لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڙي آخاڻ

پھاڙي ٻولي، گهڻي ڀاڱي، پاڪستاني پنجاب جي ڪجهہ علائقن سميت، آزاد ڪشمير ۽ ڀارت جي انتظام ھيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سوڌو ھماچل پرديش ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، ۽ ڄڻ تہ ٻن ملڪن ۾ پکڙيل آھي. عبدالوھاب سھتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ھيءُ ڪتاب جوڙڻ ۾، ڊاڪٽر محمد صغير خان جي ڪتاب ”پہاڑي کہاوتيں: آخان“ (۲۰۰۲ع) ۽ محبت حسين اعواڻ جي ڪتاب ”مري، گليات ني پہاڑي بولي چ ’آخان‘ متان، ٹچکراں طہ سياننيان“ (۲۰۰۹ع) تان مدد ورتي آھي.

Title Cover of book پھاڙي آخاڻ

چھ

چھ
311. چھپیاں موت ناں چھوڑنی۔ (کہاوت)
موت ۽ حياتيءَ تي، الله کان سواءِ، ڪنھن جو وس نه ٿو ھلي. انسان نه پنھنجي مرضيءَ سان آيو آ ۽ نه پنھنجي خواھش خوشيءَ سان ويندو. موت کان ڪيترو به ڀڄي، پر مقرر وقت تي مرندو ضرور.
مطلب؛ ۱. لڪئي، موت نه ڇڏي.
۲. موت کان ڪير به لڪي نه ٿو سگھي.
۳. موت کان ڪنھن کي به رستگاري ناھي.
۴. لائی حیات، آئے، قضا لے چلی، چلے، نہ اپنی خوشی آئے، نہ اپنی خوشی چلے۔
۵. زندگي وٺي آئي، آياسين، قضا وٺي وئي، وياسين،
نه پنھنجي خوشيءَ آياسين، نه پنھنجي خوشيءَ وياسين.

312. چھج طہ بولے، پرون کئہ بولے۔ (کہاوت)
ڇڄ، ان مان ٻوھر ۽ پرڻ اٽي مان تھ ڪڍڻ واسطي ڪم اچن. پرڻ جي ٽنگن مان صاف اٽو نڪري وڃي ۽ تُھ رڪجي وڃن. ڇڄ ۾ اَن ڇڙيندي، ھلڪا تُھَ مٿي ۽ ڳؤري ڪيري ھيٺ ھليا وڃن. اھي به پاڻ ۾ طعنا ڏين ته ڇا بچيو.
مطلب؛ ۱. ڇڄ ڳالھائي ته ڳالھائي، پرڻ ڇو ڳالھائي؟
۲. چھج کہہ پرونے مینا دیہسی۔ (کہاوت)
۳. ڇڄ پرڻ کي ڪھڙو مھڻو ڏيندو!
۴. چھج پرونے کی کئہ مینا دئ سکناں۔
۵. ڇڄ، پرڻ کي ڪھڙو مھڻو ڏئي سگھندو.

313. چھڑا آیا، چھڑکار نیئں آیا۔ (کہاوت)
چھڑکار؛ ڇڻڪار، ڇمڪار، آواز.
جيڪي ماڻھو، وفد يا ڄڃ جي صورت ۾ايندا آھن، تن لاءِ آجيان طور رستا ٻھاري ڇڻڪار ڪبا آھن. ڇيلا ڪھبا آھن، ديڳيون کڙڪائبيون آھن ۽ واٽون نھاربيون آھن. اڪيلن لاءِ ڪبي آ؛ نه چون نه چان، نه ڄاڻُ نه اطلاع.
مطلب؛ ۱. ڇڙو اچي، ڇڻڪار به نه ٿئي.
۲. ڇڙي جي مھماني؛ چانھ پاپو.