سمجھندا آھن. جڏھن ته نياڻي وڃي ٻئي گھر ٿي، جيڪو سندس پنھنجو گھر آ. ان جي اندر ۾ ڪھڙو طوفان آ، سو ان کي خبر. گھر ٺھڻ تي، پوين کي جيڪي دعائون ڪندي آ، سي سڄي دنيا جي ڌن دولت لٽائڻ سان به حاصل ڪري نه ٿيون سگھجن.
مطلب؛ ۱. ڌيئر، الله جي دين/ رحمت آھن.

187. تیہاں بیغانیاں تہن۔ (کہاوت)
ڌيءُ، پرائي گھر پرڻجي وڃي ٿي. اتي سندس پيٽ مان جيڪو اولاد ڄاپي ٿو، سو ڏاڏاڻن جو سڏرائي ٿو ۽ انھن جو باغ آ. فصل ۽ اپراسو ان جو، جنھن جو باغ. ٻئي جو داعو دخل، مٿس نه ھلندو.
مطلب؛ ۱. ڌيئر، پرايو ڌن.
۲. ڌيئر؛ پرائو باغ.

188. تیہاں پہناں، سسو سوہریاں نیں کہر چنگیاں لگنیاں۔ (کہاوت)
تیہاں پہناں؛ ڌيئر ڀينر. سسو سوہریاں نیں؛ سس سھري جي. کہر؛ گھر، جھڳو، اجھو. چنگیاں لگنیاں؛ چڱيون لڳن، ٺھن ٿيون.
عورت جو گھر آ، ٻچن سان. جيڪي پرڻي کان پوءِ ڄاپنس ٿا. پرڻو معنيٰ پَرَ-نيو يعني پراوا کڻي ويا. ابي اما/ ڀائرن کان ته نياڻي کڄي وڃي ٿي پر وڃي پنھنجي گھر ٿي. دھلن دمامن سان، سجيل گھر پھچي ٿي، جتان سندس جنازو ئي نڪرڻو آ. مرڻ تائين، اتي رھڻ ئي سونھينس ٿو، ٻئي ھنڌ نه.
مطلب؛ ۱. ڌيئر ڀينر، سس سھري-گھر چڱيون لڳن.
۲. تیہاں پہناں، اپنے کہر چنگیاں لگنیاں۔ (کہاوت)
۳. ڌيئر ڀينر، پنھنجي گھر سٺيون لڳنديون آھن.


189. تیہاں ساریاں نیاں سانجھیاں ہونیاں۔ (کہاوت)
ڌيءُ ۽ مھمان، پٽ وانگر، گھر اندر وڌيڪ ڏينھن ويھاري نه سگھجن. ڌيءُ ھڪ ڏينھن ڄائي آ، ھڪ ڏينھن موڪلائي ويندي. گھر مان ڪڍي ته ھر ڪو ڏئي ٿو، پر دل منجھان ڪير به ڪڍي نه ڏيندو آ. ان ۾ به ھر پيءُ-ماءُ جو اھڙو ئي ساھ ٽنگيل ھوندو آ، جھڙو پٽ جي ٻاھر وڃڻ تي. ڌيئر، پٽن جھڙيون، بلڪ کانئن وڌيڪ پياريون ھونديون آھن.
مطلب؛ ۱. ڌيئر، مڙني کي پياريون آھن.

190. تیہاں کولا ناں ڈرو، تیہاں نیں لیخا کولا ڈرو۔ (کہاوت)
ڌيءُ ويچاريءَ کي زبان وات ۾ ڄڻ ھوندي ئي ناھي. پنھنجي اندر جي مجبوري، زبان سان چئي نه سگھندي آ. اگر نياڻيءَ نه ڪڇيو ته اھو گمان نه ڪجي ته پڇاڻي کان بچي وياسين. اڳتي ھلي، جڏھن حساب ٿيندو، تڏھن مڙني جون اکيون کلي وينديون.
مطلب؛ ۱. ڌيئرن کان نه ڊڄو، ڌيئرن جي ليکي کان ڊڄو.

191. تیہو پہنوں ناں پینسا، نا پچنا۔ (کہاوت)
جيستائين ٻاھران ڪمائي نه اچبو تيستائين گھر نه ھلندو. ٻاھر ڪمائڻ لاءِ ماحول مرد واسطي سازگار آ، عورت لاءِ نه. مرد ڪاھل ٿي ويھي رھي ۽ عورتن کي چوي ته ڪمائي اچو. اھو غلط آ. رڄ اشراف، پنھنجي نياڻين کان وس ويندي نه ڪمرائيندا آھن.
مطلب؛ ۱. ڌيءُ ڀيڻ جو پئسو، بچندو ناھي.
۲. ڌيءُ ڀيڻ تان ورتل ڀاڙ، جيورندي ناھي.